نئين ماناري جو بنياد ۽ مکين جي پيدائش
لڏيندڙ مکين جو ميڙ جڏهن نئون گهر يا مانارو ٺاهڻ شروع ڪندو آهي
ته پهرين منجهانئن ڪيتريون ئي قطارون ٻڌي بيهنديون
آهن. اهي پوءِ پنهنجا اڳيان چنبا هڪٻئي جي ڄنگهن ۾
ڦاسائي، سنگهرن وانگر لڙڪي بيهنديون آهن.. آهستي
آهستي انهن جيئرين سنگهرن جو تعداد وڌندو ويندو
آهي ۽ ائين پيو لڳندو ته گلن جون ڪَنڍيون ٿيون
لڙڪن. پهرين هي ڪنڍيون نبات جي شڪل ٺاهي بيهنديون
آهن، جنهن ۾ مٿيون حصو موڪرو ۽ هيٺيون سوڙهو ٿيندو
آهي پوءِ ڪجهه وقت لاءِ مکين جي چرپر ۾ ماٺ اچي
ويندي آهي. مکين جي ٻي ٽولي اِن اچرج جهڙي محلات
جي اڏاوٽ ۾ ڪابه دلچسپي نه وٺندي آهي، پر اهي
ماناري جي ٺهندڙ جاءِ جي صفائيءَ ۾ رڌل هونديون
آهن. هتي آءٌ اوهان کي ٻڌائيندو هلندس ته ماکيءَ
جون مکيون نهايت صفائي پسند هونديون آهن. جڏهن
سياري جي ماڪ پوندي آهي تڏهن سست هجڻ جي باوجود به
ماناري جي چڱي صفائي ڪنديون آهن، ته جيئن گهم جي
ڪري ماناري ۾ ڪا بيماري نه اچي ڪڙڪي.
پوءِ سنگهرن ۾ لڙڪندڙ مکين مان هر هڪ مک پنهنجي ڳوٿرين مان
نهايت نازڪ ڇلر ڪڍندي ويندي آهي. پوءِ هو انهن
ڇلرن کي پنهنجن ڄنگهن جي مدد سان وات ۾ وجهي،
چڱيءَ طرح چٻاڙي ۽ انهن ۾ لعاب ملائي، ميڻ تيار
ڪنديون آهن. مکيون ڳاڙهي ڀوري رنگ جو کونئر پڻ
ڪڍنديون آهن، جنهن سان هو گهڙن کي پاڻ ۾ ڳنڍيون
وينديون آهن. کونئر مان هو هڪ ٻيو به ڪم وٺنديون
آهن. جڏهن سندن گهر ۾ ڪو دشمن جيت داخل ٿيندو آهي
۽ گهرڙي يا خاني ۾ اٽڪي پوندو آهي، ته هو ان کي
اُتي ئي کونئر سان لنبي ڇڏينديون آهن.
پوءِ مکين جي اُن ميڙ مان هڪ مک جوش ۾ اچي، ٻين کان اڳ ٿي، ان
گنبذ جي چوٽيءَ تي چڙهي ويندي ۽ اُتي چهٽي پوندي،
۽ پوءِ پنهنجي مٿي سان ان جاءِ تي هرهر ٽَڪر پيئي
هڻندي، ۽ گهرج پٽاندر ان کي ميڻ سان ڀريندي، ۽
اهڙيءَ طرح هوءَ ماناري جو بنياد رکندي آخر ۾ ان
کي زيان سان چٽي ڇهڻن سان ٿوري ٿوڪي ڏيئي، وري
مکين جي ميڙ ۾ ائين ئي جهٽ ۾ گم ٿي ويندي، جيئن
اوچتو اتان نڪتي هئي. پوءِ ان جي جاءِ وري ٻي مک
اچي والاريندي ۽ اُن جي ڪم کي اڳتي وڌائيندي ۽ جتي
جتي پهرينءَ مک جي ڪا خامي ڏسندي ته ان کي درست
ڪري پنهنجو وارو نباهي يعني ڪجهه وڌيڪ ڪم ڪري،
اُها به جهٽ ۾ هٽي پاسي ٿي ويندي. پوءِ وري ٽين،
پوءِ چوٿين ۽ ائين ٻيون مکيون هڪٻئي جي پٺيان
اينديون ۽ پنهنجو پنهنجو وارو پورو ڪري هليون
وينديون ــــــــ تان جو ماناري جو بنياد پورو ٿي
ويندو.
ان کان پوءِ ٻيون مکيون، جن جي جسماني بناوت پهرين مکين کان
ٿوري مختلف هوندي، ڏسنديون ته ماناري جو بنياد
صحيح آهي، ته انهن مان هڪ مک ٻاهر نڪري ايندي.
