جڏهن رابيل جي اک کُلي، ته هن پنهنجي چوءگرد ستن
پرين کي ڏٺو، جيڪي هن ڏانهن نهاري رهيون هيون.
سڀني پرين هڪ آواز ٿي رابيل کان پڇيو ”تون ڪير
آهين؟ ۽ هتي ڇو آئين آهين؟“
رابيل هنن کي پنهنجو ڏک ڀريو سمورو احوال ڪري
ٻڌايو، جنهن تي پَريُن جي دل ۾ هن جي لاءِ رحم
پيدا ٿيو، ٿورن ڏينهن ۾ ئي رابيل پرين جي دل هٿ
ڪري ورتي. پريون گهر هن جي سنڀال هيٺ ڏيئي هليون
وينديون هيون. وڃڻ وقت هن کي چئي وينديون هيون ته
پنهنجي ماٽيلي ماءُ جو خيال رکجانءِ. هن کي ضرور
پتو پوندو ته تون هتي آهين ۽ هوءَ تو کي نقصان
پهچائڻ جي ڪوشش ڪندي، تنهنڪري ڪنهن کي به گهر ۾
اچڻ نه ڏجانءِ.“
هڪڙي ڏينهن راڻي جادوءَ جي آئيني جي سامهون اچي
بيٺي ۽ آئيني کان پڇيائين:
”آئينا ڙي آئينا، مون کي ٻڌاءِ،
سونهن ۾ ڪا مون جهڙي آهه؟“
ان تي آئيني جواب ڏنس:
”ڳالهه چوان مان تو کي ڪهڙي،
ڪوئي نه آهي رابيل جهڙي!“
راڻيءَ وري به آئيني کان پڇيو:
ڪهڙي جاءِ تي رابيل رهي ٿي؟
آئيني جواب ڏنس:
ستن پرين جي محل ۾ رهي ٿي.
راڻيءَ کي هاڻي پتو پيو، ته شڪاريءَ هن سان ڪوڙ
ڳالهايو هو، ان ڪري هن پنهنجي سر رابيل کي ختم ڪرڻ
جو فيصلو ڪيو.
راڻي پاڻ جادو ڄاڻندي هئي. هوءَ محل جي هڪڙي لڪل
ڪمري ۾ وئي، جتي هن جادوءَ جي دوا تيار ڪري پيتي،
جنهن جي پيئڻ سان هوءَ خوبصورت جوان عورت بجاءِ،
سفيد وارن واري پوڙهي عورت ٿي پيئي. پوءِ هن
جادوءَ جو ڪتاب کولي هڪ نسخو ڳولي ڪڍيو، جنهن ۾
لکيل هو ته جادو ڪيل صوف جي ڳاڙهي پاسي، هڪ ئي چڪ
وجهڻ سان کائيندڙ اوستائين بيهوش ٿي ويندو،
جيستائين ان سان ڪنهن محبت ڪندڙ جا ڳوڙها، ان جي
مٿان نه ڪرندا.
راڻي يڪدم جادوءَ جو صوف تيار ڪري، سڌو ستن پرين
جي محل ڏانهن وئي. جڏهن هوءَ اتي پهتي ته رابيل
محل جي دريءَ مان ٻاهر ڏسي رهي هئي. راڻي جيڪا
هاڻي پوڙهيءَ جي شڪل ۾ هئي، تنهن رابيل کي چيو ته
”مون وٽ سٺا صوف آهن جي تون خريد ڪندينءَ ته
تنهنجي مهرباني ٿيندي.“
رابيل جو سهڻا ۽ سٺا صوف ڏٺا ته ان جي دل سرڪي پر
هن کي چيائين ته ”نه، مان ڪنهن کان ڪا شيءِ خريد
نه ڪنديس.“
منهنجي ڌيءُ! ان ۾ ڊپ جي ڪا به ڳالهه ڪا نه آهي.
مان صوف کي وڍي اڌ پاڻ ٿي کاوان ۽ اڌ تو کي ٿي
ڏيان.“ راڻيءَ رابيل کي چيو.
پوءِ صوف وڍي اڌ پاڻ کاڌائين ۽ جادوءَ وارو ڳاڙهو
اڌ رابيل کي ڏنائين. اڃا ٿورو کاڌو ته بيهوش ٿي پٽ
تي ڪري پيئي.
