دنيا
جا قديم سيلاني
هيرو ڊوٽس
هر ملڪ ۾ ڪي ماڻهو اهڙا ضرور هوندا آهن، جي پرڏيهه ۽
ملڪ ڏسڻ چاهيندا آهن، جيڪي ڪنهن به ڪڏهن ڪونه ڏٺا
هوندا. چوويهه سئو سال اڳ ملڪ يونان ۾ هڪڙو ماڻهو
”هيروڊوٽس“ نالي هوندو هو، جنهن ڪاري سمنڊ ۽ ڀونوچ
سمنڊ جي چوڌاري جيڪي به ملڪ آهن، اُنهن جو سير سفر
ڪيو ۽ اوڀر جي ملڪن ۾ به گهمڻ ويو هو. هو ايران
تائين وڃي پهتو. انهن ڏينهن ۾ يونان کان ايران
تائين، هڪ ڊگهي فاصلي جو سفر هو، هڪڙو چيني سياح
”فاهين“ نالي چين کان گوبيءَ جو رڻ پٽ پار ڪري،
ٿٻيٽ مان ٿيندو، هماليا جبل پار ڪري، اچي هندستان
۾ پهتو ۽ سڄا سارا ڏهه سال هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾
گهمي ڦري ڏٺائين. پندرنهن سئو سال کن اڳ ناروي جو
هڪ سياح ”ليف ايرڪسن“ يا ”ايرڪ دي ريڊ“ نالي ناروي
کان جهاز ۾ سفر ڪندو آئيسلئنڊ ۽ گرين لئنڊ تائين
پهچي ويو ۽ چند سالن کان پوءِ هو اُتر آمريڪا
تائين به پهچي ويو هو. پر هو اُتي گهڻو وقت ڪونه
ترسيو. ان کان پوءِ اٽڪل ست سئو سال اڳ اٽليءَ جو
سياح ”مارڪو پولو“ پنهنجي شهر وينس مان روانو ٿي،
وچ ايشيا جو سير ڪري، وڃي چين تائين پهتو.
جان
ڪئبٽ
ٿوري عرصي کان پوءِ هڪڙو مشهور معروف مسلمان سياح ابن بطوطا
جاڳيو، جو روس، ايشيا مائنر، عربستان ۽ اُتر
آفريقا جو سير سفر ڪندي، هندستان تائين اچي پهتو،
جتي هو اٺ سال کن محمد تغلق جي نوڪريءَ ۾ رهيو.
هتان هو وري سيلون، جاوا ۽ چين کان گهمندو ڦرندو
موٽي پنهنجي وطن تانجير (موراڪو) هليو ويو، جنهن
کان پوءِ هن صحرا جو
مارڪو
پولو
رڻ پٽ پار ڪيو، ۽ ٽمبڪٽو ۽ نائجيريا نديءَ تي ٻين هنڌن جو سير
سفر ڪيو. ڪيڏو نه زبردست سياح هو! مگر انهن مڙن ئي
سياحن جيتوڻيڪ وڏا بيابان، اوچا پهاڙ ۽ وڏا سمنڊ
پار ڪيا، تنهن هوندي به هو فقط انهن ملڪن ڏانهن
ويا، جتي هنن کي سڌريل ماڻهو، وڏا شهر ۽ آباد
ايراضيون ڏسڻ ۾ آيون. جديد قسم جو سفر فقط 1492ع ۾
شروع ٿيو، جڏهن ڪرسٽوفر ڪولمبس اسپين جي راڻي
آئزابيلا کان مالي مدد وٺي، اسپين کان جهازن
ڪرسٽوفر ڪولمبس
۾ سوار ٿي، ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪيو ۽ هڪ بلڪل غير آباد کنڊ
آمريڪا نالي ڳولي لڌائين. اها ڳالهه هرگز نه وسارڻ
گهرجي، ته ڪولمبس کي اها سڌ ڪڏهن به ڪانه پيئي، ته
ڪو هن هڪ نئون کنڊ ڳولي لڌو هو. مرڻ تائين هن جي
دل تي اهو ئي يقين ويٺل هو، ته هو اُتر طرف دنيا
جي چوڌاري وڃڻ جي بدران اولهه طرف سفر ڪري اچي
ايشيا جي ڪنهن حصي ۾ پهتو هو. هو پنهنجي پڇاڙيءَ
واري مسافريءَ ۾ وچ آمريڪا جي ڪنارن تائين مس وڃي
