سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب:شخصيتونَ

 

صفحو : 5

جارج برنارڊشا

 

ويهين صديءَ جو جڳ مشهور ناٽڪ نويس جارج برنارڊشا 29 – جولاءِ 1856ع ۾ آئرلينڊ جي هڪ غريب خاندان ۾ پيدا ٿيو. هن جو والد عدالتي کاتي ۾ هڪ معمولي درجي جو ملازم هو ۽ جڏهن کيس نوڪريءَ جو مدو پورو ٿيڻ تي پينشن ملي ته اها ٽي چار سئو رپين سالياني آمدنيءَ کان وڌيڪ نه هئي. هن جو پنهنجو ذاتي خرچ به انهيءَ اُپت کان وڌيڪ هو، ڇاڪاڻ ته هو بدقسمتيءَ سان پاڻ کي هميشھ امير طبقي جو فرد تصور ڪندو رهيو ۽ انهيءَ اميراڻي قسم جي ٺاهه ٺوهه قائم رکڻ جي ڪشمڪش ۾، ساري ڄمار مبتلا رهيو. پيءُ جي هن ذهني خود فريبيءَ برنارڊشا جي زندگيءَ تي ننڍپڻ ۾ ئي وڏو اثر ڪيو.

پيءُ جي وفات بعد جڏهن روزگار جو  ٿورو گهڻو وسيلو ختم ٿيو ۽ ڏائڻ بک موت جو روپ وٺي ڊيڄارڻ لڳي، تڏهن برنارڊشا روزگار جي تلاش ۾ اباڻي اجهي کي موڪلاڻي چئي لنڊن پهتو. هن جي ماءُ لنڊن ۾ اڳي ئي مڙس جي وفات کان پوءِ ڇوڪرين جي هڪ اسڪول ۾ راڳ سيکارڻ واري ماسترياڻي هئي. هن لنڊن جي شروعاتي زندگي نهايت دکدائڪ ۽ غربت جي احساس ۾ گذاري. وڏين ڪوششن ۽ جدوجهد کان پوءِ به هن کي روزگار جو ڪو ذريعو ملي نه سگهيو. فقط ماءُ جي معمولي آمدنيءَ تي گذارو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هو. نَوَ سال غربت ۽ بيروزگاريءَ جي صبر آزما عرصي، هن ۾ زندگيءَ جي هر مسئلي کي کُليل دل سان منهن ڏيڻ لاءِ وڏي همٿ ۽ حوصلو پيدا ڪيو. هن ڊگهي عرصي ۾ زندگيءَ جي هر گهڙي ايتري ڏکي ۽ ايتري ڊگهي هئي، جيڏيون لنڊن جون ڊگهيون سڙڪون، جن تي هزارين برنارڊشا، هر سفيد پوش تراهگير ڏانهن نهاري، انساني تهذيب ۽ تمدن تي دل ئي دل ۾ ملامت ڪندا ڪندا ٿي رهيا. غربت ۽ گمناميءَ جا هي نَوَ سال برنارڊشا جي مستقبل ٺاهڻ ۾ نهايت مفيد ۽ اهم ثابت ٿيا. هن انهيءَ دوران ۾ انساني زندگيءَ جو خوفناڪ ترين صورتن جو تمام ويجهو مشاهدو ڪيو. هن ڪيترائي ڀيرا انساني رحم، همدردي ۽ انصاف جا جنازا اکين سان نڪرندي ڏٺا. هن جي حساس فطرت سماج جي ظاهري توڙي پوشيده قدرن کي انهيءَ روپ ۾ ڏٺو، جنهن ۾ صدين کان انسان ذات جي چيخ ۽ پڪار هڪ حساس ۽ باشعور انسان کي بيچين ڪندي رهي آهي.