جڏهن پريون محل ۾ واپس پهتيون ته هنن رابيل کي پٽ
تي بيهوش پيل ڏٺو. اهي سمجهي ويون. ته اها حرڪت
راڻيءَ جي آهي. هنن گهڻي ڪوشش ڪئي ته هوءَ هوش ۾
اچي، پر سڀ بيڪار.
اسان جيڪي ڪري ٿي سگهيون سين اهو ڪيوسون، پر رابيل
اسان کان هميشه لاءِ ماٺ ٿي وئي! جيتوڻيڪ هوءَ مري
وئي آهي پر هن جي منهن مان ائين معلوم نٿو ٿئي ڄڻ
هوءَ زندهه آهي، پرين پاڻ ۾ چيو.
پوءِ هڪ پري صلاح ڏني ته ”جيتوڻيڪ اسان رابيل کي
جيئرو نٿيون ڪري سگهون پر ان کي محفوظ رکي سگهون
ٿيون.“
پرين رابيل جي جسم کي هڪ شيشي جي پيٽيءَ ۾ وجهي
جبل جي چوٽيءَ تي انهن گلن ۽ ٻوٽن جي وچ ۾ رکي
ڇڏيو، جيڪي رابيل کي وڻندا هئا.
انهيءَ ان ڏينهن کانپوءِ واري سان هڪ پري رابيل
واري پيٽيءَ وٽ انهي لاءِ ويهندي هئي جيئن رابيل
کي ڪو نقصان نه پهچي.
ڏينهن پٺيان مهينا، مهينن پٺيان سال گذري ويا ۽
رابيل شيشي جي پيٽيءَ ۾ اهڙي ريت سُتل رهي، ڄڻ
اجهو اُٿي پکين جون ٻوليون ٻڌندي، سهڻا ۽ رنگين گل
پٽيندي.
پوءِ هڪڙي ڏينهن هڪڙو سهڻو شهزادو گهوڙو ڊوڙائيندو
جبل جي انهيءَ چوٽيءَ تي اچي پهتو، جتي رابيل واري
پيٽي رکيل هئي. جڏهن شهزادي پيٽيءَ ۾ سُتل رابيل
کي ڏٺو تڏهن ڏسڻ سان ان تي عاشق ٿي پيو، پيٽي جي
ڀرسان ويٺل پريءَ کان پڇيائين هيءَ سهڻي ڇوڪري ڪير
آهي، جيڪا اهڙي نموني سُتي پئي آهي؟“
پري هن کي ٻڌايو ته ”هيءَ شهزادي رابيل آهي.، جنهن
کي گهڻا سال ٿيا، جو زهر ڏنو ويو هو.“ اهوٻڌي
شهزادي کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽پيٽيءَ جو پُڙ مٿي ڪري،
رابيل جي چهري کي نهارڻ لڳو، ته سندس اکين مان
ڳوڙها ڪري اچي رابيل جي ڳلن تي پيا. جيئن ڳوڙها
رابيل جي ڳلن تي ڪريا ته هن جي جسم ۾ چُر پُر پيدا
ٿي ۽ هن اهڙيءَ طرح اکيون کوليون، ڄڻ گهري ننڊ مان
جاڳي هجي.
”ڇا ٿيو آهي، مان هن پيٽيءَ ۾ ڇو سمهي پئي هئس؟“
رابيل شهزادي کي ڏسي، پريءَ کان پڇيو. پريءَ رابيل
کي جيڪي ڪجهه ٿيو هو، سو ٻڌايو ۽ ڊوڙي وڃي ٻين
پرين کي وٺي آئي. سَت ئي پريون رابيل کي کلندو ۽
ڳالهائيندو ڏسي نچڻ ۽ ڳائڻ لڳيون. پوءِ هنن رابيل
جي شادي شهزادي سان ڪرائي، جيڪو رابيل کي پاڻ سان
گڏ گهوڙي تي سوار ڪري پنهنجي وطن وٺي ويو.
سُتل شهزادي
هڪڙو نيڪ ۽ سٺو بادشاهه، پنهنجي هڪ نيڪ ۽
سهڻي راڻيءَ سميت هڪڙي ملڪ تي حڪومت ڪندو هو.