پهتو هو ۽ سمجهيو هئائين، ته اهو خان اعظم جو ملڪ
چين آهي. ٻيو سياح جنهن اُتر آمريڪا ڳولي لڌو هو،
واسڪو
ڊي گاما
سو هو جان ڪئبٽ، جنهن پڻ ايئن ئي سمجهيو هو، ته آءٌ اچي چين
پهتو آهيان، ڪولمبس وانگر ڪئبٽ اٽليءَ جي هڪ
شاندار بندرگاهه جنيوا جو رهاڪو هو. ڪئبٽ کي
انگلينڊ جي بادشاهه هينري ستين ۽ انگلينڊ جي مشهور
بندرگاهه برسٽل جي تاجرن پئسي وغيره جي مدد ڏني
هئي. هو سال 1497ع ۾ برسٽل مان ارڙنهن ماڻهو پاڻ
سان کڻي، هڪڙي ننڍڙي جهاز ۾ چڙهي پنهنجي سفر تي
روانو ٿيو. ٻاونجاهه ڏينهن کان پوءِ، هنن کي ڪيپ
بريٽن آئلنڊ جا ڪنارا ڏسڻ ۾ آيا، جو آمريڪا جو
ذري گهٽ ساڳيو ئي حصو هو، جيڪو پنج سئو سال اڳ
”ايرڪ دي ريڊ“ ڳولي ڪڍيو هو. شايد توهان کي تعجب
ٿيندو هوندو، ته انهن مڙني سياحن هندستان ۽ چين
ڏانهن اولهه طرف ڇو ٿي سفر ڪرڻ گهريو! هو اوڀر طرف
ڇو ڪين ويا، جيڪو انهن لاءِ ننڍي ۾ ننڍو رستو هو؟
سڀ کان پهريائين توهان کي اها ڳالهه ياد رکڻ
گهرجي، ته انهن ڏينهن ۾ سئيز واهه ڪونه هوندو هو.
انهيءَ ڪري هو اوڏانهن آفريقا جي چوڌاري ڦرڻ
کانسواءِ پنهنجو سڄو سفر جهاز ۾ ڪري نٿي سگهيا ۽
انهن اولهه طرف ڇو سفر ڪيو، انهيءَ لاءِ هڪ ٻيو
سبب پڻ آهي. انهيءَ زماني
۾ هڪ ويڙهاڪ مسلم قوم نالي، عثماني ترڪ طاقت ۾ اچي چڪا هئا، جن
سڄو ايشيا مائنر، فلسطين ۽ مصر فتح ڪري ورتو هو.
1453ع ۾ هنن قسنطنطيه تي پڻ پنهنجو قبضو ڄمائي
ورتو ۽ انهيءَ کان جلد ئي پوءِ انهن جون فوجون
يورپ تي ڪاهي آيون ۽ يورپ ۾ هو وائنا تائين داخل
ٿي چڪا هئا. آڳاٽي زماني ۾ يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾
واپار جو سلسلو فقط خشڪيءَ رستي هلندو هو ۽ واپاري
پنهنجو مال اُٺن جي قافلن تي چاڙهي شام ۽ مُيسو
پوٽيميا مان لنگهي بعداد ڏانهن ويندا هئا، يا وري
جهازن رستي ننڍي سئيز واهه مان لنگهي ڳاڙهي سمنڊ
مان ٿيندا، عربي سمنڊ اُڪري اڳتي ويندا هئا. پر
عثماني ترڪن انهيءَ سموري واپار کي روڪي ڇڏيو. هو
يورپي واپار کي ڌڪاريندا هئا، ڇاڪاڻ ته سندن يورپ
وارن سان لڙايون چالو هيون، تنهن ڪري يورپي
واپارين کي يا ته وري واپار تان هٿ ڌوئڻو ٿئي پيو،
يا ته وري هنن کي هندستان ۽ چين ڏانهن اچڻ لاءِ
ڪو ٻيو رستو ڳولي ڪڍڻو ٿي پيو. هندستان ڏانهن اچڻ
لاءِ ڪو نئون رستو ڳلي ڪڍڻ لاءِ، جن ماڻهن وڌيڪ
پاڻ پتوڙيو، سي پورچوگيز هئا. ڪيترين ڪوششن کان
پوءِ، هو ڪيپ وردي کان به اڳتي وڌي ويا، جتي
آفريقا جو ڪنارو اوڀر ڏانهن لاڙو ڪري ٿو. 1487ع ۾
”بار ٿولو ميو ڊائر“ نالي هڪ پورچوگيز سياح،
