لطيف
سنڌڙيءَ جو بادشاهه آهي لطيف رحه،
ٻي طرح آهي سڃاڻپ سنڌ جي،
ٻارڙو! سوچي ڏسو ڇا هي لطيف رحه،
ڏات توڻي ڄڻ ته ڏاهپ سنڌ جي،
ڀٽائي ڀلارو وڏي شان وارو،
اسان کي پرهه کان به آهي پيارو،
مٺي ٻولي پنهنجي ورهائي ويو آ،
سبق سڪ جو ڏيئي ويو آ نيارو،
ڪئي سنڌڙيءَ کي ڀٽائيءَ دعا،
ڀٽائيءَ تي راضي هميشه خدا،
ڀٽائيءَ جو نالو آ نروار جڳ ۾،
اهو نانءُ سڀ کي وڻي ٿو ادا.
ملهه
آءُ قادن! ملهه وڙهون،
ملهه وڙهڻ سان جسم سهڻو،
لڳندو آهي.
وڌندي رَت آ جان ۾،
هونءَ به ملهه سنڌ جي،
راڻي راند آ،
اچ ته جانڻ!، ملهه وڙهون،
تون دسين يا مان دسيان،
هڪڙو ته دسبو آ ضرور،
ملهه اسان ثقافت،
ملهه اسان جي راند آ.
سالن کان کيڏي ٿي وڃي،
اچ ته نورل ملهه وڙهون،
اچ ته خيرل ملهه وڙهون.
هي ڌرتي به پياري
هيءَ ڌرتي به پياري ته ماڻهو به پيارا،
وڻن ٿا اسان کي وطن جا نظارا.
وٺا مينهن ٿر تي ٿي ساوڪ وئي آ،
ٻڌو ڪوڪ ڪوئل وڻن مان ڪئي آ،
وڻن واه! دل کي سنڌو جا ڪنارا،
وڻن ٿا اسان کي وطن جا نظارا.
اچڻ ڪين ڏينداسون هتڙي خزان کي،
بڻائيبو جنت سڄي گلستان کي،
ڏٺي دل ٺري ٿي هي ٻنيون ۽ٻارا،
وڻن ٿا اسان کي وطن جا نظارا.
محبت، اخوت سان گڏجي رهون ٿا،
اسين قرب وارا نه نفرت ڪريون ٿا،
ٿيون ٿا اسين هڪ ٻئي جا سهرا،
وڻن ٿا اسان کي وطن جا نظارا.
اسين باغبان آهيون پنهنجي چمن جا،
ڏسون رنگ سهڻا هي سوسن سمن جا،
وطن چنڊ آهي اسين سڀ ستارا،
وڻن ٿا اسان کي وطن جا نظارا.
سوال
هيڏي اچ تون ننڍڙا ٻالڪ،
نانءُ رکيو ٿي پيءُ ماءُ ڪهڙو؟
مٺڙي تنهنجي مرڪ لڳي ٿي،
پيءُ تنهنجي جو ڇاهي نالو؟
پڙهندو آهين يا نه اڃان تون؟
ڪهڙي سينڌ ڪڍي ٿي سهڻي.
ڪپرا ڌوتل پوتل پائي،
گهر کان نڪتو آهين ڪاڏي؟
جواب:
منهنجو نالو سانوڻ آهي،
آءٌ اچان ٿو تو ڏي چاچا.
نانءُ ابي جو قادر آهي،
چٺي ڏني جنهن تو لاءِ چاچا.
پيار
پيار تي سنسار ٿو سارو هلي،
پيار جي ناهي ته ڪوئي ڪيئن پلي.
نفرتون ميٽي ڇڏيو ڊاهي ڇڏيو،
پاڻ کي ماڻهن ڀلارن ۾ گڏيو.
ايڪي الفت ۾ وڏو آ فائدو،
قرب جو قائم رکو شل قاعدو.
ڪم غريبن جي اچڻ آ زندگي،
هن طرح سڦلي ٿئي ٿي زندگي.
پيار سان جي گڏ رهون، سچ پچ ته پوءِ،
ڪو نه ٿيندو جڳ ۾ ڪو جهيڙو جهٽو.
