اڪثر جڏھن ھو ويھي ساڻس محبت جون ڳالھيون ڪندو ھو،
تڏھن ھوءَ ڏانھس نھاريو، ويٺي پنھنجي چانديءَ جي
ستار وڄائيندي ھئي، جنھن جي آواز ۾ اھڙو ڪو جادوءَ
جو اثر ھوندو ھو، جو بادشاھھ پِنڪيون کائي کائي
سمھي رھندو ھو، ۽ جڏھن وري جاڳندو ھو، تڏھن ڏاڍو
سرھو ڏسڻ ۾ ايندو ھو، مگر سندس عشق جو جوش جھڪو ٿي
ويندو ھو. ننڊ جي حالت ۾ ھو مزي مزي جا خواب ڏسندو
ھو، جن جي خوشيءَ ۾ ھن جو ھوش ۽ ھن جا حواس گم ٿي
ويندا ھئا. بادشاھھ جي عيش ۽ عشرت ۾ رھڻ ڪري، ملڪ
جا ماڻھو نھايت رنج ٿيا، ۽ مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.
سگھو ئي سندس تخت شھر ۾ بغاوت کڙي ٿي، ۽ دنگا فساد
ٿيڻ لڳا. باغين جو لشڪر اوچتو محلات کي وڪوڙي ويو،
۽ کيس ۽ انھيءَ ڇوڪريءَ کي مارڻ جو قصد ڪرڻ لڳو.
ھي حال ڏسي سندس اڳوڻي ھمت ۽ بھادري سندس دل ۾
جاڳي. ڪي آزمودگار ۽ ايماندار سپاھي ساڻ ڪري ٻاھر
نڪتو، ۽ باغين جي لشڪر سان وڙھي ھنن کي ڀڄائي
ڪڍيائين، جنھن کان پوءِ في الحال شھر ۾ وري بھ
آرام ۽ امن ٿيو.
انھيءَ گڙٻڙ لھڻ کان پوءِ، بادشاھھ انھيءَ نجومي
حڪيم وٽ ويو، جو گوشھ نشين ٿيو پنھنجي غار ۾ پيو
رھندو ھو. بادشاھھ ھن سان خوشامد جھڙي ۽ صلح آميز
گفتگو ڪرڻ لڳو. اھا گفتگو ھيءَ آھي:
بادشاھھ: اي ”ابن ابو ايوب“ تو بيشڪ سچ ٿي چيو، تھ
انھيءَ ”گاٿ“ قيدياڻيءَ مان خير ڪونھ پھچندءِ،
بيشڪ توکي ايندڙ مصيبت جي اڳيئي خبر ٿي پوي. ھاڻي
ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تھ ھن مصيبت کي ٽارڻ جو ڪھڙو علاج
ڪجي؟
حڪيم: اي بادشاھھ، انھيءَ ڪافر ڇوڪريءَ کي پاڻ
وٽان ڪڍي ڇڏ، جو اھا ئي ايتري خرابيءَ جو سبب ۽
بنياد آھي.
بادشاھھ: انھيءَ جو تھ ڪو بھ امڪان ڪونھي. ھن سان
منھنجي دل اھڙي بُجھي ويئي آھي، جو بادشاھي وڃي تھ
ڀلي وڃي، پر ھن کي آئون پاڻ کان پري نھ ڪندس.
حڪيم: تڏھن اھو ڊپ آھي تھ ٻيئي ناس نھ ٿي وڃو!
بادشاھھ: اي حڪيم، چِڙ نھ، اھڙي ڊپ جھڙي ڳالھھ ڪر،
تون مون جھڙي ٻڍي عاشق بادشاھھ تي قياس ڪر. اھڙي
ڪا تجويز ڏس، جو جن مصيبتن مون کي اچي ويڙھيو آھي،
تِن کان بچيل رھان. مون کي بادشاھي يا حڪومت جي ڪا
بھ پرواھھ ڪانھي. آئون رڳو آرام ۽ آسائش جو طالب
آھيان. مون کي ھينئر فقط ھڪڙي آرام جي جاءِ گھرجي،
جنھن ۾ آئون بادشاھي ۽ دنيا جي فڪرن کان آزاد ٿي
وقت گذاريان ۽ باقي عمر سک ۽ بي فڪريءَ ۾ گذاريان.
حڪيم: جي آئون اوھان کي اھڙي پناھھ جي جاءِ موجود
ڪري ڏيان تھ پوءِ اوھين مون کي انھيءَ جي عيوض ۾
ڪھڙو انعام ڏيندؤ؟
بادشاھھ: عقلمند حڪيم، تون پاڻ انھيءَ لاءِ ڪو
انعام مقرر ڪر تھ اھو آئون توکي ڏيندس. انھيءَ
لاءِ آئون پنھنجي جان ۽ سر جو قسم ٿو کڻان.
