سيڪشن؛  ٻاراڻُو ادب

ڪتاب: ماڪوڙي، ماکيءَ جي مک ۽ ڪوريئڙن جي حياتي

 

صفحو : 4

 

ڪوريئڙي جي حياتي

 

 

شروعات:

ڪوريئڙن جي مخلوق نهايت ڏاهي ۽ هوشيار ٿيندي آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته: ڏاهپ ۽ حرفت ۾ انسان ذات کان پوءِ ڪوريئڙا ٻئي نمبر تي ٿا اچن. سڄيءَ دنيا ۾ اٽڪل هڪ لک کن ڪوريئڙن جون جنسون آهن ۽ اهي انسان ذات لاءِ نهايت ڪارائتا به آهن. ڪن سائنسدانن جو چوڻ آهي ته: هن دنيا ۾ جيڪڏهن ڪوريئڙا نه هجن ته جيڪر انسان جو جيئڻ محال ٿي پوي. اوهان کي سڌ آهي ته هيءَ دنيا ننڍڙن ننڍڙن جيوڙن ۽ نقصانڪار جيتن سان ڀري پيئي آهي، جيڪي چئن ئي پاسن کان اسان کي نقصان رسائندا ٿا رهن. هو اسان جي فصلن تي هر وقت حملو ڪندا ٿا رهن ۽ ڪيترن ئي اپائن وٺڻ جي باوجود به اسين انهن کان پاڻ کي محفوظ رکي نه سگهيا آهيون. اسين وقت به وقت مختلف دوائون استعمال ڪريون ٿا ۽ پنهنجن فصلن تي ڦوهارو ڪريون ٿا، تڏهن به انهن هاڃيڪار جيتن ۽ جيوڙن کان جند ڇڏائي نه سگهيا آهيون. قدرت اسان تي نهايت وڏو احسان ڪيو آهي، جو اُن ڪوريئڙن کي خلقيو آهي، جيڪي روزانو لکين ڪروڙين جيتن کي اجل جو شڪار بڻائندا رهن ٿا.

ماڪوڙيءَ ۽ ماکيءَ جي مک جي احوال ۾ اسين ڏسي چڪا آهيون ته هو پنهنجو پاڻ ۾ گڏجي ميڙ ڪري رهن ٿيون ۽ ڏک سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار هونديون آهن. جيڪڏهن ماڪوڙين کي يا ماکيءَ جي مکين کي الڳ الڳ ڪبو ته هو هڪ هڪ ٿي، بک ۾ نه، پر ڏک ۾ ئي مري وينديون. پر ڪوريئڙن سان ائين ناهي، هر هڪ ڪوريئڙو الڳ ۽ اڪيلو حياتي گذاريندو آهي، ايتري قدر جو نَرَ ۽ مادي به پاڻ ۾ گڏ نه رهندا آهن. ڳالهه اتي ئي ختم نٿي ٿئي: اڪثر ماديون پنهنجي ٻچن جي شڪل به نه ڏسنديون آهن. هو ٻچن جي آرام واري ڏاڪي يعني ”ڪڪون“ واري مرحلي کان پوءِ مري وينديون آهن؛ يا وري سندن ٻچن کي قدرت اڳ ۾ ئي اهڙي سمجهه ڏيندي آهي، جو هو ماءُ جي خوراڪ بڻجن جي ڊپ کان سگهو ئي گهر ڇڏي ڀڄي ويندا آهن. ڪي ماديون ته وري ٻچن تان پنهنجي جان به قربان ڪنديون آهن ۽ کين پنهنجي حياتيءَ جو سرمايو سمجهنديون آهن ۽ وقت به وقت پهرا ڏيئي به دشمنن کان کين بچائينديون آهن. ڪي ماديون ته پنهنجي ٻچن کي ڇهن ـــ ستن مهينن تائين پنهنجي پٺيءَ تي کنيو گهمائينديون  رهنديون آهن. اڪثر ماديون پنهنجن ٻچن کي ڪونه کارائين پيارين؛ پر ڪي ٿوريون ماديون منجهن اهڙيون به آهن، جيڪي پنهنجي وات مان به ڪڍي ٻچن کي کارائين ٿيون.

ڪوريئڙي کي اٺ ڄنگهون ۽ اٺ اکيون ٿينديون آهن. اکين مان چار وڏيون ته چار ننڍيون ٿينديون اٿس. اُن کي ٻه ڊگها ڏند ٿيندا آهن، جن سان هو شڪار جو خون چوسيندو آهي. ڪوريئڙن ۾ ماديون هميشہ وڏيون ٿينديون آهن، جن ۾ ڪي ته ٻن انچن جي قد جيتريون به ٿينديون آهن. اُنهن جي اِن ماپ ۾ ڄنگهو شامل نه آهن. ڪوريئڙن جي خوراڪ جيتن جي خون تي هوندي آهي، هو مکيون، تڏون ۽ مڪڙ نهايت شوق سان کائيندا آهن. قدرت ڪوريئڙن کي بک سهڻ جي به ڏاڍي قوت بخشي آهي، ڪڏهن ڪڏهن هو ڏيڍ سال تائين به بکيا رهي سگهن ٿا. هو هميشہ جيت جو تازو خون چوسيندا آهن، ۽ مرندي به ڪنهن مئل جيت يا جانور جي ويجهو نه ويندا آهن. ڪوريئڙن جي عمر مختلف ٿيندي آهي؛ ڪي هڪ سال، ڪي پنج سال، ته ڪي وري پنجويهن سالن تائين به جيئرا رهندا آهن.

