سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: جبلن ۽ رڻن پٽن

۾ انساني زندگي

 

صفحو : 5

 

باب چوٿون

صحرا، بيابان يا رڻ پٽ

بنجر زمين ۽ سنون پٽن کانپوءِ اسين زمين جي بنهه غير آباد حصي تي نظر وجھون. اهڙن غير آباد ڀاڱن کي عربيءَ ۾ صحرا ۽ سنڌيءَ ۾ رڻ پٽ ۽ عام طرح بيابان چئبو آهي. بيابان ۽ رڻ پٽ جا لفظ ته اسان چڱيءَ طرح ٻڌا آهن ۽ ڪيترن اسان مان زمين جا اهي ڀاڱا پنهنجي اکئين ڏٺا به هوندا. اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ اهڙا بيابان ۽ رڻ پٽ ڪافي تعداد ۾ موجود آهن. دنيا جا ٻيا ملڪ به ان کان خالي نه آهن. روس يعني رشيا ۾ هڪ وڏو صحرا يا بيابان آهي مگر اتي انسان جي پڻ آبادي ملي ٿي. عربستان ۾ ته صحرا يا بيابان جا گھڻائي ڀاڱا آهن. اتي به ڪافي آدم رهي ٿو. اتي جي رهاڪن کي عام طرح بدوي سڏيو ويندو آهي. جن جو گّذر صحرائن ۾ کجن جي پيدائش تي هوندو آهي، جي صحرائن ۾ جتي ڪٿي ڏسڻ ‎۾ اينديون آهن. پاڪستان جي سرحد صوبي ۽ بلوچستان ۾ به رڻ پٽن جي ڪمي ڪانهي. سنڌ جي ڪلراٺي ڀاڱن ۾ رڻ پٽ ملن ٿا. ٿرپارڪر ضلعي جي ڏکڻ ۾ هڪ وڏو رڻ آهي جنهن کي ڪڇ جو رڻ چيو وڃي ٿو. ٿر جي ننگر پارڪر تعلقي ۾ به ڪيترائي بياباني ٽڪرا آهن. حيدرآباد ضلعي جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ بدين کان ڏکڻ  ۾ وري ڪڇ جو رڻ  اچي ٿو. الهندي پاسي ترائيءَ کان کور واه ويندي واٽ تي رڻ پٽ يا بيابان اُڪرڻو پوي ٿو، جنهن کي ’ڳٺي‘ جو رڻ سڏيو وڃي ٿو. انهن کانسواءِ ڪيترائي ٻيا غير آباد ٽڪرا آهن جن کي پوٺا سڏيو ويندو آهي. اهي پوٺا برساتن پوڻ کان پوءِ ساوڪ سان سبز ۽ ساوا ٿي ويندا آهن. مال لاءِ چڱو چارو موجود ٿي ويندو آهي  پر ڪي پوٺا اهڙا به آهن جن جي مٽي چيڪي هئڻ سبب اتي ڪابه اوڀر ڪونه ٿئي؛ فقط ڪن ٽڪرن ۾ سبزي پيدا ٿئي ۽ بياباني ماڻهو مال ڪاهي اهڙن هنڌن تي وڃي مال کي چارين ۽ پيارين.  اهي بيابان اڪثر مٿاهن پٽن تي هوندا آهن جتي نهري پاڻيءَ  جو بندوبست ٿي نه ٿوسگھي. پاڻي نه هئڻ سبب ڪابه اوڀر ڪانه اڀري جا پيدائش جي لائق هجي ۽ ملڪ کي ان مان پئسي جي اپت  ٿئي.