آفريقا جي بلڪل ڏاکڻئين ڇيڙي تائين اچي پهتو ۽ اتي
اچي ڏٺائين ته هتان ڪنارو ڪي قدر اوڀر طرف لاڙو
ڪري ٿو. جيڪي ماڻهو ڊائر پاڻ سان وٺي آيو، انهن
ساڻس اڳتي وڃڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري
هن کي وري پورچوگال ڏانهن واپس ٿيڻو پيو. ڏهه سال
گذرڻ کان پوءِ، سال 1497ع ۾ پورچوگال جي بادشاهه
وري واسڪو ڊي گاما نالي هڪ سياح کي سفر تي اماڻيو
۽ حڪم ڏنائينس ته جاچي ڏسي، ته ڊائر جي بيان ۾ ڪا
سچائي به آهي يا نه؟ مون کي خاطري آهي ته توهان کي
اها سڌ ته اڳيئي آهي، ته واسڪو ڊي گاما ڇا وڃي
ڳولي لڌو؟ جتان وري هو هڪ هندستاني جهازيءَ جي مدد
سان عربي سمنڊ پار ڪري اچي ڪلڪتي پهتو. پورچوگيز
هندستان کان اڳتي به وڌي ويا. انهن سيلون جي ڏکڻ ۽
ايسٽ انڊيز جي ”مولوڪاس“ نالي ٻيٽن يا مصالحن جي
ٻيٽن ۾ پنهنجون ڪالونيون قائم ڪيون. جاوا ۾ هن کي
انهيءَ پاسي جا سڀ کان وڌيڪ سڌريل ماڻهو ڏسڻ ۾
آيا، ڇاڪاڻ ته جاوا ۾ سوين سال اڳ کان وٺي سنڌي
هندو پنهنجون بيٺڪون قائم ڪري اچي ويٺا هئا ۽ اتي
سنڌي هندن جي هڪ وڏي سلطنت مجافت نالي سان نهايت
دٻدٻي سان قائم هئي، جنهن کي وري پورچوگيزن جي اچڻ
کان ٿورو ئي اڳ مسلمانن فتح ڪيو هو. پورچوگيز ڏکڻ
چين تائين پهچي ويا، جتي انهن ڪئنٽون جي ڀرسان
ماڪائو ۾ هڪڙي ڪالوني قائم ڪئي. پورچوگيزن الهندي
۾ پڻ نوان ملڪ ڳولي لڌا. واسڪو ڊي گاما جي ڪيپ آف
گڊ هوپ رستي هندستان ڏانهن وڃڻ لاءِ سامونڊي رستي
ڳولڻ کان پوءِ پورچوگال جي بادشاهه ڪيترائي جهاز
ٻاهر روانا ڪيا. سن 1500ع ۾ انهن جهازن ۾ سفر ڪندڙ
ماڻهن جي هڪڙي ٽولي، جيڪا ڪئبرال نالي هڪڙي ڪئپٽن
جي نظرداريءَ ۾ سفر ڪري رهي هئي. ان سڀ کان
پهريائين برازيل جو ڪنارو ڏٺو، پورچوگيزن ٽن سؤ
سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين برازيل تي حڪومت ڪئي.
اسپين جا رهاڪو پڻ نوان ملڪن جي تلاش ۾ سرگردان
هئا. سن 1519ع ۾ هڪ اسپين جي رهاڪو، ”هر
نندوڪورٽيز“ ميڪسيڪو ڳولي لڌو ۽ سن 1533ع ۾
”فزئنسڪو پيزارو“ پيرو ملڪ فتح ڪيو. اهڙيءَ طرح
ڪولمبس جي ويسٽ انڊيز کي ڳولي لهڻ ۽ واسڪو ڊي گاما
جي عربي سمنڊ جي آرپار سفر ڪرڻ کان پنجاهه سال
پوءِ پورچوگيزن ۽ اسپين جي رهاڪن دنيا جي الهندي
اڌ گول ۾ نون ۽ خاص طور خالي ايراضين وارن ملڪن ۾
اڀرندي جي قديم تهذيب ۽ تمدن وارن ۽ آباد ملڪن
ڏانهن اچ وڃ لاءِ هڪ رستو ڳولي ڇڏيو. انهن کان
پوءِ ڊچ، انگريز، ۽ فرينچ ملڪن جي کوجنا ڪندڙ،
واپاري ۽ سياح، شهرت، سون ۽ علم جي تلاش ۾ وڏي
تعداد ۾ انهن ملڪن ڏانهن ايندا ئي رهيا.