سندن ملڪ جون حدون پري پري تائين پکڙيل هيون،
جنهن ۾ سر سبز ٻنيون، سونا فصل، سفيد ڍنڍون ۽ ڀورا
جبل هئا. ملڪ جا ماڻهو بادشاهه کان خوش هئا ۽
بادشاهه ماڻهن کان خوش هو. پر بادشاهه کي هڪڙو ڏک
هو، جو هن کي سڀ ڪجهه هجڻ جي باوجود اولاد ڪو نه
هو. اولاد نه هئڻ جو ڏک جيترو بادشاهه کي هو، ان
کان وڌ اهو ڏک راڻيءَ کي به هو.
بادشاهه ڪڏهن ڪڏهن راڻيءَ کي چوندو هو ته ”جيڪڏهن
اسان کي اولاد نه آهي ته ڇا ٿيو، اسان جا ماڻهو به
ته اسان جو اولاد آهن؟“ ان تي راڻي چوندي هئي ”اها
ڳالهه برابر آهي، ان هوندي به پنهنجو ٻار پنهنجو
آهي، اسان کان پوءِ هن ملڪ جو بادشاهه ٿيڻ وارو به
ته ڪو هجي!“
آخر ڌڻي هنن جو سوال ٻڌو ۽ سندن من جي مراد پوري
ٿي. بادشاهه جي راڻيءَ کي هڪ ڌيءُ پيدا ٿي. ڌيءُ
جي ڄمڻ تي بادشاهه ڏاڍيون خوشيون ڪيون. شهزاديءَ
جي ڇٺيءَ تي هن غريبن لاءِ وڏيون خير خيراتون
ڪيون. وزيرن ۽ اميرن لاءِ ڌار وڏي دعوت ڪئي. جنهن
۾ هن، ملڪ ۾ رهندڙ ستن پرين کي به سڏ ڏنو. بادشاهه
جي ملڪ ۾ هڪڙي پوڙهي پري به رهندي هئي جنهن کي سڏ
ڏيڻ جي ڳالهه بادشاهه جي دل تان لهي وئي.
ڇٺيءَ واري رات جڏهن سڀ مهمان، ستن پرين سميت اچي
ڪٺا ٿيا ته پوڙهي پري به دعوت ۾ هلي آئي. پوڙهي
پريءَ کي انهي ڳالهه تي ڏک ۽ ڪاوڙ هئي ته بادشاهه
هن کي دعوت ۾ ڇو نه سڏيو هو. جڏهن دعوت کائي مهمان
واندا ٿيا ۽ کيل تماشا پورا ٿيا ته بادشاهه ستن
پرين کي سوکڙي ڏيڻ لاءِ جيڪي سَت سونيون صندوقڙيون
ٺهرايون هيون، ڏنيون. اهو ڏسي پوڙهي پري سڙي وئي.
بادشاهه گهڻو ئي چاهيو ته هن کي به اهڙي صندوقڙي
سوکڙي طور ڏئي پر ايتري ٿوري وقت ۾ صندوقڙيءَ جو
تيار ٿيڻ مشڪل هو،تنهنڪري هن کي ٻي سوکڙي ڏنائين،
جيڪا هن قبول نه ڪئي.
موڪلائڻ وقت سڀ پريون شهزاديءَ کي دعا ڪرڻ لاءِ ان
جي چوءگرد اچي بيٺيون. انهن مان هڪ پريءَ سمجهيو
ته پوڙهي پري ضرور شهزاديءَ کي بد دعا ڏيندي،
تنهنڪري پٺتي ٿي بيٺي، جيئن پوڙهي پريءَ جي بد دعا
کان پوءِ شهزادي کي اهڙي دعا ڏئي جو بد دعا جو اثر
گهٽجي وڃي.
هر ڪنهن پريءَ، واري سان شهزاديءَ کي دعا ڏني پر
جڏهن پوڙهي پريءَ جو وارو آيو ته ان رڙ ڪري چيو
”شهزادي! منهنجي دعا آهي ته جڏهن تون جوان
ٿيندينءَ، تڏهن تنهنجي هٿ ۾ سُئي لڳندي ۽ توکي موت
واري ننڊ نصيب ٿيندي!“ ان کانپوءِ جيڪا پري پٺتي
بيٺي هئي، سا اڳتي وڌي ۽ چيائين اي شهزادي! تو کي
سُئي لڳڻ کانپوءِ جيڪا ننڊ ايندي اها هميشه لاءِ
نه هوندي پر هڪ سئو سال هوندي پوءِ هڪ شهزادو
ايندو، جيڪو اچي تو کي ننڊ مان اٿاريندو.“
پوڙهي پريءَ جي بد دعا کانپوءِ بادشاهه جي حڪم سان
محل جون سموريون سيون نديءَ ۾ ڦٽيون ڪيون ويون.
