لاٽُون
منهنجو رنگ رنگيلو لاٽوُن،
ڳاڙهو، نيرو، پيلو لاٽُون.
هن لاءِ مون هِڪ ڏور وَتي آ،
پُڇڙين ۾ جنهن کي ڳنڍ ٻڌي آ.
منهنجو لاٽوُن ڦرڻو آهي،
وڏي دم سان ٻُرڻو آهي.
زور ڪري هن کي اڇلايان،
گهڙي گهڙي هن کي ڦيرايان.
هن کي هٿ تي کڻندو آهيان،
ڏاڍو مزو وٺندو آهيان.
ٻالڪ هِن کي ڏسندا آهن،
سُهڻو آهي چوندا آهن.
عارف لاٽوُن پيارو آهي،
ٿيندو هي سوڀارو آهي.
ٻارن جو عالمي ڏينهن
آئي آهي ويهين نومبر،
ٻارن جو آ ڏينهن برابر.
پيارا ٻارو جُهمريون پايو،
گيت خوشي جا گڏجي ڳايو.
اڄ ٿيندي ٻارن جي ڳالهه،
ٻارن جي حقن جي ڳالهه.
ٻارن جا حق ٿين تسليم،
کائڻ، پائڻ ۽ تعليم.
پيار مُحبت ٻارن جو حق،
سُک سَهُولت ٻارن جو حق.
مُستقبل جا هي معمار،
ٻارن جي پئي لهجي سار.
ٻارن کان نه پورهيو وَٺجي،
لکڻ پرهڻ لئه تن کي ڇڏجي.
ٻارن کي نه ماري ڪوئي،
ٻارن کي نه کاري ڪوئي.
رنگ نسل جو فرق نه رکجي،
سَڀني کي هڪ اک سان ڏسجي.
گهر ۽ شهر جي رونق آهن،
سُونهن وِرونهن به ٻالڪ آهن.
ڌرتي جا هي گُل ۽ تارا،
ديس جي ٿيندا خدمت وارا.
عارف ٻارن جو آ ڏينهن،
مُرڪن جا وسن چوڌاري مِينهن.
اخبار
روزانو ڇَپجي اخبار،
روزانو پڙهجي اخبار.
صبح سويري ايندي آهي،
خبرون چارون ڏيندي آهي.
هن ۾ حق سچ جون تحريرون،
رنگ برنگي ڪي تصويرون.
هن ۾ ڪالم هن ۾ فيچر،
اسٽوريون ۽ جڳ جا منظر.
اخبار جيڪو پڙهندو آهي،
ٻالڪ مون کي وڻندو آهي.
هن سان جيءُ لڳايو ٻارو،
پنهنجي ڄاڻ وڌايو ٻارو.
عارف هن ۾ سَماچار،
پڙهه مستقبل جا معمار.
استاد بُخاري
هڪڙو هو استاد بُخاري،
صورت سيرت شخصيت پياري.
علم ادب ۾ ماهر سنڌ جو،
نالي وارو شاعر سنڌ جو.
دادو شهر جو رهواسي هو،
سنڌ جي ڪندو عڪاسي هو.
گلڙن جهڙا گيت لکيائين،
موتئي وانگر مهڪ ڏنائين.
هن جا شعر روشن تارا،
سهڻا پيارا جرڪي وارا.
شعر لکيائين هر موضُوع تي،
سنڌ، سچ، سُونهن ۽ خوشبؤ تي.
هن گيت لکيا معمارن جا،
ڪي ”گيت گلابي ٻارن جا.“
ٻارن سان هن جو پيار هيو،
لهندو ٻارن جي سار هيو.
استاد جو جيڏو نانءُ هُيو،
تيڏي ٻارن لاءِ ڇانءُ هيو.
هن ڪئي محنت ونڊي محبت،
هن جي وڏي آهي خدمت.
ڌرتي لئه حُب رکندو هو،
محنت جي لئه چوندو هو.
سنڌي ٻولي جو نالو آ،
اڄ ڀي ان جو رکوالو آ.
هِن کوڙ ڪتاب لکيا آهن،
جن مان ڪيئي ته ڇَپيا آهن.
استاد بخاريءَ فرمايو،
علم پرايو عزت پايو.
پنهنجي ڌرتي ۽ ٻولي لئه،
سنڌو جي ڇولي ڇولي لئه.
هن جي نصيحت مڃڻي پوندي،
اڻ ٿڪ محنت ڪرڻي پوندي.
استاد بخاري زنده باد،
عارف نِت نِت رهندو ياد.
ڪم واري شيءِ
ڏسڻ ۾ ٽي وي وانگر آهي،
ها پر ٻارو ٽي- وي ناهي.
هن کي چئبو آ ڪمپيوٽر،
جنهن کي هڪڙو آ مانيٽر.
مائوسُ ۽ ڪي بورڊ ڀي ڏَس،
ٺاهڻ واري کي آهي جَس.
انگ اکر ڪمپوز ڪري ٿو،
موڪلي اي ميل پري ٿو.
سنڌي اردو ۽ انگريزي،
ڪمپيوٽر جي اندر ٻولي.
جلدي ڪم ٿئي، نه ٿئي ليٽ،
هن تي هلي ٿي انٽر نيٽ.