فيضي
اڪبر بادشاهه جي وزير ابوالفضل جي وڏي ڀاءُ جو نالو
فيضي هو ۽ سندس پيءُ جو نالو شيخ مبارڪ هو. سندس
خاندان سنڌي هو، جو سنڌ جي ريل شهر جو رهاڪو هو.
چون ٿا ته فيضي ۽ ابوالفضل جي ڏاڏي يعني شيخ مبارڪ
جي پيءُ جو نالو شيخ خضر هو. اهو بزرگ ڪنهن سبب
سنڌ مان لڏي وڃي، هندستان جي شهر ناگور ۾ رهيو هو
۽ اتي ئي کيس 911هه، مطابق 1505ع ۾ ، شيخ مبارڪ
ڄائو هو، شيخ مبارڪ ان وقت جي هڪ تمام وڏي عالم
ابواَلفصل گازروني وٽ گجرات ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽
تعليم پوري ڪرڻ بعد هميشھ لاءِ آگري ۾ اچي رهڻ
لڳو، جو ان وقت هندستان جي گاديءَ جو هنڌ هو.
آگري ۾ هُن هڪ مدرسو کوليو، جنهن ۾ هو پاڻ
پڙهائيندو هو. سندس پڙهائيءَ جو ايترو ته ڌاڪو ڄمي
ويو، جو پري پري کان کٿابي (طالب علم) سندس مدرسي
۾ تعليم حاصل ڪرڻ ايندا هئا. هو هڪ وڏو عالم هو، ۽
گهڻن علمن ۾ مهارت هئس. اڪبر جي حڪومت جي شروع
واري دور ۾ ڪي عالم هن کان ناراض ٿيا، ۽ ڪفر جي
فتوا ڏيئي کيس قتل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. هيءَ
خبر ڪنهن طرح سندس وڏي پٽ فيصي کي پئجي ويئي ۽ هن
پنهنجي پيءُ کي مجبور ڪيو، ته هو جان بچائڻ لاءِ
گهر مان لڪي نڪري وڃي. پٽ جي صلاح مڃي، شيخ مبارڪ
شهر ڇڏي ويو. انهيءَ زماني ۾ هن کي ڪيترائي ڏک
ڏسڻا پيا. جان بچائڻ لاءِ هو ڪيترا شهر رلندو رهيو
۽ ڪافي وقت، ان پريشانيءَ ۾ گذارڻ بعد اڪبر جي
دربار جي هڪ امير مرزا ڪوڪا، اڪبر بادشاهه کي هن
جي سفارش ڪئي، سندس درويشي، علم جون خوبيون ٻڌايون
۽ آگري واپس اچڻ جي اجازت گهري. اهڙيءَ ريت هو
موٽي آگري ۾ پنهنجي گهر آيو ۽ پوءِ ته هوريان
هوريان اڪبر جي نظرن ۾ هن جو وقار وڌندو ويو. هن
سن 1001هه ۾ وفات ڪئي. فيضي شيخ مبارڪ جو وڏو پٽ
هو. چون ٿا ته هي سن 924هه ۾ آگري شهر ۾ ڄائو.
سندس تعليم حاصل ڪرڻ جي باري ۾ جيتوڻيڪ گهڻي خبر
ڪانهي، پر ايترو يقين آهي، ته هن پنهنجي پيءُ وٽان
۽ ٻين استادن جهڙوڪ: مشهور بزرگ شيخ حسين مروزيءَ
وٽ به تعليم حاصل ڪئي هئي، جو بزرگ پنهنجي وقت جو
هاڪارو عالم هو. فيضي فارسيءَ جو تمام وڏو شاعر
مڃيو وڃي ٿو. پر ڪيترن بزرگن پنهنجي ڪتابن ۾ هن جو
ذڪر شاعر کان وڌيڪ عالم جي حيثيت سان ڪيو آهي. هو
ايڏو ته وڏو عالم هو، جو چون ٿا ته سندس زماني ۾
جهڙس مٽ ثاني ٻيو ڪونه هو. عربي ٻوليءَ جو ته ايڏو
ڄاڻو ۽ ماهر هو. مشهور آهي ته هن قرآن شريف جي هڪ
سورت جو اهڙو تفسير لکيو، جنهن جي لکڻيءَ ۾ ڪٿي به
نقطي وارو لفظ آيل نه آهي. فيضي سنسڪرت جو به
زبردست ڄاڻو ۽ عالم هو. ان کان سواءِ شعر، معما،
عروض ۽ قافيا، لغت، طب، تاريخ، انشاء ۽ ٻين علمن
جي مهارت ۾ سندس ثاني نظر ڪونه ٿو اچي. سندس نعتيه
مثنوي ”نل دمن“ گهڻو مشهور آهي.
