سيڪشن؛  ٻاراڻوادب

ڪتاب: ماڪوڙي، ماکيءَ جي مک ۽ ڪوريئڙن جي حياتي

 

صفحو : 2

ماکيءَ جي مک جي حياتي

شروعات:

پراڻي زماني کان وٺي ماکيءَ جون مکيون انسان لاءِ ڏاڍيون ڪارائتيون رهيون آهن. کنڊ جي ٺهڻ کان اڳ، مٺاڻ لاءِ ماڻهو ماکي ڪم آڻيندا هئا. انهيءَ ڪري ماکيءَ جي مکين جو قدر اڄ کان وڌيڪ آڳاٽي زماني ۾ ڪيو ويندو هو.

(مک جي پوئين ٽنگ) (مکين جي راڻي)

(مک جو ڏنگ) (پورهيت مک) (مک جي سونڊ)

 ماکيءَ جي مک به ماڪوڙيءَ وانگر جيتن جي دنيا ۾ هڪ عجيب مخلوق آهي. هِيءَ ڏاڍي ڏاهي ۽ سمجهدار ٿئي ٿي ۽ سدائين پنهنجي وڳر سان رهي ٿي. ڪنهن مک کي جيڪڏهن اڪيلو رکبو، ته هوءَ بک وگهي نه؛ پر اڪيلائپ ڪري مري ويندي. ماکيءَ جون مکيون الڳ الڳ ڪجهه به نه آهن، نه جِي سگهن؛ نه ڪجهه ڪري سگهن. هو سدائين هڪٻئي جي آڌار تي ۽ پاڻ ۾ ڀائپيءَ سان گڏجي رهنديون آهن. سندن گهر کي ”مانارو“ چئبو آهي. ۽ جڏهن ميڙ ڪري اڏامنديون آهن، تڏهن انهن کي ”جوُهو“ سڏجي ٿو.

(ماناري جي اندرين شڪل) (ماناري جي ٻاهرين شڪل)

ماڪوڙين وانگي ماکيءَ جون مکيون پڻ اوندهه کي پسند ڪنديون آهن. قدرت کين اهڙي سگهه ڏني آهي، جو اوندهه ۾ به هو ڪنهن شيءِ کي پورو ماپي وٺنديون آهن.

ماکيءَ جي مک جي حياتيءَ جو گهڻو حصو سندس نئين نسل لاءِ وقف هوندو آهي. راڻي مک ته ذري گهٽ پنهنجي سڄي حياتي گهر ۾ اندر گذاريندي آهي، نه صبح جي روشني ڏسي ۽ نه گلن ڏانهن وڃي۔ پورهيت مکيون به پنهنجي حياتي ماناري لاءِ وقف ڪري ڇڏينديون آهن. اُهي رڳو پنهنجي برادريءَ جي گڏيل سک ۽ فائدي لاءِ جيئنديون آهن ۽ ان لاءِ جيڪو کين اڻ کٽ ڪم ڪرڻو پوندو آهي، ان کان وڌيڪ ٻي خوشي هو ڄاڻن ئي ڪو نه.

ماکيءَ جي مکين ۾ هڪٻئي لاءِ اوهان کي ڪا به اڻبڻت، ڌڪار يا دشمني ڪڏهن به ڏسڻ ۾ ڪا نه ايندي. سندن ماناري ۾ هر وقت اوهان کي پورو امن امان ۽ ايڪو ڏسڻ ۾ ايندو. سندن هر ڪو ڪم پوريءَ رٿا وارو ۽ پوري سهڪار سان هلندو آهي. رڳو جڏهن ڪنهن اتفاق سان سندن آئيندو خطري ۾ هوندو آهي، يعني سندن نسل کي ڪو اوچتو ۽ وڏو نقصان پهچڻ وارو هوندو آهي، تڏهن منجهن وقتي ڳڙٻڙ ۽ مونجهارو پيدا ٿي پوندو آهي، پر اهڙن موقعن تي پڻ هو ترت ئي پنهنجي گڏيل فائدي ۽ نسل جي ڀلائي لاءِ پنهنجا سڀ ويڇا وساري، پوري ايڪي سان دشمن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي بيهنديون آهن.