هن ۾ ڊِسڪ به پوندي آهي،
جيڪا ڄاڻ به ڏيندي آهي.
هن سان ٿو پرنٽر گڏجي،
جنهن مان مواد ڇپجي نڪري.
ٿَڪ ٿئي ته راند ڪرائي،
ڪيڏي ٿو هي دل وندرائي.
گانا ۽ فِلمون ڏيکاري،
علم وڌائي فن سيکاري.
ڪمپيوٽر ۾ ڪي تحريرون،
رنگبرنگي ڪي تصويرون.
سائنس ٺاهي پياري شيءِ آ،
ڪمپيوٽر ڪم واري شيءِ آ.
خوشبو
سُهڻي خوشبو، سُٺڙي خوشبو،
منهنجي آهي مٺڙي خوشبو.
خوشبو کائڻ جي شوقين،
خوشبو پائڻ جي شوقين.
خوشبو ڇوڪر ننڍڙي آهي،
ڄڻ سيلن تي گُڏڙي آهي.
خوشبو گُهمي جيڏي ڪيڏي،
خوشبو ٻارن سان ٿي کيڏي.
خوشبو جوهر انگل مڃبو،
هن جو سارو خيال به رکبو.
خوشبو شوق ڪري پڙهندي آ،
اکرن کي ٺاهي لکندي آ.
خوشبو سڀني کي پياري آ،
ڳوٺ سڄي ۾ موچاري آ.
خوشبو چوڙيون ويٺي پائي،
خوش ٿي ٻانهن کي ڇڻڪائي.
خوشبو تو کي ڏسندو آهي،
عارف ڏاڍو ٺرندو آهي.
پهريون ٻار
ننڍڙي ننڍڙي نينگر آهيان،
آءٌ هڪڙي ڇوڪر آهيان.
گهر جو آهيان پهريون ٻار،
مون سان سڀ ڪنهن جو آ پيار.
مون کي ڏسندي سڀ خوش ٿين ٿا،
گهر جا ڀاتي گهور وڃن ٿا.
مون کي پُٽ وانگر سمجهن ٿا،
سچ پچ ڏاڍو سڀ ڀائن ٿا.
توڙي آهيان هڪڙي آءٌ،
منهنجا آهن ٽي،ٽي نانءُ.
ڏاڏو صغريٰ چوندو آهي،
بابو مومل چوندو آهي.
امان سسئي چوندي آهي،
هر پل دُعا ڏيندي آهي.
عارف ننڍڙي آهيان بيشڪ،
گهر سڄي جي آهيان رونق.
ڪتاب
ٻارو جيئن سُٺي آ خوشبو گلاب جي،
ائين دوستي سٺي ۽ سهڻي ڪتاب جي.
ڪهڙيون ڳڻي ڳڻيان مان خوبيون نصاب جون،
مون کي پسند آهن ڳالهيون ڪتاب جون.
ڪهڙو ڪتاب ڀي پڙهه ٿي روشني ملي،
اڳتي وڌڻ هلڻ جي ڄڻ ٿي ڳلي ملي.
ڪنهن ۾ آ شاعري ۽ ڪنهن ۾ نثر لکيل،
هر هڪ ڪتاب ۾ آهن ڪم جا اکر لکيل.
ڪٿ گيت ۽ ڪهاڻيون، ڪٿ ڄاڻ ٿي مِلي،
جٿ ڪٿ ڪتاب جي پئي واکاڻ ٿي هَلي.
پيارا رکو ڪتابن سان دوستي سڀئي،
حاصل ڪري صلاحيت ماڻيو خوشي سڀئي.
سنگت ڪتاب سان ٿي جنهن جي به ٿي وڃي،
ٻارو اهو ٿو جڳ ۾ منزل رَسي وڃي.
رکجي خليل عارف چاهت ڪتاب سان،
ملندي جهانَ ۾ آ عزت ڪتاب سان.
توانائي
روز پيا ٿا ٻُڌون توانائي،
آءُ سمجهي وَٺون توانائي.
هن جي هر ڪم ۾ ٿي ضرورت پئي،
هن کي شيءِ سڀڪو فائدي جي چَئي.
مسئلا زندگي جا هن سان حَل،
ڪم سوا هِن جي ٿي پون مُشڪل.
زور چُر پُر کڻڻ هلڻ لاءِ،
هر ضرورت ۾ ڪم اچڻ لاءِ.
ٽن نمونن جي هي ٻُڌي آهي،
گرمي، آواز، روشني آهي.
ڪوئلو، تيل قدرتي گئسون،
باهه، بجلي، هيٽر ڏين گرميون.
سج وڏو روشني جو ذريعو آ،
گرمي پِڻ سج جڳ کي ڏيندو آ.
ٻارو آواز ڀي توانائي،
کڙڪو ۽ ساز ڀي توانائي.
ڪو پکي ٻولي يا ڪو ڳالهائي،
هي توانائي جو قسم آهي.
شيءِ ڪم جي وڏي توانائي،
ربّ سائين ڏني توانائي.
هر قسم ڪم اچي توانائي،
رنگ ڪيڏا رچي توانائي.
قدر هن جو خليل عارف ڪَر،
سمجهه هن کي به ڌَن دولت زَر.
|