باب ٻيو
ميداني علائقا
(ڀاڱو پهريون)
زمين جو ٻيو حصو جو نهايت قيمتي آهي ان کي ميداني حصو چئجي ٿو.
ميدان وري مٿاهن پٽن ۽ هيٺاهن ۾ ورهايل آهن. اسان
ٽڪرين جي احوال ۾ پڙهي آيا آهيون ته اهي ٽاڪرو ۽
مٿاهيون زمينون هئڻ ڪري اتي ڪوبه درياءُ ڪونه وهي.
اتي فقط ننڍيون ننڍيون کوهيون ٿين يا قدرتي چشما
هوندا آهن، جن جي پاڻيءَ تي ماڻهن ۽ مال جو گذر
هوندو آهي. پر ميداني حصي ۾ درياءَ، ڍنڍون، تلاءَ
۽ واهه جام ٿين. چوندا آهن ته پاڻي هميشہ هيٺاهين
ڏي وهندو آهي ۽ نه مٿانهين تي. ان ڪري هيٺاهيون
زمينون آباديءَ جي لائق آهن، جن تي هر ڪنهن قسم
جي پوک ٿئي ٿي، اناجن ۾ ٻاجھري، جوئر، ڪڻڪ، مڪائي،
دالين ۾ مڱ، چڻا، مٽر، گوار، مانهن ۽ تيلي ٻجن ۾
سرنهه، ڄانڀو، توريو، تر وغيره ٿين.
ان کان سواءِ ميداني زمين تي باغ پوکيا وڃن ٿا، جن مان هر قسم
جا ميوا ۽ ڀاڄيون اسان کي ملن ٿيون، جي اسين
روزمره کائڻ لاءِ استعمال ڪريون ٿا. اهي ميوا ۽
ڀاڄيون ايتريون ته آهن جن جي نالن وٺڻ جي ڪا خاص
ضرورت ڪانه آهي.اسان مان هر هڪ ڄاڻي ٿو ته: انب ڇا
آهي، ڏاڙهون ڇا آهي، زيتون ڇا آهي، صوف ڇا آهي.
ڀاڄين ۾ به اسان کي خبر آهي ته توري، موري، پالڪ،
ڪدو، ميهو ۽ ڀينڊي سڀئي ڇا آهن. اسان مان هر ڪنهن
اهي ڏٺيون هونديون ۽ کاڌيون هونديون.
ميداني زمين لٽاسي آهي. اها مٽي ئي آهي جنهن مان اسان کي سڀ
ڪجھ ملي ٿو. ان ڪري مٽيءَ کي سڏيندا ئي ماتا يا
ماءُ آهن، جنهن مان سڀ ڪجھ پيدا ٿئي ٿو. سڌي زمين
هن ڪري آباد آهي جو ان مان درياءَ وهن ٿا ان مان
واهه،نديون، شاخون، واٽر ڪورس، ناليون ۽ واهڙ
کوٽي، اسين زمين کي پاڻي سان سيراب ڪريون ٿا ۽ فصل
پوکيون ٿا. جيڪڏهن ڪٿي ڪا زمين مٿڀري آهي ته اتي
نار وهائي چرخي پوک ڪندا آهيون. انهيءَ ساري
پيدائش جو دارو مدار هاريءَ جي محنت تي آهي. ڪنهن
شاعر چيو آهي ته:
ٻج نه پوکي جي ڪو هاري،
سڪون کائڻ لاءِ عمر ساري.
پوءِ اکين سان ڏسون نه اَن،
ميوو، گل ۽ گاهه نه پن.
ڪپهه جي ڪو پوک نه ڪري،
ڪٿان جيڪر پنهنجي سري.
ڪپڙا هوند نه ڪڏهن ملن،
بت ڍڪڻ لاءِ ماڻهو سڪن.
ڇا ڪو سبي ڇا ڪو ڀري،
استادي ڪيئن ظاهر ڪري.
ڄانڀو سرنهه نه هاري پوکي،
تيل نه ڪنهن پر ملي توکي.
ڪڙمي ڪم کان ڪري انڪار،
ساري دنيا ٿئي لاچار.
ڪڙمي ڪم وڏا ٿو ڪري،
ڄاڻ نه اهڙي هو ٿو ڌري.
ڪڙمي جي تعليم وٺن،
چڱو سڌارو جيڪر ڪن.
هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهي پيدائش کي ڪيئن ڪارائتو
بنائجي. ان لاءِ ميداني علائقن ۾ وڏا وڏا شهر
آباد ٿي ويا آهن، جن ۾ ڪروڙين انسان آباد آهن.
