سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٻار اکين جا ٺار (ٻارن لاءِ شاعري)

باب:

صفحو:2 

مالڪ موليٰ!

مالڪ موليٰ!

ڪر ڪم سولا

 

سُک ئي سُک عطا ڪر سائين

ڏور ڪري ڇڏ ڏک ۽ ڏولا

مالڪ موليٰ!

 

هِت هُتِ آهين، جت ڪٿ سائين

اُڀ ڏي ڪِيون ڇو، تنهنجي ڳولا

مالڪ موليٰ!

 

رُوحَ رڳن کان ويجهو آن تون

ڏور ڪجان راهن جا رولا

مالڪ موليٰ!

 

مِٺو مُرسل ؐ

مِٺو مُرسل هلي آيو،

ڀلي آيو، ڀلي آيو!

 

عطا ٿيون روشنيون اُڀ تان،

نشانيون پڌريون ٿيون رب کان،

سچو جنهن دين سمجهايو-

ڀلي آيو، ڀلي آيو!

 

ڊِڄاري ٿو ڊِڄي هلجي،

ڌڻيءَ جي واٽ کي وٺجي،

ڪفر جو ڪوٽ ڪيرايو-

ڀلي آيو، ڀلي آيو!

 

ٻَڌو ٻانهو غلام آهي،

ڪندو سَوَ سَوَ سلام آهي،

نبيءَ جي در اڳيان دايو-

ڀلي آيو، ڀلي آيو!

 

جيجل جي خدمت

جو به ڪري جيجل جي خدمت،

سچ پچ سو ٿو ماڻي جنتَ.

 

جو نه امان جو چيو مڃي ٿو،

تنهن جي مقدر ۾ آ ذلت.

 

ابو ٻچن سان پيار ڪري پر،

امان رکي وڌ تن سان اُلفت.

 

جيجل جي جهوليءَ کان وڌ ٻي،

ناهي جڳ ۾ ڪائي نعمت.

 

تِن جي دعا جو در بند ٿئي ٿو،

جن جي ماءُ ڪري ٿي رحلت.

 

ماءُ سڀن جي ماءُ ته آهي،

موليٰ اِن کي بخشي عظمت.

 

امڙ جي دعا

هٿ کڻي ٿي امڙ، تولئه دُعائون ڪري،

رنگ تُنهنجيءَ حياتي ۾ موليٰ ڀري.

 

تون نه ڪڏهين ڏسين ڪو ڏکيو ڏينهن ٻچا!

ڪين اوڏو اچن ڏيهه جا ڪي ڏچا،

بدِنظر کان رکئه، رب سدائين پري-

هٿ کڻي ٿي امڙ، تولئه دُعائون ڪري.

 

ڇانوَ پنجتن جي توتي سدائين رهي،

پوءِ ڪوئي به توکي سهي نا سهي،

ميٺ محبت جا پيالا ڏي سڀ کي ڀري-

هٿ کڻي ٿي امڙ، تولئه دُعائون ڪري.

 

”خدمتِ خلق“ جو تو ۾ جذبو اچي،

هي آ افضل عبادت، چيو رب سچي،

جنهن جي سگهه سان مصيبت مان ٻيڙو تري-

هٿ کڻي ٿي امڙ، تولئه دُعائون ڪري.

 

علم ۽ عقل جو ڪين ڇڏجانءِ دَرُ،

جيئن نيڪي ڪري تنهنجي ساروئي تَرُ،

وِجهه تڪڙيون وکون ناهه منزل پري-

هٿ کڻي ٿي امڙ، تولئه دُعائون ڪري
 

بابل جون ڀلايون

بابل! تنهنجون کوڙ ڀلايون،

ڪهڙيون ڳائي ڪهڙيون ڳايون.

 

سِر تي بارَ سهي تو پاليو،

تڏهن ته ننڍپڻ خوش ٿي جاليو،

علم پڙهي جو وِک وڌايم،

جڳ ڏنيون پو جيءَ ۾ جايون،

بابل! تنهنجون کوڙ ڀلايون.

 

تُنهنجا ٻچڙا تُنهنجي دم سان،

هلياسين گڏ قدم قدم سان،

منزل ماڻي ماڳ رسياسين،

ڏاڍيون وقت ڏنيون واڌايون،

بابل! تنهنجون کوڙ ڀلايون.

 

علم عقل جو دڳ وٺائين،

تون خدمت جي قابل آهين،

تنهنجي عظمت آهه نرالي،

اسين ته توريءَ ڪجهه ڀي ناهيون،

بابل! تنهنجون کوڙ ڀلايون.

 
ڪانگ لنوي ٿو

ڪانگ لنوي ٿو،

ڪير اچي ٿو؟

بابل ايندو؟

مامل ايندو؟

رانديڪا مون لئه آڻيندو،

”گُل     ڦُل(1)“   جو      پرچو        ڀي           ڏيندو،

ڪانگ لنوي ٿو،

ڀلي لنوي پِيو،

ڪجهه ته چوي پيو،

”ڪان ڪان، ڪان ڪان“

”ڪان ڪان، ڪان ڪان.“

مزو مچي ٿو

ابو اچي ٿو،

ابو اچي ٿو.

 

اڳتي قدم

اڳتي قدم وڌايو ٻارو!

علم سان دلڙي لايو ٻارو!

 

اڄ جو ڪم سُڀان تي نه ڇڏجي،

پوءِ متان پڇتايو ٻارو!

 

آئيندي جو بارُ اوهان جي،

ڄاڻ ڪُلهن تي آيو ٻارو!

 

ڇا ڪرڻو ٿَوَ، ڇا ٿيڻو ٿَوَ؟

لائحه عمل بڻايو ٻارو!

اڳتي قدم وڌايو ٻارو!
 

ناني او ناني!

ناني او ناني!

تون ڪيئن ڏندَ ۽ ڏاٺ ريءَ،

چٻاڙين ماني-

 

ناني او ناني!

توکي موتين جي وِجهان،

ڳچيءَ ۾ ڳاني.

 

ناني او ناني!

روز ڪنڊيءَ تي ڪانوَ جي،

ساڳي ڇو تاني؟

 

ناني او ناني!

قصا پنهنجي قوم جا،

اڄ به ٻُڌاني.

 

سچائي

 

ڪوڙ کي پاڙ نه آهي ڪائي،

سوڀ ٿي ماڻي نيٺ سچائي.

 

ڪوڙ ڪَڙو ۽ آهه ڪسارو،

سچ مِٺو ماکيءَ جيئن ٻارو!

 

جيڪو ڪوڙ ڪُپت ٿو پالي،

سو نه ڪڏهن ٿو سُک سان جالي.

 

سچ سان جنهن ڀي ساٿ نڀايو،

تنهن آ نيڪي نانءُ ڪمايو.

 


(1) گل ڦل: سنڌي ادبي بورڊ جو ماهوار رسالو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org