جڏهن ماٽيلي ماءُ کي ڇوڪريءَ کي مارڻ جو بهانو نه
مليو ته هن کي وڌيڪ ڪاوڙ وٺي ويئي. هوءَ سڄي رات
ان ڪاوڙ کان سُمهي نه سگهي ۽ سوچڻ لڳي ته سڀاڻي
ڇوڪريءَکي ڪو اهڙو ڏکيو ڪم ڏيان، جيڪو هن کان به
وڌيڪ مشڪل هجي.
ٻئي ڏينهن صبح جو ماٽيلي ماءُ ڇوڪريءَ کي گهر جي
ويجهو هڪڙي پاڻيءَ جي کڏ تي وٺي آئي ۽ ڇوڪريءَ کي
هڪڙو دلو ڏيندي چيائين ته هن دلي سان هن کڏ جو
سمورو پاڻي ٻاهر ڪڍي، هن کڏ کي خالي ڪر. پر اهو
ڪم شام تائين پورو ٿيڻ گهرجي. ائين چئي هوءَ اتان
هلي وئي.
ڇوڪريءَ دلي کي ڏٺو، ته ان جي تري ۾ ٽُنگ هئا. هن
جڏهن به پاڻي ڀري دلو اڃا ٻاهر ٿي ڪڍيو ته ٽُنگن
مان پاڻي وهي ٿي ويو. اهو حال ڏسي، هن جي اکين مان
ڳوڙها وهڻ لڳا. ۽ روئي دل ۾ چوڻ لڳي. ”هاءِ! اڄ
منهنجي مصيبت ۾ ڪو مدد ڪرڻ وارو هجي ته ڪهڙو نه
چڱو ٿئي!“
هن ائين چئي بس ڪئي ته هڪ عجيب روشني ڏٺائين، ڏسي
ته سندس ڀرسان هڪڙي پري بيٺي آهي، جنهن کي ڳاڙها
ڪپڙا پهريل هئا. ڇوڪريءَ هن کان پڇيو: ”تون ڪير
آهين؟ هتي ڇو آئين آهين؟“
پريءَ چيو، ”مان لال پري آهيان ۽ تنهنجي مدد لاءِ
آئي آهيان.“ اهو ٻڌي ڇوڪري ڏاڍي خوش ٿي. پريءَ
ڇوڪريءَ کي چيو، ”تون ٿورو آرام ڪر، مان تنهنجو ڪم
ٿي ڪريان.“
ڇوڪري کڏ جي ڪناري تي سُمهي پئي، ته کيس ننڊ وٺي
وئي. شام جو جڏهن سجاڳ ٿي ته کڏ ڏانهن ڏٺائين. اها
خالي هئي. ايتري ۾ ڇوڪريءَ جي ماٽيلي ماءُ به اچي
اتي پهتي. کڏ کي خالي ڏسي، ڪاوڙ مان ڇوڪريءَ کي
چوڻ لڳي ”تون ڪيڏي نه ڪم جي سُسُت آهين، جيڪو ڪم
منجهند تائين ٿيڻ کپندو هو، تو ان تي شام ڪري
ڇڏي؟“
ان رات ماٽيلي ماءُ کي وري به ننڊ نه آئي. هوءَ
سڄي رات اهڙي ڏکئي ڪم لاءِ سوچيندي رهي، جيڪا
ڇوڪري نه ڪري سگهي. صبح ٿيڻ سان ماٽيلي ماءُ
ڇوڪريءَ کي ڳوٺ کان پري، هڪڙي وڏي ميدان تي وٺي
آئي ۽ کيس چيائين، ”اڄ مان تو کي چوان ٿي ته هن
ميدان ۾ هڪ شاهي محل تيار ڪر. محل ۾ هر ڪا شئي هئڻ
گهرجي. محل جي رڌڻي ۾ چُلهه تي ٻوڙ جي ڪُني هجي.
محل جي باغ ۾ گل هجن ۽ محل جي ويجهو جهنگ هجي،
جنهن ۾ پکي ٻوليون ٻوليندا هجن!“
”پر مان اهو ڪم اڪيلي ڪيئن ڪري سگهنديس؟“ ڇوڪريءَ
ماٽيلي ماءُ کي چيو.
