وڻ
وَڻ خدا جي قُدرت آهن،
راحت آهن نعمت آهن.
ڪي وڻ سنهڙا ڪي وڻ ٿلهڙا،
ڪي وڻ ننڍڙا ڪي وَڻ وڏڙا.
وڻ فائدو ڏيندو آهي،
وڻ مان ڪاٺ به ملندو آهي.
وڻ ٽڻ ٿڌڙي ڇانوَ ڏين ٿا،
ڪيڏا وڻن مان سُک ٿين ٿا.
پکي گهرڙا وڻ ۾ ٺاهن،
ماڻهو ماکيون وڻ مان لاهن.
وڻ گهٽائن ٿا گد لاڻ،
وڻ مٽ پنهنجو آهن پاڻ.
ڌرتي تي هي وڻ ٽڻ سارا،
ڪيڏا سُهڻا ڪيڏا پيارا.
ڪي وڻ ميوا ڏيندا آهن،
ڪي وڻ گُل جهليندا آهن.
پَن وڻن جا ساوا ساوا،
ڪي وڻ بندرا ڪي وڻ اوچا.
عارف هي ڪم آهي پيارو،
وڻ ۽ ٻُوٽا پوکيو ٻارو.
ڪمپيوٽر
ڪيڏي آهي سهولت ڪمپيوٽر،
اڄ جي آهي ضرورت ڪمپيوٽر.
جيڪو هن کي دل لائي سِکندو،
اُن کي ڏيندو عزت ڪمپيوٽر.
سُک سيکاري ۽ سمجهه وڌائي،
راند جي پڻ ڏئي راحت ڪمپيوٽر.
ڪِم گهڻو ڪري وقت بچائي،
چمڪائي ٿو قسمت ڪمپيوٽر.
ٻارن جي دل ڪمپيوٽر سان آ،
ٻارن جي آ چاهت ڪمپيوٽر.
ڏَهه ڏَهه ماڻهن جي ڪم جي عارف،
رکندو آهي طاقت ڪمپيوٽر.
نصيب
آڪاش تي سِتارا ۽ ماهتاب ٻالڪ،
ڏيندي جنم اسانجي ڌرتي گُلاب ٻالڪ.
هي ٽيڪ بي سَهارن جي دلبهار ٻالڪ،
آهن ابي امان جي دل جو قرار ٻالڪ.
ڪم ڪار ۽ پڙهڻ سان رکجو پريت ٻالڪ،
کٽجو دعا امڙ جي ٿيڻي آ جيت ٻالڪ.
ڪَجو اَبي امان جو سَڀِ احترام ٻالڪ،
تن سان ادب سان ملجو ڪري سلام ٻالڪ.
چاهي امير آهيو توڙي غريب ٻالڪ،
محنت ڪري بَڻايو پنهنجو نصيب ٻالڪ.
نيڪي ڪري پکيڙيو سُرهي سُڳنڌ ٻالڪ،
واه واه خليل عارف ٿئي هَنڌ هَنڌ ٻالڪ.
لولي
لولي لولي ٻَچا، ٻُڌ اَبا لولي،
لولي منهنجي ابا ڪين ڀُلائِجان.
پنهنجي ٻولي سِنڌي آهي ڏاڍي مٺي،
وڏڙو ٿي تنهن کي ڦهلائجان.
هي ڌرتي به تنهنجي آ جيجل امڙ،
هن تي سر ڏيڻ کان به نه ڪيٻائجان.
ٽوپي اَجرڪ ۽ پَٽڪي جي پارت هُجئي،
پنهنجي ثقافت سان نينهن نڀائجان.
دودي دريا وانگر هوشو هيمون وانگر،
اي عارف پنهنجو پاڻ ملهائجان.
نظم
ڌر تتيءَ جو نِٽهڻ اُس ۾،
هي ڪنهن جو ٻالڪ آهي؟!
ڦاٽل ڪپڙن ۾ ويڙهيل،
بُک ۽ اڃُ ۾ گهيريل.
گهٽي گهٽي ۾ پيرين اگهاڙو،
پيٽ بُکيئي لئه ڀٽڪي پيو ٿو.
