سيڪشن؛  ٻاراڻوادب

ڪتاب: شخصيتون

 

صفحو : 2

ابو نصر فارابي

 

        ابو نصر فارابي خراسان ملڪ جي شهر ”فاراب“ جو ويٺل هو ۽ هڪ فوجي عملدار جو پٽ هو. سندس ننڍپڻ غريبيءَ ۾ گذريو. سندس مائٽن کيس تمام رواجي تعليم ڏياري. کيس روزگار ڪرڻ لاءِ نوڪري ڪرڻي پئي ۽ باغ جي چوڪيداريءَ تي مقرر ٿيو. ابو نصر جي دل ۾ علم پرائڻ جو تمام گهڻو شوق هو، پر غريبيءَ جي ڪري، کيس هڪ ڏيئي ٻارڻ جي به سگهه ڪانه هئي، تنهن ڪري ٻين چوڪيدارن جي بتين تي رات جو ڪتاب پڙهندو هو. سالن جا سال ائين پڙهندو رهيو. تان جو پنهنجي ذهني صلاحيت ۽ لياقت سببان تمام وڏو عالم فاضل ٿي پيو. ڪي عالم کيس ارسطوءَ کان پوءِ ٻئي نمبر جو وڏو استاد سڏيندا آهن.

        ابو نصر فقط عالم فاضل نه هو، پر هُو علم موسيقيءَ جو به اعليٰ درجي جو ماهر هو. پاڻ هڪ نئون ساز ٺاهيو هئائين، جنهن جو نالو ”قانون“ رکيائين. انهيءَ ساز جي وسيلي عجيب و غريب سُر ڪڍندو هو ۽ ٻڌندڙ ائين محو ٿي ويندا هئا. جو ڀانئجي ته مٿن ڪنهن جادو ڪيو آهي.

        ابو نصر ۽ سيف الدولھ (دمشق جو حاڪم) بابت هڪ قصو مشهور آهي. چون ٿا ته جڏهن ابو نصر دمش پهتو، ته سيف الدولھ جي دربار ۾ ويو، جتي وڏا وڏا عالم ۽ فاضل ويٺا هئا. هيءُ چپ ڪري هڪ ڪُنڊ ۾ بيهي رهيو. سيف الدولھ چيس، ته ويهي رهه!

        ابو نصر پڇيس، ته دربار جي لحاظ سان جاءِ وٺان يا پنهنجي مرتبي تي جاءِ وٺي ويهان؟

سيف الدولھ چيس، ته پنهنجي رتبي واري جڳهه تي ويهه!

        اهو ٻڌي ابو نصر دربارين جي صفن کي چيريندو وڃي سيف الدولھ جي مسند تي پهتو. ويٺو وري اهڙيءَ طرح، جو خود سلطان ئي مسند کان هيٺ لهي ويو. سلطان کي هن حرڪت تان اهڙي خار آئي، جو چوبدارن کي ڳجهيءَ ٻوليءَ ۾ چيائين، ته مان هن شخص کان سوال پڇان ٿو، جي انهن جا صحيح جواب نه ڏئي، ته سندس سسي لاهي ڇڏجو. چوبدار حڪم ٻڌي خاموش رهيا. پر ابو نصر جواب ۾ چيس، ته بادشاهه پڇي ڏس، ته جواب ملن ٿا يا نه؟

        ابو نصر جي ان چوڻ تي بادشاهه گهٻرائجي ويو ۽ پڇايائينس ته اها ٻولي ڄاڻي ٿو ڇا؟

        ابو نصر ورندي ڏني، ته مان ستر ٻوليون ڄاڻان ٿو. پوءِ  ابو نصر دربار جي سڀني عالمن ڏانهن نهاري چيو، ته جيڪي پڇڻو هجيوَ، سو پڇو.

        پوءِ ته هرهڪ عالم سان سندس علم بابت بحث ڪيائين ۽ هر هڪ کي لاجواب ڪري ڇڏيائين. سلطان تي سندس قابليت جو وڏو اثر ۽ رعب پئجي ويو ۽ ان وقت دربار بند ڪري، ابو نصر کي پنهنجي خاص محل ۾ وٺي ويو ۽ پڇيائينس ته علم موسيقي به ڄاڻين؟

 ابو نصر جواب ۾ چيو، ته ها چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو. ٿوريءَ دير ۾ راڳ جي محفل جو انتظام ڪيو ويو ۽ قسمين قسمين جا ساز وڄائڻ وارا ۽ شاهي گَوَيا اچي گڏ ٿيا. جڏهن راڳ شروع ٿيو، ته ابو نصر انهن جي راڳ ۽ سازن وڄائڻ جي فن مان ايتريون ته غلطيون ڪڍيون، جو هو لاجواب ٿي ويا ۽ پنهنجون خاميون معلوم ڪري، ابو نصر جي قابليت کي قبول ڪري ماٺ ٿي ويهي رهيا.