فيضيءَ جي اڪبر تائين پهچ شاعريءَ جي ڪري ٿي. چون ٿا ته
سندس شاعريءَ جي ساک آهستي آهستي اڪبر بادشاهه جي
ڪنين پيئي. سن 1567ع ۾ جڏهن اڪبر بادشاهه چتور شهر
کي گهيرو ڪري رهيو هو، تڏهن هن فيضيءَ کي پاڻ وٽ
گهرايو. فيضيءَ جي دشمنن ڳالهه کي اُبتو ڪري، چوڻ
شروع ڪيو، ته بادشاهه جي فيضيءَ تي ڪاوڙ ٿي آهي.
اهو ٻڌي بادشاهه جا ماڻهو شيخ مبارڪ جي گهر کي
گهيرو ڪري ويا ۽ فيضيءَ کي ٻاهر سڏيائون. ان وقت
هو گهر ۾ ڪونه هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ جڏهن هو
گهر موٽيو، ته سپاهي کيس گهوڙي تي چاڙهي چتور وٺي
ويا. مرزا عزيز ڪوڪا هن کي بادشاهه جي آڏو پيش
ڪيو. ان وقت فيضي بادشاهه جي تعريف ۾ ٻن سون شعرن
جو هڪ نهايت عمدو قصيدو پڙهيو، جو ٻڌي بادشاهه
ڏاڍو خوش ٿيو. اهو قصيدو بادشاهه کي ايترو ته
وڻيو، جو هن فيضيءَ کي پنهنجي دربار جي اميرن ۾
شامل ڪيو. پوءِ ته هوريان هوريان بادشاهه هن سان
ايتري ته محبت ڪرڻ لڳو، جو جهٽ پل لاءِ به پاڻ کان
پاسي ٿيڻ نه ڏيندو هئس. بادشاهه جو فيضيءَ تي ايڏو
ته راز هو، جو سلطنت جي مکيه راڄنيتي ڳالهين بابت
کانئس صلاح پچندو هو ۽ فيضيءَ جو جواب کيس گهڻي حد
تائين تسلي ڏيندو هو. راڄنيتي ڳالهين ۾ فيضيءَ جو
اهڙو عمدو ذهن ڏسي اڪبر بادشاهه کيس ٻه ڀيرا سفير
ڪري موڪليو، هڪ دفعو احمد ننگر ڏانهن ۽ ٻيو
خانديش ڏانهن. اهي ٻيئي سفارتون فيضيءَ نهايت
ڪاميابيءَ سان پوريون ڪيون. احمد ننگر ۾ جڏهن هو
سفير هو، ته هن ڏاڍو عمدو فارسي شعر چيو، جنهن جو
ڪجهه حصو احمد ننگر شهر ۽ ان جي آسپاس جي سهڻن
نظارن بابت آهي. هندستان جو هاڪارو سياسي اڳواڻ ۽
برک عالم مولانا ابوالڪلام آزاد کي جڏهن انگريزن
جي ڏينهن ۾ قيد ڪري کيس احمد ننگر جي قلعي ۾ نظر
بند رکيو هو، تڏهن هن پنهنجي هڪ دوست ڏانهن علمي
ادبي خط لکيا هئا، جي بعد ۾ ”غبار خاطر“ نالي سان
ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا. ان ڪتاب ۾ مولانا
آزاد جي جن خطن ۾ احمد ننگر جي قلعي جي تاريخي
اهميت ۽ شهر جي آسپاس جي فضا جو بيان ڪيو آهي، اتي
فيضيءَ کي ڏاڍو ياد ڪيو آهي ۽ مضمون ۾ جڳهه جڳهه
تي احمد ننگر بابت فيضيءَ جا پيارا پيارا شعر ڪم
آندا آهن. فيضيءَ جي لکيل ڪتابن بابت پوري ڄاڻ
ناهي. سندس جن ڪتابن متعلق اسان کي معلومات ملي
سگهي ٿي، تن ۾ موارد الڪلام “ليلاوتيءَ جو ترجمو“
۽ حسابن ۽ رياضيءَ ۾ ”مرڪز ادوار“ مشهور آهن. فيضي
نه رڳو لکڻ ۾ ڀڙ هو، پر ڳالهائڻ جو به وڏو ماهر
هو. سندس ڀوڳ ۾ لطيفا تمام مشهور آهن، جن کي سندس
ڀاڻيجي نور الدين محمد بن عبدالله گڏ ڪري ”لطائف
فيضي“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ آندو هو. فيضيءَ
جي شعر جو هڪ ديوان ”طباشير“ نالي سان آهي، ان ۾
سندس نَوَ هزار شعر آهن. فيضيءَ جي لکيل قصيدن جو
ديوان ان کان الڳ آهي. فيضيءَ سن 1004هجريءَ ۾
وفات ڪئي. جڏهن هو بيمار هو ته اڪبر بادشاهه پاڻ
ڪهي سندس طبعيت جي باري ۾ حال احوال وٺڻ ايندو هو.