شهرن ۾ وري ڪارخانا آهن جتي ڪپهه مان ڪپڙو جوڙڻ
۽اناج جھڙوڪ چانور، ڪڻڪ وغيره صاف ڪري وڪري جي
لائق بنائڻ جو ڪم ٿئي ٿو. جيئن ته ميداني علائقن
جي زمين سڌي ۽ هموار آهي ان تي رستا ۽ وڏيون
شاهراهون به جوڙيون ويون آهن. جن جي ذريعي انهن
جنسن جو وڏو واپار هلي ٿو. ريل گاڏيون، موٽرون،
لاريون، ٽرڪون ۽ بسون انهن سڀن جي هڪ هنڌان ٻئي
هنڌ چرپر جو وسيلو آهن. ڪن هنڌن تي جتي اڃا
شاهراهون نه آهن اُتي بيل گاڏين ۽ اٺن رستي مال
آندو نيو وڃي ٿو . نه فقط ايترو پر درياءَ به
اسان جي لاءِ مال آڻڻ ۽ نيڻ جو ذريعو آهن .درياءَ
تي ٻيڙيون هلن ٿيون جن جي وسيلي اهو سمورو ڪاروبار
هلي سگھي ٿو.
ٻيڙين جي وسيلي ماڻهو انهن جاين ڏي سفر ڪري سگھن ٿا، جن ڏي
ريلوائيون ۽ بسون وغيره هلي نه ٿيون سگھن. دريائن
تي پتڻ به آهن، جي ماڻهن ۽ جانورن کي درياءَ جي هڪ
پاسي کان ٻئي پاسي کڻي وڃن ٿا. اڄ ڪالهه ماڻهن
لاءِ آمدورفت جا ٽي ذريعا آهن: هڪ هوائي ذريعو جو
هوائي جهازن رستي ٿئي ٿو، ٻيو ريلواين رستي ۽ ٽيون
زميني رستن سان. اسين مٿي چئي آيا آهيون ته ميداني
علائقا تمام آباد آهن ۽انهن ۾ وڏا وڏا شهر قائم
ٿي ويا آهن ۽ لکين ماڻهو رهن ٿا؛ ان ڪري اُتي
ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ تعليم جي ضرورت پوي
ٿي.
ان لاءِ شهرن ۾ وڏا وڏا اسڪول ۽ ڪاليج کلي چڪا
آهن ۽ ماڻهن جي حفاظت لاءِ پوليس کاتو، واهن جي
حفاظت لاءِ انجنيئري کاتو، آباديءَ لاءِ روينيو
کاتو، آمدرفت لاءِ ريلوي کاتو ۽ ٻيا سرڪاري کاتا
کوليا ويا آهن. اُهي کاتا ٽڪرين وارن علائقن ۾ به
ٿوري انداز ۾ ڪم ڪن ٿا، مگر جيئن ته اتي ڪچا گھر ۽
ننڍڙا ننڍڙا ڳوٺ آهن جن جي آبادي فقط ٿورن گھرن
تي مشتمل آهي ان ڪري اتي وڏا اسڪول ۽ ڪاليج، پوليس
ٿاڻا ۽ ٻيون سرڪاري آفيسون کولي نٿيون سگھجن.
اهڙيءَ طرح ٽپال کاتي جو جيڪو انتظام شهر ۾ آهي سو
ٻهراڙين ۾ ٿي نٿو سگھي. ساڳي طرح صحت کاتو جنهن
هيٺ اسپتالون ۽ شفاخانا هلن ٿا سو به ننڍڙن ڳوٺن ۾
ڪم ڪري نٿو سگھي.
ساڳيءَ طرح موجود زماني جي سائنسي ترقي به اڃا تائين اتي منهن
ڪونه ڪڍيو آهي. جھڙوڪ اتي، نه ته تار ٽيليفون آهي
نه ٻيا آواز پهچائڻ جا ذريعا آهن. مطلب ته اهو
سڀڪجھ ميداني علائقن جي سنئين زمين تي ممڪن ٿي
سگھي ٿو. انهن سهولتن کان ٽاڪرو علائقا خالي آهن.
هن مان ڏسي اندازو لڳائبو ته فقط ميداني علائقا ئي
آهن، جي ملڪ جي پيداوار جو وسيلو آهن.
جتي پاڻي آهي اتي سڀ ڪجھ آهي. چئبو ائين ته پاڻي هر چيز جو ٻج
آهي. ڳالهه ٿا ڪن ته اڪبر بادشاهه پنهنجي سڀني
وزيرن کي چيو ته هر ڪنهن شيءِ جو ٻج گڏ ڪري مون
وٽ کڻي اچو. جيڪو ٻجن جا وڌيڪ قسم آڻيندو ان کي
وڏو انعام ڏنو ويندو. بادشاهه جي حڪم تي سڀئي وزير
انهيءَ ڪم کي لڳي ويا؛ ۽ جيترا ٻج هر هڪ کان ٿي
سگھيا اوترا ڪٺي ڪيائون هڪڙو بيربل وزير هو جنهن
ڪجھ ڪٺو نه ڪيو. جڏهن درٻار ڏينهن آيو ۽ سڀ پنهنجا
پنهنجا ميڙيل ٻج کڻي درٻار ۾ حاضر ٿيا ته بيربل
هٿين خالي فقط پاڻيءَ جي لوٽي پاڻ سان کڻي آيو.