هيتري جدوجهد ۽ درد سريءَ کان پوءِ به هو نااميد نه هو. نااميدي هن جي تصوير ۾ انسان جو بدترين موت هو، ڇاڪاڻ ته اميد ۽ عمل، انسان جي مستقبل ٺاهڻ ۾ هميشھ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. فطرت هن جي روشن مستقبل جو سنگ بنياد رکڻ واري هئي، ته هڪ ڏينهن هن کي هڪ آمريڪي ٽيليفون ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ملي ويئي. هن تي اها جوابداري هئي، ته ماڻهن کي گهرن ۾ ٽيليفون لڳرائڻ جا فائدا ٻڌائڻ ۽ کين مشورا ڏئي، پر مستقبل، برنارڊشا جي هن معمولي ڪمن جي پورائي کي ڏسي ٽهڪ ڏيئي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته هن ڄاتو ٿي، ته هن معمولي ڪلارڪ هٿان، اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ هڪ غير معمولي ڪارنامو سرانجام ٿيڻ وارو آهي. هن جي حساس طبيعت کانئس اهو فيصلو ڪرايو، ته هو ڪنهن به حالت ۾ روزانو پنج صفحا ضرور لکندو رهندو. هن مضبوط فيصلي ۽ اٽل ارادي برنارڊشا ۾ پنهنجو پاڻ تي وڏو اعتماد پيدا ڪيو ۽ هو هڪدم انهيءَ ملازمت کي خيرباد چئي، لکڻ واري ڪم ۾ جُنبي ويو. پندرنهن سالن جي عرصي ۾ قلمي ذوق هن کان پنج ناول لکايا، پر وڏي بدقسمتي چئجي، جو هنن پنجن ئي ناولن جو لنڊن جي پبلشرن ڪوبه قدر ڪونه ڪيو. فقط ڇهه پائونڊ معمولي اجورو ڏنو ويو. هڪ ناپختي ذهن ۽ دماغ لاءِ هيءَ وڏي آزمائش هئي، پر برنارڊشا انهيءَ بي قدريءَ جي ڪابه پرواهه نه ڪندي، پنهنجي اعليٰ مقصد جي سرانجاميءَ لاءِ لڳاتار جدوجهد ڪندو رهيو. هڪ بامقصد دل ۽ روشن نگاهه، ناسازگار حالتن کان ڪڏهن به دل شڪستو نه ٿيون آهن، پر اهي تهان ئي وڌيڪ انهيءَ ڪوشش ۾ رهيون آهن، ته پنهنجي فرض کي ايمانداريءَ سان نڀائيندو رهجي ۽ نتيجي کي آئيندي تي ڇڏي ڏجي.

ادب سان بي پناهه محبت ۽ اڻ ٿڪ محنت پنجيتاليهه سالن جي عمر ۾ برنارڊشا کي اهڙي دور ۾ پهچايو، جتي مالي خوشحالي ۽ ذاتي شهرت، ٻئي سندس قدم چمي رهيون هيون، پر آسودگي توڙي ذاتي شهرت  هن جي عظيم مقصد ۾ ڪڏهن به دخل انداز نه ٿيون. هن جي دل توڙي دماغ، راحت ۽ سڪون جي حالت ۾ به پاري جيان بي قرار ۽ تڙپندا رهيا. انساني زندگيءَ جا دردناڪ واقعا ۽ انسانيت سوز مشاهدا ڪڏهن به هن جي ذهن کان الڳ نه ٿيا. اها ئي غربت، اها ئي بک ۽ بي وسي ڪيڙن ۽ ماڪوڙن جيان سندس ذهن تي چهٽي، هن جي پنهنجي ڪردار ۾ هڪ لافاني عمل کي وڌائيندي ۽ تيز ڪندي رهي.

        برنارڊشا نه فقط ناول نويس هو پر ساڳئي وقت صحافي، تنقيد نگار، موسيقار ۽ مقرر پڻ هو. سماجي براين کي دور ڪرڻ لاءِ هن ڪيترن عام جلسن ۾ تقريرون ڪيون. هو سڄي ڄمار زندگيءَ جي هر ميدان ۾ انسان ذات جي چڱڀلائيءَ خاطر جدوجهد ڪندو رهيو. هن سڄي زندگي بامقصد گذاري. پنهنجي ادبي شهپارن ۾ به مقصدي ادب کي هميشھ ترجيح ڏيندي، ادب براءِ ادب جي نظرئي تي سخت چوٽون ڪيون.