اڪبر کي فيضيءَ جي وفات جو وڏو صدمو رسيو، تنهن جو
داغ سندس دل تي هميشھ قائم رهيو. فيضيءَ جي وفات
بعد سندس ذاتي ڪتبخاني مان چاليهه هزار ڇهه سئو
ڪتاب هٿ آيا. فيضيءَ جي متعلق اهو پوريءَ طرح سان
معلوم نه آهي، ته کيس ڪٿي دفن ڪيو ويو.
مولانا عبدالحي لکنويءَ پنهنجي مشهور ڪتاب ”نزهت
الخواطر“ جي جلد پنجين ۾ گُمان ڪندي ڄاڻايو آهي ته
فيضي يا آگري ۾ يا لاهور ۾ دفن ڪيو ويو هو. تازو
ڪن پاڪستاني عالمن تحقيقات ڪئي آهي، ته فيضي آگري
۾ ئي دفن ڪيو ويو هو. سندس تربت مٿان چڱو شاهي
مقبرو هو. بعد ۾ جڏهن مينهن ۽ طوفانن سبب مقبري جي
عمارت کي نقصان رسيو. ته انگريزن ان جي مرمت ڪرائڻ
بجاءِ اها سموري ايراضي ڪنهن شخص کي وڪرو ڪري ڏني،
جنهن ڊٺل عمارت جي جاءِ تي پنهنجي رهائش لاءِ
بنگلو ٺهرايو. سندس هڪ شعر هيٺ ڏجي ٿو؛
بنيان تست مستعد نقش علو وسفل
خواه آسمان خواه زمين شو مخيري
(اي انسان! تنهنجي فطرت ۾ بُلندي ۽ پستي، ٻنهي جي نقش
قبول ڪرڻ جي صلاحيت آهي. وڻئي ته آسمان (بلند)
ٿيءُ، وڻيئي ته زمين (نيچ) ٿيءُ.)
وليم شيڪسپيئر
يورپ جي تاريخ جو هڪڙو گذريل دور سونهري دور ڪري ليکيو
ويندو آهي. هن دور ۾ پراڻين شين جي جاءِ، نيون
شيون والارڻ لڳيون ۽ پراڻن خيالن جي جاءِ تي نوان
خيال آيا. سائنسي ايجادون ٿيون ۽ نوان سامونڊي
رستا ڳولي ڪڍيا ويا. ماڻهن کي نين شين جي مونجهه
ٿي ۽ هو پنهنجي وندر جي لاءِ نوان نوان طريقا ڳولڻ
لڳا. سڀني کان اهم ڳالهه اها ٿي، ته هن دور ۾
اهڙين وڏين وڏين هستين جنم ورتو، جن جي ڪارنامن
انساني تاريخ جو رُخ مٽائي ڇڏيو هو. مارڪوپولو ۽
ڪولمبس جهڙا سيلاني، ڊانٽي جهڙا فلسفي ۽ ليونارڊو
واونچي جهڙا فنڪار، تاريخ جي هن سونهري دور جي ئي
پيدائش آهن. يورپ وارا تاريخ جي هن سونهري دور کي
نئين سجاڳي يا کوجنائن وارو دور سڏيندا آهن.
