ڇپائيندڙ
پاران
ڪائنات جي خوبصورت تخليق ”ٻار“ آهي ۽ ٻار ئي ڪنهن
به سماج جي مستقبل جو معمار آهي، ڇو ته مسقبل جون
سموريون رٿائون ۽ ذميواريون ”ٻار“ جي اُمنگن سان
ئي مشروط ٿين ٿيون. اڄ جو ٻار جيترو وڌيڪ ذهين،
ڦڙت ۽ سگهارو هوندو، قوم جو آئيندو به ايترو ئي
شاندار ٿي سگهندو. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جون
صحتمند ۽ روشن دماغ قومون پنهنجي ٻارڙن جي بهتر
تربيت، تحفظ ۽ پالنا لاءِ فڪرمند رهنديون آهن.
ڇاڪاڻ جو کين اها چڱي طرح خبر آهي ته اڄ جو ٻار
سڀاڻي جو ”وڏو“ ذميوار فرد بڻجي ٿو. تنهنڪري ان جي
هر طرح سان سار سنڀال لهڻ سندس وڏن تي فرض آهي.
انهيءَ صورتحال جي ابتڙ سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب جي ترقي
جي رفتار ڏسندي اطمينان نٿو ٿي سگهي. ڇو ته هيءَ
هڪ ڪڙي حقيقت آهي ته پاڻ اڃا ٻارڙن لاءِ اهڙو
ماحول پيدا ئي نه ڪري سگهيا آهيون. جنهن ۾ اسان جا
ٻار اجتماعي طرح مستقبل جي شاندار اڏاوت ۾ جُنبي
وڃن. اُن هوندي به بهرحال اسان جي ادارن ان حوالي
سان سوچڻ ۽ رٿائون جوڙڻ شروع ڪيون آهن. ان ڏس ۾ سڌ
جا علمي، ثقافتي ۽ تعليمي ادارا به دلچسپي وٺي
رهيا آهن. ڇو ته اهي ادارا ئي مستقبل جي معمارن جي
تربيت لاءِ سگهارو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جو واحد علمي ۽ ادبي ادارو
آهي، جنهن جي مکيه ذميوارين مان هڪ ذميواري اها به
آهي ته اهو پنهنجي ٻوليءَ ۾ ٻارڙن، عورتن ۽ مردن
لاءِ علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تاريخي، تفريحي ۽
معلوماتي ڪتاب ۽ رسالا شايع ڪري. ان سلسلي ۾
”پَرين جون ڪهاڻيون“ ڪتاب به ساڳيءَ ڳڻ ڳوت جو هڪ
حصو آهي. حالانڪ هن ڪتاب جي پهرين اشاعت سال 1981ع
۾ ٿي چڪي هئي، پر هن ڀيري وزير تعليم سنڌ ڊاڪٽر
حميده کهڙو صاحبه جي ڏنل خاص هدايتن ۽ مشورن موجب
هن رٿا کي نئين سر ”ٻاراڻي ادب سيريز“ ۾ شامل ڪيو
ويو آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ مجموعو ٻارڙن لاءِ خصوصي
دلچسپيءَ ۽ تفريح جو سامان مهيا ڪري ٿو. هن مجموعي
۾ ڇپيل ڪهاڻيون سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب ڊاڪٽر
اياز حسين قادريءَ مرحوم جو قلمي پورهيو آهي. جنهن
صاحب خاص محنت ڪري ٻارڙن لاءِ هي ڪهاڻيون تيار ڪري
بورڊ حوالي ڪيون هيون. بعد ۾ اهي سال 1981ع ۾
وفاقي وزارت تعليم جي سهڪار سان ڪتابي صورت ۾
ڇپيون. مجموعي ۾ ڪل 9 ڪهاڻيون شامل آهن. ڪهاڻين کي
تصويرن سان سينگاري ڪتاب کي ٻارڙن لاءِ وڌيڪ دلچسپ
بڻايو ويو آهي.
اميد آهي ته آئيندي جي معمارن لاءِ سنڌي ادبي بورڊ
طرفان شايع ٿيندڙ هيءُ ڪتاب کين پسند ايندو.
ڄام شورو، سنڌ
اڱارو 16 ذي القعد 1426هه
بمطابق 17 جنوري 2006ع |
انعام الله شيخ
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ |
جادوءَ
جو تلاءُ
گهڻي وقت جي ڳالهه آهي ته هڪڙو بادشاهه بيمار ٿي
پيو. هن جي علاج لاءِ ڪيترا ڊاڪٽر، حڪيم ۽ طبيب
آندا ويا، پر هن کي فائدو ڪو نه ٿيو ۽ هن جي
بيماري ڏينهون ڏينهن وڌندي وئي.