حڪيم: ”اي بادشاھھ! اوھان ”ارم“ جي باغ جو ذڪر تھ
ٻڌو ھوندو جو عرب جي ملڪ ۾ ھوندو ھو؟“
بادشاھھ: ”ھائو، ارم باغ جو ذڪر مون پڙھيو بھ آھي،
ٻڌو بھ آھي. قرآن مجيد ۾ بھ انھيءَ جو بيان آھي.
سياح بھ انھيءَ جي ڳالھھ ڪندا آھن، پر آئون اھا
ھڪڙي آکاڻي سمجھندو آھيان.“
حڪيم: ”ائين ناھي، اھا ڳالھھ سڄي سچي آھي. مون اھو
”ارم“ جو باغ پنھنجين اکين سان ڏٺو آھي. ٻڌو آءٌ
ھڪڙي بدوي عرب جو پٽ ھوس ۽ ننڍي ھوندي پنھنجي پيءَ
جا اٺ جھنگ ۾ چاريندو وتندو ھوس. ”مدن“ جي بيابان
۾ اوچتو منھنجو ھڪڙو اٺ گم ٿي ويو. انھيءَ جي مون
گھڻي ڳولا ڪئي، پر پتو ئي ڪونھ پيو. ڪي ڏينھن
انھيءَ طرح رلي رلي ھڪڙي ڏينھن ٻنپھرن جو ٿڪجي،
ھڪڙي کوھيءَ وٽ ھڪڙي ڏينھن ٻنپھرن جو ٿڪجي، ھڪڙي
کوھي جي ھڪڙي کجيءَ جي وڻ ھيٺ سمھي پيس. جڏھن اک
پٽيم، تڏھن ڏسان تھ ڪشادا ميدان، رستا ۽ بازارون
لڳيون پيون آھن، پر ساھھ وارو منجھس نالي جو ئي
ڪونھ ڏٺم. سڄو شھر سڃو پئي ڏسڻ ۾ آيو. گھمندو
گھمندو، ھڪڙي عاليشان، عمارت وٽ نڪتس جنھن جي پاسي
۾ ھڪڙو خوشنما باغ ھو. انھيءَ ۾ مزي مزي جا
ميويدار ۽ سائيدار وڻ، حوض، ڦوھارا ۽ گلڪاريون
ھيون، پر ڪو بھ ماڻھو انھن کي ڏسڻ وارو ۽ مزن ماڻڻ
وارو ڪونھ ھو. ھيءُ حال ڏسي آئون مونجھاري ۾ پئجي
ويس. سماءُ وٺڻ لاءِ شھر کان ٻاھر نڪتس. جڏھن وري
ڪنڌ ڦيرائي نظر ڪيم، تڏھن نھ شھر جو ڪو نشان ڏٺم،
نھ باغ جو. پٽ ئي پٽ لڳو پيو ھو. گھمندي گھمندي،
ھڪڙو ڪراڙو فقير ڏسڻ ۾ آيم، انھيءَ کي ان سڄي
اسرار جي خبر ھئي. پڇڻ تي انھيءَ چيو تھ ھيءُ
”ارم“ جو باغ آھي، جو ملڪن ۾ مشھور آھي. ڪڏھن ڪڏھن
اھو باغ ڀلجي ويلن ماڻھن کي نظر ايندو آھي، جھڙيءَ
طرح توکي نظر آيو. ڏسندڙ لحظي لاءِ خوش ٿئي ٿو، پر
وري بھ اھو اوچتو گم ٿيو وڃي ٿو ۽ آسپاس رڳو
بيابان نظر اچي ٿو. انھيءَ جي حقيقت ھيءَ آھي تھ
ھن ملڪ ۾ قديم زماني ۾ ”عاد“ جي قوم رھندي ھئي
”حضرت نوح“ جو پڙ پوٽو ”شداد ابن عاد“ اتي جو
بادشاھھ ھو. انھيءَ ھن شھر جو بنياد وڌو ھو ۽ ان
کي سينگاريو ھو. اھڙو ھن کي پسند آيو، جو بھشت جي
باغ جو مٽ سمجھڻ لڳس. پوءِ انھيءَ ۾ اھڙيون ماڙيون
نھرون ۽ ٻيون شيون جوڙايائين، جن جو بيان قرآن
شريف ۾ پڙھيو اٿو. ھن جو اھو غرور ڏسي خدا تعاليٰ
کي ڪاوڙ اچي ويئي ۽ انھيءَ ان شھر تي غضب نازل
ڪيو، جنھنڪري سڀ ماڻھو نيست نابود ٿي ويا ۽ شھر
توڙي باغ ماڻھن جي نظر کان غائب ٿي ويو، مگر ڪڏھن
ڪڏھن اھي نظر ايندا آھن، انھيءَ لاءِ تھ ڀلي
انسانن جي دل تي انھيءَ جو غرور، گناھھ ۽ ان جي
سزا تازي رھي.
