سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: رنگا رنگي گيت

باب:

صفحو:4 

آيس تنهنجي جهوليءَ ۾

 

آءٌ آيس تنهنجي جهوليءَ ۾،
اي جيجل! تنهنجي جهوليءَ ۾.

تنهنجي جيون جي ڦلواڙيءَ ۾،
تنهنجي من مندر جي ماڙيءَ ۾،
تنهنجي مٺڙي مٺڙي ٻوليءَ ۾،
آءٌ آيس تنهنجي جهوليءَ ۾.

تو هٿڙا کنيا آءٌ ڊوڙي پيس،
جيءُ جيءُ چئي مان توڏي آيس،
مون سمجهيو آهي پروليءَ ۾،
آءٌ آيس تنهنجي جهوليءَ ۾.

تنهنجي سندر سوچن سپنن ۾،
تنهنجي ممتا ڀريل جذبن ۾،
ڄڻ سنڌوءَ واري ڇوليءَ ۾،
آءٌ آيس تنهنجي جهوليءَ ۾.
 

مان پنهنجي اڱڻ ۾ ٻن پهرن کان،
ٿي کيڏيس پئي هڪ جيڏن سان،
تو جي سڏيو مون کي ٽوليءَ 
۾،
آءٌ آيس تنهنجي جهوليءَ ۾.

تو جي تڪيو دل جي کولي دري،
مون ڏي مُندَ بسنت جي آئي وري،
تنهنجي پيار پريت جي هوليءَ ۾،
آءٌ آيس تنهنجي جهوليءَ ۾.
 

تو قرب ڪيا جي ”غازي“ سان،
تنهنجا پير چمان اي مٺڙي امان!
ميٺاج مڻين تنهنجي لوليءَ ۾،
آءٌ آيس تنهنجي جهوليءَ ۾.


 

   رنگ

 

آءٌ اوهان کي ڳالهه ٻڌايان، رنگن جي اي ٻارو!
هڪڙو ٻي کان بهتر آ پر، ڌرتيءَ جو رنگ پيارو.
 

رنگ هزارين دنيا جا، پر دنيا ۾ رنگ ٽي،
پيلو، ڳاڙهو، نيرو ٻارو، پهريان آهن سي.
 

ٻي درجي جا رنگ ٻڌايان، ٻڌجو دل سان ٻاروء!
سائو، نارنگي، واڱڻائي، سهڻا سي سڀ يارو.
 

نيري ۾ ڳاڙهو جو ملندو، ٺهندو آ واڱڻائي،
ڳالهه اها ئي مون کي پنهنجن استادن سمجهائي.
 

ڳاڙهي ۾ جو پيلو ملندو، ٺهندو رنگ نارنگي،
سچ پچ  هيءَ حقيقت آهي، پنهنجي ناهي ڍنگي.
 

نيري ۾ جو پيلو ملندو، جڙندو آ رنگ سائو،
ساوڪ تي سڀ ساٿي ويهي،گڏجي کائو مائو.
 

رنگ گڏينداسون جي سارا، ٿي پوندو رنگ ڪارو،
ڪين سفيد ٺهي ٿو بيشڪ،هيڪل آ ويچارو.
 

رنگ مخالف ٿيندا آهن، اڇي جو جيئن ڪارو،
سائي رنگ جو ٿيو مخالف، ڳاڙهو آهي ٻارو.
 

نارنگيءَ جو آهي مخالف، نيرو نيرو نيرو،
واڱڻائيءَ جو آهي مخالف سچ پچ ٻاروء پيلو.
 

سائو خوشحاليءَ جي علامت، روح کي ڏئي ٿو راحت،
هي سڀ ڪنهن کي وڻندو آهي، هن سان سڀ جي چاهت.
 

ڳاڙهو رنگ وري ماڻهن جو، جذبو جوش وڌائي،
چقمق وانگر ڪشش رکي ٿو ،اهڙو راز سمائي.
 

نيرو رنگ شعور ڏئي ٿو، سمجهي ڇڏيو هاڻي،
هيڊو مايوسي جي علامت، سرءُ کي هرڪو ڄاڻي.
 