ماکيءَ جون مکيون به ماڪوڙين وانگر ٽن قسمن جون ٿينديون آهن: هڪڙي ”راڻي مک“، جنهن کي مادي يا ماءُ مک به چئبو آهي. هيءَ مک بت جي سنهي ۽ سندس هيٺيون ڌڙ ٻين مکين کان ٻيڻو ڊگهو ٿيندو آهي. هن جو رنگ صاف ۽ سونهري ٿيندو آهي ۽ سندن ڏنگ مُڙيل هوندو آهي. سندس ڪم رڳو آنا لاهڻ هوندو آهي ۽ هن جي خدمت ۾ ٻيون ڪيتريون ئي مکيون موجود هونديون آهن. هر هڪ ماناري ۾ هڪ راڻي مک هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن، ڪنهن ماناري ۾ هڪ کان وڌيڪ ماءُ مکيون به ڏٺيون ويون آهن. رواجي طرح راڻي مک ٻي راڻي مک کي اصل پسند نه ڪندي آهي. انهي ڪري ڪڏهن ڪڏهن انهن جي پاڻ ۾ خونريزي لڙائي لڳندي آهي. پوءِ جيڪا ڏاڍي سائي بچندي ۽ ماناري جي راڻي ٿي رهندي آهي. ٻئي قسم جي ”نَرُ مک“ ٿيندي آهي. اُها ماديءَ کان ننڍي پر پورهيت مک (يعني ٽئين قسم جي مک) کان ٿوري وڏي ٿيندي آهي. کيس ڏنگ نه ٿيندو آهي، پر بت تي گهڻا وار ٿيندا اٿس. ان مک جو سواءِ لڳ ڪرڻ جي ٻيو ڪو به ڪم نه هوندو آهي، ۽ هو نئن رڳو گهر ۾ سست ويٺي هوندي آهي ۽ ويٺي ويٺي ماکي کائيندي آهي. ماناري ۾ اُنهن نر-مکين جو ڪافي تعداد ٿيندو آهي. ٽئين قسم جون ”پورهيت مکيون“ ٿينديون آهن. پورهيت ماڪوڙين وانگر، پورهيت ماکيءَ جي مکين جي به ڪا جنس نه ٿيندي آهي. گهر جو سمورو ڪم اُهي ڪنديون آهن ۽ ماناري ۾ يا ماناري کان ٻاهر سڄي برادريءَ جي فائدي لاءِ جيڪي به ڪم ضروري هوندا آهن. اُنهن مان هر هڪ ڪم لاءِ جدا جدا پورهيت مکيون مقرر ٿيل هونديون آهن: ڪي راڻيءَ جي خدمت لاءِ، ڪي ٻچن پالڻ لاءِ، ڪي ميڻ ڪڍڻ لاءِ، ڪي کونئر ٺاهڻ لاءِ، ڪي پهري ڏيڻ لاءِ، ڪي گهر جو نقشو تيار ڪرڻ لاءِ، ڪي گهر جي صفائي ڪرڻ لاءِ، ڪي گلن مان ٻوري گڏ ڪرڻ لاءِ ۽ ڪي وري گلن مان رس چوسڻ لاءِ هونديون آهن، جنهن مان پوءِ ماکي ٺهندي آهي.

سائنسدانن جو چوڻ آهي ته: ماکيءَ جي مکين جي ”راڄ“ جون واڳون سندن ماناري جو ڪو اڄاتل ” روح“ سنڀاليندو آهي ۽ اُهو ”روح“ ، اُهو سندن ” مهاڄڻ “، سندن راڄ جي پورهيت مکين ۾ ئي موجود ڀانئجي ٿو.

هر هڪ مک کي ٽي هيڪل قسم جون ۽ ٻه گڏيل قسم جون اکيون ٿينديون آهن. هيڪل اکيون ٽڪنڊي شڪل جون ٿينديون اٿن. سندس هر هڪ گڏيل اک ۾ ننڍيون ننڍيون گهڻيون اکيون هڪ هنڌ گڏ هونديون آهن. مکين جي هڪ هڪ گڏيل اک ۾ اهڙيون تيرهن يا چوڏهن هزار ننڍڙيون اکيون هونديون آهن ۽ راڻيءَ جي اک ۾ اُهي ست ـــ اٺ هزار هونديون آهن. مکين کي اکين جي مٿان ٻه ڇُهڻا ٿيندا آهن، جن کي سڱ يا مڇون به چئبو آهي. پورهيت مک کي صفائي ڪرڻ لاءِ بُرش ۽ هيٺئين ڌڙ جي ٻنهي پاسن ۾ ميڻ ڪڍڻ لاءِ چار چار ڳوٿريون ٿينديون آهن. راڻي مک کي نه بُرش ٿئي ۽ نه اُهي ڳوٿريون.

