جبل_ ٽڪر ۽ ٽڪريون
ٿي سگهي ٿو ته اوهان مان ڪيترن وڏا جبل نه ڏٺا هجن جھڙوڪ هماليه
جبل ۽ ٻيا. اهي جبل تمام اتاهان آهن جن جي چوٽيءَ
تي پهچڻ ناممڪن ناهي ته به تمام مشڪل ۽ وڏي ڪشالي
وارو آهي. انهن جبلن جون چوٽيون سال جا ٻارهن
مهينا برف سان ڇانيل هونديون آهن جي اونهاري ۾ سج
جي تپش ڪري برف ڳري پاڻي ٿي وڏن لاهن يا آبشار
رستي هيٺ ماٿرين ۾، جي وڏيون ڍنڍون آهن تن ۾ پاڻي
ڦٽو ڪن جن مان پاڻي وهي اچيو درياهه ٺاهي_ اسان جو
سنڌو درياهه به هماليه جبل جي هڪ وڏي ڍنڍ مانسروور
مان نڪري ٿو ۽ اسان جي پاڪستان کي آباد ڪندو وڃيو
عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري. هنن وڏن جبلن تي حياتيءَ جا
اهڃاڻ بلڪل گھٽ آهن. برف سبب ڪوبه ساهوارو اُتي
رهي نٿو سگھي پر اهي جبل نه هجن ۽ برف نه پوي ته
اسان جا درياءَ ۽ اسان جو ملڪ ويران ٿي وڃي_ سڄي
دنيا ۾ اهڙا جبل، الله تعاليٰ پنهنجي ڪمال حڪمت
سان پيدا ڪيا آهن.
مٿي ذڪر ڪيل جبل ته ٿيا برف سان ڇانيل ۽ پاڻيءَ لاءِ ڪارائتا پر
خداوند تعاليٰ ٻيا ڪي جبل اهڙا به خلقيا آهن جن کي
ٻرندڙ جبل سڏيو وڃي ٿو. ٻرندڙ جبل ان ڪري جو انهن
جي چوٽين تي سدائين لاوا نڪري ٿو جو سخت ٽهڪندڙ ۽
گرم ٿئي ٿو ۽ هميشہ ان مان باهه جا الا نڪرندا رهن
ٿا. هي جبل خطرناڪ آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن لاوا وٺي
اڀامندو ۽ ٽهڪندو آهي. آسپاس ۾ ساڙ ڪري وجھندو آهي
۽ ويجھي ڇڪ ۾ هر چيز جلائي ڇڏيندو آهي. هنن جبلن
تي ڪا حياتي رهي نٿي سگھي. اهي جبل به فائدي کان
خالي نه آهن. جبلن جي وچ ۾ انهن جي دامن ۾ جي
ماٿريون آهن تن ۾ ڪيترن قسمن جا گاهه ۽ ٻوٽيون
پيدا ٿين ٿيون جي انسان جي صحت لاءِ نهايت
ڪارائتيون آهن- انهن کي جڙيون ٻوٽيون ڪوٺبو آهي.
اهي دوائن ۾ وڏو ڪم ڏين ٿيون ۽ ڪيتريون ئي دوائون
انهن مان جڙن ٿيون جي انسان بلڪ حيوانن جي ڪيترن
ئي بيمارين لا شفا آهن. انسانن پنهنجي خداداد
دانائيءَ سان اهي ڳولي لڌيون آهن ۽ انهن مان فائدو
ورتو آهي. انهن ٻوٽين مان ملڪ کي ڪافي اپت ٿئي ٿي.
شهرن ۾ پسارين جا دڪان انهن ٻوٽين جي ملڻ جي جاءِ
آهي.
ان کانسواءِ انهن جبلن جي دامن ۾ ڪٿي ڪٿي قيمتي پٿرن جون کاڻيون
هٿ آيون آهن جتان هيرا، لعلون، زمرد، ياقوت ۽
پکراج هٿ آيا آهن، جي ملڪ جي دولت جو وڏو خزانو
آهن.