”جڏهن تون کنڀ صاف ۽ جدا ڪري سگهين ٿي، جڏهن کڏ کي
ٽنگ واري دلي سان خالي ڪري سگهين ٿي، ته پوءِ هيءُ
ڪم ڇو نه ڪري سگهندينءَ! مان چاهيان ٿي ته هيءُ ڪم
اڄ پورو ٿيڻ گهرجي.“ ائين چئي ماٽيلي ماءُ ڇوڪري
کي اتي ڇڏي هلي وئي.
ڇوڪري هيٺ پٽ تي ويهي رهي ۽ ڪنڌ جهڪائي روئڻ لڳي ۽
چوڻ لڳي ته ”هاءِ! جيڪر اڄ ڪو منهنجي مدد ڪري“
ايتري ۾ هڪڙي نيرن ڪپڙن واري پري هن جي ڀرسان اچي
بيٺي. ڇوڪريءَ هن کي چيو ”تون ڪير آهين ۽ هتي ڇو
آئين آهين؟“
”مان نيلم پري آهيان، تنهنجي مدد لاءِ آئي آهيان.“
پريءَ جواب ڏنو. ”تون هاڻي آرام ڪر مان تنهنجو ڪم
پورو ٿي ڪريان.“
ڇوڪري پٽ تي سُمهي پئي ته هن کي ننڊ وٺي وئي. جڏهن
هوءَ ننڊ مان اٿي ته هن پنهنجي اڳيان هڪڙو سهڻو
شاهي محل ڏٺو. ان وقت هن جي ماٽيلي ماءُ به اتي
آئي ۽ محل کي ڏسي، حيران ٿي وئي. ڪاوڙ مان ڇوڪريءَ
کي چوڻ لڳي. ”مان ڏسنديس ته محل ۾ هر ڪا شئي موجود
آهي؟“
هوءَ محل جي رڌڻي ۾ وئي ته اتي چُلهه تي ڪُني چڙهي
پيئي هئي ۽ هوءَ باغ ۾ وئي ته اتي سهڻا گل بيٺا
هئا. هاڻي هن کي خيال آيو ته جهنگ ۾ ڏسي ته اتي
پکي ٻوليون ٻولين ٿا يا نه. هوءَ جهنگ ۾ وئي ته
جهنگ جيئن پوءِ تيئن ويو گهاٽو ٿيندو، جنهن ۾ هوءَ
پنهنجو رستو وڃائي ويٺي ۽ وري واپس نه موٽي.
هاڻي ڇوڪري پنهنجي ماٽيلي ماءُ جي ظلم ۽ مصيبت کان
ڇُٽي پئي. جلد ئي سندس شادي ان ملڪ جي شهزادي سان
ٿي وئي ۽ پوءِ هوءَ پنهنجي زندگيءَ جو وقت خوشين ۾
گذارڻ لڳي.
سامونڊي پري
ڪنهن زماني ۾، هڪ اهڙي سمنڊ ۾، جنهن جو پاڻي شيشي
جهڙو صاف ۽ آسمان جهڙو نيرو هوندو هو، جنهن ۾
پريون رهنديون هيون. انهن سامونڊي جيِوَن کي
”سامونڊي پريون“ ڪوٺيو ويندو هو. انهن جو هيٺيون
جسم مڇين جهڙو ۽ مٿيون ڌڙ انسانن جهڙو هوندو هو.
پرين جو بادشاهه سمنڊ جي هيٺان هيرن ۽ موتين مان
ٺهيل محل ۾ رهندو هو. هن کي هڪڙي سهڻي ڌيءَ هئي،
جنهن جو نالو ”سپي“ هو. هوءَ سڄو ڏينهن سمنڊ ۾
هيڏي هوڏي پئي ترندي هئي.