وليم شيڪسپيئر جو لاڳاپو به هن دور سان ئي آهي، شاعري
۽ ناٽڪ جي فن ۾ هن جا مٽ ۽ ثاني دنيا ۾ ڪي ٿورڙا
لڀندا، جيئن شاهه لطيف اسان سنڌين ۾، تيئن وليم
شڪسپيئر انگريزن ۾ بيحد پيارو ۽ مقبول آهي، وليم
شڪسپيئر 1564ع ۾ انگلينڊ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ اُسٽرئٽ
فورڊ آن ائون، ۾ ڄائو هو. پڻهنس ڪاسائي هو ۽ ڳوٺ
وارن جو مال پڻ چاريندو هو. هن جي ماءُ مڇيءَ
مانيءَ هڪ ڪڙميءَ جي ڌيءُ هئي. مائٽن کيس لئٽين
ٻولي سکڻ، رياضي ۽ انجيل پڙهڻ جي لاءِ ڳوٺ جي
اسڪول ۾ ويهاريو، پر وليم شيڪسپيئر جي دل پڙهڻ سان
مور نه هئي. سو هن ارڙهن ورهين جي عمر ۾ ئي پڙهڻ
ڇڏي ڏنو، ۽ ڳوٺ جي هڪ ڪڙميءَ جي ڌيءُ سان شادي ڪري
ويهي رهيو. شيڪسپيئر ننڍي هوندي کان ئي ڏاڍو اڙٻنگ
۽ شرارتي هوندو هو. چون ٿا، ته هڪڙي ڀيري ڳوٺ جي
هڪ رئيس جي هرڻي چورائڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين. پر
پوءِ چوريءَ ۾ پڪڙجي پيو، سو ڳوٺ مان ڀڄي لنڊن
هليو ويو ۽ اتي پيٽ پالڻ لاءِ ڌنڌو ڳولڻ شروع ڪيو.
انگلينڊ ۾ تن ڏينهن ۾ ناٽڪ اڃا تازو تازو مقبول
ٿيڻ شروع ٿيا هئا، سو نوجوان شيڪسپيئر ناٽڪن ۾
اداڪاري ڪري قسمت آزمائڻ جو فيصلو ڪيو. لنڊن ۾
شروع ۾ شيڪسپيئر کي ناٽڪن ۾ ننڍا ننڍا پارٽ ملڻ
لڳا، بلڪه سهڻي ۽ نوجوان هئڻ جي ڪري کيس ڪڏهن ڪڏهن
زنانا ڪردار به ادا ڪرڻا پيا، جن کي هو نهايت سهڻي
نموني سان ادا ڪرڻ لڳو. تن ڏينهن ۾ يورپ ۾ ناٽڪ
غير اخلاقي سمجهيا ويندا هئا. اداڪارن کي بدمعاش ۽
ٺڳ جهڙن نالن سان ياد ڪيو ويندو هو. کين پنهنجو
پيشو جاري رکڻ لاءِ لائسنس وٺڻا پوندا هئا. اهو ئي
سبب هو جو اوچي طبقي جا ماڻهو ناٽڪ ڏسڻ لاءِ نه
ايندا هئا. اهو سبب هو جو ناٽڪن جي ڪمائيءَ جو
مدار گهڻي ڀاڱي دڪاندارن، نوجوانن، ڀنگين، مزورن ۽
نوڪرن چاڪرن تي هو. وچولي ۽ غريب طبقي جي ماڻهن جو
ذوق ڪو گهڻو سٺو ڪونه هو. اهي ماڻهو ناٽڪ رڳو
انهيءَ لاءِ ڏسندا هئا، ته جيئن مسخرن جي حرڪتن تي
دل کولي کلي سگهن يا وري اسٽيج تي قتل، جهيڙا جهٽا
۽ ٻيا خوفناڪ ڪم ٿيندي، ڏسي مزو وٺن.
شيڪسپيئر شاعر هو، پر شاعر کان وڌيڪ ناٽڪ نويس هو. هن
ڏٺو ته رڳو عالماڻا يا شاعراڻا ناٽڪ ماڻهن کي ڪشش
نه ڪندا. کيس اها به خبر هئي، ته جن ناٽڪن ۾ هو
پاڻ بهرو وٺندو هو. سي سڀئي گهڻو ڪري ردي ۽ ڪنهن
نه ڪم جا هوندا آهن. سو هو ڪا نئين شيءِ جوڙڻ تي
سوچڻ لڳو. نيٺ هن ناٽڪ لکڻ جو ارادو ڪيو. هن
ناولن، تاريخن، ڏند ڪٿائن ۽ لوڪ ڪهاڻين مان پنهنجي
ناٽڪن لاءِ آکاڻيون کنيون. انهن آکاڻين کي نئين
صورت ڏيئي، منجهن نوان ويس ۽ واڌارا آڻي ۽ ڇنڊڇاڻ
ڪري نئين نموني ۽ نئين سوچ جا ناٽڪ لکيا. جڏهن هن
پنهنجو پهريون مکه ناٽڪ (Loves
Labour Lost) لکيو، تڏهن هن جي ڄمار ستاويهه ورهيه هئي، پوءِ ته سڄا سارا
ويهه ورهيه هو ناٽڪ ۽ نظم لکندو رهيو. هن گهٽ ۾
گهٽ ستٽيهه ناٽڪ ۽ بيشمار نظم لکيا، جن ۾ ”وينس ۽
ايڊونس“ ۽ ”ريپ آف ٽڪريئسيا“ گهڻو مشهور آهن.