اي بادشاھھ! اھا حقيقت جا مون ٻڌي ۽ اھي عجائب
غرائب جي مون ڏٺا، سي ھميشھ منھنجي خيال ۾ قائم
رھندا ھئا. گھڻن ورھين کان پوءِ آئون جڏھن ”مصر“ ۾
ھوس ۽ ”حضرت سليمان“ وارو ڪتاب مون کي ھٿ لڳو،
تڏھن مون ارادو ڪيو تھ وري بھ وڃي اھو ساڳيو ”ارم“
جو باغ ڏسان. نيٺ آئون اتي ويس ۽ پنھنجي علم جي
زور تي اھو چڱيءَ طرح گھمي ڏٺم. ”شداد“ واري محلات
۾ ڪن ڏينھن تائين رھي پيس ۽ ھن جي بھشت جو مزو
ماڻيم. اتي انھيءَ طلسم جو ڳجھھ معلوم ڪيم، جنھن
جي وسيلي اھو باغ بنايو ويو ھو ۽ جنھنڪري اھو نظر
کان غائب ٿي ويندو ھو. اي بادشاھھ! آئون اوھان جي
لاءِ اھڙو ئي باغ ۽ اھڙي ئي محلات تيار ڪري
سگھندس، ھن ئي شھر ”غرناطا“ جي پسگردائيءَ واري
جبل تي اھو بيھاريندس.“
بادشاھھ ھي ٻڌي خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو. چوڻ
لڳو تھ ”اي ابن ابو ايوب“ بيشڪ تون وڏو جھانديدو
شخص آھين ۽ تو نھايت عجيب غريب ھنر ۽ علم سکيا
آھن. منھنجي لاءِ اھڙو بھشت ٺاھي تھ آئون توکي
پنھنجي بادشاھيءَ جو اڌ ڏيندس.“
حڪيم: اي بادشاھھ! آءٌ ٻڍو آھيان ۽ حڪيم آھيان ۽
ٿورڙي تي ئي راضي رھندس. منھنجي مرضي آھي تھ جڏھن
آءٌ اھا جادوءَ جي محلات جوڙي رھان، تڏھن جيڪو
پھريون بوجي سان ڀريل جانور انھيءَ جي دروازي مان
اندر گھڙي اچي، سو بار سميت مون کي انعام ۾ بخشش
ڪري ڇڏجو؟“
ھھڙو ھلڪو ۽ آسان عرض، بادشاھھ خوشيءَ سان قبول
ڪيو. نجومي حڪيم وڃي پنھنجو ڪم شروع ڪيو. سندس غار
جي مٿان جيڪو جبل بيٺو ھو، تنھن جي چوٽيءَ تي ھن
ھڪڙي وڏي دروازي جوڙڻ جو حڪم ڏنو، جو ھڪڙي وڏي
ٺلھھ ۾ ٿي کليو. انھيءَ جي ٻاھران ھڪڙي وڏي ڪمان
يا طاق جي چوٽيءَ واري پھڻ تي ھن ھڪڙي ڪنجيءَ جي
شڪل ھٿ سان ڪڍي ۽ ٻاھرين ڪمان تي ھن ھڪڙي ھٿ جي
تصوير ڪڍي. اھو ھڪڙو زبردست طلسم ھو، جنھن تي ھن
ڪنھن نامعلوم ٻوليءَ جا ڪي لفظ پڙھي ڇوڪاريا. جڏھن
اھو دروازو تيار ٿيو، تڏھن ھو ٻھ ڏينھن برابر
پنھنجي غار واري مڙھيءَ ۾ بند رھيو، ۽ ڪن وظيفن ۽
منترن پڙھڻ ۾ مشغول رھيو. ٽئين ڏينھن ھو انھيءَ
جبل تي چڙھيو ۽ سارو ڏينھن اتي گذاريائين. ڳچ رات
گذرڻ کان پوءِ ھو اتان لھي سڌو بادشاھھ جي محلات ۾
آيو ۽ بادشاھھ کي عرض ڪرڻ لڳو تھ ”اي بادشاھھ! خدا
جا شڪرانا، جو منھنجو ڪم پورو ٿيو. جبل جي چوٽيءَ
تي ھڪڙي اھڙي نھايت عمدي ۽ دلپسند محلات تيار ٿي