هڪڙي ڏينهن هڪڙو درويش اَچي ان ملڪ مان لنگهيو،
جنهن بادشاهه کي ڏسي چيو، جيڪڏهن بادشاهه جادوءَ
جي تلاءَ جو پاڻي پيئندو، ته خوش ٿيندو، باقي هن
کي ٻي ڪنهن به دوا مان فائدو نه ٿيندو.
بادشاهه
کي ٽي پٽ هئا، وڏي شهزادي دل ۾ خيال ڪيو ته ڇو نه
قسمت آزمائجي. جيڪڏهن مان جادوءَ جي تلاءَ جو پاڻي
آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيس، ته پڪ سان بابو خوش ٿي پنهنجو
تاج ۽ ملڪ منهنجي حوالي ڪندو. اهو سوچي وڏو شهزادو
بادشاهه وٽ آيو ۽ اچي هن کان جادوءَ جي پاڻي هٿ
ڪرڻ لاءِ اجازت گهريائين.
بادشاهه چيس، ”پٽ، خبر ناهي ته جادوءَ جو تلاءُ
الائي ڪٿي آهي، تون اهو ڪيئن ڳولي سگهندين؟“ تنهن
تي شهزادي جواب ڏنو، ”بابا، مان جوان ۽ طاقت وارو
آهيان، مان ضرور اهو ڳولي لهندس ۽ ان جو پاڻي
توهان جي لاءِ آڻيندس.“
بادشاهه شهزادي جي زور ڀرڻ تي هن کي اجازت ڏني.
شهزادو پاڻ سان گهڻو سونُ ۽ چاندي کڻي، جادوءَ جي
تلاءَ جي تلاش ۾ نڪري پيو. هلندي هلندي هو هڪڙي
جهنگ جي مُنهن وٽ اچي پهتو، جتي هن کي هڪڙو جنڙو
مليو، جنڙي وڏي شهزادي کي چيو، ”شهزادا صاحب!
ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟“
وڏي شهزادي هن کي وڏائيءَ سان جواب ڏنو، ”ان ۾
تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟“
جنڙي دل ۾ چيو، ”شهزادا، توکي ڏاڍي وڏائي آهي،
توکي گستاخيءَ جي سزا ملڻ گهرجي.“
وڏو شهزادو جيئن ئي جهنگ ۾ اندر ويو ته جهنگ ويو
گهاٽو ٿيندو، هو جهنگ ۾ رستو وڃائي هيڏي هوڏي ڦرڻ
لڳو.
جڏهن گهڻا ڏينهن گذري ويا ۽ وڏو شهزادو نه موٽيو
ته وچيون شهزادو بادشاهه وٽ آيو. بادشاهه کان
جادوءَ جي تلاءَ ۽ ڀاءُ جي ڳولا جي اجازت
گهريائين. هن کي دل ۾ اهو خيال هو، ته جي هو جادو
جي تلاءَ جو پاڻي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ته بادشاهي نه
وڏي ڀاءُ کي ملندي، نه وري ننڍي ڀاءُ کي، پر اها
مون کي ملندي. بادشاهه گهڻي ويچار کانپوءِ هن کي
اجازت ڏني.
وچيون شهزادو هلندو هلندو، اچي ساڳئي جهنگ جي منهن
وٽ نڪتو، جتي هن کي جنڙو مليو. جنڙي وچئين شهزادي
کي چيو، ”شهزادا صاحب! ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“
وچئين شهزادي هن کي مغروريءَ مان چيو، ”تنهنجو
ڪهڙو ڪم آهي، جو مون کان سوال ٿو پڇين؟ “
جنڙي دل ۾ چيو، هن شهزادي کي سندس مغروريءَ جي سزا
ملڻ گهرجي.“
وچيون شهزادو به پنهنجي وڏي ڀاءُ وانگر رستو وڃائي
جهنگ ۾ هيڏي هوڏي ڦرڻ لڳو.
جڏهن گهڻو وقت گذريو ۽ ٻيئي شهزادا نه موٽيا، تڏهن
ننڍو شهزادو بادشاهه وٽ آيو، جادوءَ جي تلاءَ ۽
ڀائرن جي ڳولا لاءِ بادشاهه کان موڪل گهريائين. هن
جي دل ۾ پيءُ جي بيماري ۽ ڀائرن جي گُم ٿي وڃڻ جي
ڳڻتي هئي.
شهزادو، بادشاهه کان موڪل وٺي هلندو هلندو، اچي
جهنگ جي منهن وٽ پهتو، جتي هن کي هڪڙو جنڙو مليو.