        هڪ ڀيري جو واقعو آهي، ته جارج برنارڊشا هڪ جلسي ۾ ويو، جتي جارج هينري تقرير ڪري رهيو هو. هينريءَ جي تقرير برنارڊشا کي انساني تهذيب ۽ تمدن ۾ اقتصاديات جي بنيادي اهميت جو پهريون ڀيرو احساس ڏياريو. هن واپس اچڻ تي جارج هينريءَ جو اقتصاديات تي لکيل ڪتاب مطالعو ڪيو. انهيءَ ڪتاب جي مطالعي ذهني اطمينان بچائي تهان ئي وڌيڪ تشنگيءَ جو احساس ڏياريو.  انهيءَ اُڃ برنارڊشا کي ڪارل مارڪس جي جڳ مشهور ڪتاب ”داس ڪيپيٽل“ پڙهڻ جو شوق جاڳايو. ان ڪتاب جي مطالعي بعد برنارڊشا هڪدم سوشلسٽ خيالن جو پرچارڪ ٿي ويو.

        ويهين صدي يورپ جي تاريخ ۾ هڪ نئين دور جو آغاز هئي. سائنس جي ترقيءَ سببان نئون سامراجي دور، هڪ هيبتناڪ ديو جي صورت ۾ دنيا جي تباهيءَ جو خطرو پيدا ڪري چڪو هو. دنيا جي ڪمزور قومن مٿان هيءَ نئين پيڙا ۽ نئين مصيبت ڪنهن به باشعور انسان کان ڳجهي نه هئي. برنارڊشا، هڪ عظيم اديب سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هو. هن سوچيو ته مشيني دور ۾ ايتري فرصت ڪٿان آئي جو ماڻهن دل جمعيءَ سان ويهي ناول پڙهي. انهيءَ ڪري هن نئين دور ۾ ڊرامي ۽ افساني لکڻ جو دنيا جي اديبن کي عام احساس ڏياريو. برنارڊشا به انهيءَ ڪري ناول لکڻ واري ڪرت کي ڇڏي، پنهنجي سموري تخيل جي سگهه ۽ قلم جو زور ناٽڪ تي ڏنو. هن ڄاتو ٿي، ته انساني ذهن جي شعور ۽ تربيت لاءِ ناٽڪ کان وڌيڪ اثرائتي ٻي ڪابه ادبي صنف ٿي نٿي سگهي. اسٽيج کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه ڪارائتو درسگاهه نه آهي. اخلاقيات جا منجهيل مسئلا، رسم و رواج جي انڌي تقليد، پورهئي جو نامناسب معاوضو ۽ ٻيا اهڙا زندگيءَ جا سوين مسئلا، ڊرامي وسيلي عوام کي آسانيءَ سان سمجهائي سگهجن ٿا ۽ پوءِ جڏهن انسان جي فطري زندگي صحيح روپ ۾ عام ماڻهن جي اڳيان ايندي، تڏهن فرد جي ذاتي صلاحيتن جون دٻيل چڻنگون دُکي ڀنڀٽ ٿيڻ ۾ دير ئي ڪين ڪنديون. اسٽيج تي ماڻهن کي فقط کلائي خوش ڪرڻ سان اديب، اديب نٿو رهي. اهڙي ليکڪ ۽ هڪ مسخري ۾ ڪوبه فرق نه آهي. نوجوانن کي زندگيءَ جي روشن راهه ڏيکارڻ اديب جو ئي فرض آهي. برنارڊشا ساري ڄمار وڏيءَ  ديانتداريءَ سان زندگيءَ جي قدرن کي پرکيندو، جيون جا لڪل راز ظاهر ڪندو، جهالت ۽ بزدليءَ جي خلاف عام احساس ڏياريندو رهيو.

        برنارڊشا اٽڪل پنجاهه ڊراما لکيا. جي دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيا ۽ اسٽيج تي آندا ويا. اهو ساڳيو برنارڊشا هو، جنهن کي اڳ سندس لکيل پنجن ناولن جو ڇهه پائونڊ اجورو ڏيڻ، وڏي ڳالهه ڄاتي ٿي ويئي، پر هينئر انهيءَ ساڳئي اديب کي لندن جي پبلشرن، هن جي مرضيءَ مطابق اُجورو ڏيڻ ۽ وڏي اهتمام سان سندس لکڻين کي شايع ڪرڻ پنهنجي لاءِ فخر ٿي ڄاتو.