اُها مک نهايت پختائيءَ ۽ پوريءَ مهارت سان ماناري
جي پهرئين گهرڙي يا خاني جو بنياد اچي رکندي. ائين
لڳندو ته اها ڪا انجنيري ڪم جي ماهر آهي ۽ ماناري
جو پهريون گهرڙو هوءَ اهڙي پوري ۽ پختي حساب سان
رکندي، جو ان تي سڄي ماناري جي گهرڙن جو دارومدار
بيهي سگهي. اها مک پاڻ ميڻ نه ٺاهيندي آهي. پر ميڻ
ٺاهيندڙ مکين کان ميڻ وٺي، گهرڙي جو هڪ نمونو يا
ماڊل ٺاهيندي آهي. پوءِ اها مک به ماناري جي بنياد
رکڻ واريءَ مک وانگر ميڙ ۾ گم ٿي ويندي. پوءِ سندس
جاءِ واري واري سان ٻيون مکيون اچي والارينديون ۽
پنهنجي واري سان هر ڪا گهرڙو جوڙيندي ويندي. ٻئي
پاسي وري ٻيون مکيون ماناري جي سطح ۽ ڀتين جي پاسن
کي لڳي وينديون. اهڙيءَ طرح هر هڪ مک پنهنجي
پنهنجي سونپيل فرض جي پورائيءَ ۾ مشغول ڏسبي آهي.
پوءِ جڏهن مانارو ڪچي حالت ۾ جڙي راس ٿيندو.، ته ان کي جدا جدا
حصن ۾ ورهائي مکين جي حوالي ڪيو ويندو آهي. جن
مکين ماناري جا پهريان گهرڙا جوڙيا هوندا، اهي
هينئر ميڻ ٽڪرا کڻي ڇت ٺاهڻ شروع ڪنديون. اهڙيءَ
طرح ڏاڪي به ڏاڪي ڇت پڻ ٺهي ويندي. ماکيءَ جون
مکيون، هڪٻئي پٺيان، باقاعدي ٿوري ٿوري وقفي کان
پوءِ، ميڻ کي اهڙي ته تخميني سان رکنديون وينديون
آهن، جو وڌيڪ ماناري جو جڙڻ سولو ٿي پوندو آهي.
ماناري جا گهرڙا ڇهن ڪنڊن وارا ٿيندا آهن ۽ هر هڪ
گهرڙو پوريءَ وڇوٽيءَ تي رکيل هوندو آهي.
ماناري ۾ چئن قسمن جا گهرڙا هوندا آهن: پهريون ماناري جي وچين
حصي جا ڇهه يا ست ”شاهي گهرڙا“ جيڪي بيضوي شڪل جا
ٿيندا آهن؛ اهي گهرڙا ٻين کان وڏا ۽ نرالا هوندا
آهن. انهن گهرڙن ۾ راڻي ۽ ٻيون آئندي ايندڙ راڻيون
رهنديون آهن. ٻيا اهي گهرڙا، جن ۾ ماکي رکي ويندي
آهي؛ انهن گهڙن ۾ نَرَ مکيون پڻ رهنديون آهن. ٽئين
قسم جا گهرڙا ننڍا پر گهڻا ٿيندا آهن ۽ ماناري جي
پنجن مان چار حصا جاءِ والاريندا آهن. انهن گهرڙن
۾ پورهيت مکيون رهنديون آهن. اُهي گهرڙا گودام
لاءِ پڻ استعمال ٿيندا آهن. چوٿين قسم جا گهرڙا بي
ڊولا هوندا آهن ۽ وڏن ۽ ننڍن گهرڙن جي وچ تي ٺهيل
ٿيندا آهن؛ انهن کي ”مٽاسٽا وارا گهرڙا“ چئبو آهي.
انهن گهرڙن جو ڪو خاص ڪم نه هوندو آهي، پر جڏهن
ڪنهن غلطيءَ کان گهر ڏنِگا ڦڏا ٿي ويندا آهن ته
مکيون انهن گهرڙن کي سڌي ڪرڻ ۽ ٽيڪ ڏيڻ لاءِ وچ تي
اهي بيڊولا گهرڙا ٺاهينديون آهن.