اصل ۾، ماکيءَ جون مکيون جهنگلي جيت آهن ۽ انهن جون اٽڪل 4،500 ذاتيون ٿين ٿيون، جن مان هر هڪ جي جسماني بناوت ۽ عادتن ۾ ٿورو گهڻو فرق ٿئي ٿو. پر سڀني ۾ هڪڙي عادت هڪ جيتري زوردار ٿئي ٿي ـــــــ اُها آُهي سندس پنهنجي راڻي مک سان پيار. سندس انهيءَ عادت جو ئي  فائدو وٺي، انسان کين پالي سگهيون آهن، ۽ هاڻي ته اها ماکيءَ جي مکين جي پالنا هنن جو وڏو هڪ ڌنڌو ۽ واپار بنجي پيو آهن. يورپ ۾ اُن لاءِ وڏيون وڏيون جايون ٺهرايون ويون آهن. اهڙين پاليل مکين کي ”گهريلو ماکيءَ جون مکيون“ چئبو آهي. هتي جيڪي ڳالهيون مکين بابت ٻڌائجن ٿيون، سي ”گهريلو ماکي جي مکين“ جي ڪم ڪار ۽ عادتن کي ڏسي گڏ ڪيل آهن.

ماڪوڙين وانگر ماکيءَ جون مکيون به سياري جي مند ۾ بلڪل سست ۽ نستيون هونديون آهن. سڄو سيارو، ويندي بهار جي مند اچڻ تائين ائين لڳندو ته هو سُتيون پيون آهن. تنهنڪري آءُ سندس ذڪر بهار ۾ سندس ننڊ مان اُٿڻ کان وٺي، سياري  ۾ اُنهن جي وري سمهڻ تائين اوهان کي ٻڌائڻ گهران ٿو.

ماکيءَ جي مکين جو لڏڻ

سياري جي سُستي ۽ نِستائيءَ کان پوءِ بهار جي اچڻ سان ماکيءَ جي مکين ۾ پڻ بهاري اچي ويندي آهي. ائين لڳندو آهي ڄڻ بهار جي سج اُنهن ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو آهي. فيبروريءَ ۾ راڻي آنا لاهڻ شروع ڪندي، ۽ پورهيت مکيون جدا جدا ولر ٺاهي، ٻاهر پوکن ۽ وڻن ڏانهن پيون ڦيرا ڏينديون. اهڙيءَ طرح سندس مانارو جلدي ماکيءَ سان ڀرجي ويندو آهي. پوءِ هر روز اُن ۾ هزارين مکيون جنم وٺنديون رهنديون، ۽ اِئين سڄو مانارو ماکيءَ جي مکين سان ڍڪجي ويندو ۽ ائين پيو ڏسبو ڄڻ اُهي هڪٻئي مٿان سٿبيون پيون وڃن، ۽ پوءِ پنهنجي زندگي سان لاڳو ڪنهن قدرتي قانون جي پيروري ڪندي، هو پنهنجي ساليانيءَ لڏ پلاڻ جي تياري ڪنديون آهن. ۽ کين ضرور هڪ ڀيرو پنهنجو پراڻو مانارو ڇڏي وڃڻو پوندو آهي.