اهڙي چيڪي مٽيءَ وارن پٽن ۾ منجھند جي سج جي روشني پوڻ بعد رڃ جو نماءُ نظر ايندو آهي. ماڻهو رڃ جو ڏيک ڏسي ائين ڀائيندو آهي ته پريان ڪو درياءُ ڇوليون ماري رهيو آهي! عجب ۾ پوندو ته ايترو پاڻي هتي ڪٿان آيو. هرڻ جھڙا جانور به ان کي سچ پچ پاڻي سمجھي پيڻ لاءِ وٺي ڇال ماري ڀڄندا آهن. پاڻيءَ واري نماءُ وٽ پهچندا آهن ته اڃا به اڳتي پاڻي ڏسڻ ۾ ايندن، مگر هي سڀ ڪوڙو ڏيک آهي. ان ڪري پاڻيءَ پٺيان ڊوڙي ڊوڙي ڪِري پوندا آهن ۽ ڦٿڪي ساهه ڏيندا آهن. هونئن ته هرڻ سال ۾ هڪ ٻه دفعو پاڻي پيئي سو به جي نه مليس ته ٿيو خير_ خدا تعاليٰ پاڻيءَ جو بندوبست سندس اندر ۾ ڪيو آهي. جنهن ۾ پاڻيءَ جون ڳوٿريون خلقيون اٿس. تنهن ڪري هرڻ کي هروڀرو گھرج ڪانه پوي. اهو ئي سبب آهي جوهرڻ ڇال ماري بندوق جي گولي کان به تکو ڊوڙي سگھندو آهي. رڃ جو ٻيو ڏيکاءُ به عجيب آهي. پريان ڪو ننڍو ٻوٽو،کٻڙ، جھل يا لاڻي يا ڪانڊيري جو ٻوٽو اڀريل هوندو ته اهو به وڏي رڻ جيڏو نظر پيو ايندو، جيڪڏهن ڪو اٺ يا ٻيو ڪو جانور پيو گھمندو ته ان جون ٽنگون به اتاهن وڻن جيڏيون نظر اينديون. بيابان يا رڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن سڀڪا شيءِ پري کان اونڌي نظر ايندي آهي. ڪو جانور پيو گھمندو ته ائين سمجھبو ته مٿي ڀر پيو هلي. بيابانن ۽ رڻن جا اهي ڏيک ويک قدرت جو هڪ عجيب نظارو آهن.

ڪڇ جو رڻ ته وري ڪاري ڪلر جو ميدان هوندو  آهي. زمين سڄي لوڻاٺيل هوندي آهي. جڏهن برساتن جو پاڻي رڻ مان سڪي وڃي ته ڪن هنڌن ئي ائين ڀانئبو آهي ته سڄي ميدان تي ڪا اڇي چن جي پوچي آيل آهي. مگر هوندو اهو سڀ لوڻ آهي. ان لوڻ کي ڪالرو لوڻ سڏبو آهي. ٻيا لوڻن جا قسم سامونڊي لوڻ ۽ لوڻ جي ڍنڍن ۾ پيدا ٿيل لوڻ هوندو آهي. ڪڇ جي رڻ ۾ اهڙيون ڍنڍون جام آهن، خود ٿر جي ان حصي ۾ جو رڻ کي ويجھو آهي اتي به اهڙيون ڍنڍون کوڙ آهن. هڪ وڏي ۾ وڏي ڍنڍ ڏيپلي تعلقي جي سارڻ ڳوٺ وٽ آهي، جنهن تي حڪومت جو ڪنٽرول آهي ۽ لوڻ کڻڻ جي منع  آهي. سالٽ يا لوڻ  جو کاتو ان جي نگرانيءَ لاءِ مقرر آهي.

رڻ جي زمين لوڻاٽيل هئڻ سبب سخت کاري آهي، ان ڪري اتي ٻوٽا به جيڪي اڀرن ٿا اهي کارا آهن. کارو کٻڙ جام اڀري ٿو، جو اٺن جوکاج ٿئي. اُٺ کي کارو ٻوٽو وڌيڪ وڻندو آهي. ٻيا ڪمائتا ٻوٽا جي رڻ ۾ ٿين ٿا، اهي آهن لاڻا. لاڻن کي وڍي سڪائي باهه ڏيئي مٿان مٽيءَ سان ڍڪي ڇڏبو آهي ته ان مان کار جا چاپوڙا ٺهي پوندا. اها کار ڪپڙن ڌئڻ جي ڪم اچي ٿي. رڻ جي ويجھڙائيءَ ۾ رهندڙ ماڻهو ان جو چڱو فائدو وٺن ٿا ۽ ان جو واپار چڱو هلي ٿو.

ڪن ڪن بيابانن جي زمين پٿرائين آهن، جتي سونا گيڙوءَ جو ڳاڙهو پٿر ملي ٿو. ننگر پارڪر کان اڀرندي طرف اهڙا ميدان آهن جن تي سونا گيڙوءَ جون ننڍيون ٽڪريون آهن. اهڙن بيابانن ۾ ڪوبه ٻوٽو سواءِ پٽ ڪنوار يا ايريال جي ٻيو ڪونه اڀري. ايريال اسان کي ڪيترن ئي دوائن ۾ ڪم اچي ٿو. جو اسان کي بي ملهو ملندو آهي. رڻ جي کاري زمين ۾ برساتن پوڻ بعد ٽوهه جي ڪاري ول به ميلن ۾ پکڙجي پوندي آهي. جنهن مان اسان کي ٽوهه ملن ٿا. پري کان پڪن پيلن ٽوهن جو ديدار اهڙو ته وڻندو آهي، جو ڏسي دل پئي ٺرندي آهي. ٽوهه به هڪ دوائي ٻوٽي آهي، جي ڏاڍي ڪمائتي آهي. رڻ جي بيابانن جا رهاڪو ته ٽوهن جو ٻج مڻن بلڪ هزارن جي انداز ۾ ميڙي انهن کي لوڻ جي پاڻيءَ سان مهٽي مهٽي، انهن جي کاراڻ ڪڍي پوءِ انهن کي جنڊ ۾ پيهي، اناج طور کائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. ٽوهن جي ماني جن کاڌي هوندي اهي ئي ان جي سواد جي ساک ڀري سگھندا. جتي الله تعاليٰ ٽوهه پيدا ڪري ٿو اُتي لوڻ به موجود ڪري ڏئي ٿو ته سندس پياري مخلوق انسان انهن مان حد امڪان تائين فائدو وٺن.