جيئن ماڻهن جا ڪمن ڪارين جي خيال کان مختلف قسم ٿيندا آهن، جهڙوڪ: ڪڙمي، ڪوري، لوهار، ڌوٻي، شڪاري وغيره وغيره. تيئن ڪوريئڙن ۾ ڄار اُڻندڙ ڪوريئڙا، چيرڦاڙ ڪندڙ ڪوريئڙا، ٽپا ڏيندڙ ڪوريئڙا، چور دروازا ٺاهيندڙ ڪوريئڙا ۽ پاڻيءَ جا ڪوريئڙا وغيره ٿيندا آهن. انهن مختلف قسمن جي ڪوريئڙن جي رهڻي ڪرڻيءَ جو طريقو پنهنجو پنهنجو ٿيندو آهي. انهيءَ ڪري آءٌ مختصر طرح انهن جي هر هڪ قسم کي الڳ الڳ بيان ڪندس. اڳتي وڌڻ کان اڳ، آءٌ اوهان کي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته ڪوريئڙن ۾، قدرتي طور تي، ماديون نَرَن جي مٿان غالب هونديون آهن، ۽ اڄڪلهه  جيڪي ڪجهه اسين ڪوريئڙن بابت ڄاڻون ٿا، اها معلومات گهڻي قدر  اسان اُنهن جي مادين کي جاچڻ مان ئي حاصل ڪئي آهي. نَرَ جڏهن ننڍا هوندا آهن ته جڏا سڏا ڄار ٺاهيندا آهن، پر جڏهن وڏا ٿيندا آهن ته ڄار اُڻڻ جو ڪم بنهه ڪونه ڪندا آهن؛ نتيجي ۾ سندس ڄار ٺاهڻ جا عضوا ختم ٿي ويندا آهن. پوءِ هو رڳو رولو ڪتي وانگي مادين جي پويان ميلاپ لاءِ رلندا وتندا آهن، ۽ نيٺ انهن جي هٿان مارجي ويندا آهن. هنن جو ڪو گهر گهاٽ نه هوندو آهي، ۽ ’جتي پڪي اُتي کاڌِي‘ واري حياتي گذاريندا آهن.

ڄار اُڻندڙ ڪوريئڙا

ڄار اُڻندڙ ڪوريئڙا ـــــــــ يعني، ڪوريئڙيون نهايت محنتي، جفاڪش ۽ هنرمند هونديون آهن، ۽ ڄار اُڻڻ ۾ ڪوبه سندن ثاني ڪونهي، جڏهن اسين اُنهن جي سهڻي ڪاريگريءَ جي نموني کي ڏسندا آهيون ته دنگ رهجي ويندا آهيون. آڳاٽي زماني جي يونان جي هڪ ڏند ڪٿا مشهور آهي ته ”آراڪني“ نالي هڪ ڇوڪري رهندي هئي، جيڪا ڪپڙي اُڻڻ ۽ ڀرت جي ڪم ۾ نهايت گهڻي هوشيار هئي. هن ”اٿين “ نالي هڪ ديويءَ کي اُن هنر ۾ ساڻس  مقابلي ڪرڻ لاءِ للڪاريو هو. پوءِ اها ديوي هن جي اڻيل ڪپڙن کي ڦاڙي وجهندي هئي، جنهن تي اراڪنيءَ پاڻ کي ماري وڌو، ۽ پوءِ اٿين کيس پنهنجي جادوءَ سان ڦيرائي ڪوريئڙي ڪري ڇڏيو، ۽ هاڻي اُها، يعني ڪوريئڙيءَ جي روپ ۾ آراڪني، سدائين اُڻندي ٿي رهي، ۽ اُن ڪم ۾ هوءَ ٻين سڀني مخلوقن کان گوءِ کنيو بيٺي آهي.

ڪوريئڙي جي ڄار جا ٻه مکيه حصا ٿيندا آهن: ٻاهريون ڍانچو يا ٽنگڻي، جيڪا پَٽَ جي ڌاڳن سان ڪنهن شيءِ ۾ ٻڌل هوندي آهي، ۽ ٻيو ڦاهي يا سرڪڻ، جيڪا ٽنگڻيءَ جي وچ ۾ ٿيندي آهي. ڪوريئڙي شڪار کي ان ڦاهيءَ ۾ ڦاسائيندي آهي. ڦاهيءَ ۾ هڪ ڏور ٻڌل هوندي اٿس، جيڪا ڄار کان ٿورو پري ڪنهن ڪنڊ پاسي وڃي ختم ٿيندي آهي، جتي هوءَ پاڻ جُوهه وجهيو ويٺي هوندي آهي، جڏهن ڄار ۾ ڪو شڪار ڦاسندو آهي ته ڏور کي لوڏو ايندو آهي، جنهن کي ڪوريئڙي سڃاڻي وٺندي آهي، ۽ هڪدم وٺي ڦاهيءَ ڏانهن ڊوڙندي آهي، ۽ وڃي شڪار کي قبضي ۾ ڪندي آهي.

رواجي طرح (مادي) ڪوريئڙو هر چويهن ڪلاڪن کان پوءِ نئين ڦاهي ٺاهيندي آهي. پر سندن مختلف جنسون ڪن خاص وقتن تي ڦاهي ٺاهينديون آهن. ڪي اونداهيءَ کان اڳ، ڪي پوءِ ۽ ڪي وري پرهه ڦٽيءَ کان اڳ اهو ڪم ڪنديون  آهن.

ڄار اُڻندڙ ڪوريئڙن ۾ وري ٻه ٽوليون ٿينديون آهن: هڪ گهريلو ۽ ٻيو گهرن کان ٻاهر رهندڙ ڪوريئڙا.