پنهنجي بستيءَ کي ائين ڇڏڻ کان اڳ ماکيءَ جون مکيون ڏاڍيون بي آرام ٿي پونديون آهن، ۽ سندن پوڙهي راڻي وڏي هلچل ۾ اچي ويندي آهي. هن کي اِها ته خبر نه هوندي آهي ته ماناري جو ”روح“ سندس ”مهاڄڻ“، هن لاءِ ڪنهن نئينءَ قسمت جو حڪم ڏيئي چڪو آهي، جنهن ۾ کيس وڏا ڏک ڏاکڙا، سور ۽ سختيون ڏسڻيون پونديون. اُن وقت راڻيءَ مک جو سک ۽ آرام سخت خطري هيٺ هوندو آهي. هن کي پنهنجو سائو ستابو ۽ آباد ٿيل شهر ڇڏڻو پوندو آهي. ڪيترا ڏينهن هن اتي راڄ ڪيو هوندو، ۽ ڪيڏي ذوق ۽ شوق سان اُها بستي ٺاهي ۽ آباد ڪئي هوندي! پر قدرتي قانون آڏو کيس سِر جهڪائڻو ئي پوندو آهي. ماکيءَ جون مکيون پنهنجي انهيءَ ”لاڏاڻي“ جي دک ۽ اُن جي نتيجن کان واقف هجن يا نه، پر هو اُن کي خوشيءَ سان قبول ڪنديون آهن، ۽ اِئين هو پنهنجي راڄ جي اعلى روايت کي قائم رکنديون آهن.

وقت اچڻ تي ائين لڳندو آهي ته مکيون رڳو پنهنجي ماناري جي ”روح“ يا ”مهاڄڻ“ جي اشاري لاءِ ترسيل هونديون آهن، ۽ اشاري ملڻ سان ئي ٽن مان ٻه حصه کن ماناري جون مکيون لڏي وينديون آهن، پر لڏڻ کان اڳ هو اِها پڪ ڪنديون آهن، ته پوئتي سندس مانارو ڏتڙيل حالت ۾ نه هجي؛ پر هو سدائين لاءِ اُن کي تڏهن ڇڏينديون آهن،  جڏهن هو پوري اوج ۾ هوندو آهي.

لاڏاڻي لاءِ جيڪو ڏينهن ماناري جي ”روح“ مقرر ڪيو هوندو، ان ڏينهن ٿوريون مکيون پهرين نئين ماناري ٺاهڻ جي جاءِ جي ڳولا ۾ نڪرنديون آهن، ۽ اُنهن جي موٽي اچڻ کان پوءِ سڄي ماناري ۾ لڏڻ جي تياري شروع ٿي ويندي، ۽ پوءِ رڳو نَر، مانارو جوڙيندڙ ۽ ٽيون حصو پورهيت مکيون پراڻي ماناري ۾ ڇڏي، باقي ٻيون سڀ پوڙهيءَ راڻيءَ سان گڏ، لڏي وينديون. ماناري ڇڏڻ وقت پنجن يا ڇهن  ڏينهن جي خوراڪ جيتري ماکي ۽ نئين ماناري ٺاهڻ لاءِ ڪجهه ماکي ڇاڻي، ميڻ ڪڍي، پاڻ سان  گڏ کڻنديون آهن. تنهن کان سواءِ ٿورو کونئر وارو ميڻ به نئين ماناري جي گهرڙن يا خانن جي سوراخن يا ڏارن کي بند ڪرڻ لاءِ ساڻ کڻنديون آهن.

لڏيندڙ مکين کي      قدرت نه ڄاڻي ڪهڙي ٿي خوشي بخشي، جو ائين لڳندو ته ان ڏينهن تي سندن عيد هجي. اُنهيءَ خوشيءَ ۾ هو گهر جا سڀ ڪم ڪاريون وساري ڇڏينديون آهن. سندن لڏڻ وارو نظارو ائين لڳندو آهي ڄڻ ته جيل مان قيدي ٻاهر نڪتا هجن.

لاڏوڻي کان پوءِ پراڻي ماناري جو نقشوئي بدلجي ويندو آهي. پورهيت مکيون ڪجهه مڙئي هيسيل هونديون آهن. پر سگهوئي پاڻ سنڀالي، پنهنجي روزانيءَ ڪرت کي لڳي وينديون آهن. پوءِ منجهانئن ڪي گلن ڏانهن ڊوڙنديون، ڪي وري ڦُٽلن آنن جي سار سنڀال لهنديون، ۽ ڪي وري چست ٿي، ماناري جي پهري تي بيهي رهنديون.