انهيءَ دولت هٿ اچڻ سبب انهن پٿرن کي صاف ڪرڻ ۽ وڍي ٽڪي انهن
مان زينت جون شيون ٺاهڻ لاءِ ڪيترائي ڪارخانا جاري
آهن جن ۾ ڪاريگرن ۽ مزورن جو گذران ٿئي ٿو ۽ ملڪ
جو شان مان وڌي ٿو. قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ جو
ارشاد آهي ته اسان ڪابه شيءِ بي فائدي نه پيدا ڪئي
آهي، پوءِ اوهان کي کپي ته انهن مان فائدو وٺو_
هاڻي اچو ته ٽڪرن ۽ ٽڪرين جي فائدن کي ڳولهي
لهون. ٽڪر ۽ ٽڪريون هر هنڌ ڏسڻ ۾ اينديون جي اوهان
سڀني ڏٺيون هونديون. شايد اوهان انهن جي فائدن تي
غور نه ڪيو هجي. ٽڪر ۽ ٽڪريون اسان جي سنڌ ۾ جتي
ڪٿي پکڙيل آهن. روهڙيءَ وٽ آدم شاهه جي ٽڪري ۽
حيدرآباد وٽ گنجو ٽڪر ۽ ٿر ۾ ڪارونجھر ٽڪر مشهور
آهن. پاڪستان ته سڄو ٽڪرائتي زمين سان گھيريل آهي_
سنڌ، بلوچستان سرحد صوبو ٽڪرائتي زمين سان گھيريل
۽ ڀرپور آهن. انهن ٽڪرن ۾ ميٽ جون کاڻيون ۽ اڇي چن
جون کاڻيون ملن ٿيون، اڇو چن سيمنٽ ٺاهڻ ۾ نهايت
ڪارائتو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو ڪراچيءَ ۾ منگھي پير وٽ، حيدرآباد ۽ روهڙيءَ
۾ سيمينٽ جا زبردست ڪارخانا آهن جن مان ملڪ کي وڏو
فائدو رسيو آهي. رهيون ٽڪريون سي ٽڪرن کان ننڍيون
بيشڪ آهن پر انهن مان فائدا پاڻ وڌيڪ آهن. ٽڪرين
جي دامن ۾ وري ميداني ٽڪر ٿين ٿا جي آهن پٿراڻا
ليڪن زرخيز آهن. ٽڪريون جيڪو برسات جو پاڻي هيٺ
ڪيرائين ٿيون. ان مان باراني پوک ڪافي ٿئي ٿي:
جوئر، ٻاجھري ۽ مڪائي. جي ڪٿي ڪٿي وارياسو ٽڪر
هوندو آهي ته اتي ڪوهستاني ماڻهو بند ڏئي برسات جي
پاڻيءَ کي جمع ڪندا آهن ۽ اهو پاڻي زمين ۾ جّذب ٿي
وڃي سيلاب ڪندو آهي. پوءِ ان سيلاب تي فقط ٻج ڇٽڻ
۽ هر ڏيڻ سان پوکون ٿي سگھنديون آهن. ڪٿي داليون ۽
ڪٿي گدرا، ونگا ۽ هنداڻا به اُڀري پوندا آهن.
ٽڪرين جي دامن ۾ گاهه پٺو به جام اڀرندو آهي جو
جانورن جي چاري لاءِ ڪم اچي ۽ ٻئي هنڌان گھرائڻ جي
ضرورت ڪانه پوي. پوکي باراني ٿئي ته سرڪاري ڍل به
گھٽ پوي ۽ محنت به گھٽ ڪرڻي پوي. خداوند تعاليٰ
ڪنهن کي وانجھو ڪونه ڇڏي. مسڪينن جي ڀلي لاءِ ڪونه
ڪو منهن ڪريو وجھي. هنن ٽڪرين ۾ جڙيون ٻوٽيون به
ٿين ۽ ٻيا گاهه به ٿين جي مال، جھڙوڪ ٻڪريون،
رڍون، ڳئون، مينهون ۽ اُٺن جي چاري لاءِ وڏو ڪم
ڏين. ٻن ٻن ٽڪرين جي وچ ۾ جيڪي ماٿريون هونديون
آهن سي سانوڻ جي مينهن پوڻ سبب گاهه سان سر سبز
چراگاه. ٺاهين ٿيون جن ۾ مال کان سواءِ جھنگلي
جانور جھڙوڪ هرڻ، ڦاڙها ۽ سهن جهڙا جانور پيدا ٿين
ٿا، جي شڪار لاءِ شڪار جا شوقين اچي بندوقن سان
شڪار ڪن ٿا. ٽڪرين مان مٽي پار وڃڻ لاءِ ماڻهن اچڻ
وڃڻ جا پڪا پيچرا گھٽ گھيڙ لڪ لڪيون ٺاهي ڇڏيون
آهن. جتان پانڌيئڙا، گڏه، گھوڙا ۽ خاص طور اٺ
لنگھي سگھندا آهن جا ڳالهه جبلن منجھان ممڪن ناهي.