ماناري ٺهڻ مهل، راڻي به آنن لاهڻ لاءِ ڏاڍي بي چين هوندي آهي ۽
هر هر پيئي چڪر لڳائيندي آهي ۽ اهو ڏسندي رهندي
آهي ته آنن لاهڻ لاءِ گهرڙا ٺهيا يا نه. نيٺ جڏهن
مانارو جڙي راس ٿيندو آهي، ته هوءَ پنهنجن خدمتگار
مکين سميت آنن لاهڻ وارن گهرڙن ڏانهن ويندي آهي،
اُتي پهچي، سڀ کان پهرين هوءَ گهرڙن کي چڱيءَ طرح
چڪاسيندي آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن اهي آنن لاهڻ لاءِ
مناسب هوندا، ته هوءَ فوراً آنا لاهڻ شروع ڪندي.
اُن وقت ٻيون مکيون ڏاڍي چاهه سان راڻيءَ جي آني
لاهڻ وارو تماشو بيهي ڏسنديون آهن ۽ راڻيءَ کي
همٿائينديون رهنديون آهن ۽ پنهنجن پَرنَ کي
لوڏيندي هن سان لاڏڪوڏ ڪنديون ۽ پنهنجن ڇُهڻن کي
جوش سان هلائينديون رهنديون آهن. ائين پيو ڀانئبو
آهي، ڄڻ اُهي راڻيءَ کي هُشي يا مبارڪون ڏينديون
هجن. پوءِ جڏهن راڻي پهريون آنو لاهيندي ته سندس
هڪ ڌي کيس ڀاڪر پائيندي ۽ ڪن ۾ ٿوري سس پس ڪندس.
راڻي ان حرڪت تي ڪڪ ڪانه ٿيندي، ۽ نهايت آرام سان
آنو لاهي اتان اٿي، ٻئي گهرڙي ۾ وڃي ويهندي. اِتي
راڻيءَ سان آيل خدمتگار مکيون پهرين لٿل آني ڏانهن
ڊوڙنديون. پوءِ جڏهن هو اتي هلڪي آسماني رنگ جو
آنو ڏسنديون، ته بيحد خوش ٿينديون.
پوءِ ته سرءُ جي مند تائين راڻي کائيندي به رهندي ۽ آنا به
لاهيندي رهندي. جيڪڏهن آنن لاءِ ماناري ۾ وڌيڪ
گهرڙا موجود نه هوندا ته هوءَ پورهيت مکين جي
گهرڙن ۾ آنا لاهڻ شروع ڪندي، ۽ اِهو ڏسي، پورهيت
مکيون جلدي جلدي ٻين گهرڙن ٺاهڻ کي لڳي وينديون
آهن.
پيدائش
ماکيءَ جي مکين جي ٻچن کي به ماڪوڙيءَ جي ٻچن وانگي جدا جدا
مرحلن مان گذرڻو پوندو آهي؛ يعني ”لاروو“ ـــ
”ڪڪون“ ـــ ”نمف“ــــــــ نوجوان مک. تفصيل لاءِ
”ماڪوڙين جو ميلاپ ۽ سندس پيدائش“ واري باب کي
ڏسو. پر هتي آءٌ اوهان کي اهو ضرور ٻڌائيندس ته
راڻيءَ جي ننڍپڻ واري پرورش ٻين مکين کان بلڪل
مختلف ٿيندي آهي. سڀئي آنا هڪجيڏا ۽ هڪجهڙا هوندا
آهن، جن مان پورهيت مکيون، نَرَ ۽ ماديون پيدا
ٿينديون آهن. جڏهن آنا ڦٽندا آهن، ته ضرورت پٽاندر
”ماناري جو روح “ راڻين مکين کي حڪم جاري ڪندو آهي
ته ماناري ۾ هيتريون راڻيون گهرجن . پوءِ حڪم جون
بنديون راڻيون اوترا ”لاروا“ ننڍڙن گهرڙن مان کڻي
”شاهي گهرڙن“ ۾ آڻي رکنديون آهن. انهن ”لارون“ کي
ٻين ”لارون“ کان مختلف ملندي آهي ۽ پوءِ اهي
”لاروا“ راڻيون بڻبا آهن. جيڪڏهن انهن ”لارون“ کي
ٻين عام ”لارون“ جهڙي خوراڪ مهيا ڪبي ته اهي به
پورهيت مکيون ٿي پونديون . نَرَ مکين لاءِ وڏا
گهرڙا ٿيندا آهن ۽ پوءِ راڻي جيترن وڏن گهرڙن ۾
آنا لاهيندي، اوترا نَرَ پيدا ٿيندا آهن. مٿئين
بيان مان اهو ٿو ظاهر ٿئي ته راڻين جو تعداد
”ماناري جي روح“ جي حڪم پٽاندر ٿيندو آهي ۽ اهو
راڻيءَ کي هڪ خاص خوراڪ جي مهيا ڪرڻ ڪري عمل ۾
ايندو آهي. ڪن سائنسدانن جو چوڻ آهي ته راڻيون
سڀني ”لارون“ کي پنهنجي مٿي مان کير جهڙي خوراڪ
ڪڍي کارائينديون آهن. پوءِ جيترن کي راڻيون بڻائڻو
هوندو اٿن، انهن جي ساڳي خوراڪ جاري رهندي آهي ۽
باقي ”لارون“ کي ماکيءَ ۽ گلن جو اٽو ڏنو ويندو
آهي! بهرحال اهو هڪ قدرتي سرشتو آهي، جنهن جي
ماکيءَ جون مکيون پيروي ٿيون ڪن.