جنڙي شهزادي کي چيو، ”شهزادا صاحب، ڪيڏانهن وڃي
رهيو آهين؟“
ان تي ننڍي شهزادي جنڙي کي سلام ڪيو ۽ چيائينس
”ادا سائين، مان جادوءَ جي تلاءُ جي ڳولا ۾ وڃي
رهيو آهيان، اوهان جي ان ڪم ۾ منهنجي مدد ڪندا ته
اوهان جي وڏي مهرباني ٿيندي.“
جنڙو شهزادي جي اخلاق کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي
چيائين، تون سٺو ماڻهو ٿو ڏسڻ ۾ اچين، تو مون کي
ادا ڪري سڏيو آهي ۽ مدد لاءِ چيو آهي، تنهنڪري مان
تنهنجي مدد ڪندس، جادوءَ جو تلاءُ هڪڙي جادوءَ
جي قلعي ۾ آهي، جنهن جي مالڪياڻي ”گل ڦل“ نالي هڪ
پري آهي. قلعي جي دروازي تي جادو ٿيل آهي، تنهنڪري
اهو ڪنهن کان به کُلي نٿو سگهي. مان توکي هيءَ لٺ
ڏيان ٿو، تون اها ٽي ڀيرا زور سان دروازي تي
هڻندين ته دروازو کُلي پوندو. دروازي جي اندر ٻه
بُکايل ڪُتا پهرو ڏئي رهيا آهن، جيڪي توکي ڏسندي
توتي حملو ڪندا. مان توکي ٻه مانيون ٿو ڏيان، جيڪي
اُنهن کي ڏجانءِ، ته توکي ڪجهه به نه ڪندا.“ پوءِ
جنڙي ننڍي شهزادي کي جادوءَ جي قلعي جو رستو
ٻڌايو، جنهن تي شهزادو هلندو اچي جادوءَ جي قلعي
وٽ پهتو.
شهزادو قلعي جي دروازي کي جنڙي واري لٺ جا ٽي ڌڪ
هنيا ته دروازو کُلي پيو. جيئن ئي شهزادو اندر ويو
ته ٻه بکايل ڪتا شهزادي تي حملو ڪري آيا. شهزادي
يڪدم جنڙي واريون مانيون انهن ڏانهن اُڇلايون، ڪتا
ماني کائڻ کي لڳي ويا ۽ شهزادو اڳتي هليو ويو.
شهزادو جيئن قلعي اندر ٺهيل محل ۾ داخل ٿيو، ته هن
هڪ مٺو آواز ٻڌو، جيڪو چئي رهيو هو، ”ڀلي آيا
شهزادا.“
شهزادي ڏٺو ته سامهون ”گل ڦل“ پري بيٺي هئي. ٻئي
هڪ ٻئي سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ٻنهي جي دلين ۾ هڪ
ٻئي لاءِ پيار پيدا ٿي ويو.
ننڍي شهزادي ”گل ڦل“ پريءَ کي ٻڌايو ته هو پنهنجي
پيءُ جي لاءِ جادوءَ جي تلاءَ مان پاڻي کڻڻ
آيوآهي. ”گل ڦل“ پري هن کي جادو جي تلاءَ تي وٺي
آئي، جتان هن پاڻيءَ جي بوتل ڀري کنئي.
ٿورا ڏينهن جادوءَ جي قلعي ۾ رهڻ کانپوءِ ننڍي
شهزادي ”گل ڦل“ پريءَ کان موڪلايو ۽ چيائينس، مان
توسان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان.“
”گل ڦل“ پريءَ هن کي ٻڌايو، ته اسان ۾ اها رسم آهي
ته ڪا به پري ان وقت تائين شادي ڪري نٿي سگهي،
جيستائين هن جي عمر پندرنهن سال نٿي هجي. هڪ سال
کانپوءِ هوءَ پندرنهن سالن جي ٿيندي پوءِ هوءَ وڏي
خوشيءَ سان شادي ڪندي. شهزادو هن کان شاديءَ جو
واعدو وٺي، هڪ سال کانپوءِ واپس اچڻ جو واعدو ڪري
پنهنجي وطن روانو ٿيو.
شهزادو جهنگ جي منهن وٽ پهتو، ته هن کي ساڳيو جنڙو
مليو، جنهن جي هن گهڻي مهرباني مڃي. هن کان پنهنجي
ڀائرن بابت پڇيائين. جنڙي هن کي چيو، اُهي خراب
ماڻهو آهن، جن کي مون هن جهنگ ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي.