قدرت جي ڪارسازي تان قربان وڃجي. ٽڪريون نه فقط پٿريليون آهن پر
ڳاڙهسري مٽي ۽ ڳاڙهي واريءَ جون آهن. راولپنڊيءَ
کان پرڀرو ٽيڪسيلا ويندي اسان کي ٽڪريون ڏسڻ ۾
اينديون جي ڳاڙهي زرخيز مٽيءَ جون آهن جن تي مينهن
پوي ته مڪائي جي پوک جام ٿئي ۽ چارو به ٿئي. اهو
ئي سبب آهي جو انهن ٽڪرين جي چوٽين تي ماڻهن جا
گھر ڏسڻ ۾ ايندا ۽ گاهه جون دنيون ۽ مال چرندو نظر
ايندو. ان کانسواءِ سنڌ ۾ جو وڏو ريگستان آهي جنهن
کي ٿر جي نالي سان ڪوٺجي ٿو، ان ۾ وري ڳاڙهي
سامونڊي واريءَ جون وڏيون اتاهيون ٽڪريون نظر
اينديون جن کي اسين ڀٽون سڏيندا آهيون. مٿي درياهه
جي ٻنهي ڪپن سان ۽ درياءَ جي وهڪرن بدلائڻ سبب جي
درياه جا پراڻا پيٽ آهن تن ۾ وري اسان کي اڇي
واريءَ جون ننڍيون ننڍيون ٽڪريون ڏسڻ ۾ اينديون جن
کي اسين دڙا ڪوٺيندا آهيون، اهي دڙا يا ڀڙا بهرحال
اسان کي ڪو خاص فائدو ڪونه ڏين سواءِ ان جي جو اها
واري اسان کي پوسل کي سڪائڻ ۽ ڪچين جاين ۾ ڪم اچي
ٿي.
بمبئي ۽ پوني جي طرف جيڪي جبل جيڏيون وڏيون ٺڪريون آهن انهن جي
مٽي نهايت سون اپائيندڙ آهي. انهن تي گاه. ۽ ٻوٽن
کانسواءِ وڻڪار ايتري ٿيندي آهي جو ٽڪرين جي زمين
ڏسجي ئي ڪونه. پريان ائين پيو ڀانئبو ڄڻ ته ڪو
گھاٽو ٻيلو آهي جو سلاميءَ تي پوکيو ويو آهي. پر
ائين نه هوندو آهي اها اوڀر برساتن جي سوغات آهي.
انهن جبلن جھڙين ٽڪرين ۾ وري خوفناڪ جانور آکاڙو
ٺاهي رهندا آهن. جھڙوڪ شينهن، چيتا، هاٿي ۽ رڇ
وغيره، هتي پڻ شڪار لاءِ وڏا وڏا شڪاري ويندا آهن.
ٿر واريون واريءَ جون ٽڪريون يا ڀٽون ته قدرت جو هڪ عجيب غريب
نظارو آهن. ظاهر ۾ ته هڪ بيابان آهي پر جڏهن اتي
سانوڻ جون برساتون پونديون آهن. تڏهن سارو ملڪ
ڪشمير بنجو پوي. پٽ گاهه سان سٿجي سائو ٿيو پوي
ڀٽن جي وچ واريون ماٿريون وڏا وڏا چراگاه ٺهيو پون
۽ مال لاءِ ايترو ته چارو ميسر ٿيو پوي جو ساري
دنيا جومال پيو چري ته به کائي نه سگھي. البت اوسر
جي زماني ۾ ڏڪار منهن ڪڍي ۽ بک وگھي مال مرڻ لڳي.
ويريون يعني ننڍيون کوهيون ۽ يا ڪچا کوه ۽ پڪا تڙ
پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب سڪيو وڃن ته مارو ماڻهو پنهنجا
مال وٺي سنڌ جي سنئين پٽ ڏي رخ رکن ۽ دردناڪ نظارو
اکين ڏسڻ ۾ اچي. سڪار ۾ مال متارو ٿئي، کير مکڻ،
ڏڌ ۽ گيهه جام ٿيو پوي. ڇيلن ۽ ڇيلين، ٻڪر ۽ ٻڪرين
جو وڻج واپار ٿئي. ان کانسواءِ ميوا ۽ ڀاڄيون بي
ملهيون ٿين، ميها، ريڀڙيون، چڀڙ يا متيرا، مريڙو،
لوڻڪ، کنڀيون ۽ ٻيون ازخود اڀرندڙ ڀاڄيون جام ٿيو
پون. ڄانڳوري ٻير جن کي اسين ڇاپرو ٻير به چوندا
آهيون، خرارن جي منهن پيدا ٿيو پون.اهي ساڳيون
شيون سڀني ٽاڪرو پٽن تي به ملن. جبل جا ماڻهو جن
کي ڪوهستاني ڪوٺبو آهي سي به ٿر جي ماڻهن وانگر جن
کي ريگستاني ڪوٺبو آهي، انهن قدرت جي انعامن مان
فائدو وٺي ڄانڳوري ٻيرن جا ٻورا ڀري اچي شهرن ۾
وڪڻن ۽ چڱو ناڻو ڪمائين. سندن گذران جو به انتظام
ٿيوپوي. نه رڳو انسان پر پکي پکڻ ۽ جانور سڀ سرها
ڏسڻ ۾ اچن. ٿر هونءَ ته هڪ ويرانو آهي، پر اتي هرڻ
۽ هرڻيون هزارن جي تعداد ۾ ٿين، جن جون قطارون ڏسي
روح کي راحت اچيو وڃي. مور جھڙو سهڻو پکي به ٿر جي
ڀٽن ۾ گھڻو ٿئي. مورن جا مٺا آواز ۽ ڊيلن جا سندر
راڳ ٻڌندڙن کي موهيو وجھن؛ انهن خوبين جي وچ ۾
مصيبتون به آهن. سوين قسمن جون بلائون، جھنگلي
ڪوئا، لوڪڙ يا لومڙ، سانڊا، گلويون ۽ ڳوهون
وارياسي زمين جي اندر ۾ پنهنجوماڳ سنڀالي رهن.