هڪڙي ڏينهن سپيءَ پنهنجي نانيءَ کان پڇيو: ”ناني
اسان جي سامونڊي دنيا جي مٿان ڇا آهي؟“
نانيءَ هن کي ٻڌايو ته ”اُتي ڌرتي آهي ۽ اُن تي
انسان رهندا آهن. اُهي ترڻ بجاءِ هلندا آهن. هنن
کي اسان وانگر مڇين جهڙو ڌڙ ڪين آهي، پر ڄنگهون
آهن.“
اهو ٻُڌي سپي حيرت ۾ پئجي وئي. سوچڻ لڳي،ته اهي
انسان ڪهڙا نه عجيب هوندا، پوءِ نانيءَ هن کي
ٻڌايو، ”پاڻي مٿان جيڪي پاڇا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، اهي
هنن جا جهاز آهن. تون جڏهن پندرهن ورهين جي
ٿيندينءَ، تڏهن تو کي موڪل ملندي، ته تون سمنڊ تي
مٿي تري وڃي سڀ ڪجهه ڏس.“
جڏهن سپي پندرهن سالن جي ٿي، تڏهن هن جي پيءُ
سپيءَ جي پندرهين سالگرهه ملهائي. سپيءَ جي مڇيءَ
جهڙي ڌڙ تي ست سپيون هيون، جيئن پتو پوي ته هوءَ
شهزادي آهي. پوءِ کيس موڪل ڏنائين ته هوءَ ڀل سمنڊ
تي مٿي تري وڃي سڀ ڪجهه ڏسي.
هڪڙي ڏينهن سپي جيئن ئي سمنڊ ۾ مٿي تري رهي هئي ته
هن پري کان هڪ وڏي شئي ايندي ڏٺي. هن سمجهيو ته
اهو ضرور جهاز هوندو، جنهن بابت هن جي نانيءَ هن
کي ٻڌايو هو. شام جو جهاز هن جي ويجهو اچي پهتو.
سپي تري ان جهاز جي ويجهو اهو ڏسڻ آئي ته انسان
ڪهڙا ٿيندا آهن. هن ان جهاز ۾ ڪيترا ماڻهو ڏٺا، جن
مان هڪ وڌيڪ سهڻو هو ۽ هن جا ڪپڙا به ٻين جي ڪپڙن
کان وڌيڪ سُٺا هئا. جهاز جا سڀ ماڻهو هن کي
شهزادو ڪوٺي رهيا هئا. سپي، شهزادي کي ڏسڻ سان هن
تي عاشق ٿي پئي.
اوچتو سمنڊ ۾ طوفان اچي ويو ۽ جهاز تباهه ٿي ويو،
تنهنڪري جهاز ۾ جيڪي ماڻهو سوار هئا، سي سمنڊ ۾
ٻڏڻ لڳا. سپيءَ دل ۾ چيو ته ”مون کي ان شهزادي کي
ڳولي ان جي جان بچائڻ گهرجي.“ هن ڏٺو ته شهزادو
پاڻيءَ ۾ تَري رهيو آهي. هوءَ ان کي سهارو ڏئي
سمنڊ جي ڪناري تي وٺي آئي.
صبح جو جڏهن طوفان ختم ٿيو، ته هن ڏٺو ته ڪي ماڻهو
اچي رهيا هئا. هن سمجهيو ته اهي ماڻهو شهزادي جي
سنڀال ڪندا، تنهنڪري پنهنجين سپين مان هڪ سپ لاهي،
شهزادي جي هٿ ۾ ڏيئي، اُتان هٽي، سامونڊي ٽَڪريءَ
جي پٺيان لڪي بيٺي، جتان ڏٺائين ته اهي ماڻهو
شهزادي کي پاڻ سان کڻي ويا.
ان ڏينهن کانپوءِ هوءَ اُداس رهڻ لڳي ۽ شهزادي کي
وري ڏسڻ لاءِ سمنڊ جي ڪناري تي ٻئي – ٻئي هنڌ تري
ويندي هئي. هڪڙي ڀيري هوءَ اهڙي هنڌ اچي نڪتي جتي
شاهي محل هو. هن ڏٺو ته شهزادو ٻاهر باغ ۾ گُهمي
رهيو هو. هن جي دل چيو ته شهزادي کي سڏ ڪري، هن
سان ڳالهائي پر چيائين ته سندس مڇيءَ جهڙو ڌڙ ڏسي
شهزادو هن جي مٿان کلندو. ان ڪري هوءَ واپس سمنڊ ۾
هلي وئي.