ٻين وزيرن ٻجن جي نمائش ڪئي ۽ جڏهن اهو سڀ ڪجھ ٿي
چڪو ته بيربل جو وارو آيو، جنهن ڇا ڪيو جو پاڻيءَ
جي لوٽي وٺي زمين تي هاريائين ۽ عرض ڪيائين ته
حضور! سڀ شيءِ جو ٻج پاڻي آهي، اڪبر بادشاهه هن جي
جواب تي بلڪل راضي ٿيو ۽ بيربل کي وڏو انعام
ڏنائين.
هن آکاڻيءَ مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته جتي پاڻي آهي اتي سڀ
ڪجھ آهي، جڏهن ته اسان جا ميداني پٽ پاڻيءَ جي
نعمت سان مالا مال آهن. ان ڪري زمين جو اهو حصو
زمين جي ٻين حصن يا ڀاڱن کان وڌيڪ ڪارائتو آهي.
اسان کي اها به خبر آهي ته ٻيلا ۽ وڻڪار ملڪ جي
وڏي دولت آهن. اها دولت به ميداني علائقن تي آهي.
درياءَ جي ٻنهي ڪپن سان وڏا وڏا ٻيلا آباد آهن. جن
مان اسان کي ڪيتريون ئي قيمتي شيون حاصل ٿين ٿيون.
ٻيلن مان گاهه ملي ٿو، جنهن تي مال جي قوت جو
مدار آهي ۽ سرڪار مال لاءِ پنچري اڳاڙيندي آهي.
جلائو ڪاٺ ۽ عمارتي ڪاٺ به ٻيلن مان ملي ٿو. لاک ٻوري، پلڙا،
کؤنر، ماکي وغيره به ٻيلن مان پڙ پون ٿيون. مال
وندو ماڻهو ٻيلن ۾ پنهنجو مال چاري کير، مکڻ ۽
گيهه حاصل ڪن ٿا ۽ ان جو وڏو واپار ٿئي ٿو.
عمارتي ڪاٺ نهايت قيمتي آهي ۽ سون کان به وڌيڪ ڪم
ڏئي ٿو. اسان جي عمارتن جا در دريون، ڪٻٽ ۽
المارا، گھر جو فرنيچر جھڙوڪ ميزون، ڪرسيون، کٽون
۽ پلنگ جيڪر ڪٿان اچن، جيڪڏهين اسان کي ٻيلن مان
ڪاٺ نه ملي. بهرحال جيڪر ميداني زمين نه هجي ته
انسان ذات ۽ حيوانات جو وجود نه هجي. اتي خوفناڪ
مرون جھڙوڪ سوئر_ بگھڙ وغيره به هوندا آهن ۽
ڪمائتا جانور جھڙوڪ ڦاڙها، سرهه ۽ گڊ خواه سامبر
به هوندا آهن، جن مان اسان کي حياتي جو وڏو اپراسو
نصيب ٿئي ٿو.
اسان جو سنڌ ديس هن دولت مان ڪافي شاهوڪار آهي. قدرت سنڌ کي چئن
قدرتي ڀاڱن ۾ ورهايو آهي: الهندي طرف جابلو حصو
ته اڀرندي طرف وارياسو حصو؛ اتر طرف سرو يا مٿاهين
زمين ته ڏکڻ طرف وري هيٺاهين زمين لاڙ، وچ
واروعلائقو ميداني آهي، جنهن مان سنڌو درياءَ وهي
ٿو ۽ سنڌ کي شاداب ڪري ٿو. ساڳيءَ طرح پنجاب ۾ پنج
نديون وهن ٿيون، ان ڪري پنجاب جو ميداني ڀاڱو
پاڪستان جي جان آهي. سرحدي علائقي ۽ بلوچستان ۾
وري تيل جا ذخيره لڌا آهن ۽ قيمتي پٿرن جون کاڻيون
هٿ آيون آهن، جن جي اڳ اسان کي خبر ڪانه هئي. جڏهن
انهن شين جي حاصلات اسان جي ملڪ پاڪستان کي
ٿيندي، تڏهن اسان جي دولت تي ساري دنيا سڌون ڪندي.
ميداني زمين جي فائدن بابت جيترو لکجي اوترو گھٽ آهي. الله
تعاليٰ جي قدرت جون ڪهڙيون نعمتون ڳڻي ڪهڙيون
ڳڻجن. پنهنجي بندن کي اڻ کٽ خزانا زمين جي پيٽ مان
پيدا ڪري ڏئي ٿو. اسان کي گھرجي ته ان مالڪ جي
بندگي ۽ عبادت ڪريون ۽ ان جي اپار احسانن جي شڪر
گذاري ڪريون، جنهن جو بهترين ذريعو نماز ۽ ٻيون
سندس مقرر ڪيل عبادتون آهن. |