هينئر ته سج باهه ٿو اڇُلي،
ڪانءُ جي اک پئي نِڪري.
۽ هي ابهم معصوم ٻالڪ،
جيڪو شايد لاوارث آ.
هر هر اُڀ ڏي هٿ کڻي ٿو،
دردر تي هوُ سينَ هڻي ٿو.
هينئر ته سڀڪو آ آرامي،
ڪير سندس سَڏ ڪين ٻُڌي ٿو.
رُلندو ۽ رئندو رهي ٿو،
ڀور ڳڀو ڳوليندو رهي ٿو.
ڌر تتيءَ جو نِٽهڻ اس ۾،
هي ڪنهن جو ٻالڪ آهي.
ڏاهاٻار
سَڀئي ڏاها ٻار سَڏايو،
محنت ڪريو ۽ سَچ ڳالهايو.
جيڪو محنت خُوب ڪري ٿو،
اُن جو ٻيڙو نيٺ تَري ٿو.
مِحنت مِحنت ۽ بَس مِحنت،
اُن سان اعليٰ ٿئي ٿي عظمت.
پيار مَنجهاران پڙهجو لِکجو،
علم ادب جوُن ڳالهُيون سِکجو.
جيڪو ڪين ٿو وقت وِڃائي،
سوئي سَدائين سوڀوُن پائي.
عارف هڪڙو شاعر آهي،
گيت توهان لئه ويٺو ٺاهي.
سچ
سَچ چوڻ وارا گلن جهڙا سُٺا،
سي لڳن ٿا ٻار ماکيءَ کان مِٺا.
سَچ صداقت سچ مُحبت ٻارڙؤ،
مينهن رحمت جا سَچارن تي وُٺا.
سَچ سدا سَرهو جڳت ۾ ٿو رهي،
ڪُوڙ وارا ٿا هميشه ٿين ڏِٺا.
دوڌ، ڪينو ۽ ڪُپت وارا ڪِنا،
روز مائَٽ ٿا ڪُٽن تن جا پُٺا.
ڪُوڙ جي مُنهن ۾ وڌي آ ڌوڙ جَن،
وڻ گُناهن جا اُنهن پاڙؤن ڪُٺا.
سچ تي بيٺو نچ ڀلي عارف سَدا،
سچ ڪري ڪردار ماڻهو جا سُٺا.
فوٽ پاٿ تي ويٺل ٻار
هن جي اکين ۾ لُڙڪ هزار،
روئي، ويٺو زارو زار،
فوٽ پاٿ تي ويٺل ٻار.
چهرو مرجهايل گُل جهڙو،
ڪونه اٿس ڪو بُت تي ڪپڙو،
جيون جنهن جي لئه آزار،
فوٽ پاٿ تي ويٺل ٻار.
هر ڪنهن آڏو هَٿ ٽَنگي ٿو،
پيٽ ڀرڻ لئه ڪُجهه مَنگي ٿو،
ڪيڏو بيوس ۽ لاچار،
فوٽ پاٿ تي ويٺل ٻار.
ايندڙ ويندڙ ڏي واجهائي،
آلا نيڻ کڻي ٿو ٻاڏائي،
هِن سان ڪنهن جو ناهي پيار،
فوٽ پاٿ تي ويٺل ٻار.
واه واه غربت تنهنجا رنگ،
پلپل پيڙا ڏُک ۽ ڏنگ،
هن جو جيئڻ آهي آزار،
فوٽ پاٿ تي ويٺل ٻار.
ڪيڏو انسانَن جو ميلو،
عارف هُو ويچارو اڪيلو،
ساري دنيا کان ڄڻ ڌار،
فوٽ پاٿ تي ويٺل ٻار.
خوش رهن ٻالڪ سَدا
سُونهن آهن سِنڌ جي سنڌ جا هي ٻارڙا،
سانورا ۽ ٿا وَڻن ڀُورا توڙي ڪارڙا.
اُڀ مٿي تارا جيئن، ڌرتي تي هي گل لڳن،
دل اکين جو ٺار هي ساهه کي ڏاڍا وَڻن.