        سلطان سيف الدولھ جڏهن پنهنجي ڳائڻن جو هيءُ حال ڏٺو، ته عجب ۾ پئجي ويو ۽ ابو نصر کي چيائين، ته هاڻي تون به ته ڪجهه ٻڌاءِ!

        پوءِ ته ابو نصر پنهنجي سامان مان هڪ ساز جا ٽڪرا ڪڍي، انهن کي جوڙي وڄائڻ شروع ڪيو، ته سڀئي حاضرين کلڻ لڳا. وري ساز کي کولي، ٻيءَ طرح جوڙي وڄائڻ شروع ڪيائين، ته سڀئي روئڻ لڳا. جڏهن ڪافي وقت رنائون، ته ابو نصر وري ساز کي ٽئين نموني جوڙي وڄايو، ته سڀئي خاموش ٿي ويا ۽ آهستي آهستي هرڪو ڄڻ نشي جي حالت ۾ ايندو ويو ۽ سلطان ۽ سمورا چوبدار ننڊ ۾ پئجي ويا. پوءِ ابو نصر سڀني کي اتي سمهيل ڇڏي پاڻ محفل مان نڪري روانو ٿي ويو.

ابو نصر جدا جدا علمن ۽ هنرن تي هڪ سو پندرنهن ڪتاب لکيا.

 

***

 

فلورينس نائيٽ اينگل

(بتيءَ واري بيگم)

 

        فلورينس نائيٽ اينگل، اٽلي ملڪ جي فورينس شهر ۾ 15 – مئي 1820ع ۾ ڄائي هئي. سندس مائٽن مٿس نالو به انهيءَ شهر تان ئي رکيو. هن جو  پيءُ شاهوڪار ڳوٺاڻو ماڻهو هو، جنهن جون انگلينڊ جي ڪيترن ڀاڱن ۾ وڏيون وڏيون جايون هيون ۽ لنڊن شهر ۾ به هڪڙي عاليشان عمارت هيس. انهيءَ ڪري فلورينس نائيٽ اينگل کي انگلينڊ ۽ يورپ جي ٻين ملڪن جي سفر ڪرڻ ۾ گهڻي آساني ٿي. هن کي ننڍي هوندي کان ئي نرس ٿيڻ جو ايڏو ته شوق هو، جو هوءَ جڏهن به گُڏين راند ڪندي هئي، ته پاڻ نرس ٿيندي هئي ۽ پنهنجي گُڏين کي بيمار سمجهي، انهن جي ٽهڪ ٽڪور ۽ ملم پٽي ڪندي هئي. مگر انهيءَ وقت ۾ نرسن جو ڪم، بلڪل نيچ ليکيو ويندو هو ۽ فقط اهي ئي نرسون ٿينديون هيون، جن کي ٻيو ڪوبه پورهيو نه ملندو هو. سو فلورينس نائيٽ اينگل جهڙي عورت، جنهن اعليٰ خاندان ۾ جنم ورتو هو، تنهن جي مائٽن اهو گوارا نٿي ڪيو، ته ڪو سندن ڄائي اهڙو نيچ ڌنڌو ڪري. تنهن هوندي به فلورينس نائيٽ اينگل پنهنجي حياتي نرس جي ڪم ۾ صرف ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري هوءَ لنڊن شهر ۾ غريبن جي پاڙن ۾، جيڪي ننڍيون اسپتالون هيون، انهن ۾ ڪم ڪرڻ لڳي. انگلينڊ ۽ يورپ جي اسپتالن ۾ سالن جا سال ڪم ڪندي رهي ۽ ٽيهه ورهين جي عمر تائين يورپ جي هر هڪ اسپتال ڏسي آئي. تن ڏينهن مصر ملڪ جي خانقاهن وارين اسپتالن جون نرسون هوشيار ۽ سکيا ورتل هونديون هيون. تنهن ڪري فلورينس نائيٽ اينگل کي به سکيا وٺڻ جو خيال ٿيو. هوءَ پوءِ پئرس ۽ جرمنيءَ جي خانقاهن جي اسپتالن ۾ وڃي سکيا وٺي آئي ۽ اچي انگلينڊ جي نرسن کي ڪم سيکاريائين.