شهزادي
جڏهن چوڏهن سالن جي ٿي ته محل ۾ گهمندي گهمندي
هڪڙي ڪمري ۾ آئي، جتي هن جي پوڙهي نوڪرياڻي سُئيءَ
سان ڪپڙو سبي رهي هئي. سُئيءَ کي ڏسي، شهزادي حيرت
۾ پئجي وئي ۽ سئي هٿ ۾ وٺي، ان کي ڌيان سان ڏسڻ
لڳي ته سئي شهزادي جي آڱر ۾ چڀي وئي. سئي لڳڻ سان
شهزادي بيهوش ٿي ڪري پيئي. بادشاهه ۽ راڻي ڊوڙندا
آيا. ڊاڪٽر ۽ طبيب گهرايا ويا، پر ڪجهه به فائدو
نه ٿيو.
بادشاهه چيو ”اسان ڪجهه به نٿا ڪري سگهون، ڇاڪاڻ
ته پرين جي ڳالهه پوري ٿيڻي آهي. شهزادي سئو سالن
تائين ننڊ ۾ هوندي!“
بادشاهه شهر کان پري شهزاديءَ لاءِ هڪڙو محل
شاندار جوڙايو، جنهن جي هڪڙي ڪمري ۾ نرم هنڌ تي
شهزاديءَ کي سمهاري ڇڏيو، شهزاديءَ جي سمورن نوڪرن
کي شهزاديءَ جي سنڀال لاءِ اتي رهايو، محل جي
حفاظت لاءِ سپاهي بيهاري ڇڏيا. جڏهن اهو ڪم پورو
ٿيو ته پوئين پري، بادشاهه وٽ آئي ۽ کيس چيائين
”تو جيڪي ڪيو آهي، سو ٺيڪ ڪيو آهي، هاڻي باقي ڪم
آئون ٿي پورو ڪريان جو جنهن وقت شهزادي ننڊ مان
جاڳي، ان وقت پاڻ کي بلڪل ڌارين ماڻهن ۾ نه ڏسي ۽
پاڻ کي اڪيلو نه محسوس ڪري.“
ائين چئي هن ڪجهه پڙهيو، جنهن جي جادوءَ جي اثر
هيٺ محل ۾ جيڪي به ماڻهو ۽ جانور جتي به هئا، اتي
انهن کي ننڊ وٺي وئي. ان کانپوءِ هن وري ڪجهه
پڙهيو ته محل جي چوءگرد هڪ وڏو جهنگ پيدا ٿي ويو،
جنهن جي وڏن ۽ گهاٽن وڻن ۾ محل لڪي ويو.
وقت گذرندو ويو، بادشاهه ۽ راڻي مري ويا. ان ملڪ
تي ڪنهن ٻئي بادشاهه اچي حڪومت ڪئي. هڪڙي ڏينهن
اُن بادشاهه جو پٽ شڪار ڪندي، ان جهنگ وٽ اچي پهتو
۽ هڪڙو گهاٽو جهنگ ڏسي حيران ٿي ويو. شهزادو جڏهن
محل ۾ موٽي آيو، ته هن شهر جي پوڙهن ماڻهن کي پاڻ
وٽ گهرايو ۽ ان جهنگ بابت پڇيو. هڪڙي پوڙهي شهزادي
کي ٻڌايو ”مان جڏهن ننڍو هئس تڏهن منهنجي ڏاڏي مون
کي ٻڌايو هو ته ان جهنگ ۾ هڪ محل آهي، جنهن ۾ هڪ
شهزادي سُتل آهي، جنهن جي ننڊ سئو سال هلندي. ان
کان پوءِ ڪو شهزادو اچي ان کي ننڊ مان اٿاريندو.
شهزادا، هاڻي اُهي سئو سال پورا ٿيا آهن.“
شهزادو پوڙهي جي ڳالهه ٻڌي، اوڏانهن وڃڻ لاءِ
روانوٿيو جڏهن هو جهنگ وٽ پهتو ته از خود جهنگ مان
رستو پيدا ٿي پيو ۽ شهزادو وڌندو اچي محل جي
دروازي وٽ پهتو. شهزادي ڏٺو ته محل جا چوڪيدار
پهرو ڏئي رهيا هئا پر سڀ ننڊ ۾ هئا. جڏهن هومحل ۾
اندر ويو ته هن ڏٺو ته جيڪو ماڻهو جتي هو سو اتي
ننڊ پيو هو. شهزادو هلندو اچي شهزاديءَ واري ڪمري
۾ پهتو. شهزاديءَ جي سونهن ڏسي شهزادو ان تي عاشق
ٿي پيو ۽ يڪدم وڃي شهزاديءَ کي ڀاڪر وڌائين.