شيڪسپيئر جي ناٽڪن کي لکئي ڀريا چار سئو سال گذري
ويا آهن. هن منجهن پنهنجي زماني جي ماڻهن جي حياتي
۽ خيالن کي چٽيو آهي. پر اڄ به جڏهن انهن کي
پڙهندا آهيون، ته اسان کي اهو ساڳيو ئي لطف حاصل
ٿيندو آهي. انهيءَ ڪري ئي هن جا ناٽڪ دنيا جي
گهڻين ئي ٻولين ۾ ترجمون ڪيا ويا آهن. هن جي گهڻو
ڪري سڀني ناٽڪن کي سنڌيءَ ۾ ميرزا قليچ بيگ ترجمون
ڪيو آهي. دنيا جي ملڪن ۾ سندس ناٽڪ اڃا تائين
اسٽيج تي پيش ٿيندا ٿا رهن ۽ ماڻهو انهن کي ڏسي اڄ
به لطف حاصل ڪندا آهن. ان جو سبب اهو آهي ته
شيڪسپيئر پنهنجي ناٽڪن ۾ آکاڻين ۽ واقعن کي سهڻي
ٻوليءَ ۽ مزيدار چرچن جي وسيلي بيان ڪيو آهي. هن
اهو پڻ ڏيکاريو آهي، ته ماڻهوءَ جي دل ڪيڏن
مونجهارن ۾ وڪوڙي پيئي هوندي آهي. هن جي ناٽڪ
”جوليس سيزر“ جو مثال ئي کڻي وٺو. هن ناٽڪ ۾
شيڪسپيئر رڳو هڪڙي عظيم شخصيت جو سازشين جي هڪ
ٽوليءَ هٿان قتل ٿيڻ ڪونه ڏيکاريو آهي. بلڪه هن
دنيا کي قتل جا، اهي مختلف مقصد پڻ محسوس ڪرايا
آهن، جيڪي سازشين جي دلين ۾ انهيءَ خوفناڪ ڪم ڪرڻ
مهل موجود هئا. ڪن کي سيزر سان ساڙ هو، ته ڪي وري
کيس پنهنجو دشمن سمجهندا هئا. ۽ بروٽس، جيڪو انهن
سازشين جو مک هو، تنهن ويچاري جي دل ٻن باهين جي
وچ ۾ هئي. هڪڙي طرف دوستي هئي ۽ ٻئي طرف قومي فرض.
شيڪسپيئر جي شاعري ۽ ناٽڪ ڪنهن هڪ زماني جي لاءِ نه
آهن. هن پنهنجي لکڻين ۾ انسان جي اندر جا راز
پروڙي ۽ کولي ٻڌايا آهن. هن جي شاعري ۽ ناٽڪ هر
دور لاءِ آهن.
شيڪسپيئر جي خيالن انسان جي ترقيءَ جي اڙانگن رستن تي
اهڙا ته پڪا پختا نشان ڇڏيا آهن، جو جيڪڏهن کيس
دنيا جي لافاني شاعر جي نالي سان ياد ڪجي، ته
وڌاءُ نه ٿيندو.
شيڪسپيئر پنهنجا پويان ڏينهن پنهنجي اباڻي ڳوٺ وڃي
گذاريا هئا. هوُ 23 اپريل 1616ع تي ٻاونجاهه ورهين
جي” عمر “ ۾ وفات ڪري ويو. کيس سندس ڳوٺ واريءَ
ديول ۾ پوريو ويو. سندس قبر تي نظم ۾ هڪ، دلچسپ
ڪتبو لکيل آهي، جنهن ۾ چيل آهي، ته ”فوتيءَ جي
آرام ۾ رخنو وجهڻ واري کي ڌڻي ڪندو ته ڪڏهن به سک
نصيب ڪين ٿيندو!
انگلينڊ جي هڪ عالم ۽ اديب ڊاڪٽر جانسن، هن بابت هي لفظ
لکيا ته:
”جيڪڏهن هڪ پاسي برطانيا جي سڄي سلطنت رکي وڃي ۽ ٻئي
پاسي شيڪسپيئر، ۽ پوءِ مون کان پڇيو وڃي، ته تون
ٻنهي مان ڪنهن کي پنهنجو ڪرڻ ٿو چاهين، ته آءٌ
هوند شيڪسپيئر تي هٿ رکان!“
*** |