گهريلو ڪوريئڙا گهرن اندر پنهنجا ڄار ڀتين جي ڪنڊن ۾، تصويرن ، ڪتابن ۽ ڪٻٽن جي پٺيان ٺاهيندا آهن. هي ڪوريئڙا اهڙا سٺا ڄار نه ٺاهيندا آهن، جهڙا گهرن کان ٻاهر رهندڙ ڪوريئڙا ٺاهيندا آهن. پر انهن جي ابتڙ گهريلو ڪوريئڙن جا ڄار قدرتي آفتن، جهڙوڪ: مينهن، طوفان ۽ پکين کان آجا رهندا آهن. هي ڪوريئڙا اڪثر نظر کان اوجهل رهندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن ڀتين يا فرشن تي گهمندي ڦرندي به نظر ايندا آهن. ڪنهن ڪنهن وقت هڪ ڪوريئڙو ٻئي جي ڄار تي زوريءَ قبضو ڪندو آهي. ڪوريئڙا ان لاءِ ماڪوڙين وانگر اڳواٽ ڪا جاسوسي نه ڪندا آهن پر اوچتو ئي اوچتو وڃي ٻئي جي ٺهيل ڄار تي هٿ رکندا آهن. پوءِ ته ڄار جي مالڪ ۽ زوري قبضي ڪرڻ واري ڪوريئڙي ۾ زبردست لڙائي لڳندي آهي، ۽ اُن ۾ جنهن کٽيو اهو اُتي گهر مالڪ ٿي ويهي رهندو؛ مطلب ته ڪوريئڙن جي دنيا ۾ ”جيڪو ڏاڍو سو گابو.“

گهرن کان ٻاهر رهندڙ مادي ڪوريئڙا هر هنڌ پنهنجا ڄار ٺاهيندا آهن. انهن ۾ ڪي ته اهڙا سهڻي نموني ٺهيل هوندا آهن، جو انسان ڏسڻ سان حيرت ۾ پئجي ويندو آهي. ڪي ڄار گول، ڪي ٽڪنڊا ۽ ڪي وري ڪپڙي جي هڪ چتيءَ وانگر هوندا آهن.

ڪوريئڙي جي شڪار ڦاسائڻ جو رواجي طريقو اهو آهي ته هو پاڻ ڄار کان ٻاهر ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ڏور جي هڪ ڇيڙي کي پڪڙيو ويٺا هوندا آهن. پوءِ جڏهن ڪو شڪار ڦاهيءَ ۾ ڦاسندو آهي ته ڏور لڏندي آهي، جنهن مان مادي ڪوريئڙي سمجهي ويندي آهي ته ڄار ۾ ڪا شيءَ ڦاٿي آهي. پوءِ  هوءَ هڪدم وٺي اوڏانهن ڊوڙندي ۽ اتي پهچي پهرين شڪار جو جائزو وٺندي. جيڪڏهن شڪار ننڍو هوندو ته ان کي ماري يا اتي ئي سندس خون چوسي وٺندي، يا وري رهائش گاهه ڏانهن کڻي اتي وڃي هن جو خون چوسيندي. جيڪڏهن شڪار ڪو وڏو يا خوفناڪ هوندو، جهڙوڪ؛ ڏينڀو، ماکيءَ جي مک، مڪڙ، يا تڏ، ته پوءِ ان کي قابو ڪرڻ جي ڪا ترڪيب سوچيندي. ڏينڀوءَ کي هوءَ اڪثر پاڻ ئي ڇڏي ڏيندي آهي، ڇاڪاڻ ته هو ڄار ۾ گهڻو گوڙ ڪندو آهي ۽ اُن مان خود کيس ئي پنهنجي جان جو ڊپ هوندو آهي. ٻيو جيڪو به جيت وٽس ڦاهيءَ ۾ ڦاٿو ته ڊوڙي، پنهنجي جسم مان پٽ جون تندون ڪڍي اهي شڪار جي بدن کي ويڙهي ان کي قابو ڪري ڇڏيندي آهي، ۽ ائين شڪار سندس قبضي ۾ اچي ويندو آهي. پوءِ ڪوريئڙي ان کي پنهنجيءَ جاءِ ڏانهن گهلي ويندي آهي.

ڪن ڪوريئڙن جي شڪار ڦاسائڻ جا طريقا وري نرالا هوندا آهن. هڪڙي اهڙي ڪوريئڙي آهي، جا ڪنهن مک کي ڏسي، ان ڏانهن آهستي آهستي ويندي. مک به هڪ ڏاهي مخلوق آهي ۽ هوءَ ڪوريئڙي جي نيت کان وقف ٿي ويندي آهي. پر ڪوريئڙيءَ کي دولاب ڏيڻ جي نيت سان ويٺي پنهنجو منهن صاف ڪندي رهندي، پر هڪ اک ڪوريئڙيءَ ۾ لڳل هونديس. هوڏانهن ڪوريئڙي ٿوري فاصلي تي اچي بيهي رهندي، ۽ مک به مزي سان ويٺي اُن کي ڏسندي. اوچتو اوچتو. مک کي سڌ ئي نه پوندي، ته مٿانئس کونئر جو ڦوهارو ٺا اچي ڪندو (ڪوريئڙي پَٽَ کان سواءِ کونئر به پنهنجي جسم مان ڪڍندي آهي)، ۽ ڏسندي ڏسندي، مک کونئر ۾ لنبجي ويندي!

ڪي مادي ڪوريئڙيون رات جي پوئين پهر ۾ پنهنجي ٻرڙن مان ٻاهر نڪري، انهن ۾ ڄار اڏي، شڪار جي تاڙ ۾ ويهي رهنديون آهن. پوءِ رات جا اڏامندڙ جيت انهن ڄارن ۾ وڃي ڦاسندا آهن، جن جو هو خون چوسي وٺنديون آهن. سج اڀرندي ئي هو پنهنجا ٽپڙ گول ڪري، گهر روانيون ٿي وينديون آهن.