        فلورينس جڏهن جوان ٿي، تڏهن گهڻن ئي ماڻهن ساڻس شادي ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. ڇو ته هوءَ سهڻي، سمجهو ۽ علم واري هئي. پر فلورينس ٻين ماڻهن وانگر سمجهيو ته زال ذات جو ڪم آهي گهر ٻار سنڀالڻ، سو جيڪڏهن هوءَ شادي ڪندي، ته کيس پنهنجي دلي مراد حاصل ٿي نه سگهندي. انهيءَ ڪري هن شادي ڪرڻ جو خيال دل تان لاهي ڇڏيو. جڏهن اها خبر هن جي مائٽن کي پيئي، تڏهن کين ڏاڍو ارمان ٿيو، مگر فلورينس پنهنجي محڪم ارادي تي پڪي پختي رهي.

        فلورينس نائيٽ اينگل يارهن سالن تائين اسپتال ۾ ڪم ڪندي رهي. جنهن ڪري انگلينڊ ۾ کيس اسپتالن جي ڪم ۾ ماهر سمجهڻ لڳا. سن 1853ع ۾ هن کي لنڊن شهر جي هارلي گهٽيءَ وارين ضعيف زالن جي گهر جي سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيائون. هن جيڪي آزمودا ٻاهرين ملڪن ۾ پرايا هئا، سي هتي ڪتب آڻڻ لڳي.

        جڏهن سن 1854ع ۾ ڪريميا واري جنگ لڳي، تڏهن هن پنهنجي دوست سڊني هربرٽ، جو اُن وقت جنگ جو وزير هو، تنهن کي لکي موڪليو، ته آءٌ انهيءَ جنگ ۾ پنهنجون خدمتون ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هوڏانهن وري سندس دوست سڊني هربرٽ به کيس خط لکيو، ته هن ڪم ۾ تنهنجي مدد جي گهرج آهي. انهيءَ کان پوءِ هڪ هفتي اندر فلورينس اٺٽيهه نرسون ساڻ ڪري، ڪريميا ڏانهن رواني ٿي ويئي. انگلينڊ جو هرهڪ ماڻهو هن زال جي ههڙيءَ همت ۽ استقلاليءَ کي ساراهڻ لڳو. ٻيا ته ٺهيو، پر خود سندس والدين، جي پهرين انهيءَ خدمت کي نيچ ڌنڌو سمجهندا هئا ۽ انهيءَ ڪم ڪرڻ ۾ کيس رڪاوٽون ۽ رنڊڪون وجهندا هئا، سي به هاڻي کيس وڌيڪ همٿائڻ لڳا.

        فلورينس استنبول پهچڻ کان اڳ ۾ واٽ تي جن جن شهرن مان لنگهي، اتان کاڌو، دوائون، گرم ڪپڙا ۽ ٻيو ضروري سامان خريد ڪيائين. اهو سارو سامان هن انهن پئسن مان خريد ڪيو، جيڪي هن کي سندس دوستن ڪريميا جنگ سٽيل ماڻهن ۽ زخمي فوجين جي ڪم لاءِ مدد طور ڏنا هئا. انهيءَ سامان ۽ پسن کان وڌيڪ ڪار آمد سوکڙي، جا هن پاڻ سان آندي هئي، سو هڪ ته هُو هُن جي ڪم ڪرڻ جو ڍنگ يا طريقو ۽ ٻيو هو سندس محڪم ارادو.

        ٿوري ئي عرصي ۾ هن جي همدردي ۽ خوش اخلاقي ڏسي فوجي کيس اصل پوڄڻ لڳا. انهن کي خبر هئي، ته فلورينس نه رڳو کين آرام ڏنو آهي، پر سندن حياتي پڻ بچائي آهي.

        فلورينس جي اچڻ کان اڳ ۾ پائيتاليهه سيڪڙو ماڻهو بيمار هوندا هئا. پر هن جي صفائي ۽ سٺائيءَ جي ڪري انهن جو تعداد گهٽجي ويو، ڇويهه سيڪڙو وڃي ويٺو. فلورينس ڏينهن جو کڻي ڪيتري به محنت ۽ جفاڪشي ڪندي هئي، تڏهن به رات جو پنهنجي سر بتي هٿ ۾ کڻي هرهڪ بيمار جي پرگهور لهڻ ويندي هئي ۽ ان کي تسلي ڏيندي هئي.