نوجوان راڻيون
هينئر اچو ته وري پراڻي ماناري ڏانهن موٽون. راڻيءَ ۽ ٻين مکين
جي لڏپلاڻ کان پوءِ پراڻي ماناري جو شور ۽ هنگامو
گهٽجي ويندو آهي ۽ اُهو ڪمزو ٿي ويندو آهي، ڄڻ ان
جو خون ئي چوسجي ويو هجي. سڄي ماناري ۾ اُداسي
پکڙيل هوندي آهي، پر اُن هوندي به مکيون مايوس نه
هونديون آهن، ۽ پنهنجي آئيندي لاءِ ڏاڍيون پُر
اُميد هونديون آهن.
جن گهرڙن ۾ ”نمفس“ سُتل هونديون آهن، هينئر انهن جو پردو کلڻ
وارو هوندو آهي. پوءِ سوين پورهيت مکيون خوشيءَ
وچان نچڻ شروع ڪنديون آهن ۽ پنهنجا پَرَ پيون
ڦڙڪائينديون آهن. آخر ڪار سٺ کان اسي هزار گهرڙن
جا منهن کلي پوندا ۽ هر هڪ گهرڙي مان ٻه ڪاريون
اکيون نمودار ٿينديون، جن جي مٿان ٻه ڇهڻا لڳل
هوندا آهن. پوءِ دائيون مکيون جلدي جلدي انهن
نوجوان مکين ڏانهن ڊوڙنديون، انهن کي پنهنجي زبان
سان چٽيَ صاف ڪري، پوءِ کين ماکي ڏينديون. هفتي کن
تائين کين پورهيي کان پري رکيو ويندو آهي. ۽ پوءِ
هو پهريون ڀيرو مانارو ڇڏي کليل هوا ۾ نڪرنديون
آهن، پر جلدي ماناري ڏانهن واپس موٽي اينديون آهن.
اهي نيون ڄاول مکيون ٻيو هفتو به آرام ڪري، پوءِ
وڏين مکين سان ڪم ۾ شامل ٿينديون آهن.
جيڪي ”لاروا“ شاهي گهرڙن ۾ رکيا ويندا آهن، اهي سڀ هڪ عمر جا نه
ٿيندا آهن. پوءِ جيڪو ”لارو“ وڏو هوندو، اهو
پهريون نوجوان راڻي بڻبو. پوءِ جڏهن اُها نوجوان
راڻي پنهنجي گهرڙن جو پڙدو ڦاڙيندي آهي، ته ان جي
واهر لاءِ ڪيتريون ئي ٻيون مکيون وٺي اُن ڏانهن
ڊوڙينديون آهن. اها راڻي شروع ۾ ٿورو ڊڄندي آهي،
پر ستت ئي پاڻ سنڀالي وٺندي آهي ۽ ڏاڍي تيزيءَ سان
وڏي ٿيندي ويندي آهي. هوءَ اهو محسوس ئي نه ڪندي
آهي ته کيس اڪيلي سر ڪا بادشاهي ماڻڻي آهي. اوهان
کي ٻڌايو ويو آهي ته هو هڪ ماناري ۾ ڇهه يا ست
راڻيون پيدا ٿينديون آهن ۽ ڪابه راڻي ٻيءَ کي
برداشت نه ڪندي آهي. انهيءَ ڪري کيس اڪيلي سر ٻين
نوجوان راڻين سان مقابلو ڪرڻو پوندو آهي؛ يا
جيڪڏهن کيس لڏڻ جو حڪم ملندو، ته هوءَ اهو مانارو
ڇڏي، هلي ويندي آهي.
هتي ”ماناري جي روح“ کي هڪڙو ٻيو اهم فيصلو ڪرڻو پوندو آهي.