شهزادي جي گهڻي چوڻ تي هن ٻنهي شهزادي کي آزادڪيو
پر شهزادي کي چيائين ”اي شهزادا، مان هنن کي آزاد
ڪريان ٿو پر مان توکي ٻڌايان ٿو ته هي توسان دوکو
ڪندا ۽ توکي نقصان پهچائيندا!“
جڏهن ٽيئي ڀائر گڏجي پنهنجي ملڪ ڏانهن هلڻ لڳا ته
واٽ تي شهزادي هنن کي ”گل ڦل“ پريءَ سان ملڻ ۽
جادوءَ جي پاڻي آڻڻ جي ڳالهه ٻڌائي. اها ڳالهه
ٻڌي، ٻنهي شهزادي کي ڏاڍو ساڙ ٿيو ۽ دل ۾ بي
ايماني پيدا ٿين رات جو جڏهن ننڍو شهزادو سمهي پيو
ته هنن بوتل ۾ ٻيو پاڻي وجهي ڇڏيو.
پوءِ ٽيئي شهزادا جڏهن بادشاهه وٽ پهتا، ته ننڍي
شهزادي بادشاهه کي جادوءَ جي تلاءَ مان پاڻي آڻڻ
جي خوشخبري ٻڌائي ۽ پاڻيءَ جي بوتل پيءُ جي اڳيان
رکي. هن کي اها خبر ئي ڪا نه هئي ته هن جي ڀائرن
هن سان دوکو ڪيو آهي.
بادشاهه جڏهن بوتل وارو پاڻي پيتو، هن جي بيماري
پاڻ وڌي ويئي. پوءِ وڏن شهزادن پيءَ کي چورايل
جادوءَ جي تلاءَ وارو پاڻي ڏنو، جنهن جي پيئڻ سان
هو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو. بادشاهه ڪاوڙجي ننڍي شهزادي
کي ملڪ نيڪالي ڏيئي ڇڏي ۽ وڏن شهزادن تي ڏاڍيون
مهربانيون ڪيون.
ننڍو شهزادو ملڪ نيڪالي ملڻ کانپوءِ سڌو ”گل ڦل“
پريءَ وٽ ويو. هن کي ڀائرن جي دوکي ۽ پيءَ جي ڪاوڙ
جو احوال ٻڌايائين. ”گل ڦل“ پريءَ شهزادي کي چيو،
”تون ڪا به ڳڻتي نه ڪر، مان ڪوڙ ۽ سچ کي پڌرو ٿي
ڪريان.“ ائين چئي هوءَ اُڏند کٽوليءَ تي چڙهي
اُڏامي وڃي بادشاهه کي جادوءَ جي قلعي ۾ کڻي آئي.
کيس جادوءَ جو تلاءَ ڏيکاريائين، ننڍي شهزادي جي
ڪاميابي ۽ هن جي ڀائرن جي دوکي جي ڳالهه ٻڌايائين.
اها ڳالهه ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو. ”گل ڦل“ پري
۽ شهزادي جي شادي ڪرايائين، کين پنهنجي ملڪ ۾ وٺي
آيو، ننڍي شهزادي کي پنهنجي جاءِ تي بادشاهه
بڻايائين ۽ وڏن شهزادن کي گهڻو ڳالهايائين ۽
پنهنجي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيائين.
ٽي پريون
اڄ کان گهڻو وقت اڳ جي ڳالهه آهي ته هڪڙي ننڍڙي
ڳوٺ ۾، هڪڙي ڇوڪري ۽ ان جي ماٽيلي ماءُ رهنديون
هيون. ڇوڪريءَ جو پيءُ مري ويو هو، ان کي ٻيو ڀاءُ
يا ڀيڻ، مٽ يا مائٽ ڪو ڪونه هو. هن جي ماٽيلي ماءُ
ڏاڍي سخت دل ۽ بي رحم هئي، سڄو ڏينهن ڇوڪريءَ کان
ڪم ڪار ڪرائيندي هئي.
ڇوڪري
صبح جو سوير اٿي گهر کي ٻهاري ڏيندي هئي. ڳئونءَ
کي ڏهندي ۽ ڏُڌ ولوڙيندي هئي. کوهه تان پاڻي ڀري،
ايندي هئي، ماني پچائيندي هئي، ڪپڙا ڌوئندي هئي ۽
گهر جو ٻيو سڀ ڪم ڪار ڪندي هئي. ان هوندي به هن جي
ماٽيلي ماءُ هن مان خوش نه هئي.