آسٽريليا ۾ هڪ نهايت خوبصورت ڪوريئڙي ٿيندي آهي، جيڪا وڻ جي شاخ تي ويهي شڪار ڪندي آهي. هوءَ پنهنجي جسم مان پَٽُ ڪڍي ان مان ڏور ٺاهي ان جي هڪ ڇيڙي ۾ کونئر جو گولڙو قابو ڪري، ٻئي ڇيڙي کي پڪڙي پنهنجي مٿي جي مٿان گول ڦيرائيندي آهي. پوءِ جيڪو جيت کونئر جي گولڙي کي ڇهندو ته اتي ئي جهلجي پوندو آهي. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي انوکا طريقا آهن، جن جو وري ڪوريئڙين جي ٻين قسمن جي احوال ۾ ذڪر ڪيو ويندو.

پَٽُ

انسانذات لاءِ ته پٽ هڪ عياشي آهي، پر ڪوريئڙن ۽ خاص طرح ڄار اُڻندڙ ڪوريئڙن لاءِ اهو ايترو ضروري آهي جيترو اسان لاءِ اَنّ پاڻي. هنن جي سڄي حياتي پَٽَ تي ٻڌل آهي. هو ان ۾ ڄمندا آهن، پلجندا آهن ۽ ان جي ذريعي خوراڪ حاصل ڪندا آهن وغيره وغيره، پَٽ ڪينئِن جي پَٽَ کان ڪوريئڙي جو پَٽَ پنجوڻ ڀيرا وڌيڪ سٺو ٿيندو آهي. پراڻي زماني ۾ ڪوريئڙن مان پَٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي ۽ ڪي ڪجهه اُهو حاصل به ڪيو ويو هو. پر جيئن ته هو اڪيلي سر رهندا آهن ۽ جيڪڏهن کين گڏ رکبو، ته هڪٻئي کي ماري وجهندا، انهيءَ ڪري ڪوريئڙن مان پَٽَ حاصل ڪرڻ واري حسرت انسان جي شايد ئي پوري ٿئي.

بگهڙ ڪوريئڙيون

ڄار اڻندڙ ڪوريئڙيون نهايت هوشياري ۽ هنرمنديءَ سان ڄار ٺاهي، گهر ويٺي پنهنجي خوراڪ حاصل ڪنديون رهنديون آهن. پر بگهڙ ڪوريئڙين کي ڄار اُڻڻ جي ڪابه ڄاڻ نه هوندي آهي. انهيءَ ڪري کين خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي. بگهڙ ڪوريئڙين جي نظر ڄار اڻندڙ ڪوريئڙين کان تيز ٿيندي آهي ۽ هو بگهڙ وانگي وٺي شڪار جي پويان ڊوڙنديون آهن؛ مٿن نالو به سندن انهيءَ خصلت سبب پيو آهي.

هي ڪوريئڙيون پنهنجا گهر زمين جي اندر ٻرڙ ٺاهي انهن ۾ رهنديون آهن. ڪن گهرن جي ليول زمين جي برابر هوندي آهي ۽ ڪن گهرن جي مٿان ٿورو پلوڙو ڏنل هوندو آهي. جڏهن ڪو شڪار سندن گهر جي ڀرسان اچي لانگهو ٿيندو، ته يڪدم هن جي پويان ڊوڙنديون آهن. رفتار تيز هجڻ جي ڪري هو هڪدم شڪار جي مٿان غالب پونديون آهن. بگهڙ ڪوريئڙيون شڪار کي يڪدم ماري، اُن جو خون چوسي وٺنديون آهن، ڇاڪاڻ ته کين پٽَ جون ڪي رسيون موجود نه هونديون آهن، جن سان هو شڪار ڪري گهر ڏانهن گهلي وڃن.

بگهڙ جنس جي ڪوريئڙن ۾ ”ٽارنٽولا“ ذات جو ڪوريئڙو نهايت بدنام ليکيو ويندو آهي. آڳاٽي زماني ۾ ”ٽارنٽولا“ جو ماڻهن جي مٿان ايترو ته هراس ڇانيل هوندو هو، جو ماڻهو چوندا هئا ته جيڪڏهن ان ڪوريئڙي ڪنهن کي چڪ پاتو ته سمجهو ته ان جو موت آيو. سائنسدانن تجربا ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته ”ٽارنٽولا“ ۾ اهڙو ڪو زهر موجود ناهي، جنهن سان ماڻهو مري وڃي. ائين ضروري آهي ته ”ٽانٽولا“ جي چڪ سان ٿورو سور ۽ خارش ٿيندي آهي، جيڪا به ٿوري وقت ۾ لهي ويندي آهي. ها! ڪي ٻيا ڪوريئڙا آهن جيڪي نهايت خطرناڪ ٿيندا آهن ۽ سندس چڪ پائڻ سان انسان ڇا، پر اُٺ جهڙو جانور به مري ويندو آهي.

مادي بگهڙ ڪوريئڙن جو پنهنجي ٻچن سان بيحد پيار ٿيندو آهي. جڏهن ٻچا ”ڪڪون“ واري ڏاڪي ۾ هوندا آهن، ته مائون ”ڪڪون“ کي پنهنجي پيٽ سان ٻڌي، ساڻ گهمائينديون وتنديون آهن. سائنسدانن ڪيترائي تجربا ڪري اهو ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن مادين کان پنهنجا ”ڪڪون“ ڦربا، ته  هو چرين وانگي هيڏانهن هوڏانهن ڦيريون پيون پائنديون آهن ۽ جيڪڏهن کين”ڪڪون“ جهڙي ٻي ڪا گول شيءِ يا ڪنهن ٻيءَ ڪوريئڙيءَ جو ”ڪڪون“ پيش ڪبو، ته هوءَ نهايت  خوشيءَ سان ان کي به قبول ڪري، پيٽ سان ٻڌي، خوش ٿي، اتان هلي ويندي. پر انهن ۾ ڪي اهڙيون ماديون به آهن، جي ٻيءَ ذات جي ڪوريئڙن جي ”ڪڪونئن“ کي قبول نه ڪنديون آهن.

