سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 4

بادشاھھ اھا ڳالھھ ھڪڙو چرچو ڪري سمجھي ۽ انھيءَ تي مرڪڻ لڳو، پر جڏھن حڪيم پنھنجي وعدي ڪيل انعام ملڻ لاءِ گھر ڪئي، تڏھن بادشاھھ کي اھڙي ڪاوڙ لڳي، جو سندس سفيد ڏاڙھي بھ ڏڪڻ لڳي. چِڙ مان چوڻ لڳو تھ ”اي ابن ابو ايوب“ تون ھي ڇا ٿو چوين؟ جي توکي انعام گھرجي تھ منھنجي ڪڙھھ ۾ وڃ ۽ جيڪو تمام وڏو ۽ زور ڀريو خچر وڻيئي سو منھنجي خزاني جي تمام قيمتي جواھرن سان ڀرائي وٺي وڃ، پر ھن نازنين جو نالو نھ وٺ، جو انھيءَ تي منھنجي دل جو آرام منحصر آھي.“

حڪيم حقارت سان ورندي ڏني تھ ”مون کي دولت جي ڪھڙي گھرج آھي؟ ”حضرت سليمان“ وارو ڪتاب مون وٽ نھ آھي ڇا، جنھن جي وسيلي ساري دنيا جا لڪل خزانا آءٌ پنھنجي قبضي ۾ آڻي سگھان ٿو. تو شاھي قول ڪيو، ۽ انھيءَ موجب ھيءَ شھزادي ھاڻي منھنجو حق آھي، انھيءَ جي آءٌ حقي واجبي طلب ۽ ڪشش ٿو ڪريان.“

شھزاديءَ پريان ھنن ٻنھي ٻڍن عاشقن جو پاڻ ۾ جھيڙو ڏسي پئي مرڪي. بادشاھھ جي ڪاوڙ انھيءَ حد کي وڃي پھتي جو ھن حڪيم کي چيو تھ ”اي ڪميڻا غلام، تو وٽ ڪھڙو ئي کڻي علم، ھنر ۽ جادو ھجي، تھ بھ توکي ايترو خيال ڪرڻ گھرجي تھ آءٌ تنھنجو بادشاھھ آھيان، انھيءَ سان توکي اھڙي بي ادبي ڪرڻ مناسب ناھي.“

حڪيم کي بھ حد کان وڌيڪ ڪاوڙ آئي، تنھن چيو، ”تون ڪٿان منھنجو بادشاھھ ٿو ٿي سگھين؟ منھنجي ھٿ ۾ ”حضرت سليمان جا طلسمات“ آھن. تون منھنجي اڳيان ڇا آھين! تون پيو پنھنجي انھيءَ ننڍڙيءَ رياست تي حڪمراني ڪر، ۽ احمقن جي بھشت تي مغرور رھھ، آئون پنھنجي غار جي خلوت ۾ توتي پيو کلندس.“

ائين چئي ھن وڃي شھزاديءَ جي گھوڙي جي واڳ ورتي ۽ پنھنجي لٺ زمين تي کڻي ھنيائين. زمين سندس ھيٺان ڦاٽي پيئي، ۽ ھنن ٻنھي کي ڳھي وئي ۽ وري ملي ھڪجھڙي ٿي پئي، اھڙي جو ڪو بھ نشان ڏسڻ ۾ نھ آيو.

ٿوري دير تائين بادشاھھ حيرانيءَ ۾ بي حواس ۽ بيھوش ٿي ويو جڏھن ھوش ۾ آيو، تڏھن حڪم ڏنائين تھ ”ھزار مزور وٺي اچي ھن ھنڌ زمين کوٽيو!“ مزور اچي گڏ ٿيا ۽ انھيءَ زمين کي کوٽڻ لڳا، پر زمين اھڙي سخت ۽ پھڻ جھڙي ھئي جو سندن اوزار ڀڄي ٿي پيا يا جي ڪٿي ڪا زمين کوٽيائون ٿي تھ اھا جاءِ وري سنئين ٿي زمين ھڪجھڙي ٿيو ٿي پيئي. نيٺ بادشاھھ نااميد ٿي انھيءَ غار جي دروازي تي ويو، جنھن ۾ ان نجومي حڪيم جي عبادتگاھھ يا مڙھي ھئي، مگر اھو غار جو دروازو ئي ھٿ نھ آيس. جنھن ھنڌ غار جو در ھو اتي ھڪڙو وڏو پھڻ پيو ھو. ”ابراھيم ابن ابو ايوب“ جي غائب ٿيڻ سان گڏ انھيءَ طلسم جو اثر بھ گم ٿي ويو، جو ھن بادشاھھ جي لاءِ تيار ڪيو ھو. طلسمي سوار پنھنجي جاءِ تي بيٺو ھو ۽ انھيءَ جي نيزي انھيءَ طرف اشارو ٿي ڪيو، جتي اھو حڪيم زمين ۾ گھڙي ويو ھو. جنھن مان مطلب اھو ھو تھ بادشاھھ جو سڀ کان وڏو دشمن زمين جي پيٽ ۾ موجود آھي.