جيڪڏهن هو گهرندو ته اُهائي سندن ماناري جي راڻي
بڻجي، ته پوءِ اُن کي ٻين نوجوان راڻين جي قتلام
ڪرڻ جو حڪم ملندو آهي. جيڪڏهن ”ماناري جي روح“ کيس
لڏڻ جو حڪم ڏنو، ته پوءِ هوءَ به پهرئين لاڏوڻي
وانگر ڪجهه پورهيت مکيون پوئتي ڇڏي، باقي مکيون
پاڻ سان وٺي، هلي ويندي. اهڙيءَ طرح ماناري جي
مٿان هڪ جي پٺيان ٻيءَ لڏ جو بخار اچي ڪڙڪندو، تان
جو سواءِ هڪ راڻي مک جي، ٻيون سڀئي راڻيون مکيون
نڪري هليون وينديون. پر اڪثر سائنسدانن جو چوڻ آهي
ته: مکين جي تواريخ ۾ ٻيءَ لَڏ جا مثال هنن ٿورا
ڏٺا آهن.
هاڻي، ائين ٿا فرض ڪيون ته ”ماناري جي روح“ ٻئي لاڏوڻي جي اجازت
نه ڏني آهي. پوءِ ته راڻي، حڪم ملندي ئي، ٻين
نوجوان راڻين جي گهرڙن ڏانهن ڪاهي پوندي ۽ ڪاوڙ
منجهان پنهنجن ڄاڙن ۽ چنبن سان ”شاهي نمفس“ جي
گهرڙن کي ڦاڙي ڇڏيندي، ۽ اهڙيءَ طرح ستل شهزادين
جا گهر ڊاهي، پهريائين سڀني کان وڏيءَ شهزاديءَ کي
ڏسندي ئي پنهنجي زهريلي اوزار يعني ڏنگ سان اتي ئي
ختم ڪري ڇڏيندي. اهڙيءَ طرح هوءَ سڀني شهزادين جو
پورو خاتمو آڻي، پوءِ وڃي سک جو ساهه کڻندي. ٻيون
مکيون بلڪل خاموشيءَ سان اُن جو اِهو تماشو
ڏسنديون رهنديون آهن ۽ ڪابه سندس آڏو ڪانه ايندي
آهي. ٻن راڻين جي وچ ۾ ٻيون مکيون اصل نه پونديون
آهن؛ ۽ رڳو راڻي ئي ٻيءَ راڻيءَ تي پنهنجو ڏنگ
استعمال ڪري سگهي ٿي.
اهڙيءَ طرح جيڪا راڻي سڀني ”شاهي گهرڙن“ جي رهواسين جو خاتمو
آڻيندي، مکين جي رعايا اُنهيءَ کي قبول ڪندي، پر
هن سان اڃا ماءُ (يعني پهرين لڏي ويل راڻيءَ) وارو
سلوڪ روا رکيو نه ويندو آهي. ماناري ۾ اُن کي ماءُ
وارو مرتبو تڏهن حاصل ٿيندو آهي، جڏهن هوءَ ”ميلاپ
جي اُڏام“ واري رسم پوري ڪري. آنا لاهڻ شروع ڪندي
آهي.
ميلاپ جي اُڏام
قدرت ماکيءَ جي مکين ۾ هڪ عجيب قانون ٺاهيو آهي ته هڪ ماناري جا
نَر ۽ ماديون ٻئي ماناري جي نرَنَ ۽ مادين سان ئي
ميلاپ ڪري ٿا سگهن. ماڪوڙين وانگر ماکيءَ جون
مکيون به ميلاپ سدائين مٿي هوا ۾ ڪنديون آهن.
انهيءَ ڪري نَرن ۾ مادين کي مٿي اُڏارڻو پوندو
آهي، جنهن کي ”ميلاپ جي اُڏام“ چئبو آهي. اهو ته
هڪ قدرتي راز آهي ته ائين ڇو ٿيندو آهي، پر
سائنسدان ان جو ڪارڻ اهو ٿا ٻڌائين ته نرَ جي جنسي
عضوي جي بناوت اهڙي قسم جي آهي، جو هو پنهنجو فرض
رڳو مٿي هوا ۾ ئي ادا ڪري سگهي ٿو.
ساڳئي ماناري ۾ راڻيءَ جي آسپاس سوين نَرَ موجود هوندا آهن، ۽
ٻنهي کي سڄيءَ حياتيءَ ۾ هڪ ئي ڀيرو ميلاپ ڪرڻو
هوندو آهي. ٻنهي ڌرين جي خواهش جي باوجود هو ميلاپ
ڪڏهن به ماناري ۾ نه ڪنديون آهن. ميلاپ کان اڳ هر
روز ماناري ۾ ٻارهين کان ٽين لڳي تائين جڏهن سج
پنهنجي پوري تاب ۾ هوندو آهي ۽ ڪانءَ جي اک پيئي
نڪرندي آهي، نَرَ ڪنئار جي ڳولا ۾ نڪرندا آهن.