ٽپا ڏيندڙ ڪوريئڙا

سڀني ڪوريئڙن مان ٽپا ڏيندڙ جنس جي ڪوريئڙن جي نظر تيز ٿيندي آهي. هنن جي شڪار ڪرڻ جو طريقو ذري گهٽ ٻليءَ جي طريقي جهڙو ٿيندو آهي.

ٽپا ڏيندڙ ڪوريئڙيون ڀتين، ڪيلن جي جهڳٽن، ٻوٽن ۽ گهرن ۾ رهنديون آهن. کين جڏهن ڪو شڪار ڪرڻو هوندو آهي ته ان کي تاڙي، پوءِ آهستي آهستي پنهنجن پٻن تي هلنديون آهن. هو ٿورو تيز هلي وري بيهي رهنديون آهن، يا ڪينئين وانگي زمين سا آهستي آهستي رڙهنديون آهن. پوءِ جڏهن شڪار جي ويجهو اينديون آهن، ته هڪدم اُن جي مٿان ٽپو ڏيئي، کيس وڃي قابو ڪنديون آهن.

هي ڪوريئڙيون لسين ڀتين ۽ ڇتين تي ائين گهمنديون آهن، جيئن ٻيون ڪوريئڙيون سڌيءَ زمين جي سطح تي گهمنديون آهن. هنن جي پيرن ۾ خاص قسم جي وارن جي هڪ گدي ٿيندي آهي، جنهن جي مدد سان هو لسين ۽ اُڀين شين تي به گهمي سگهنديون آهن. ٻين ڪوريئڙن جو مٿو گول ٿيندو آهي، پر ٽپا ڏيندڙ جنس جي ڪوريئڙن جو مٿو چؤڪنڊو ٿيندو آهي ۽ اکين جي بيهڪ پڻ ٻين کان مختلف هوندي اٿن. چار وڏيون اکيون هڪ قطار ۾ ۽ انهن جي پويان چار ننڍيون اکيون ٻيءَ قطار ۾ هونديون اٿن.

کيکڙي نما ڪوريئڙا

کيکڙي نما ڪوريئڙا نهايت سهڻا ٿيندا آهن ۽ ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته هي ڪوريئڙا نه، پر پري کان زيورن جهڙا وڻندڙ ۽ سهڻا پيا ڏسبا آهن، سندس نالو کيکڙي نما انهيءَ ڪري پيو آهي، جو سندس شڪل ۽ چال چلت کيکڙي وانگر ٿيندي آهي. هن جنس جون مادي ڪوريئڙيون نهايت گهڻا ناٽ ڪنديون آهن ۽ پنهنجي شڪل ٻين شين ۾ ڦيرائي سگهنديون آهن، مثال طور پکين جون وِليون، گل، سڪل پن، پوپٽ، ماڪوڙيون وغيره.

هي ڪوريئڙيون نهايت سٺي اداڪاري ڪري سگهنديون آهن. اهي سڀئي ناٽ هو شڪار ڦاسائڻ  لاءِ ڪنديون آهن. سڀني کي ڄاڻ آهي ته پکين جي وِٺ بيجان ٿيندي آهي ۽ ڪنهن لاءِ به نقصانڪار ناهي. پوءِ ڪي ڪوريئڙيون پاڻ کي پکين جي وٺين جي شڪل ۾ ڦيرائي ڇڏينديون آهن. جڏهن ڪو جيت سندن ڀرسان ايندو آهي، ته هو يڪدم ان کي ڦاسائي وٺنديون آهن. ڪي وري پاڻ کي گلن جي صورت ۾ ڦيرائي ڇڏينديون آهن، ۽ جڏهن ماکيءَ جي مک يا ڪو ٻيو جيت سندن ويجهو ايندو آهي ته ان کي پڪڙي وٺنديون آهن. اهڙيءَ طرح ڪي وري پوپٽ ٿي جيتن کي پڪڙينديون آهن. ائين ڪرڻ سان هو دشمنن جي حملي کان به بچيل رهنديون آهن.

مٿي ٻڌايو ويو آهي ته ڪوريئڙا ۽ ٻيا جيت ماڪوڙين کي پنهنجي خوراڪ نه بڻائيندا آهن، انهيءَ ڪري ڪي ڪوريئڙيون پاڻ کي ماڪوڙين جي شڪل ۾ ڦيرائي ڇڏينديون آهن ۽ انهن سان گڏ پيون هلنديون چلنديون آهن، ايتريقدر جو ماڪوڙين کي به اُنهن جي سڌ نه پوندي آهي. اهڙيءَ طرح هو پاڻ کي دشمنن کان محفوظ رکنديون آهن.

چور دروازو ٺاهيندڙ ڪوريئڙا

ڪي مادي ڪوريئڙيون ڄار اُڻي انهيءَ مان فائدو ٿيون وٺن، ڪي وري اداڪاري ڪري پاڻ کي گلن، پوپٽن، يا پکين جي وٺين جي شڪلين ۾ ڦيرائي پنهنجي بچاءُ ۽ خوراڪ حاصل ڪرڻ جو مسئلو حل ڪن ٿيون. ڪي ڪوريئڙيون وري اهڙيون ٿين ٿيون، جن وٽ اهڙي ڪا خاص رٿا ۽ اٽڪل ته ڪانه هوندي آهي، پر وري به خوراڪ جو مسئلو اُهي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان حل ڪري ڇڏين ٿيون. ڪي خاص ڪوريئڙيون ته وري اهڙيون آهن، جي پنهنجي بچاءَ ۽ خوراڪ هٿ ڪرڻ جي سلسلي ۾ مٿي بيان ڪيل کيکڙي نما ڪوريئڙيءَ کان به وڌيڪ چالاڪ ۽ هنرمند هونديون آهن. انهن ۾ چور دروازا ٺاهيندڙ ڪوريئڙيون سڀ کان وڌيڪ مشهور آهن.