شام جو جڏهن سپيءَ جي ناني هن وٽ آئي ۽ هن ڏٺو ته
سپي روئي رهي هئي. نانيءَ جي پڇڻ تي ٻڌايائين ته
هوءَ هڪ انسان تي عاشق ٿي پئي آهي ۽ ان سان شادي
ڪرڻ ٿي چاهي، پر ائين نٿي ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته هن
جو ڌڙ انسان جهڙو ڪين آهي.
نانيءَ، سپيءَ کي چيو ته ”همٿ هارڻ جي ڪابه ڳالهه
نه آهي. مان تو کي هڪ جادوگرياڻيءَ وٽ وٺي ٿي
هلان، جيڪا پنهنجي جادوءَ سان تنهنجو هيٺيون ڌڙ
انسانن جهڙو ڪري ڇڏيندي.“
جڏهن سپي ۽ ان جي ناني، جادوگرياڻيءَ وٽ پهتيون ته
جادوگرياڻي کين چيو ته، ”آءٌ ڄاڻان ٿي، ته اوهان
مون وٽ ڇو آيون آهيو! سپي، هڪڙي انسان شهزادي سان
شادي ڪرڻ ٿي چاهي، جنهن لاءِ هن کي ڄنگهن جي ضرورت
آهي. پر ان لاءِ شرط آهي ته سپيءَ کي واعدو ڪرڻو
پوندو ته جيستائين کيس اهي ڄنگهون هونديون،
تيستائين ڪو به لفظ نه ڳالهائيندي؟“
سپيءَ چيو ته مان توسان واعدو ٿي ڪريان ته آئون
ڪنهن سان به نه ڳالهائينديس. ان تي جادوگرياڻي کيس
چيو ته ”مان تو کي ٽن مهينن تائين ڄنگهون ڏئي
سگهان ٿي، ان وقت اندر جي شهزادي تو سان شادي ڪئي
ته سٺو! نه ته تنهنجو ڌڙ وري ساڳيءَ حالت ۾ اچي
ويندو.“ پوءِ جادوگرياڻي سپيءَ کي جادوءَ جو شربت
ڏنو ۽ چيائينس ته ” ان کي سمنڊ جي ڪناري تي وڃي
پئجانءِ!“
سپي خوشيءَ مان ترندي شهزادي جي محل جي ويجهو سمنڊ
جي ڪناري تي اچي پهتي ۽ جادوءَ جو شربت پيتائين.
شربت پيئڻ سان سپيءَ جو هيٺيون ڌڙ انسانن جهڙو ٿي
پيو ۽ هن جي ڌڙ تي جيڪي سپيون لڳل هيون، سي هيٺ
ڪِري پيون. سپي انهن کي کڻي هڪڙي پٿر جي هيٺان
لڪائي ڇڏيو.
شهزادو جيڪو محل جي باغ ۾ ويٺو هو، تنهن جي اوچتو
نظر وڃي سپيءَ تي پئي. هو پنهنجي محل جي ويجهو هڪ
ڌاري خوبصورت ڇوڪريءَ کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽
يڪدم اٿي هن وٽ آيو، هن کان پڇڻ لڳو، ”تون ڪير
آهين ۽ هتي ڇو آئي آهين؟“ مگر سپيءَ کي
جادوگرياڻيءَ سان ڪيل واعدو ياد هو، تنهنڪري ڪو به
جواب نه ڏنائين.
شهزادي هن کي چيو، ”تون منهنجي سوال جو جواب ڇو
نٿي ڏين؟ ڇا تون ڳالهائي نٿي سگهين؟“ ان تي سپيءَ
صرف پنهنجو ڪنڌ لوڏيو.