        برنارڊشا سڄي حياتيءَ ۾ شادي ڪانه ڪئي. هن جي ڪن همعصرن جي راءِ آهي، ته برنارڊشا کي شاديءَ کان نفرت پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي بي جوڙ رشتي مان پيدا ٿي. هن جي ماءُ مڙس کان ويهه سال عمر ۾ ننڍي هئي ۽ هن اهو رشتو پنهنجي ماٽيجي ماءُ جي ظلمن کان پاڻ کي بچائڻ ۽ پري رهڻ خاطر قبول ڪيو، جنهن اڳتي هلي گهر جي اهڙي فضا قائم ڪئي، جو برنارڊشا کي سڄي حياتي شاديءَ جي خلاف فيصلو ڪرڻو پيو. هن مرد ۽ عورت جي رشتي کي آزادانه محبت جي بنيادن تي قائم ڪرڻ چاهيو ٿي، پر طبقاتي سماج ۽ سرمائي داراڻي نظام ۾ ائين ٿيڻ ناممڪن هو. برنارڊشا انهيءَ موضوع تي پنهنجي ناولن ۾ ڪن هنڌن تي بلڪل انتها پسند ٿي ويو.

        2 – نومبر 1850ع دنيا جو هيءُ عظيم ناٽڪ نويس، جنهن چورانوي سالن جي عمر تائين پنهنجي حساس دل، روشن نگاهه ۽ اعليٰ تخيل جي ذريعي انسان ذات جي خوشحالي ۽ امن لاءِ جدوجهد ڪئي، اهو ساڳيو عظيم انسان جذبات کان بيوس ۽ زندگيءَ جي حرڪت کان مجبور هوندي به موت کي شڪست ڏيڻ لاءِ آخري لڙائي لڙي رهيو هو.

        هيءَ گهاٽي ڏاڙهي ۽ سفيد وارن وارو لافاني اديب ساري رات جدوجهد ڪندو رهيو، پر جڏهن صبح جي پهرين باک ڦٽي، تڏهن هن اعليٰ ڪردار ۽ عمل جي مثالي اديب دنيا کان هميشھ لاءِ موڪلاڻي ڪئي.

****

شيخ سعدي

 

        شيخ سعدي فارسي زبان جو هڪ تمام وڏو شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. هو ايران جي مشهور شهر شيراز ۾ پيدا ٿيو. هن جو والد شيخ عبدالله ايران جي شهنشاهه سعد زنگيءَ وٽ ملازم هو. جنهن ڪري شيخ جي پرورش وڏي شانَ مانَ سان ٿي. هن جي عمر اڃا يارنهن سال مس ٿي، ته سندس والد وفات ڪري ويو ۽ دنيا ۾ هيءُ اڪيلو رهجي ويو.

        شيخ سعدي ننڍپڻ کان ئي گهڻو محنتي ۽ همٿ وارو انسان هو. هن کي پڙهڻ ۽ لکڻ جو گهڻو شوق هو. هن غريبيءَ ۽ مفلسيءَ جو بلڪل خيال نه ڪيو ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بغداد هليو ويو. بغداد اُن زماني ۾ علم جو هڪ وڏو مرڪز هو. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شاگرد بغداد ۾ پڙهڻ ويندا هئا. شيخ سعدي اُتي رهي وڏن عالمن کان تعليم حاصل ڪئي ۽ تمام جلد سڀني علمن جي شعبن ۽ فني مڪتبن ۾ ماهر ٿي ويو.

        شيخ سعدي توڙي جو تمام وڏو عالم هو، پر اڄ هن جي مشهوري هڪ عالم جي حيثيت ۾ ايتري ڪانهي، جيتري شاعر ۽ اديب جي حيثيت ۾ آهي.

        خدا پاڪ هن کي ادب ۽ شعر لاءِ پيدا ڪيو هو ۽ هن انهيءَ فن ۾ اهڙو ته ڪمال حاصل ڪيو، جو سندس نالو هميشھ زنده رهندو. هن گهڻا ئي ڪتاب لکيا، جن ۾ ”گلستان“ ۽ ”بوستان“ ٻين سڀني ڪتابن کان وڌيڪ مشهور آهن. انهن ڪتابن جو دنيا جي وڏين وڏين زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. گلستان نثر ۾ آهي ۽ بوستان نظم ۾. ”گلستان“ فارسي ادب جو هڪ بي مثال ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ شيخ سعديءَ مٺيءَ زبان ۾، نصيحتن واريون ڳالهيون لکيون آهن. مثلاً گلستان جي هڪ ڳالهه ۾ شيخ سعدي ٻڌائي ٿو، ته ڪنهن ماڻهوءَ لقمان حڪيم کان پڇيو، ته اوهان ادب ڪنهن کان سکيو؟ هن چيو، ”بي ادبن کان.“ تڏهن وري ٻيو سوال پڇيائين ته، ”ڪيئن؟“ حڪيم چيو ته ”هنن جيڪا به خراب حرڪت ڪئي، مون ان کان پرهيز ڪئي.“