اهڙيءَ طرح ڀروارن مانارن جا نَرَ به ٻاهر نڪري
پوندا آهن. اِئين هڪ هڪ راڻيءَ جي لاءِ ڏهن-ڏهن
هزارن کان به وڌيڪ اميدوار هوندا آهن، جن مان رڳو
هڪ کي ئي قبوليو ويندو آهي ۽ باقي ٻين کي رد ڪيو
ويندو آهي.
راڻيءَ ڀلي ڪيتري اٻهري ڇونه هجي، پر ميلاپ لاءِ کيس هڪ ڏينهن
مقرر ڪرڻو پوندو آهي. جيڪڏهن ان وقت ڪنهن طرح گهر
۾ ٻيون راڻيون به موجود هونديون ته ميلاپ ڪندڙ
راڻيءَ سان پورهيت مکيون ماناري جي در تائين ساڻ
اينديون آهن. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته پورهيت مکين
کي ڊپ هوندو آهي ته اهڙي ڀلاري ڏينهن متان راڻيون
پاڻ ۾ وڙهي پون! ۽ جيڪڏهن ان ماناري ۾ ٻي راڻي نه
هوندي، ته پوءِ هوءَ مقرر وقت تي پاڻ ئي مٿي آسمان
ڏانهن مکين جي ميڙ مان ائين وٺي اڏامندي، ڄڻ تير
ڪمان مان ڇٽو هجي، ۽ سڀني مکين کي پوئتي ڇڏي هوءَ
مٿي چڙهي ويندي . اُتي ان مان هڪ قسم جي مقناطيسي
بوءِ ايندي آهي، جنهن کي رڳو نَرُ مکيون ئي محسوس
ڪري سگهن ٿيون. پوءِ اُها بوءِ هڪ کان ٻئي ميڙ
تائين پهچندي آهي ۽ اتان نَرَن جا ٽولا خوشيءَ جي
سمنڊ ۾ وهنجي، راڻيءَ جي پويان لڳندا آهن.
راڻي اُڏامڻ جي نشي ۾ مٿي اڏامندي ويندي، مٿي اڏامندي ويندي ۽
ڪيترائي سندس پويان لڳل نَرَ مٿي اڏامڻ جي سگهه نه
ساري سگهندا آهن ۽ هيٺ ڪِري مري ويندا آهن. پر
راڻي تيئن مٿي اُڏامندي ويندي، تان جو چند سگهارا
نَرَ وڃي بچندا ۽ انهن مان جيڪو وڌيڪ سگهارو نَرُ
هوندو، اهو وڃي کيس ٻکين پوندو. پوءِ ته پيار جي
نشي ۾ هو هڪٻئي کي ائين چهٽي پوندا، ڄڻ کين اِهائي
سڌ هجي ته اُها سندس آخري ملاقات هئي.
اڃا هنن ٻن عاشق جيئڙن جو ميلاپ پورو ئي مس ٿيندو، ته نَرَ جو
هيٺيون ڌڙ ماديءَ جي جسم کان الڳ ٿيڻ شروع ٿيندو.
ان کان پوءِ سندس جنسي عضوو ماديءَ جي عضوي کان
ڌار ٿيندو، سندس پَرَ ڍرا ٿي ويندا ۽ قلابازيون
کائندو کائندو هوا جي ساگر ۾ ٻڏي مري ويندو.
قدرت ماکيءَ جي مکين لاءِ هوا ۾ نهايت گهڻا جوکا رکيا آهن،
جهڙوڪ ٿڌيون هوائون، طرفان، مينهن، پکي، جيت
وغيره. انهيءَ ڪري ئي شايد قدرت سندن هيءُ ميلاپ
ايترو مختصر ڪيو آهي. نر جي حياتيءَ لاءِ ماديءَ
جو هڪ ڀاڪر ئي ڪافي آهي.
ميلاپ کان پوءِ مادي هيٺ پنهنجي ماناري ڏانهن لهي ايندي آهي، پر
پويان نَرَ جي آنڊن جي سنهي تند مٿي ڇڏيندي ايندي
آهي. ميلاپ کان پوءِ راڻي نهايت گهڻي خوش نظر
ايندي آهي، اصل پيئي ٻهڪندي آهي. اهڙي قسم جي ٻي
خوشي کيس ڪڏهن به نصيب نه ٿيندي. هينئر کيس رڳو هڪ
ويچار ئي هوندو آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي، اوترو
جلد هوءَ پنهنجي جسم تان ميلاپ جون رهيل نشانيون
لاهي. پوءِ هوءَ ماناري جي چانئٺ تي ويهي، نهايت
خبرداريءَ سان نَرَ جي اجاين عضون کي پنهنجي جسم
تان صاف ڪندي آهي. هوءَ جڏهن ماناري ۾ پهچندي آهي
ته پورهيت مکيون سندس چڱو آڌرڀاءُ ڪنديون آهن.
