بسم الله الرحمٰن رحيم
پهريون پڙهجي بسم الله،
پوءِ ڪجي سُبحان الله.
بِسِمِ الله ۾، برڪت آهي،
رَبَ جي وسندي، رحمت آهي.
بِسِمِ الله کي دل ۾
رک تون.
پوءِ ڀلي جان هر ڪم
ڪر تون.
بسم الله جي عادت ٻارو،
مانُ وڌائيندي آ يارو.
رَبَ جو نانءُ کَڄي ٿو جنهن دم،
مالڪ خوش ٿيندو آ تنهن دم.
هر دم ڪر هي، ورد وظيفو،
پڙهه تون ويهي، پاڪ صحيفو.
رحمت جڏهن وسندي آهي.
قسمت پوءِ ته کلندي آهي.
اٿندي ويهندي، ڪر بسم الله،
کائيندي پيئندي، ڪر بسم الله.
حمد
سائين تون سنسار سڄي تي،
رنگ برنگي رنگ ڀرين ٿو.
تون ڪوجهن ڪِنڙن ڪارن کي،
۽ ننڍڙن وڏڙن ٻارن کي،
نيڻن جو تون ٺار ڪرين ٿو،
رنگ برنگي رنگ ڀرين ٿو.
ڌرتي گل گلزار بڻائين،
وڻ ٽڻ کي تون ويس ڍڪائين،
مکڙين سان ٽمٽار ڪرين ٿو،
رنگ برنگي رنگ ڀرين ٿو.
ڪنهن کي پُٽَ ئي پُٽَ ٿو بخشين،
ڪنهن کي ڌڻ ڌيئرن جا ٿو ڏين،
ڪنهن کي تن کان ڌار ڪرين ٿو،
رنگ برنگي رنگ ڀرين ٿو.
ٿر ۾ ٿڌڙا مينهن وسائين،
ڌرتيءَ تي قالين وڇائين،
قدرت جو اظهار ڪرين ٿو،
رنگ برنگي رنگ ڀرين ٿو.
هر بوتي ۾ روح سمائي،
جيون کي ڇڏيو ٿي سجائي،
پنهنجي وس اختيار رکين ٿو،
رنگ برنگي رنگ ڀرين ٿو.
غازيءَ کي گفتار ڏني ٿي،
سائين پنهنجي سار ڏني ٿي،
ڌيان اسان جي لاءِ ڌرين ٿو،
رنگ برنگي رنگ ڀرين ٿو.
مٺو نانءُ
امڙ ۽ ابي جو مٺو نانءُ آهي،
مگر نانءُ تنهنجو مٺو آهي مولا.
خدائي تو خلقي ڇڏي آ خدايا،
گلن ۾ اهي رنگ نه ته ڪيئن آيا،
زمانو هي تو کان بڻيو آهي مولا.
هي گل ڦل هي گلزار ڪنهن ٺاهيا آهن،
اهي ڳالهيون ٻي ڪنهن جي وس ۾ ته ناهن،
اهو داستان سچ وڏو آهي مولا.
تو الله الله الله آهين،
تون شاهن جو سائين شهنشاهه آهين،
تون ئي رزق سڀ کي ڏنو آهي مولا.
اسان تنهنجا آهيون، اسان جو تون آهين،
تون ورهين جا ڏکڙا ٿو لحظي ۾ لاهين،
رڳو تو کي سجدو ڪيو آهي مولا.
نعت
دکيءَ دل جو آهي سهارو محمد صلعم،
وڏي شانَ ۽ مانَ وارو محمد صلعم.
ڀلا ٻيا به آهن ڀلارا نبي پر،
ڀلو تن کان آهي ڀلارو محمد صلعم.
محمد ب کان پوءِ ڪو نبي ڪو نه ايندو،
نبي آخري ناميارو محمد صلعم.
ڪيان حُسن ان جي، جي تعريف هردم،
سڄي جڳ ۾ آ سونهن وارو محمد صلعم.
ويو عرش مولا تي مدني محمد صلعم،
ڏسي آيو سارو نظارو محمد صلعم.
صحيفا سڀيئي ڏين ٿا گواهي،
سچو آ سچو آ سچارو محمد صلعم.
ڪيان ڇو نه ان جي ثنا يار ”غازي“،
خدا کي به سڀ کان آ پيارو محمد صلعم.
مدينو
ويههُ مون سان مديني جي ڪر ڳالهه ڪا،
روز سارين ٿيون اکڙيون انهيءَ کي ادا.
مهر مُرسل سندي ڳالهه ڪهڙي ڪيان،
شهر ساري تي وسندي آ رحمت سدا.
تو به هوندا ڏٺا ساٿي سردار سان،
جن ڪيو مصطفيٰ تان ٿي سرڙو فدا.
مان به ويندس مديني ٿو سنبران پيو،
آس پوري ٿي ويندي ٿو ڄاڻي خدا.
ڇا ته اعليٰ عجب شهر جو شانُ آ،
روز خوشبوءِ کنيو پئي گهمي ٿي هوا.
مان به آهيان غلام محمد ادا،
روضو اطهر ڏسان دل جي آهي سدا. |