سپي محل ۾ شهزادي سان گڏ رهڻ لڳي. شهزادو هر وقت
هن سان گڏ هوندو هو. وقت گذرندو ويو ۽ ٻنهي جي دل
۾ هڪ ٻئي جي لاءِ محبت وڌندي وئي. آخر ٽن مهينن
گذرڻ ۾ باقي هڪ ڏينهن اچي بچيو. سپي دل ۾ سوچڻ لڳي
ته ٽي مهينا اچي ختم ٿيا آهن. جي شهزادو سڀاڻي مون
سان شادي نه ڪندو، ته منهنجو هيٺيون ڌڙ مڇيءَ جهڙو
ٿي پوندو ۽ مان زمين تي رهي نه سگهنديس. هوڏانهن
شهزادو دل ۾ سوچي رهيو هو ته مان جڏهن طوفان ۾ ٻڏي
رهيو هئس ته هڪڙيءَ ڇوڪريءَ منهنجي جان بچائي ۽
هيءَ سپي مون کي هٿ ۾ ڏيئي وئي هئي. مان ان کي
ڳولي ان سان شادي ڪندس.
ان ڏينهن شام جو سپي اڪيلي اڪيلي سمنڊ جي ڪناري
ڏانهن هلي ويئي، جتي پنهنجون سپون ڪڍي ڏسڻ لڳي.
ايتري ۾ شهزادو به اتي اچي نڪتو. سپيءَ جي هٿ ۾
سپون ڏسي حيران ٿي ويون ۽ هن کي چيائين ته اهي
سپون اهڙيون آهن، جهڙي سپ هن وٽ آهي. پوءِ پاڻ
واري سپ کيسي مان ڪڍي، سپيءَ کان پڇيائين ته ”ڇا
هيءَ سپ تنهنجي آهي؟ ڇا تون اها ساڳي ڇوڪري
آهين، جنهن طوفان ۾ منهنجي جان بچائي هئي؟“
سپيءَ ان تي هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. شهزادي خوش ٿي
چيس، ”مان اڄ ئي تو سان شادي ڪندس.“ ان رات سپي ۽
شهزادي جي شادي ٿي ويئي ۽ هوءَ هميشه لاءِ سچ پچ
انسان ٿي پئي.
شهزادي رابيل
هڪڙو هو بادشاهه، جنهن کي الله جو ڏنو سڀ ڪجهه هو،
پر اولاد ڪو نه هئس. ان ڪري بادشاهه ۽ سندس راڻي
غم ۾ گذاريندا هئا. هڪڙي ڏينهن هڪڙو فقير بادشاهه
وٽ آيو، جنهن بادشاهه کي چيو ”تو کي جلد هڪڙي ڌيءَ
ڄمندي، پر تنهنجي زال ان جي ڄمڻ کانپوءِ جلدي مري
ويندي.“
الله جي قدرت! ٿيو به ائين. جلد ئي راڻيءَ کي ڌيءُ
پيدا ٿي. پر راڻي ڌيءُ ڄمڻ کانپوءِ جلد ئي مري
وئي. بادشاهه کي جيتري ڌيءُ جي ڄمڻ جي خوشي ٿي،
اوتري ئي هن کي زال جي مرڻ جو به ڏک ٿيو.
بادشاهه کي، جيڪا ڌيءُ ڄائي هئي تنهن جا وار رات
جي اونداهيءَ جهڙا ڪارا، ڳل گلاب جهڙا ڳاڙها ۽ رنگ
رابيل جهڙو سفيد هو. هن جي سونهن ڏسي، بادشاهه
ڇوڪريءَ جو نالو رابيل رکيو.
رابيل اڃا ڏهن سالن جي مس ٿي، ته بادشاهه ٻي شادي
ڪئي. بادشاهه جي نئين راڻي ڏاڍي سهڻي هئي ۽ هن کي
پنهنجي حُسن تي ناز هو. هوءَ چاهيندي هئي ته ملڪ ۾
ڪو به ماڻهو اهڙو نه هجي، جيڪو سونهن ۾ مون کان
وڌيڪ هجي.