هي ڪوريئڙيون زمين اندر ٻرڙ کوٽي، انهن جي مٿان اهڙي نموني جا دروازا ٺاهينديون آهن. جو ڪنهن کي به سڌ نه پوندي آهي ته ڪوريئڙين جا گهر ڪٿي آهن. هو دروازن کي زمين سان هموار ڪري، اتان جي آس پاس جي مٿاڇري جي سڌائيءَ ۾ انهن کي مٿان ڍڪي ڇڏينديون آهن.

هي ڪوريئڙيون اڪثر رات جو پنهنجا ڪارناما سرانجام ڏينديون آهن. هو گهرن کان ٻاهر نڪري دروازي جي اوٽ ۾، ڄار اڏي ويهي رهنديون آهن. جڏهن ڪو شڪار ڦاسندو اٿن، ته سڄيءَ ڄار کي پٽي گهر کڻي وينديون آهن. رات  جو شڪار ڪرڻ ڪري، هو پنهنجن ڏينهن جي هلندڙ رواجي دشمنن، جهڙوڪ: مکيون، ڏينڀو، پکي وغيره کان پڻ سلامت رهنديون آهن.

هنن ڪوريئڙن ۾ هڪ اهڙي مادي ٿيندي آهي، جيڪا ڇهن مهينن تائين پنهنجي ٻچن کي پاليندي آهي. بهار جي مند ۾ هوءَ گهر جي دروازي کي سوراخ ڪري، ٻچن کي پنهنجي قسمت جي حوالي ڪري ٻاهر اماڻي ڇڏيندي آهي. جيڪڏهن موسم خراب هوندي آهي، ته پوءِ هوءَ ٻچن کي ڪجهه وڌيڪ عرصو پاڻ وٽ رکندي آهي، پر اتفاق سان جيڪڏهن موسم وڌيڪ عرصو خراب رهندي آهي، ته پوءِ هوءَ دروازو بلڪل بند ڪري هڪ ـــ هڪ ٻچي کي واري واري سان خود پنهنجي خوراڪ به بڻائي ڇڏيندي آهي.

پاڻيءَ جا ڪوريئڙا

پاڻيءَ جا ڪوريئڙا خشڪيءَ تي رهندڙ ڪوريئڙن کان نهايت خوش نصيب هوندا آهن. کين خوراڪ آسانيءَ سان ملي ويندي آهي ۽ اڪثر ڪري دشمن جي چنبي کان به آجا رهندا آهن. هي ڪوريئڙا پاڻيءَ جي مٿان ڪنارن تي رهندا آهن، پر انهن ۾ هڪ جنس اهڙي آهي جيڪا حقيقي معنيٰ ۾ پاڻيءَ ۾ اندر رهندي آهي. هي ڪوريئڙا اڪثر بيٺل پاڻيءَ ۾ رهندا آهن.

پاڻيءَ جي ڪنارن تي رهندڙ ڪوريئڙا اڳيون ٻه ڄنگهون پاڻيءَ ۾ ۽ باقي بُت ٻاهر ڪيو ويٺا هوندا آهن. پوءِ جڏهن ڪا ننڍي مڇي، يا ڏيڏر جو ٻچو يا ڪو ٻيو جيت سندن ويجهو ايندو، ته ٽپ ڏيئي ان کي قابو ڪندا آهن. پاڻيءَ جي سطح تي رهندڙ ڪوريئڙا وڻن جي پنن يا ڪکن ڪانن تي ترندا رهندا آهن، ۽ جڏهن ڪو شڪار ڏسندا آهن، ته ٽپ ڏيئي، ان کي پڪڙي، پنهنجي خوراڪ بڻائيندا آهن. باقي پاڻيءَ ۾ هيٺ رهندڙ ڪوريئڙن ته ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. اهي ڪوريئڙا اونهاري ۾ پاڻيءَ جي سطح کان ٿورو هيٺ ۽ سياري ۾ پاڻيءَ جي تري ۾ پنهنجا گهر ٺاهيندا آهن.

هي ڪوريئڙا پاڻيءَ جي سطح تي بولاٽي کائي، چند سيڪنڊن ۾ هوا جو هڪ گولڙو ٺاهي، ان کي ساهه جي نلڪين جي ڀرسان پيٽ جي هيٺان قابو ڪري، پوءِ ٽٻي ڏيئي، پاڻيءَ ۾ هيٺ هليا ويندا آهن. هو پاڻيءَ ۾ اندر ننڍين مڇين ۽ ٻين جيتن جو شڪار ڪندا آهن. جڏهن کين گهر ٺاهڻو هوندو آهي، ته پهريائين هو ڄار ٺاهي، ان جي مٿان اهڙي ڪا پاڻياٺ هاريندا آهن، جو ڄار مان پاڻي اندر داخل نه ٿي سگهندو آهي. پوءِ ان کي ڪنهن شيءِ سان اٽڪائي، پاڻ پاڻيءَ جي سطح تي اچي، هوا جو گولڙو ٺاهي، ان کي ڄار جي هيٺان ڇڏيندا ويندا آهن. هو اهو عمل تيستائين جاري رکندا آهن، جيستائين اندران ڄار هوا سان ڀرجي، تنبوءَ وانگي ٿي پوندي آهي.

ميلاپ

جيتن جي دنيا ۾ قدرت هميشہ نرَن کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايو آهي. هتي به ذري گهٽ ساڳي صورت آهي. ميلاپ کان پوءِ اڪثر نَرَ ڪوريئڙا مادين جي خوراڪ بڻبا آهن۔ قسمت سان ڪي نر ميلاپ جي اِن قيمت جي ادا ڪرڻ کان بچي به ويندا آهن. جيڪڏهن ڪو نَرَ چالاڪ ۽ ڦڙت هوندو، ته ميلاپ کان پوءِ هڪدم اتان کسڪي ويندو، پر جي کانئس ٿوري به ڪا سستي ٿي، ته پوءِ سندس خير نه هوندو. پوءِ جيئن ئي هو ميلاپ ختم ڪندو يا ڪرڻ وارو هوندو، ته مادي کيس پنهنجي پَٽَ جي رسين سان ٻڌڻ شروع ڪندي، ۽ اهڙيءَ طرح ٻڌي قابو ڪري کيس پنهنجي خوراڪ بڻائي ڇڏيندي.