ماکيءَ جي مکين ۾ ڪڏهن ڪڏهن لڏ جي ”بيماري“ به پوندي آهي. اُها صورت تڏهن ٿيندي آهي. جڏهن ماناري ۾ هڪ کان وڌيڪ نوجوان راڻيون پيدا ٿينديون آهن. اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ماناري ۾ راڻي ڪڏهن به ٻيءَ راڻيءَ کي ڪانه سهندي آهي، پوءِ اُن حالت ۾ ماناري جي ”روح“ کي فيصلو ڪرڻو پوندو آهي ته هو راڻيءَ کي ماناري مان ٻئي لاڏوڻي جي اجازت ٿو ڏئي  يا اُن کي ٻين نوجوان راڻين جي ڪوس جو ٿو حڪم ڏئي. بهرحال جي لڏڻ جو حڪم جاري ٿيو، ته اُها راڻي ماناري مان پورهيت مکيون وٺي ٻئي هنڌ لڏي ويندي. پوءِ ته ائين هڪٻئي پٺيان لڏ ــ پلاڻ شروع ٿيندي ۽ نيٺ پراڻي ماناري ۾ ڪجهه به نه بچندو. لڏيندڙ مکيون ته جوش ۽ خوشيءَ ۾ لڏي وينديون، پر ناتجربيڪار هئڻ ڪري، پاڻ کي ڪڏهن ڪڏهن وڃي آڙاهه ۾ ڦٽو ڪنديون آهن ۽ سندس اهو نسل ئي ناس ٿي ويندو آهي.

ماکيءَ جي مکين جي پاليندڙ ماڻهوءَ لاءِ مکين کي هٿ ڪرڻ لاءِ انهن جي لاڏوڻي وارو سونهري موقعو هوندو آهي. ان موقعي تي هو مکين کي ائين هٿ ڪري پنهنجي هٿراڌو ماناري ۾ وجهي سگهي ٿو. جيئن ڏوئيءَ سان ڪنهن ٿانءَ ۾ ٻوڙ وجهبو آهي. اهڙي موقعي کان سواءِ هو ڪڏهن به مکين کي هٿ نٿو ڪري سگهي.

پورهيت مکين جو راڻيءَ سان پيار

ماکيءَ جي ماناري ۾ راڻي مکين؛ جي اک جو تارو هوندي آهي. مکين جي سڄي محنت ۽ سڄي ڏاهپ ان جي چوڌاري پيئي ڦرندي آهي. ماکيءَ جي مکين تي ڀلي ڪا آفت ڇو نه اچي ڪڙڪي. سندس مانارو ڊهي پوي، ڪو ماڻهو هنن تي هلان ڪري اچي، منجهن ڪا بيماري اچي پوي، ۽ اُن ۾ هزارين مکيون اجل جو شڪار ڇو نه بڻجي وڃن، تڏهن به هو سڀ کان پهرين پنهنجي راڻيءَ جي سلامتي گهرنديون آهن ۽ ڏک سک ۾ راڻيءَ جو ساٿ ڏينديون آهن. پاڻ بک ۾ پاهه ٿينديون، پر ماکيءَ جو آخري قطرو به جي وٽن هوندو ته اهو به راڻيءَ کي ڏينديون!

پر اهو پيار ڪڏهن ڪڏهن نفرت ۾ به بدلجي ويندو اٿن. اها صورت تڏهن پيدا ٿيندي آهي، جڏهن راڻي پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪندي آهي ۽ نتيجي ۾ مکين جو نسل خطري ۾ هوندو آهي. ائين ٿو ڀانئجي ته راڻي کڻي ڪيڏي به راڻي هجي، پر وري به هوءَ هڪ شاهي ٻانهي آهي. عام رعيت سندس عزت برابر ڪندي، پر آهي سا هوءَ ماناري جي ”روح“ يا ”مهاڄڻ“ جي حڪم جي بندي. جڏهن راڻي پوڙهي ٿي ويندي آهي ۽ وڌيڪ آنن لاهڻ جي طاقت نه هوندي اٿس، ته پورهيت مکيون ان جي جاءِ ڀرڻ لاءِ هڪ نوجوان راڻيءَ کي پالڻ شروع ڪنديون آهن. اِن مان ماناري جي ”روح“ جي خودمطلبي ٿي ثابت ٿئي. جيستائين راڻي مکين جي آباديءَ کي وڌائيندي ٿي رهي، اوستائين هن جي وڏي عزت ٿي ڪئي وڃي، پر جڏهن هوءَ لاچاريءَ جي حالت ۾ ٿي پهچي ته کيس ڪير به نٿو پڇي. اُن حالت ۾ هوءَ ويچاري ماناري جي ڪنڊ ۾ خالي پنهنجا ڏينهن پيئي گذاريندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com