        هوءَ جڏهن بتي کڻي سپاهين جي ڀرسان لنگهندي هئي، ته سپاهي سندس پاڇي کي چمندا هئا. سپاهي کيس ”بتيءَ واري بيگم“ ڪري سڏيندا هئا، جنهن ڪري مٿس نالو پئجي ويو بتيءَ واري بيگم، جنهن نالي سان هوءَ اڄ ڏينهن تائين دنيا ۾ مشهور آهي.

        گهڻي ڪم ڪرڻ جي ڪري سندس صحت خراب ٿي پيئي ۽ مرڻ جهڙي ٿي ويئي، تڏهن سندس دوستن صلاح ڏني، ته ”هو انگلينڊ موٽي وڃي آرام ڪري“. مگر هن ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ چيو ته جيستائين هت هڪڙو به سپاهي بيمار هوندو، تيستائين گهر مور نه موٽنديس. ڇاڪاڻ ته منهنجو ڪم اڃا پورو ئي ڪين ٿيو آهي. هن بيمار سپاهين لاءِ ڪوٺيون مقرر ڪيون ۽ انهن جو ڪلاس پڻ کوليائين. جتي انهن اڳيان تقريرون ڪندي هئي ۽ کين بچت ڪرڻ جون هدايتون پڻ ڏيندي هئي. انهن نصيحتن جو اهو اثر ٿيو، جو هنن سپاهين ڇهن مهينن جي اندر ستر هزار پائونڊ بچت ڪري، پئسا پنهنجن عزيزن ڏي انگلينڊ موڪليا.

        جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ، هيءَ سن 1856ع جي جولاءِ مهيني ۾ انگلينڊ واپس آئي. انگلينڊ پهچڻ شرط هن کي واڌايون ملڻ لڳيون. راڻي وڪٽوريا هن جي قدر شناسي ڪندي کيس هڪڙو سونو ٻلو ڏنو، جنهن تي هيٺيان لفظ اُڪريل هئا:

”رحم ڪندڙ مبارڪ آهن.“

        جنگ پوري ٿيڻ کان پوءِ به هيءَ نيڪدل ۽ شفيق عورت پنجاهه سالن تائين اسپتالن جي سڌاري لاءِ ڪم ڪندي رهي. انهيءَ ڪم ۾ کيس راڻي وڪٽوريا ۽ سڊني هربرٽ هر ڪنهن قسم جي همٿ افزائي ڪندا رهيا.

        ڪريميا جي جنگ ۾ جاکوڙ ۽ جفاڪشيءَ ڪري، سندس صحت بلڪل بگڙي چڪي هئي ۽ باقي حياتيءَ جا ڏينهن ضعيفيءَ ۾ گذارڻ لڳي.

        فلورينس 1862ع ۾ لنڊن جي سينٿ ٿامس اسپتال ۾ نرنسن جي سکيا لاءِ هڪ اسڪول قائم ڪيو، جنهن مان موجوده نرسنگ جو طريقو شروع ٿيو. هن جي محنتن جي شاهدي موجوده اسپتالون ۽ نرسون ڏيئي رهيون آهن. پنجاهه سالن جي سخت محنت ۽ جفاڪشيءَ جي ڪري هوءَ ايڏو ته ٿڪجي پيئي، جو ڪوبه ڪم ڪري نٿي سگهي. سرڪار سندس قدر شناسي ڪندي، کيس او ايم يعني آرڊر آف ميرٽ جو ٻلو انعام طور ڏنو. شهنشاهه ايڊورڊ ستين جي حڪم سان اهو کيس گهر موڪليو ويو. فلورينس نائيٽ اينگل ان وقت ايترو ته ڪمزور هئي، جو فقط اهو سمجهي سگهي، ته انعام مليو اٿم. جواب ۾ فقط ايترو چيائين ته مهرباني، مهرباني!

        ٽن سالن کان پوءِ سن 1910ع ۾ 90 ورهين جي ڄمار ۾ هن نيڪدل ۽ شفيق عورت وفات ڪئي. اڄ دنيا ۾ جتي به ڪي نرسون ۽ اسپتالون آهن، اتي فلوريس نائيٽ اينگل جو نالو وڏي مان مرتبي سان ورتو ٿو وڃي.

 ***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com