باراني پوکون جھڙوڪ ٻاجھري، جوئر، گوار ۽ تر گھرج
کان وڌ پيدا ٿيو پون. جن جو واپار چڱو هلي. مطلب
ته ٽڪرين کانپوءِ اها پٿر واري زمين هجي يا
وارياسون ڀٽون هجن يا ڳاڙهيءَ مٽيءَ جا ٽيلا هجن.
هر هڪ ۾ خدا تعاليٰ اسان لاءِ فائدو رکيو ويو آهي.
ماڻهو جي انهن ٽڪرين ۾ آباد آهن سي ڳاڻاٽي ۾ ته
ٿورا آهن، مگر هو اتي ڏاڍا خوش آهن.انهن جون رس
رهاڻيون، ڪچهريون، شاديون، غميون، ڳيچ ۽گيت سڀ ٻڌڻ
وٽان آهن. جيڪڏهن اسان کي وجھ ملي ته اهي ٽڪريون ۽
انهن منجھ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي اکين هلي پسجي. ڇو
ته ٻڌل ڳالهيون ڏٺل ڳالهين جي اصل برابري ڪري نه
سگھنديون.
ٽاڪرو پٽن ۾ ٻيا ته ڪي ڪارخانا يا شهري هنر ڪونه ٿين، ان هوندي
به ڪيترائي گھرو هنر ٿيندا آهن. ٽڪرين جي رهاڪن جي
حياتي جو دارو مدار سڄو مال تي آهي. ان ڪري رڍن
مان پشم، ٻڪرين مان ڏاس ۽ اٺن مان ملس، جا کين ملي
ٿي اُن مان هو گھڻو فائدو وٺن ٿا. ٻڪرارن کي ڏسبو
ته هو ڏاس جا ڍيرا وٽيندا وتندا. اُن جا ڍيرا ۽
ملس جا ڍيرا به ٽڪلي تي وٽيندا ڍيرا ٺاهيندا رهندا
آهن. جن شهر ۾ وڃي وڪڻندا آهن.
ڪي سگھڙ به ان مان اٺن جا ٻورا، کرڙ، کٿا ۽ فراسيون ٺاهيندا آهن
ته ڪي هٿ جي آڏاڻن تي اوني کٿيون ٺاهڻ جا ڀڙ هوندا
آهن، جي وڪڻي ناڻو به ڪمائين ۽ پنهنجو اوڇڻ به ڪن.
ٿر ۾ ته ڀرت جو ڪم ۽ موتين جي پوچ جو ڪم به اتي
جون عورتون نهايت عمدو ڪنديون آهن. ڀرت جون
چُنيون، ٽپاين جا پوش، گج وغيره جي هو ٺاهين ٿيون
سي ڏسي ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن. ڏاس مان کرڙ
۽ خرزينون، اُن مان کٿيون ۽ ملس مان ٻورا ٺاهڻ
مردن جو مکيه ڌنڌو آهي. مطلب ته جا شيءَ جتي پيدا
ٿئي ٿي ان مان انسان پنهنجو هوش هلائي فائدو وٺي
ٿو. ڏڪار جي وقت جو ويچارن جو مال بک جي وگھي مري
ٿو، ان جا ڇوڙا لاهي انهن کي رڱڻ جو ڪم به ڪيو
وڃي ٿو. جتي اهڙا ڪاريگر جي گھڻو ڪري ڪلال يا
مينگھواڙ هوندا آهن، سي نه هوندا آهن ته ڇوڙا
ڪچيءَ شڪل ۾ کڻي وڃي شهرن ۾ نيڪال ڪندا آهن ۽ انهن
جي اپت مان هو ٻيون کاڌي يا اوڍڻ جون شيون خريد
ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح پنهنجي حياتي تڳائيندا آهن.
|