پاڪائيءَ جي اڇو علامت، سمجهو ڳالهه سموري،
ڪارو رنگ غلاميءَ جو آ، هن کان هر ڪنهن دوري.
 

رنگ بنا بيڪار آ لڳندي،هر شئي هتڙي ”غازي“
رنگ ڏسي دل خوش ٿيندو آ، روح ٿئي ٿو راضي.

 

سانوڻ

 

آيو آيو سانوڻ آيو،
گيت خوشيءَ جا گڏجي ڳايو.
 

واهه وهي ويا جاڏي ڪاڏي،
خوش خوش ٿي سڀ ڦيريون پايو.
 

ساوڪ  واري چادر اوڍي،
ڌرتيءَ پنهنجو ويس مٽايو.
 

هي مندَ آهي رنگ برنگي،
وڻ ٽڻ کي جنهن آ جرڪايو.
 

ڪانگ، ڪبوتر اڏري جن آ،
پيار سندو پيغام پڄايو.
 

ڪارونجهر تي مور نچن ٿا،
ايندڙ ويندڙ دل وندرايو.
 

سانوڻ آهي رب جي رحمت،
هن جو قدرت مان وڌايو.

 

ننڍڙو ٻالڪ

 

مان هڪ ننڍڙو نينگر آهيان،
مرڪي مرڪي من مهڪايان.
 

ڪاوڙ ڪنهن سان ڪين ڪيان ٿو،
سڀ کي پنهنجو پيار ڏيان ٿو.
 

جيجل جو مان جيءَ جيارو،
بابي کي مان آهيان پيارو.
 

سڀ سان مرڪي ملندو آهيان،
خوش ٿي ڏاڍو کلندو آهيان.
 

ڀائر ڀينر ڀانئن مون کي،
سڪ سان سيني لائن مون کي.
 

وک تي وک مان جڏهن کڻان ٿو،
ڪيڏو سڀ کي آءٌ وڻان ٿو.
 

هلڪي هلڪي هير گهلي ٿي،
لام گُلن جي پيئي لڏي ٿي.
 

مون سان هر دم رَبُ آ راضي،
تڏهن ته شعر لکي ٿو ”غازي“.

 

ونجهه وٽي

 

آئي آهي رات سهائي،
مالڪ آهي آس پڄائي.
 

آءُ ته گڏجي راند ڪيون ڪا،
جيڪو کٽندو ٿيندي واهه واه.
 

راند ڪرڻ سان چُستي ايندي،
صحت اسان جي خوش خوش ٿيندي.
 

صحت جو ضامن رانديون آهن،
راندين مان نقصان ته ناهن.
 

ٻاريون ٺاهي سچ پچ ٻارو
راند ڪبي آ تن ۾ يارو.
 

آءُ اوجانڻ آءُ او خانڻ!
تڪڙو تڪڙو اچ تون گامڻ!
 

ونجهه وٽي آ راند پياري،
آءُ ڪيون تنهن لاءِ تياري.
 

غم سارا ٿيون رانديون لاهن.
رانديون ”غازي“ ٽهڪ وڌائين.
 

گُل ڦُل

 

 

اچو! اچوڙي اچوڙي ٻاروء،
گل ڦل پهچي ويو آ پيارو.
 

گل ڦل ۾ مضمون نيارا،
هن جو آهي رنگ نيارو.

 

وقت تي پهچي ويندو آهي،
گرمي هجي يا ڦوهه سيارو.
 

هن ۾ آهي لات لطيفي،
هن ۾ آهي نينهن نظارو.
 

گل ڦل  ۾ البم ٻارن جو،
سهڻو سهڻو آهي سارو.
 

گل ڦل ۾ آکاڻيون عمديون،
آهن گيت نظم ڪي ٻاروء.
 

رنگ بنا تصوير ڏسو ٿا،
هن ۾ ڀريون رنگ پيارو.
 

پڙهي ڏسو  ناليج وڌي ٿي،
علم ۾ ايندو آ واڌارو.
 

گل ڦل تحفو ٻارن لاءِ آ، 
تڏهن ته ”غازي آ ناميارو.
 

وطن

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org