هڪڙي ڏينهن هوءَ جادوءَ جي آئيني سامهون اچي بيٺي
۽ اچي آئيني کان پڇڻ لڳي:
آئينا ڙي آئينا، مون کي ٻڌاءِ،
سونهن ۾ ڪا مون جهڙي آهه؟
ان تي آئيني هن کي جواب ڏنو:
ڳالهه چوان مان تو کي ڪهڙي،
ڪائي نه آهي رابيل جهڙي!
اهو ٻڌي راڻي ساڙ ۾ سڙي وئي. ٻئي ڏينهن هن پاڻ وٽ
هڪڙي شڪاريءَ کي گهرائي چيو ته، ”هو رابيل کي پاڻ
سان جهنگ ۾ وٺي وڃي ۽ هن کي اُتي ماري ڇڏي. جيڪڏهن
شڪاري اهو ڪم پورو ڪندو ته کيس انعام ملندو، نه ته
کيس مارايو ويندو.“
شڪاري، راڻي جو حڪم ٻڌي، رابيل کي مارڻ لاءِ جهنگ
ڏانهن وٺي ويو. پر شهزاديءَ جي ننڍي عمر ۽ سونهن
ڏسي، هن جي دل ۾ رحم پيدا ٿيو ۽ هن رابيل کي ٻڌايو
ته ”راڻيءَ هن کي چيو ته هو رابيل کي ماري ڇڏي پر
آءٌ ائين نٿو ڪري سگهان، تنهنڪري رابيل کي ڪنهن
اهڙي پاسي وڃڻ گهرجي، جيئن راڻي هن کي نقصان
پهچائي نه سگهي.“
رابيل اهو ٻُڌي وٺي ڀڳي. شڪاري پوءِ هڪ هرڻي ماري
ان جون اکيون آڻي راڻيءَ کي ڏنيون، ڇاڪاڻ ته جيئن
راڻيءَ کي رابيل جي موت جي پڪ ٿئي.راڻي هرڻي جي
اکين کي رابيل جون اکيون سمجهي رابيل جي موت تي
ڏاڍو خوش ٿي.
رابيل جهنگ ۾ پنڌ ڪندي رهي، تان جو هوءَ اهڙي هنڌ
اچي پهتي، جتي هن ڏٺو، ته هڪڙو وڏو ميدان آهي،
جنهن ۾ هڪ محل آهي، جنهن جهڙو سهڻو محل هن اڳي
ڪڏهن به نه ڏٺو هو.
رابيل محل ۾ اندر گهڙي وئي. هن ڏٺو ته کاڌي جي ميز
جي چوءگرد سَت ڪُرسيون پيون هيون. چُلهه تي کاڌو
تيار پيو هو پر گهر ۾ ڪو به ڪو نه هو. هن کي ڏاڍي
بُک لڳي هئي سو کاڌو ڪڍي پيٽ ڀري کاڌائين. پوءِ
هوءَ ٻئي ڪمري ۾ وئي، جتي هن ڏٺو ته سَت ڳاڙهيون
کٽون پيون هيون جن تي ريشمي بسترا وڇايل هئا. هن
کي ڏاڍو ٿڪ هو، تنهنڪري هوءَ انهن مان هڪ تي سُمهي
پئي ۽ هن کي گَهري ننڊ اچي وئي.
اهو محل جنهن ۾ رابيل اچي سُتي هئي، ستن پرين جو
هو، جيڪي هر روز صبح جو گڏجي دنيا جي سير تي
هليون وينديون هيون، شام جو گڏجي موٽي اينديون
هيون ۽ اچي محل ۾ آرام ڪنديون هيون. ان ڏينهن
پريون جڏهن پنهنجي محل ۾ موٽيون ته هنن کي اهو
ڏسي حيرت ٿي ته ڪنهن سندن کاڌي جو گهڻو حصو کائي
ڇڏيو هو. هنن چيو ته اهو ماڻهو ضرور هتي ئي هوندو.
هو جيئن ٻئي ڪمري ۾ آيو ته هنن ڏٺو ته هڪڙي ننڍڙي
سهڻي ڇوڪري سندن کٽ تي سُتي پئي هئي. |