هي ڏسڻ ۾ ٿا اچن، سُهڻا سُهڻا چنڊ جان،
ماکي مصري کان مِٺا، هي مِٺا وَڌ کنڊ کان.
رنگ توڙي روپ ۾، هي گلن کان ڀي وڌيڪ،
پوپٽن جا رنگ جيئن جيئن انڊلٺ جي ڪا ليڪ.
پنهنجي ٻولي آ مِٺي، ديس پنهنجو آ مِٺو،
ٽوپي اجرڪ پڳ سَندو ويسَ پنهنجو آ سُٺو.
منهنجي عارف آ دُعا، ننڍڙا وڏڙا ديس جا،
خوش رهن ٻالڪ سدا خوش رهن ٻالڪ سَدا.
سيءُ
سرديءَ جي پُهتي،
ٿڙڪن سيءَ ۾ ٻارڙا.
ٿڌڙي موسم برف جان،
مَٿان واءُ گُهلي،
ٿڙڪن سيءَ ۾ ٻارڙا.
ڄائُو پارو هيل ٿو،
گهر گهر مَنجهه پَوي،
ٿڙڪن سيءَ ۾ ٻارڙا.
ڦاٽل ڪپڙن ۾ ڍَڪيل،
ڪڇ ۾ هَٿ ڪري،
ٿڙڪن سيءَ ۾ ٻارڙا.
سَج نڪرڻ جي آسري،
ويٺا ٻاهر ڪي،
ٿڙڪن سيءَ ۾ ٻارڙا.
رليون پُراڻيون رات جو،
ٿا ويڙهي سيڙهي،
ٿڙڪن سيءَ ۾ ٻارڙا.
ڪبوتر
منهنجو سُهڻو سارو ڪبوتر،
ڪيڏو جيءُ جيارو ڪبوتر.
اڇو رنگ هن جي پرن جو،
پکين ۾ نِيارو ڪبوتر.
ان ۽ پسته بادام کائي،
ڏسو ڀاڳ وارو ڪبوتر.
ماڻهن شرط تي جو اُڏاريو،
رُنو آ ويچارو ڪبوتر.
سُٺو شرط ڪم ناهي ٻارو،
پِٽي دل ۾ پيارو ڪبوتر.
سڀئي آسماني چون ٿا،
اُڏي ٿو مُون وارو ڪبوتر.
اُڏامي جڏهن اُڀ ڏي عارف،
لڳي ڄڻ ته تارو ڪبوتر.
شيءِ
جُوا خراب شيءِ آ،
سُٺي ڪتاب شيءِ آ.
نماز ڪم ڀلو آ،
ڪني شراب شيءِ آ.
پڙهڻ لکڻ جي عادت،
هي لاجواب شيءِ آ.
هنر سکڻ چڱو آ،
جو ڪامياب شيءِ آ.
رُلڻ پنڻ ڇڏي ڏيو،
اها خراب شيءِ آ.
نه وڊيو گيم کيڏو،
اها عذابِ شيءِ آ.
پُڇو خليل عارف،
مُنجهو نه، ڪا به شيءِ آ.
ٻڪري
مُون هڪ ٻڪري ڌاري آهي،
جيڪا مون کي پياري آهي.
جنهن کي مان چاريندو آهيان،
ٽاري لاهي ڏيندو آهيان.
ڳاڙهي ناسي رنگ جي آهي،
اَنَ سان گڏ ٿي گاهه به کائي.
هن جو خيال به رکندو آهيان،
کير به هن جو پيئندو آهيان.
هن کي آهي ڇيلي ڇيلو،
جن سان منهنجو آهي ميلو.
ٻي ٻي جي ٻيڪار ٻُڌان ٿو،
ڊوڙي هِن جي جاچ ڪيان ٿو.
مون کي ڏسي خوش ٿيندي آهي،
منهنجي دل به ٺَرندي آهي.
عارف ٻڪري سُهڻي آهي،
سُهڻي ۽ مَن مُهڻي آهي.
|