هي نصيحت غور سان ٻارو ٻڌو،
گفتگو ”غازي“ سندي يارو ٻڌو.
سچ
تون سچائي رک سدا گفتار ۾،
عزم ۾ ۽ عمل ۾ اقرار ۾.
سچ سوا ٻي ڪر نه تون ٻولي ڪڏهن،
صاف چوءُ جيڪو پڇي توکان جڏهن.
نيت پنهنجي نيڪ رک سنسار ۾،
ڌيان پنهنجو رک سدا ڪم ڪار،
پختگي رک تون ارادي ۾ ادا،
ساٿ ڏيندو تو سان هردم ڪبريا.
ٻن جي وچ ۾ صلح جي ڪر ڳالهه تون،
تون سچو آهين اهو سمجهو آ مون.
ڪوڙ بدڪاريءَ ڏانهن ٿو ڌڪي،
اهو ته دوزخ ڏانهن ٿو ڇڪي.
جو سچائيءَ سان هلي سنسار ۾،
عمر ساري سک پسي سنسار ۾.
تون سچائيءَ کان نه رهه ”غازي“ پري،
سچ ته سچ جو ٻيڙو ٿو هردم تري.
وير
دل ۾ هڪڙي ڳالهه سمايو،
ويرُ وٺڻ کان پاڻ بچايو.
اوهان کي جو رنج رسائي.
معافي ڏيئي سيني لايو.
وير وٺڻ مان ڇا ورندو آ،
وير جو من مان مير مٽايو.
وير ڪري ويران ٿو ويڙها،
سڪ سان هي سنسار سجايو.
وير وسارڻ گهرجي ٻاروء،
سڀ سان مرڪي پاڻ ملهايو.
وير وڏو ڪو ويري آهي،
وير کان پنهنجو پاڻ بچايو.
پيار ته آهي تحفو خدا جو،
پيار جا نغما ”غازي“ ڳايو.
سج
سج اُڀريو ۽ آيو ڦيرو،
ٽاريءَ ٽاريءَ ڳائي ڳيرو.
رات کُٽي پئي ويو انڌيرو،
جاڳو جاڳو ٿيو سويرو.
ماڪ مٿان مکرين جي پيئي،
ڌوئي ٿي تِن جو منهن ميرو.
پکي پکڻ سڀ رزق جي خاطر،
ڳولهن ٿا پيا ديرو ديرو.
کٽڙيءَ تي ويٺو آ پوڙهو،
پوءِ به ڪتي ٿو ڏاس جو ڍيرو.
ڌرتيءَ سائي ساڙهي پاتي،
گل گل تي آ ڀوءنرن ڀيرو.
سوچيان ويٺو پکي وڻن ۾،
ڪيئن نه ٺاهن ٿا آکيرو.
جهرڪيون ڪانءَ، ڪبوتر ڳائن،
ڳائي ڪوئل گيت مٺيرو.
سنڌو
سنڌو درياهه سهڻو آهي،
روز ڏسڻ لئه دلڙي چاهي.
هن جو پاڻي امرت جهڙو،
پيئندي درد ڇڏي ٿو لاهي.
ڇوليون ڇوهه مان ڇُلنديون آهن،
هي ڄڻ نچنديون ڪُڏنديون آهن.
ٻيڙين جا سڙهه سنوان لڳن ٿا،
ڇا ته مهاڻا گيت چون ٿا.
ڪارا بادل اچن وڃن ٿا،
واهيري تي پکي ورن ٿا.
سج تي پردو ڪڪر جو آهي،
منظر سهڻو ٽڪر جو آهي.
سنڌوءَ تي رب راضي آهي،
سهڻو هن جو ماضي آهي.
شال سدائين سک پيو ڏيندو،
ڌار نه جيئري پاڻ کان ٿيندو.
شمشير
ارشد آيو، ارشد آيو، آيو آ شمشير،
ٻارو! آيو آ شمشير.
مٺڙو ٿو ڳالهائي ويٺو،
سڀ جو ڌيان ڇڪائي ويٺو،
ڄڻ ته گجي ٿو شير،
ٻارو! آيو آ شمشير.