ڪوريئڙن ۾ اهڙا تمام ٿورا نَرَ ڏٺا ويا آهن، جيڪي ميلاپ کان پوءِ پنهنجي جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. انهن مان ڪي ڪوريئڙا ميلاپ ختم ٿيڻ کان ٿورو اڳ پاڻ ئي ماديءَ کي پَٽَ جي ڌاڳن سان ٻڌندا آهن ۽ پوءِ جيئن ميلاپ پورو ٿيندو ته اتان رفوچڪر ٿي ويندا آهن. ڪي نَرَ وري مادين کي ننڍي هوندي ئي ڀڄائي، کڻي پاڻ وٽ رکندا آهن. پوءِ جڏهن هو اڃا جوان مس ٿينديون، ته انهن سان پنهنجو مطلب پورو ڪري، فوراً اتان کسڪي ويندا آهن.

اڳتي وڌڻ کان اڳ آءٌ اوهان کي اهو ٻڌائندو هلان ته نَرَن جا پيلوڙا ڪنهن اهڙي عضوي سان ڳنڍيل نه هوندا آهن، جيڪو ماديءَ جي ڳڀيرڻ اندر پهچي سگهي، اُهي سندن پيٽ جي هڪڙي سوراخ سان ئي ڳنڍيل هوندا آهن. پوءِ نَرَ کي منيءَ جي جزن کي روڪڻ لاءِ هڪ ننڍڙو تڏو ٺاهڻو پوندو آهي، جيڪو هو پيلوڙن جي هيٺان ڏيئي ڇڏيندو آهي. پوءِ جڏهن هو جوان ٿيندو آهي، ته منيءَ جي جزن کي پنهنجين اڳين ڄنگهن ۾ چنبڙائي يا جذب ڪري ڇڏيندو آهي. نَرَ جون اهي ڄنگهون ٻين ڄنگهن کان ٿلهيون ٿينديون آهن. ۽ نرنَ جي سڃاڻپ جي خاص نشاني اهائي هوندي آهي.

جيتن جي دنيا ۾ ماديءَ ڪوريئڙي نهايت سخت دل ٿيندي آهي.کيس حياتيءَ ۾ رڳو ٻه خوشيون هونديون آهن: پهريون سندس پيٽ يعني کاڌو ۽ ٻيو جنسي ميلاپ. ماديءَ کي راضي ڪرڻ لاءِ نَرَ کي ڪافي جتن ڪرڻا پوندا آهن ۽ هر هڪ جنس جي نَرَ جا ماديءَ کي ميلاپ لاءِ تيار ڪرڻ جا پنهنجا پنهنجا طريقا ٿيندا آهن. انهيءَ ڪري هر هڪ جنس جي نَرَ جو الڳ الڳ ٿورو بيان ڪجي ٿو.

ڄار اُڻيندڙ ڪوريئڙا

جيئن ته هنن ڪوريئڙن جي نظر گهٽ ٿيندي آهي، انهيءَ ڪري هو ڇهڻ جي حواس تي هلندا آهن. جڏهن نَرَ ماديءَ جي ڄار وٽ پهچندو آهي، ته هو ڄار جي ڀر ۾ بيهي، ڄار کي لوڏڻ شروع ڪندو آهي. هن جي لوڏڻ جو انداز اهڙو هوندو آهي، جو ماديءَ کي سڌ پئجي ويندي آهي ته، ڪو سندس سنڱ ڇڪائڻ لاءِ آيو آهي. پوءِ جيئن ئي مادي نمودار ٿيندي، ته نَرُ ڄار کي اهڙو ته تيز لوڏيندو، جو مادي ان جي لهرن تي مدهوش ٿي ويندي آهي، ۽ اهڙيءَ طرح نَرُ وڃي پنهنجي مقصد کي رسندو آهي.

بگهڙ ڪوريئڙا

        بگهڙ ڪوريئڙن جي نظر تيز ٿيندي آهي ۽ نَرُ ماديءَ کي پنهنجي اچڻ جو اطلاع اک جي تاءَ يا نظر سان ڏيندو آهي ۽ گڏوگڏ پنهنجي هٿن ۽ ٻانهن سان اشارا به ڪندو ايندو آهي. پوءِ مادي نَرَ جي اشارن جي رمز تاڙي وٺندي آهي ۽ پوءِ ٻنهي جو ڪم مڙيئي ٺهي ويندو آهي. مطلب ته بگهڙ ڪوريئڙو ماديءَ کي نظر ۽ اشارن جي ذريعي راضي ڪندو آهي.

ٽپا ڏيندڙ ڪوريئڙا

ٽپا ڏيندڙ ڪوريئڙن ۾ نَرَ ڪجهه وڌيڪ موڳا ٿيندا آهن ۽ ماديون ڪجهه رحمدل هونديون آهن. هنن ۾ پيار ڪرڻ جو عجيب طريقو آهي. هن جنس جا نَرَ مادين کي نچڻ سان راضي پازي ڪندا آهن. نَرُ ماديءَ جي آڏو نچندو ايندو آهي، ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ کيس ائين ڪرڻو پوندو آهي. هو آهستي آهستي، نچندو، اڳتي وڌندو، قدمن کي جهٽڪا ڏيندو ايندو آهي. انهيءَ وچ ۾ مادي هن ڏانهن غور سان نهاريندي رهندي آهي ۽ جيڪڏهن کيس نَرَ جو ناچ پسند آيو؛ ته پوءِ هن جي قدمن سان پنهنجا قدم ملائڻ شروع ڪندي آهي.

