حمد
مالڪ سائين عرض اَگهايو،
ٻيڙا مُنهن جا پار پڄايو.
علم پرايان عزت پايان،
لکڻ پڙهڻ سان شوق وَڌايو.
نيڪي جي ڪم ڏي لاڙو ٿئي،
مون ۾ اهڙي سمجهه سَمايو.
آءٌ سدائين سچ ڳالهايان،
اهڙي ڪا هِمَت جاڳايو.
ڌرتي جو خدمت گار ٿِيان،
مون کي اهڙي واٽ هَلايو.
منهنجو سهڻو ڪردار هجي،
مون کي گُلن وانگي مَهڪايو.
عارف، سالڪ، ڏاهو بَڻجان،
منهن جي نالي کي جَرڪايو.
نعت
پيارا پيارا پاڻ سڳوراؐ،
سڀ جا سهارا پاڻ سڳوراؐ.
شان به اعليٰ، مانَ به اعليٰ،
عظمت وارا پاڻ سڳوراؐ.
ساري عالم لاءِ رحمت،
جيءُ جيارا پاڻ سڳوراؐ.
اِسم به نوري جسم به نُوري،
پاڪ ڀلارا پاڻ سڳوراؐ.
عارف ڪهڙيون خوبيون لکجن،
سُهڻا سارا پاڻ سڳوراؐ.
نعت شريف
انسان ٻڌائيندو ڇا شان ﷴ جو،
بس شان ٻُڌايو آ قرآن ﷴ جو.
هُو پنهنجي شفاعت سان محشر ۾ ڇڏائيندو،
ٿو ڪير سگهي لاهي اِحسان ﷴ جو.
صورت به صفا سُهڻي، سيرت به صفا سُهڻي،
نالو به سڄو آهي سُرهاڻ ﷴ جو.
روضو ته ڏسڻ ۾ ئي، هِڪ نوري نظارو آ،
پيو نور جيئان جَرڪي، ايوان ﷴ جو.
پيو روز غلامي ڏئي ۽ روز سلامي ڏئي،
اي ڪاش ٿئي عارف، دربانُ ﷴ جو.
علي عليه السلام
اها ڳالهه ڏاڍي ڀَلي کان ڀلي آ،
علي وارا آهيون اسان جو علي آ.
خدا جو چَون شير جنهن کي سَڀئي ٿا،
امامن جو آقا وَلين جو ولي آ.
علي رهنما آ ۽ مشڪل ڪشا آ،
علي کانسواءِ ٻي نهَ ڪا ئي ڳلي آ.
علي گهر خدا جي هو ڪعبي ۾ ڄايو،
شهادت به مَسجِد ۾ جنهن کي ملي آ.
اچي ڪائي مشڪل ته نادِ علي پڙهه،
علي کي سڏڻ سان مُصيبت ٽلي آ.
علي عُمر ساري عبادت ۾ گهاري،
علي وارو ٿي تون به مسجد هلي آ.
اسان کي ڪو عارف ڀُلائي نه سگهندو،
اسان پاڪ پنجتن جي دامن جَهلي آ.
حُسين عليه السلام
ڄاڻي نه ڪوئي سگهندو حقيقت حُسينَ جي،
آهي اتم جهانَ ۾ عظمت حُسينَ جي.
ريسُون وڏيون وڏيون ٿي فرشتا ڪرڻ لڳا،
جنهن ويل هي ڏٺائون شجاعت حُسينَ جي.
روح خليل کي ۽ ناني، جي دين کي،
لاتو آ ڪيڏو رنگ شهادت حُسينَ جي.
ميدانِ ڪربلا جي ڪوسي زمينَ تي،
لاشن جي درميان ٿي عبادت حُسينَ جي.
دُنيا هجي يا عقبيٰ اي عارف يقين ڪر،
هر دو جَهانَ تي آ عِنايت حُسينَ جي. |