شهزادي جي ڀاڪر پائڻ سان شهزادي ننڊ مان اٿي ويٺي.
پوءِ شهزادي جي اٿڻ سان محل جا سڀ نوڪر، چوڪيدار
به جاڳي پيا ۽ پنهنجو ڪم ڪرڻ لڳا.
شهزادي شهزاديءَ کي پوڙهي پريءَ جي بد دعا ۽
شهزادي جي سئو سالن تائين ننڊ جي سموري ڳالهه
ٻڌائي ۽ ساڻس شادي ڪري، کيس پنهنجي محلات ۾ وٺي
آئي.
شهزادو ۽ ڏيڏري
ڪنهن زماني ۾ هڪڙو بادشاهه هوندو هو، جنهن
جو محل شهر کان پري ٺهيل هو. هن جي محل جي ويجهو
گهاٽو جهنگ هو، جنهن ۾ بادشاهه ۽ هن جا شهزادا
شڪار ڪرڻ ويندا هئا. سڀني کان ننڍي شهزادي کي شڪار
جو ڏاڍو شوق هوندو هو. هو سڄو ڏينهن تير ۽ ڪمان
کنيو جهنگ ۾ پکين ۽ جانورن جو شڪار ڪندو وتندو هو.
هڪڙي
ڏينهن شهزادو جيئن ئي شڪار ڪرڻ ويو ته جهنگ ۾ هن
هڪ هرڻ ڏٺو، جنهن کي شڪار ڪرڻ لاءِ، شهزادي تير
ڪمان ۾ وجهي نشانو بنايو. شهزادي جو تير هرڻ کي
لڳڻ بدران وڃي تلاءَ ۾ ڪريو. شهزادي جو تير ڏاڍو
قيمتي هو. اهو سڄو سون مان ٺهيل هو. ان تي هيرا ۽
موتي لڳل هئا. شهزادي جي ان تير سان ڏاڍي دل هئي.
شهزادي کي تير گم ٿيڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو سو ڪنڌ هيٺ
ڪري ڪناري تي ويهي رهيو. هو انهيءَ ڏک ۾ ويٺو هو،
ته هن هڪڙو آواز ٻڌو. جو چئي رهيو هو ”شهزادا، تون
ڇا جي لاءِ غمگين آهين؟“
شهزادي ڪنڌ کڻي ڏٺو ته هن جي سامهون هڪڙي ڏيڏري
بيٺي هئي. شهزادي ڏيڏريءَ کي چيو، ”منهنجو تير هن
تلاءَ ۾ گم ٿي ويو آهي!“
”جيڪڏهن مان تنهنجو تير ڳولي اچان ته تون مون کي
ڇا ڏيندين؟“ ڏيڏريءَ چيو.
شهزادي چيو ”مان تو کي هيءَ هيري واري منڊي
ڏيندس.“ ڏيڏريءَ چيو ته ”نه، مون کي سون چاندي،
هيرن ۽ جواهرن جي ضرورت نه آهي. مون کي تنهنجي
محبت جي ضرورت آهي. جيڪڏهن تون واعدو ڪرين ته تون
مون کي پاڻ سان گڏ پنهنجي محل ۾ وٺي هلندين، پاڻ
سان رهائيندين، پاڻ سان کارائيندين ۽ پنهنجي ڪمري
۾ سُمهڻ جي اجازت ڏيندين ته مان تنهنجو تير ڳولي
اينديس.“
شهزادي ڏيڏريءَ سان اهڙو واعدو ڪيو. ڏيڏري تلاءَ ۾
ٽپو ڏيئي گم ٿي وئي ۽ ٿوري وقت کانپوءِ تير آڻي
شهزادي کي ڏنائين. تير وٺي شهزادو ڏاڍو خوش ٿيو ۽
ڏيڏريءَ کي ”تنهنجي وڏي مهرباني“ چئي، محل ڏانهن
هلڻ لڳو. تنهن تي ڏيڏريءَ شهزادي کي چيو ”شهزادا،
مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي هل! ڇا تو کي پنهنجو
واعدو ياد نه آهي؟“
”ڇا جو واعدو؟ مون ته تو کي ائين کڻي چيو هو!“ اهي
لفظ چئي شهزادو تڪڙو تڪڙو هليو ويو. محل ۾ پهچڻ
کانپوءِ ڏيڏريءَ جي ڳالهه دل تان صفا لهي ويس.