کٻڙن جي پاڙن مان ۽ جھل جي ٽارڙين مان ڏندڻ ملن، جن جي ڀيٽ ۾ برش ۽ پيسٽون ڪجھ به ڪين آهن. پيسٽون ڏند ڪمزور ڪن پر ڏندڻ ڏند مضبوط ڪن. رڻن ۽ بيابانن جو احوال پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ ائين سمجھندا ته رڻ پٽ ڪنهن به ڪم جا نه آهن پر ائين نه آهي. مٿي اسان چئي آيا آهيون ته الله پاڪ ڪابه شيءَ باطل يا اجائي نه بنائي آهي. هر ڳالهه ۾ سندس وڏي حڪمت آهي. اهڙن پٽن ۾ به حياتيءَ جا آثار ملن ٿا. انهن ميدانن تي بگھڙ، گدڙ، لومڙ  جام ٿين؛ سرڻا جيت بلائون جھڙوڪ ڪوراڙون، نر کپر ۽ ڪنڀاري نانگ ڪثرت سان ٿين. هرڻن جي ڊوڙڻ لاءِ بيابان هڪ آماجگاهه آهن.

گاهه وارين زمينن جي ٽڪرين مٿان گاهه چرن ۽ کائين، انسان جي ڊپ کان ڀڄي بيابانن ڏي رخ ڪن ۽ خوب ڇال ماري ڊڪن ڊوڙن. بگھڙ وري، شل نه ڪنهن جو ڇيلو يا ٻڪري آباديءَ کان لهي بيابان  ۾ قدم رکي ته ان کي کائي کپائي ڇڏين. گدڙ.، بگھڙن جي شڪار تي پلجن، جيڪا جوٺ هو ڇڏين سا کائي ڍوءُ ڪن. لومڙن کي وري جيڪو ڪوئو، ڪرڙي هٿ اچي ان کي  پنهنجو لقمو بنائين. هنن بيابانن ۾ به ڪي ڪي پرندا نظر اچن. جھڙوڪ، چٻرا، چنڊول ۽ شڪاري پکي جيئن ته باز، شڪرا، سرڻ ۽ ٻيا. مطلب ته جتي جتي الله سائين جي زمين جو ٽڪرو خلقيو آهي اتي سندس مخلوقات رهي ٿي. اهڙي مخلوقات لاءِ اهيئي پٽ موزون آهن جن جي جوڙ به قدرت ضروري سمجھي آهي ” حشرات الارض“ يعني زمين ۾ اندر رهندڙ ساهوارن جو ذڪر ڪرڻ هتي لازمي آهي. ٽڪرين ماٿرين، ٻيلن، سنون پٽن خواه رڻ پٽن ۾ ڪئي جيوَ رهن ٿا. زمين ۾ بلائون، ماڪوڙا، ماڪوڙيون، پتنگ، کنڀڙيون وغيره رهن ٿا. جي برسات بعد نڪري نروار ٿين. نانگ بلائون هونءَ ته اسان جا جاني دشمن آهن، مگر انهن جو زهر اسان جي صحت لاءِ ڪارائتو آهي ۽ زهرات مان ڪيتريون ئي حياتي بخشيندڙ دوائون جڙن ٿيون.

بيابانن جي هن مختصر احوال مان اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته ٽڪريون اهڙيون ڪمائتيون آهن جھڙا ميداني علائقا ۽ بيابان. اُهي وري اهڙا ئي فائديمند آهن جھڙيون ٽڪريون. هرڪا چيز انسان جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ پيدا ڪئي ويئي آهي. پوءِ انسان کي جڳائي ته پنهنجي جوڙيندڙ کي ڪڏهن به نه وساري.اسان کي ڌڻي تعاليٰ عقل ۽ ادارڪ ان لاءِ بخشيو آهي ته اسين خدا جي هر هڪ بنايل شيءِ تي ڌيان ڪريون. ڪنهن شاعر چيو آهي ته:

ڏسي دنيا ۾ عجب نظارا.