پهريائين ٿورا ٿورا پنهنجا مٿا مٿي ڪري هن کي ٽيڏي
اک سان ڏسنديون آهن ۽ پري کان سندس ڳهواري ٿيڻ جون
علامتون جاچينديون رهنديون آهن. هنن کي راڻيءَ جي
ڳهواري ٿيڻ جي پڪ ئي ڪانه بيهندي آهي. پوءِ جڏهن
هوءَ آنا لاهڻ شروع ڪندي آهي، تڏهن سڄي ماناري جون
مکيون جشن ملهائينديون آهن ۽ خوشيءَ وچان راڻيءَ
کي چوڌاري وڪوڙي وينديون آهن.
ذرن جو قتل عام
ميلاپ کان پوءِ ماناري ۾ نرنَ جي ڪابه ضرورت نه هوندي آهي. پر
جيڪڏهن ماناري ۾ ماکي جهجهي هوندي آهي، ته پورهيت
مکيون نرَن سان رعايت ڪري کين رهڻ ڏينديون آهن. پر
نَرَ سخت زيانخور، ٿلها متارا پنهنجي حياتي رڳو
عاشقيءَ ۾ گذاريندا آهن. هو ماکيءَ جي نشي ۾ مست
ٿي، پورهيت مکين جي ڪم ۾ رڪاوٽون وجهندا رهندا
آهن. هر وقت ماناري جي مٿان اجايون ڦيريون پيا
ڏيندا ۽ نتيجي ۾ پورهيت مکين جي دل ۾ اُنهن لاءِ
حقارت پيدا ٿيندي آهي. نَرَ ڏاڍي بيپرواهيءَ سان
ماکيءَ سان ڀريل گهرڙن ڏانهن ايندا رهندا آهن. ۽
پنهنجون وٺيون يا ڪرفتي به ماناري جي ڀتين تي
لاهيندا رهندا آهن. پورهيت مکيون، جيڪي مستقبل ۾
اکيون وجهو ويٺيون هونديون آهن، سي هر ڳالهه کي
ماٺ ماٺ ۾ پيون سهنديون آهن،
جولاءِ يا آگسٽ جي ڏينهن ۾ ٻارهين کان ٽين لڳي تائين اهي نڪميون
نَرَ مکيون ماناري جي چانئٺ وٽ بيهي سخت شور
ڪنديون آهن ۽ اهڙيءَ طرح هو گلن مان رس چوسي ايندڙ
مکين جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪنديون آهن. پوءِ هو
مٿي اُڏامي وينديون ۽ شام جو سکڻي هٿين موٽي سڌو
ماکيءَ سان ڀريل گهرڙن ۾ وڃي منهن وجهنديون ۽ اتي
هو ايتري ته ماکي کائينديون، جو سندن پيٽ ڦوڪجي
دهل ٿي پوندو آهي. پوءِ هو نهايت سڪون واريءَ
اونگهه ۾ پئجي رهنديون ۽ تيستائين نه جاڳنديون،
جيستائين کين ٻئي طعام يا ڀوڄن جي ضرورت نه پوندي.
پوءِ اوچتو ئي اوچتو هڪ ڏينهن صبح جو هنن بيڪار نَرَن جي قتل
عام جو حڪم جاري ٿيندو . پورهيت مکيون جيڪي اڳ
ماٺيڻيون ۽ رحمدل هيون، سي هينئر جلاد بڻجي
وينديون. اُنهن مان هر هڪ مک پنهنجي روزمرهه جي
ڪرت کي ڇڏي ڏيندي، هيءُ حڪم ان وقت جاري ٿيندو
جڏهن نَرَ گهريءَ ننڊ ۾ آلوٽ هوندا آهن. پوءِ هي
هري ڪاوڙيل پورهيت مکيون نَرَن کي نهايت بيدرديءَ
سان ننڊ مان جاڳائڻ شروع ڪنديون آهن. نَرَ
نماڻائيءَ سان جاڳي پوندا ۽ تپرس ۾ سندن اکيون
ڦاٽي پونديون. هو پورهيت مکين کي گهوريندا رهندا ۽
ائين ڀائيندا ته هو ڪنهن غلطيءَ جو شڪار بڻبا آهن.