رات جي وقت شهزادو پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن سان ماني
کائي رهيو هو ته دروازي جي کڙڪڻ جو آواز ٿيو.
بادشاهه شهزادي کي چيو ته ڪوئي دروازو کڙڪائي رهيو
آهي، ڏس ته ڪير آهي.“ شهزادي در کوليو، ته هن کي
سامهون ڏيڏري بيٺل نظر آئي. شهزادو سمجهي ويو ته
ڏيڏري هن جي پٺيان آئي آهي ۽ هن هڪدم در کي زور
سان بند ڪيو.
هو اڃا مانيءَ تي ويٺو. ته ٻاهران آواز آيو،
”شهزادا، مون کي اندر اچڻ ڏي، واعدو ڪري ڀڄڻ چڱن
ماڻهن جو ڪم نه آهي.“
بادشاهه جڏهن اهي لفظ ٻڌا ته پاڻ اٿي در ڏانهن
ويو، در کولي ڏٺائين ته هڪڙي ڏيڏري بيٺي هئي.
بادشاهه ڏيڏريءَ کي پاڻ سان گڏ اندر وٺي آيو ۽ هن
کان احوال پڇيائين.
ڏيڏريءَ بادشاهه کي شهزادي جي تير گم ٿيڻ ۽ واعدي
واري ڳالهه ڪري ٻڌائي ۽ شهزادي ڏانهن منهن ڪري
چيائين ”شهزادا، واعدو پورو ڪرڻ چڱن ماڻهن جو ڪم
آهي.“
بادشاهه جڏهن ڏيڏريءَ جي ڳالهه ٻڌي، تڏهن شهزادي
کي چيائين، ”جيڪو واعدو تو ڪيو آهي، سو تو کي پورو
ڪرڻ گهرجي. تو کي ڏيڏريءَ کي پاڻ سان گڏ ويهارڻ
کارائڻ ۽ رهائڻ گهرجي.“
بادشاهه جو حڪم ٻڌي، شهزادي بي دليو ٿي ڏيڏريءَ کي
پاڻ سان ويهاريو. ڏيڏري شهزادي سان ساڳي ٿالهيءَ
مان کائڻ لڳي، پر شهزادي کي اها ڳالهه نٿي وڻي،
تنهنڪري هن ڪجهه به نه کاڌو. کاڌي کانپوءِ شهزادو
بادشاهه کان موڪلائي پنهنجي ڪمري ڏانهن هلڻ لڳو ته
ڏيڏريءَ هن کي رڙ ڪري چيو ”شهزادا، تو مون سان
واعدو ڪيو هو ته تون مون کي پنهنجي ڪمري ۾
سمهاريندين؟“ ان تي بادشاهه شهزادي کي چيو ”تو کي
پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ گهرجي ۽ ڏيڏريءَ کي پنهنجي
ڪمري ۾ سمهارڻ گهرجي.“ بادشاهه جي چوڻ تي شهزادو
ڏيڏريءَ کي پنهنجي ڪمري ۾ کڻي آيو.
شهزادي پنهنجي ڪمري ۾ اچڻ کانپوءِ ڏيڏريءَ کي هيٺ
زمين تي رکندي چيو ”هاڻي هتي آرام ڪر.“ پوءِ پاڻ
ڪپڙا بدلائي نرم هنڌ تي سُمهي پيو. ٿورو وقت نه
گذريو ته ڏيڏريءَ رڙ ڪري چيو ”اي شهزادا! هيءُ
زمين ته ڏاڍي سخت آهي، جو منهنجو سارو جسم سُور ٿو
ڪري ۽ ٿڌي هوا به لڳي رهي آهي، تنهنڪري مون کي
ڏاڍو سيءُ ٿي رهيو آهي!“ پر شهزادي انهن لفظن
ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ پاسو ورائي سمهي پيو.
شهزادي کي جلد گهري ننڊ وٺي ويئي. |