سائينءَ جي سگھ سمجھ پيارا،

اُڀ ۽ ڌرتيءَ تي اسرار؛

جوڙيا سائين سڀ جنسار.

اُڀ ڏي ٿوري نظر ڪريو،

سج چنڊ ڏي پڻ ڌيان ڌريو،

سهڻي تارن سندي قطار؛

جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار.

جبل نديون ۽ چشما لاهه،

سمنڊ تلاءَ ۽ ڍنڍون واهه،

برف ڳڙا سڀ ڌارو ڌار؛

جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار.

جڳ جو چرخو عجب چلي،

سڀڪو چئي ٿو بلي بلي،

ڪري نه ڪوئي سگھي شمار؛

جوڙيا سائين سڀ جنسار.

 

پڄاڻي

ڪنهن به ڪشادي ۽ کليل ميدان تي بيهي، چوڌاري نظر ڪبي ته جتي جتي آسمان ۽ زمين پاڻ ۾ گڏجن ٿا اتان چئني طرفن ڏي نظر ڦيرائي ڏسبو ته اسان کي هي خدا جي پٿاريل زمين گول نظر ايندي. سچ پچ ڌرتي آهي به گول. اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي. وري انهيءَ ڌرتي کي قدرت جي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي.

هڪ ڌرتي ۽ ٻيو پاڻي. عجب ته اهو آهي جو ڌرتيءَ جي گولي جا ٽي ڀاڱا پاڻي آهي ۽ فقط چوٿون ڀاڱو زمين آهي. ڌرتيءَ جي انهن ٽن حصن  ۾ وڏا وڏا سمنڊ ۽  مهاساگر آهن، جن تي اسين جبل جيڏن جهازن ۾ چڙهي سفر ڪريون ٿا. باقي هڪ حصو جنهن تي انسان ۽ ٻيا زميني جانور رهن ٿا. پوءِ ان ۾ ميدان هجن، ٽڪريون هجن يا رڻ پٽ هجن تن کي ڌرتي چئجي ٿو. جا خشڪ آهي ۽ انهن ساهوارن جي رهڻ لاءِ آهي. ڌرتي کي وڌيڪ ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪڙي ڀاڱي کي جبل يا پهاڙ، ٽڪريون يا پهاڙيون ڪوٺجي ٿو. ٻئي ڀاڱي کي آباد ميدان ۽ ٽئين ڀاڱي کي بيابان يا رڻ پٽ ڪوٺيو وڃي ٿو.انهن ٽنهي ڀاڱن جو اسين هن ڪتاب ۾ چٽائيءَ سان ذڪر ڪري آيا آهيون.

هي ڪتاب جو اسان جي هٿن ۾ آهي اهو بالغن جي مرڪزن ۽ هيٺين ڪلاسن جي شاگردن لاءِ لکيو ويو آهي ته هو پنهنجي درسي ڪتاب پڄائڻ کانپوءِ وڌيڪ اڀياس ڪن. خاص طور بالغن جي ڀلائيءَ جو هن ۾ گھڻو خيال رکيو ويو آهي.ڏسڻ ۾ آيو آهي ته بالغ جي ويچارا محنت ڪري مٿن رکيل درسي ڪتاب جڏهن پڄائين ٿا ته پوءِ هنن کي پڙهڻ لاءِ ڪابه مشق ڪانه ٿي ملي. ظاهر آهي ته وڏا وڏا ڪتاب ته هو پڙهي نٿا سگھن، تنهن ڪري هو پڙهڻ کي ترڪ ڪريو ڇڏين. ان جو نتيجو اهو ٿو ٿئي، جو هنن کي پڙهڻ لاءِ دلچسپي ئي گھٽجيو وڃي ۽ اڳيون ڪيل ڪم به  وساريو ويهن. ان ڪري سرڪاري تعليم کاتي ڪيترائي ننڍا ننڍا ڪتاب هنن جي لاءِ جوڙيا آهن ته هو انهن جو اڀياس ڪندا رهن ۽ پنهنجي تعليم کي جاري رکي سگھن. اهي ڪتاب حڪومت مفت ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ انهن تي ڇڏيو آهي ته هو انهن مان پورو پورو لاڀ پرائين ۽ دل لڳائي پنهنجي پڙهائيءَ جي ڪم کي چالو رکن.

اها ڳالهه هرڪو مڃي ٿو ته علم انسان جو زيور آهي. بي علم نه پاڻ کي سڃاڻي نه خدا کي سڃاڻي! علم جي برڪتن سان جيڪو مالا مال هوندو سو ٻنهي جڳن ۾ موچارو هوندو. باقي شال خداوند تعاليٰ اسان کي توفيق نصيب ڪري.

-----------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com