        گلستان جي ٻي هڪڙي ڳالهه آهي، ته هڪڙي عقلمند شخص پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪئي ته پٽ هنر سک، دولت تي اعتبار ناهي، دولت يا ته چور کڻي وڃن ٿا يا پاڻ ماڻهو ان کي آهستي آهستي خرچ ڪري ڇڏيندو آهي، پر علم ۽ هنر اهڙي دولت آهي، جا ڪڏهن به نٿي گهٽجي. هي اهو چشمو آهي، جو سدائين جاري رهندو آهي. هنرمند جو مال ويو ته ڪجهه پرواهه ناهي، هو جتي به ويندو، اُتي ان جو قدر ٿيندو، ليڪن بي هنر جو مال ويندو، ته هو ڪنگال ٿي پوندو ۽ ان سان گڏ سندس قدر به ختم ٿي ويندو ۽ پوءِ دنيا ۾ هو هميشھ تڪليفون ڏسندو.

        گلستان ۾ جي نصيحتون آهن، سي هي آهن: پنهنجو ڳجهه دوست کي به نه ٻڌايو، ڇو ته ان دوست جا به گهڻا دوست هوندا ۽ انهن جا به دوست هوندا. انهيءَ طرح تنهنجو ڳجهه کلي ويندو، جو شخص خراب صحبت ۾ ويهندو، اهو پاڻ خراب عادت کڻي نه به اختيار ڪري، ته به بدنام ضرور ٿيندو. مثال لاءِ ڪو شخص ڪنهن خراب شخص کي ڳولڻ وڃي ته ماڻهو اهو سمجهندا، ته هو خراب ٿي ويو آهي. پنهنجي ڪابه ڪمزوري ڪنهن کي نه ٻڌايو، ممڪن آهي ته اُهوئي ڪنهن وقت اوهان جو دشمن بنجي وڃي. ان طرح پنهنجي ڪنهن دشمن کي اجايو تڪليف نه پهچايو، ڇو ته ممڪن آهي ته ڪنهن وقت، هو توهان جو دوست بنجي وڃي. هن جو هڪ مشهور ڪتاب ”پندنامه“ به آهي. هو بنيادي طرح تصوف جي مڪتب سان لاڳاپو رکندڙ وطن دوست شاعر هو.

        شيخ سعدي کي سير سفر جو گهڻو شوق هو. هن ٽيهه سال سفر ڪيو ۽ ان عرصي ۾ حبش، شام، فلسطين، عرب، ايران، توران ۽ هندستان وغيره ملڪن ۾ سير ڪيائين.

        ابن بطوطا کان پوءِ ايشيا ۾ هن کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه سياح ڪونه ٿي گذريو آهي.، ڪي ماڻهو چوندا آهن، ته هن يورپ جو به سفر ڪيو هو. شيخ سعديءَ جي وقت ۾ ريل گاڏي، موٽر ۽ جهاز نه هئا، اِن ڪري اُن وقت ۾ ايترن ملڪن جو پيادل سفر ڪرڻ انتهائي حيرت جوڳي ڳالهه آهي!