آھي، جنھن جھڙي انسان جي ھٿن اڳي ڪڏھن نھ جوڙي
ھوندي. انھيءَ جي چوڌاري باغ باغيچا، حوض ۽
ڦوھارا، حمام وغيرھ بلڪل عجيب قسم جا بنايا ويا
آھن. مطلب تھ انھيءَ جبل تي مون بھشت جو باغ جوڙيو
آھي ۽ ”ارم“ جي باغ وانگي ھڪڙي طلسم جي وسيلي،
انھيءَ کي مون حفاظت ھيٺ رکيو آھي، جنھنڪري اھو
انسان جي نظر کان لڪل آھي، رڳو اھي ماڻھو انھيءَ
کي ڏسي سگھندا، جي انھيءَ طلسم جي اسرار کان واقف
ھوندا.“
بادشاھھ ڏاڍي خوشيءَ مان چيو تھ ”چڱو، سڀاڻي صبح
جو اسين انھيءَ جبل تي ھلي چڙھنداسين ۽ اھو باغ ۽
اھا محلات پنھنجي حوالي ڪنداسين. خوشيءَ جي
گھڻائيءَ کان بادشاھھ کي انھيءَ رات ننڊ نھ آئي.
صبح جو سج مس ڪني ڪڍي تھ گھوڙي تي چڙھي، ڪي خاص
خدمتگار ساڻ ڪري ھڪڙو سوڙھو پيچرو، جو انھيءَ جبل
تي ٿي ويو، اھو ڏئي اٿي ھليو. اھا ”گاٿ“ شھزادي بھ
ھڪڙي خوبصورت گھوڙي تي چڙھي، بادشاھھ جو پاسو وٺيو
پئي ھلي. ھن جي پوشاڪ جواھرن سان پئي چمڪي. سندس
ڳچيءَ ۾ اھا ئي چانديءَ جي ستار پئي لڙڪي. بادشاھھ
جي ٻئي پاسي نجومي حڪيم، پيرين پيادو ھلندو ھليو ۽
سندس ھٿ ۾ طلسمي لٺ ھئي، جنھن کي ٽيڪ ڏيئي پئي
ھلندو رھيو. بادشاھھ انھيءَ طلسمي باغ ۾، محلات جي
نشانن ڏسڻ لاءِ ھيڏي ھوڏي نھاريندو ھليو، پر اڃا
ھنن کي ڪا بھ نشاني ڏسڻ ۾ نٿي آئي. نجومي حڪيم چيو
تھ ”جيسين اوھين انھيءَ طلسمي دروازي جي اندر نھ
لنگھندؤ، ۽ انھيءَ باغ جو قبضو اوھان کي نھ ڏنو
ويندو، تيسين اوھين انھيءَ کي ڏسي ڪين سگھندؤ.“
جڏھن سڀئي انھيءَ دروازي کي ويجھو آيا تڏھن حڪيم،
بادشاھھ جو ڌيان انھيءَ ھٿ ۽ ڪنجيءَ ڏي ڇِڪايو، جي
ڪمان جي مٿان اڪريل ھئا ۽ چوڻ لڳس تھ ”ھي اھو طلسم
آھي جو ھن بھشت جي دروازي جي حفاظت ٿو ڪري، جيسين
ڪ اھو ھٿ ھيٺ لھي. ھيءَ ڪنجي نھ کڻندو، تيسين نڪا
انساني آفت ۽ نڪو جادو ھن جبل جي مالڪ تي غالب اچي
سگھندو.“
بادشاھھ تھ حيران ٿي انھيءَ طلسم کي پئي ڏٺو.
ايتري ۾ اوچتو انھيءَ ”گاٿ“ شھزاديءَ جو گھوڙو
ٽِپندو شھزاديءَ سوڌو دروازي منجھان لنگھي اندر
ٿيو ۽ وڃي ٺلھھ جي وچ ۾ بيھي رھيو. حڪيم رڙ ڪري
چيو تھ ”ڏسو ڏسو. بادشاھھ سلامت، اھو ئي پھريون
جانور آھي، جو ھن طلسمي دروازي مان لنگھيو آھي.
ھاڻي پنھنجو وعدو پورو ڪريو ۽ اھو گھوڙو انھيءَ
بار سميت يعني سوار سميت مون کي انعام ڏيو.“
(وڌيڪ پڙهو)
|