انھيءَ ھنڌ جبل مان ڪڏھن ڪڏھن ھڪڙي زال جي ڳائڻ جو آواز ۽ ساز جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو ھو. ھڪڙي ڏينھن ھڪڙي ڳوٺاڻي بادشاھھ کي اچي ٻڌايو تھ ”گذريل رات، انھيءَ جبل ۾ مون کي ھڪڙي عمدي جاءِ نظر آئي. انھيءَ ۾ وڃي ڏسان تھ اھو نجومي حڪيم ھڪڙي شاندار تخت تي ويٺو آھي، ۽ انھيءَ شھزاديءَ ستار پئي وڄائي ۽ ھن انھيءَ جي آواز تي ڪنڌ پئي ڌوڻيو، ڄڻ تھ انھيءَ تي مستيءَ يا جذبو ٿي آيس.

ڳوٺاڻي جي اھا ڳالھھ ٻڌي بادشاھھ انھيءَ ھنڌ آيو. گھڻي ئي ڳولا ڪيائين، پر انھيءَ جو ڪو بھ پتو نھ مليو. اھو ھٿ ۽ ڪنجيءَ وارو طلسم اھڙو تھ زور ڀريو ھو، جو انساني طاقت انھيءَ تي غالب پئجي نٿي سگھي، ۽ جبل جي چوٽيءَ تي جتي طلسمي بھشت جي باغ ۽ ماڙيءَ جي جاءِ ھئي، اتي سواءِ جبل جي ٻيو ڪي بھ ڪين ڏسڻ ۾ آيو يا تھ اھو بھشت جادوءَ جي زور ڪري غائب ٿي ويو، يا تھ اھا انھيءَ نجومي حڪيم جي ھڪڙي چشم بندي ھئي ۽ رڳو ڪوڙو ڏيک ھو.

 بادشاھھ جو غم ۽ غصو انھيءَ ڪري پاڻ زياده ٿيو. پاڙي وارا بادشاھھ، جن کي ھن انھيءَ طلسم جي زور تي تمام گھڻو ستايو ھو، سي ھاڻ انھيءَ طلسم جي فنا ٿيڻ جي خبر ٻڌي خوش ٿيا ۽ سڀئي ٻڌي ڪري ھن تي چوڌاري ڪاھي آيا، ۽ ھن جي جا ڀاڱا فتح ڪرڻ لڳا، ۽ انھيءَ ڪري بادشاھھ جي باقي حياتي ڏاڍي ڏک ۽ عذاب ۾ گذري. نيٺ ھو مري ويو ۽ اتي دفن ڪيو ويو.

انھيءَ حادثي کي سؤ ورھين جا گذري ويا آھن. انھيءَ ساڳيئي جبل تي ”اندلس“ جي مشھور محلات يا ماڙي ”قصر الحمراء“ جوڙي ويئي، جا انھيءَ باغ ”ارم“ جو نمونو ھئي. اھو طلسمي دروازو اڃا موجود آھي ۽ انھيءَ ھٿ ۽ ڪنجيءَ واري طلسم جي زور تي اڃا محفوظ آھي ۽ انھيءَ قلعي جو وڏو دروازو اڃا پيو ڏسجي ۽ ”باب العدل“ جي نالي سان مشھور آھي. چون ٿا تھ اھو پوڙھو نجومي حڪيم انھيءَ دروازي جي ھيٺان، پنھنجي زير زميني محلات ۾ پنھنجي تخت تي ويٺو آھي ۽ ھوءَ ”گاٿ“ شھزادي جي ويٺي پنھنجي ستار وڄائي، تنھن جو آواز ٻڌي خوش پيو ٿئي. جيڪي پھري وارا انھيءَ دروازي تي پھرو ٿا ڏين، سي ڪڏھن ڪڏھن آرڙھھ جي ڏينھن ۾، رات جي وقت ڳائڻ وڄائڻ جو آواز ٻڌي اھڙا مست ٿيو وڃن، جو ننڊ اچيو وڃين. اتي جي ھوا ۾ ئي اھڙو اثر آھي جو جيڪي ماڻھو ڏينھن جو اتي وڃي ويھندا آھن، انھن کي بھ پِنڪي اچيو وڃي. قديم روايتن کان معلوم ٿئي ٿو تھ اھا حالت انھيءَ ھنڌ ھميشھ قائم رھندي ايندي، ۽ اھو نجومي حڪيم ۽ اھا شھزادي ھڪٻئي جي صبحت ۾ خوش ۽ مست رھندا ايندا، جيسين ڪھ قيامت قائم ٿيندي يا جيسين ڪھ اھو طلسمي ھٿ وڃي اھا ڪنجي کڻي، ۽ اھو طلسم کولي ۽ ڀڃي!

پورو ٿيو

********

  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org