 ***

حڪيم  بو علي سينا

 

        طب ۽ فلسفي ۾ اوڀر توڙي اولهه جي ملڪن ۾ بو علي سينا جو مٽ ۽ ثاني ڪو ورلي ملندو. خاص ڪري طب ۾ ته هو حڪيمن جو اڳواڻ ليکيو ويندو آهي. پندرهين صدي عيسويءَ تائين ايشيا ته ٺهيو، پر يورپ جي گهڻو ڪري سمورين يونيورسٽين ۾ سندس ڪتاب ”القانون“ اُتي جي نصاب ۾ شامل رهيو. ڪن يونيورسٽين ۾ ته عيسوي اڻويهين صديءَ تائين به اهو ڪتاب پڙهايو ويندو هو. سندس نالو حسين ۽ سندس پيءُ جو نالو عبدالله هو. سندس خاندان ابن سينا نالي سان مشهور هو. جو شايد سندس چوٿين ۽ پنجين پڙ ڏاڏي جو نانءُ هو .  سندس پيءُ عبدالله، بخارا جي هڪ علائقي جو حاڪم هو ۽ اتي ئي صفر 370 هجريءَ/آگسٽ 980ع ۾ کيس ڄائو. ڏهن سالن جي ڄمار ۾ عربيءَ جو علم پڙهي پورو ڪيائين ۽ ڇهن سالن ۾ فلسفو، رياضي، هيئت ۽ طب پڙهيائين. سترهن سالن جي ننڍڙيءَ عمر ۾ بو علي سينا علم طب ۾ ايترو ته ڀڙ ٿي ويو، جو هن هڪ  ساساني بادشاهه  نوح ابن منصور جو علاج ڪري کيس هڪ خطرناڪ بيماريءَ منجهان آجو ڪرايو. جڏهن بادشاهه چڱو ڀلو ٿيو، ته بو علي سينا کي ٻين انعامن سان گڏ اها به موڪل ڏنائين، ته هو ڀل شاهي ڪتبخاني جا ڪتاب پڙهي ڏسي. ساساني خاندان جو اقتدار 1004ع ۾ ختم ٿيو، ته بو علي سينا ڪجهه وقت جي لاءِ وڃي خوارزم جي بادشاهه وٽ نوڪري ڪئي. ان کان پوءِ جرجان ۾ علم منطق ۽ هيئت جي تعليم ڏيڻ لڳو، جتان پوءِ همدان ۾ آيو ۽ شمس الدولھ وٽ وزير مقرر ٿيو. پر اتي فوج بغاوت ڪئي ۽ سندس قتل جو مطالبو ڪيو، جنهن ڪري بو علي سينا ڪنهن ريت اتان لڪي ڀڄي ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ همدان جي حڪومت جون واڳون اصفهان جي بادشاهه جي هٿ آيون ۽ بو علي سينا ڪتابن  ۾ لکڻ لڳي ويو. بو علي سينا اٽڪل هڪ سئو پنج ڪتاب لکيا، جن مان ٻه تمام وڏا ۽ ڏاڍا مشهور آهن: هڪ ”الشفا“ جو ارڙهن جلدن ۾ آهي. دنيا جي سڀني علمن ۽ فنن بابت هڪ انسائيڪلوپيڊيا ”لسان العرب“ جي نالي سان لکيائين. منطق، فلسفي، رياضي، هيئت، طب ۽ مابعد الطبعيات ۾ ڏاڍو ڀڙ هو. ذري گهٽ سندس سمورن مکيه ڪتابن جا يورپي ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. چون ٿا ته علم نجوم جي ماهرن مان بو علي سينا پهريون ماهر هو، جنهن اهو نظريو ڳولي ڪڍيو، ته ڌرتي سج جي چوڌاري ڦري ٿي. پر ان وقت ۾ سندس ڳالهه تي ڪو خاص ڌيان ڪونه ڏنو ويو، مورڳو کيس ننديو ويو ۽ مٿس الزام رکيو ويو ته، هو غير اسلامي ڳالهيون ٿو ڪري.

        بو علي سينا هڪ ڀيري ڪنهن جنگ جي سلسلي ۾ فوج سان گڏ پئي ويو، ته مٿس گُردي جي سور جو حملو ٿيو ۽ آخر دنيا جي هن عظيم انسان ستونجاهه ورهين جي ڄمار ماڻي جون 1037ع ۾ وفات ڪئي. سندس نالي پٺيان ڪيترن ئي هنڌن تي اسپتالون ۽ مناره وغيره جوڙيا ويا آهن. لياقت يونيورسٽي هيلٿ ۽ سائنسز، ڄام شوري ۾ ڊاڪٽريءَ جي شاگردن جي هڪ هاسٽل جو نانءُ به ”ابن سينا هاسٽل“ رکيو ويو آهي.

 ***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com