هن جي ماٽيلي ماءُ هن کي ڪڏهن ڪڏهن اَهڙو ڪم چوندي
هئي، جيڪو هن جي ڪرڻ کان ٻاهر هوندو هو ۽ هوءَ نه
ڪري سگهندي هئي ته هن جي ماٽيلي ماءُ هن کي گهٽ وڌ
ڳالهائيندي هئي ۽ ماريندي هئي. هن کي چوندي هئي،
”تون ڏاڍي نڪَمي ۽ سُسُت ڇوڪري آهين. سڄو ڏينهن
واندي ويٺي آهين ۽ ڪو ڪم ڪار نٿي ڪرين، پر جي تو
کي ڪو ڪم چئجي ٿو، ته اهو به پورو نٿي ڪرين؟“
هڪڙي ڏينهن هن جي ماٽيلي ماءُ هن وٽ کنڀن سان ڀريل
وڏي ٽوڪري کڻي آئي ۽ کيس چيائين ”سُسُست ڇوڪري، اڄ
مون تنهنجي لاءِ ڪم ڳولي ڪڍيو آهي. هن ٽوڪريءَ ۾
ٽن قسمن جا کنڀ آهن. هر هڪ قسم جي کنڀن کي جدا ڪر
۽ صاف ڪري ٽي ڍڳ ٺاهه.جيڪڏهن تو اهو ڪم شام تائين
پورو نه ڪيو، ته تنهنجو خير نه هوندو!“
جڏهن ڇوڪري جي ماٽيلي ماءُ هلي وئي ته ڇوڪري
ٽوڪري کڻي کنڀن کي جدا ڪرڻ لڳي. ڇوڪري کنڀن جي
ٽوڪري ڏسي چوڻ لڳي ”ايڏو سارو ڪم مون اڪيلي کان
شام تائين ڪيئن پورو ٿيندو!“
هن منجهند تائين محنت ڪري ڪجهه کنڀ جدا ڪيا ۽ صاف
ڪري ميز مٿان ٽن هنڌن تي رکيا. ان وقت تيز هوا
گهُلي ۽ سڀ کنڀ هڪ ٻئي سان ملي ويا. اهو حال ڏسي
ڇوڪريءَ جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ ماٽيلي ماءُ جي
خوف کان ڏڪڻ، ۽ دل ۾ چوڻ لڳي، ”هاءِ! اڄ جيڪر ڪوئي
رحم کائي منهنجي مدد ڪري، ته ڪيڏو نه چڱو ٿي پوي!“
هن اهي لفظ چئي اڃا بس ڪئي ته هن ڪمري ۾ هڪ عجيب
روشني ڏٺي. هن ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو ته هن جي ڀرسان
هڪڙي ”پري“ ساون ڪپڙن سان بيٺي هئي. پريءَ ڇوڪريءَ
کي چيو، ”اي ڇوڪري! تون ڏک نه ڪر. مان تنهنجي مدد
ڪرڻ لاءِ آئي آهيان.“ ڇوڪريءَ هن کي چيو، ”تون ڪير
آهين؟“
پريءَ جواب ڏنو، ”مان سبز پري آهيان.“
اهي لفظ ٻڌي ڇوڪري ڏاڍي خوش ٿي. پريءَ ڇوڪريءَ کي
چيو. ”تون ٿڪل ڏسڻ ۾ ٿي اچين. هاڻي تون آرام ڪر،
مان تنهنجي پاران ڪم ٿي ڪريان.“
ڇوڪري اڃا سُتي مس، ته ننڊ وٺي ويس، پوءِ سندس اک
ان وقت کُلي، جڏهن شام ٿي چڪي هئي، ڇوڪريءَ جڏهن
ميز ڏانهن نهاريو ته ان تي صاف ٿيل کنڀن جا ٽي ڍڳ
ٿيا پيا هئا. ڇوڪريءَ جي ماٽيلي ماءُ ان وقت ڪمري
۾ اندر هلي آئي. هن کي پڪ هئي ته ڇوڪريءَ کان
اهڙو ڏکيو ڪم پورو ٿي نه سگهيو هوندو ۽ هوءَ
ڇوڪري کي چڱي سزا ڏيندي. هن جڏهن کنڀن جا ٽي ڍڳ
ڏٺا ته هوءِ حيرت کان ماٺ ٿي ويئي. هن کي اها
ڳالهه سمجهه ۾ نٿي آئي. ته اهڙو ڏکيو ڪم، ايتري
ٿوري وقت ۾ ڇوڪريءَ ڪيئن پورو ڪري ڇڏيو! ڪاوڙ مان
ڇوڪريءَ کي چيائين ته ”اُٿي کنڀن کي ٻاهر ڦٽو ڪر!“ |