۽ ائين هو اُٿي ماکيءَ ڀريل گهرڙن جو رخ ڪندا. پر
هاڻي سندس ماکي کائڻ وارا ڏينهن پورا ٿيل هوندا
آهن. ڪنهن وقت هنن لاءِ ماکيءَ جا دروازا کليل
هوندا هئا، پر هينئر ان جي جاءِ تي زهريلن ڏنگن جي
باهه پيئي ٻرندي آهي. سڄي ماناري جو ماحول ڦري
ويندو آهي. ماکيءَ جي خوشبوءَ بجاءِ چوڌاري زهر جي
بوءِ پيئي ايندي. پورهيت مکين جا هزارين ڏنگ، سڀ
نَرَن جي تاڙ ۾ هوندا آهن. هرهڪ نَرَ جي پويان
ٽي-ٽي، چار چار پورهيت مکيون، پوءِ ته نَرَن جون
سسيون ڌڙ کان ڌار، ۽ سندن ڇاتيءَ ۾ ڏنگن جو زهر
پيو اوتبو. ان وقت پورهيت مکين جي اکين ۾ ڪنهن به
قسم جو رحم نه هوندو آهي. ڪي نَرَ ڦٽن جو تاب نه
سهي اُتي جو اُتي مري ويندا آهن. ڪي ٿورا ڦٽيل
ماناري جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ وڃي لڪندا آهن، پر ڪنهن
نَرَ کي جيئرو نه ڇڏيو ويندو آهي. جيڪي ڀڄي ويندا
آهن ۽ شام جو جڏهن موٽندا آهن، ته انهن کي ماناري
جي چانئٽ تي ئي ختم ڪيو ويندو آهي.
ماکيءَ جي مکين جي هٿراڌو پالڻ وارين ڪالونين ۾ نَرن جو ڪوس
ساڳئي ڏينهن تي ٿيندو آهي. پوءِ انهن مان جيڪا سٺي
بندوبست هيٺ ڪالوني هوندي آهي، اُتان ئي ڪوس جو
حڪم جاري ٿيندو آهي. جن ڪالونين ۾ راڻيون سنڍ ۽
نهايت پوڙهيون ٿي وينديون آهن، اُهي سياري اچڻ
تائين نرَن کي نه مارينديون آهن. اُن جو ڪارڻ اهو
ٻڌايو ويو آهي ته انهن ڪالونين ۾ نوجوان راڻين جي
ڄمڻ جو آسرو هوندو آهي؛ پر مکين جو اُهو مقصد به
پورو نه ٿيندو آهي ۽ اُن کان اڳ ئي وٽن بک ۽ ڏڪر
اچي ڪڙڪندو آهي ۽ آهستي آهستي سڀئي مکيون چپ چاپ
مرنديون وينديون آهن.
جيڪي مانارا مکيءَ سان ڀريل هوندا آهن، انهن ۾ نرن جي قتل عام
کان پوءِ سگهو ئي معمول پٽاندر ڪم شروع ٿي ويندو
آهي. پر ماناري ۾ هينئر خوشي ۽ گرمجوشي گهٽجي
ويندي آهي. مکيون سرءُ جي مند وارن گلن مان رس
چوسي، سياري جي لاءِ ماکي گڏ ڪرڻ ۾ لڳي وينديون
آهن. پوءِ سياري جي اچڻ سان ئي سڀ مکيون ماناري جي
وچين حصي ۾ اچي ڪٺيون ٿينديون آهن. راڻيءَ کي وچ ۾
ويهاري باقي پورهيت مکيون هڪٻئي جي مٿان قطارون
ٺاهي ويهنديون وينديون آهن، ۽ پوءِ سڄو سيارو سست
۽ نستيون اُتي پيون هونديون آهن. جڏهن کين بک
لڳندي آهي ته ماکيءَ جي گهرڙن جي ڀر ۾ ويٺل مکيون
ماکي پهرين پاڻ کائي، پوءِ ٻين مکين کي
پهچائينديون رهنديون آهن ـــــ اهڙيءَ ريت جو هڪ
کان ٻيءَ مک تائين ۽ ٻيءَ کان ٽيءَ تائين ۽ ائين
پچڙيءَ ۾ ويٺل مکين تائين ماکي پهچي ويندي آهي.
اهو سندس طريقو تيستائين جاري رهندو آهي جيستائين
بهار جو سج نه اُڀرندو. پوءِ جڏهن بهار جي سج جا
پهريان ڪرڻا ماناري جي دروازي مان اندر داخل ٿيندا
آهن، ته آهستي آهستي مکيون سجاڳ ٿينديون آهن. ان
کان پوءِ مکين ۾ نئون روح ڦوڪجي ويندو آهي ۽ سندس
حياتي نئين سر چرپر ۾ اچي ويندي آهي.
|