ايندو ”نياز“ ۽ ”ناز“ به ايندو،
سُر ۾ وڄندو ساز به ايندو،
من مان ويندو مير،
ٻارو! آيو آ شمشير.
هاڻي پنهنجي محفل مچندي،
نچنداسون گڏ دنيا نچندي،
پير تي کڻبو پير،
ٻارو! آيو آ شمشير.
سڀئي پنهنجا ساٿي ٿيندا،
دوکو ۽ نه دغا هو ڏيندا،
وقت ۾ آيو ڦير،
ٻارو! آيو آ شمشير.
”سائل“ ٿو ڳالهائي سهڻو،
”منشي“ ڀي آهي من موهڻو،
خوشيون ڏيندا ڍير،
ٻارو! آيو آ شمشير.
”تاجل“ سان گڏ ”تاج“ اچي ٿو،
ادل اياز سان رنگ رچي ٿو،
گهرن ٿا سڀ جو خير،
ٻارو! آيو آ شمشير.
ڪالهه ويو ”استاد بخاري“
ڪڏهن نه ڪنهن جي دل آزاري،
هن جهڙو ٿئي ڪير،
ٻارو! آيو آ شمشير.
”بزمي“ شعر نوان پيو لکندو،
”اظهر“ گيت وطن جا چوندو،
وچ ۾ ايندو نه وير،
ٻارو! آيو آ شمشير.
آخر ”غازي“ ڦيرو ايندو،
سچ جو مان مٿيرو ٿيندو،
ڪوڙ جو ڊهندو ڍير،
ٻارو! آيو آ شمشير.
سارنگ
سارنگ رات ڪيو وسڪارو،
ڪيڏو نه نرمل آهه نظارو.
وڻ ٽڻ ڌوپي اجرا ٿي ويا،
ساوا ساوا سهڻا ٿي ويا.
هير ٿڌيري فرحت ڏئي ٿي،
منهنجي دلڙي گيت چوي ٿي.
مکڙيون مهڪي گل ڦل ٿينديون،
منهنجي مَنَ ۾ خوشيون اينديون.
واهه به ڀرجي وهندا هاڻي،
ساوڪ ٿيندي رب ٿو ڄاڻي.
سهڻا رنگ رنگيءَ رچايا،
فصل به لهندا مڙندي مايا.
پرنڀ پکيئڙا لات لنون ٿا،
ڪا ته اسان کي ڳالهه چون ٿا.
دل کي وڻندڙ آ وڻڪاري،
ساوڪ سبزي ۽ گلڪاري.
سائينءَ کي ٿا سڀ ساراهيون،
اچو ته گڏجي سارنگ ڳايون.
بچت
مان پئسا اجايا وڃائيندو ناهيان،
اجايو ڪي چيزون چڪائيندو ناهيان.
ملي روز رپيو ٿو مون کي پيو گهر مان،
اهامنهنجي خرچي آ بابي جي پاران،
مان اڌ پئسا پنهنجا بچائي رکان ٿو،
۽ اڌ پئسا منهنجا کپن ٿا سدائين،
گهڻي گهرج کان مان کپائيندو ناهيان.
ڪتابن جا پئسا الڳ ئي ملن ٿا،
انهن جو ذمو منهنجي سر تي نه آهي،
وٺي پاڻ ايندو آ بابا هٿن سان،
اهي منهنجي ٿيلهي ۾ سوگها رهن ٿا،
اهي ڪنهن کان ميراڪرائيندو ناهيان.
بچت مان مون سهڻي ورتي واچ آهي،
۽ ڪپڙا به مان پاڻ پنهنجا ڳنهان ٿو،
ملي کير ڏُڌ جام مون کي ٿو گهر ۾،
ته باقي ڀلا شيءِ پرائيءَ ۾ ڇاهي،
اها راءِ دل ۾ رهائيندو آهيان.
بچت زندگيءَ جو ٿئي ٿي سهارو،
هٿين خالي انسان ڪهڙو آ ”غازي“
نه ڳڻتي ڪا هوندي، نه غم ڪوئي هوندو،
بچت ۾ سمايل اهو راز آهي،
وڃي پاڻ پنهنجو ڦرائيندو ناهيان. |