اڪثر  ڪري نَرُ ماديءَ جي اوچتي حملي کان لنوائيندو آهي. انهيءَ ڪري هو ماديءَ کي ٽيڏيءَ اک سان ڏسندو رهندو آهي. جڏهن ماديءَ کي سندس ناچ پسند ايندو آهي ته پوءِ نَرَ کي هشي اچي ويندي ۽ پوءِ وڌيڪ تڪڙو نچڻ لڳندو. پر جڏهن ماديءَ کي نَرَ جي ڪا رمز يا ناچ پسند نه آيو، ته هوءَ اتان هلي ويندي. جيڪڏهن نَرُ سندس پويان لڳو، ته پوءِ هوءَ کيس جهٽ هڻي ماري ڇڏيندي آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ڪي نَرَ جڏهن ماديءَ جي اڳيان ايندا آهن، ته هنن کي پنهنجي سهڻي ۽ لاڳيتي ناچ سان اهڙو ته محو ڪندا آهن، جو ڀانئبو آهي ته ڄڻ هو ڪو ڦيڻو يا جهاڙ پڙهي اُنهن تي قبضو ڪن ٿا.

کيکڙي نما ڪوريئڙا

کيکڙي نما ڪوريئڙن جي ميلاپ جو طريقو نهايت رکو ۽ کهرو هوندو آهي. هتي به نَرُ پري کان اشاري بازي ڪندو، ماديءَ ڏانهن وڌندو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن کيس ڪو خطرو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، ته اُتان کسڪي ويندو آهي، هنن ڪوريئڙن جي نظر ڪمزور ٿيندي آهي. پوءِ جڏهن هو هڪٻئي کي اوچتو ڏسندا آهن ته نَرَ کي ڦڙتائي ۽ چالاڪي ڏيکارڻي پوندي آهي. جيڪڏهن اُن گهڙيءَ هن ٿوري به سستي ڪئي، ته سمجهو ته هن جو موت آيو. اُنهيءَ گهڙي نَرُ هڪدم ماديءَ جي ڄنگهن کي اهڙي نموني پڪڙيندو آهي، جو ماديءَ کي مٿس جهٽ هڻڻ  جو موقعو ئي نه ملندو آهي. پوءِ مادي ڇڏائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪندي آهي، پر نَرُ کيس چنبڙي پوندو آهي. آخر ۾ مادي هٿيار ڍرا ڪندي آهي ۽ اتي نَرُ کيس ڪتڪتايون ڪرڻ شروع ڪندو آهي، جن مان مادي نهايت گهڻي خوشي ۽ فرحت محسوس ڪندي آهي، اهڙيءَ طرح هو پاڻ ۾ راضي پازي ٿي ويندا آهن.

پاڻيءَ جا ڪوريئڙا

هنن ڪوريئڙن ۾ نَر هميشہ ماديءَ کان وڏو ٿيندو آهي ۽ پنهنجو گهر ماديءَ جي گهر ڀرسان ٺاهيندو آهي. جڏهن ميلاپ جو وقت ايندو آهي ته هو پنهنجي ۽ ماديءَ جي گهر جي وچ ۾ هڪ ورانڊو ٺاهيندو آهي. پوءِ ورانڊي مان لنگهي، ماديءَ جي گهر جي ڀت ڀڃي اندر داخل ٿي، هڪدم ماديءَ جي مٿان چڙهي ويندو آهي. جيئن ته مادي نَرَ کان ننڍي ٿيندي آهي، انهيءَ ڪري مقابلو ۽ چٽاڀيٽي گهڻو وقت نه هلندي آهي۽ ستت ئي پاڻ ۾ ٺهي ويندا آهن. ميلاپ کان پوءِ نَرُ- مادي ڪجهه وقت گڏ به رهندا آهي.

ميلاپ کان پوءِ ڪوريئڙن جون سڀئي ماديون آنا لاهينديون آهن ۽ آنن ڦٽڻ کان پوءِ ٻچن جي مٿان ”ڪڪون“ اڻنديون آهن، جنهن ۾ ٻچا ڪجهه وقت آرام ڪندا آهن. ان وقت ڪي ماديون مري وينديون آهن ۽ ڪي ٻچن ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏينديون آهن ۽ ڪي وري ٻچن کي گهڻو پيار به ڪنديون آهن. پر اڪثر ماديون ٻچن کي لوڌي ڪڍنديون آهن. پوءِ ڪجهه وقت هو هڪ هنڌ ڪٺا ٿي مٿي اڏرڻ جي انتظار ۾ ويهي رهندا آهن.

هر هڪ مخلوق کي پنهنجي نسل کي برقرار رکڻ لاءِ زمين جي چئن ئي پاسن تي پکڙجڻو پوندو آهي. جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته ڪابه مخلوق ترقي نه ڪري سگهي ۽ ٿوريءَ ڪنهن آفت اچڻ سان هوءَ ختم ٿي وڃي. اوهين ڏسندا ته انسان خوراڪ جي ڳولا ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آباد آهي. وڻ به ٻج جي ذريعي پنهنجو نسل وڌائيندا آهن. وڻ ته پاڻ چُري ئي نه سگهندا آهن، انهيءَ ڪري اُن جا ٻج هوا، پاڻيءَ، پکين، جانورن ۽ انسانن جي ذريعي چئن ئي پاسي پکڙبا آهن. اهڙيءَ طرح ڪوريئڙن جا ٻچا به موافق موسم ۾، جڏهن هوا بلڪل بند هوندي آهي، تڏهن مٿي اڏرڻ شروع ڪندا آهن ۽ زمين تي چئن ئي پاسي پکڙجي ويندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com