جڏھن اھو طلسم تيار ٿي ويو، تڏھن بادشاھھ ڏاڍو خوش
ٿيو، ۽ جيترو اڳي آرام ۽ آسائش جي خواھش ھوندي ھيس،
اوترو ھينئر دشمن سان جنگ ڪرڻ جو فڪر ۽ انتظار ٿيڻ
لڳس. سگھوئي اھا سندس خواھش پوري ٿي. ھڪڙي ڏينھن
صبح جو جيڪو پھريدار ٺلھھ جي حوالي ھو، تنھن اچي
خبر ڏنيس تھ ٺلھھ واري مورت جو رخ ”ابو ھريره“ جي
جبلن ڏانھن ڦريل آھي ۽ ان جو نيزو ”لوپ“ جي لڪ
ڏانھن اشارو ٿو ڪري.
ھي ٻڌڻ شرط بادشاھھ حڪم ڏنو تھ جنگ جي نوبت ۽
قرناءِ وڄائي وڃي، ۽ شھر جا ماڻھو جنگ جي لاءِ
تيار ٿين. نجومي حڪيم چيو تھ ”بادشاھھ سلامت،
پنھنجي شھر کي ڳڻتي ۽ پريشانيءَ ۾ نھ وجھو، ۽ نھ
پنھنجن سپاھين کي ھٿيارن ٻڌڻ جي تڪليف ڏيو، ڇالاءِ
جو پاڻ کي انھن دشمنن سان جند ڇڏائڻ جي لاءِ لشڪر
جو ضرور ئي ڪونھي. في الحال پنھنجن دربارين ۽
اميرن کي رخصت ڏيئي ڇڏيو. پاڻ ھلو تھ ھن طلسمي
ٺلھھ ۾ ھلي طلسمي ڪمري جو رنگ ڏسون.
ٻڍو باشاھھ ”ابراھيم ابن ابو ايوب“ حڪيم جي ڪلھي
تي ھٿ رکي، انھيءَ ٺلھھ جي ڏاڪڻ تي چڙھڻ لڳو، مٿي
پھچي طلسمي ڪمري جي در جو ڪلف کولي اندر ويو. ڏسي
تھ ”لوپ“ واري لڪ جي پاسي جي دري کلي پيئي آھي.
نجوميءَ چيس تھ ”دشمن ھن ئي پاسي جو آھي. ھاڻ اي
بادشاھھ، ھن ميز جو اسرار ڏسو! بادشاھھ انھيءَ
شطرنج جھڙي تختي جي ويجھو آيو، جنھن تي ننڍيون
ننڍيون سپاھين جون مورتون رکيل ھيون. ڏسي تھ اھا
ساري فوج پيئي چوري ۽ ھلي. گھوڙا پيا ڊوڙن، سپاھي
پيا چرن، جنگ جا نغارا ۽ ٻيا ساز پيا وڄن، ھٿيارن
جو ڦھڪو ۽ گھوڙن جي ھڻڪار جو آواز ڀڻڪي وانگي يا
مکين جي ڀون ڀون وانگي ٻڌڻ ۾ پيو اچي! نجوميءَ چيو
تھ ”بادشاھھ سلامت، ڏسو تھ ھن مان ثابت ٿو ٿئي تھ
اوھان جو دشمن جنگ جي ميدان ۾ حاضر آھي، ۽ ھو
”لوپ“ واري لڪ جي دريءَ کان پيو اچي، ھاڻي جي
اوھان جي مرضي ھجي تھ ھنن ۾ خوف، پريشاني ۽ رولو
پوي، ۽ سواءِ ڪنھن ڪشت خون جي ھو موٽي ھليا وڃن،
تھ ھنن مورتين يا پتيلن کي ھن طلسمي نيزي جي ڳن
واري منھن سان ڌڪ ھڻو، ۽ جي اوھان جي مرضي ھجي تھ
ڀلي ھنن ۾ ڪشت خون ٿئي، تھ نيزي جي چھنب سان ھنن
کي ماريو. ھيءَ ڳالھھ ٻڌي بادشاھھ خوشيءَ کان ڪپڙن
۾ نٿي ماپيو، ڇالاءِ جو ھن کي انھيءَ طلسم جي
سچائيءَ جي پوري ثابتي ملي ويئي، ۽ چوڻ لڳو تھ
”ھاڻ آئون آرام سان حياتي گذاريندس ۽ دشمنن تي
غالب رھندس. اي عقلمند حڪيم ”ابن ابو ايوب“ ھن
خدمتگاريءَ جي عيوض ۾ جيڪي تون مون کان گھرين، سو
آئون توکي ڏيان.“
نجومي حڪيم جواب ڏنو تھ ”اي بادشاھھ، ھڪڙي پوڙھي
حڪيم جون گھرجون تمام ٿوريون ۽ ساديون ٿين ٿيون.
جيڪڏھن اوھين فقط ايتري مھرباني ڪريو تھ آئون
پنھنجي غار کي سينگاري، ھڪڙي زاھد جي گوشھ نشينيءَ
جي جاءِ تيار ڪري سگھان تھ آئون انھيءَ تي بلڪل
قناعت ڪندس.“
ھي مختصر عرض ٻڌي، بدشاھھ گھڻو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو
تھ ”جي ماڻھو حقيقي حڪيم ٿين ٿا، تن جون گھرجون
تمام ٿوريون ٿيون ٿين، ۽ انھن جي قناعت تعريف جوڳي
ٿي ٿئي.“ ائين چئي ھن پنھنجي خزانچيءَ کي سڏي حڪم
ڏنو تھ ”حڪيم صاحب کي رقم جي ضرورت ھجي، اوتري ھن
غار جي سينگارڻ لاءِ ساھي خزاني مان ڪڍي ڏج.“
تنھن تي نجومي حڪيم حڪم ڏنو تھ انھيءَ غار ۾
گھڻيون ڪوٺيون کوٽجن، جي سندس رسد خاني سان ڳنڍيل
ھجن. صفي ۾ توڙي ڪوٺين ۾، ھن مزي مزي جا فرش ۽ تخت
وڇارايا، ۽ ڀتين ۽ درن تي ”دمشق“ جا قيمتي ريشمي
پردا ٽنگايا، حمامن جوڙڻ جو بھ حڪم ڪيائين، جن ۾
عمدا عطر ۽ خوشبودار تيل موجود ڪرايائين. جدا جدا
ڪمرن ۾ ھن ڪيتريون ئي بلور ۽ چانديءَ جون بتيون
لڙڪايون، جن ۾ خوشبودار تيل ٻرندو ھو. اھو تيل
”مصر“ ۾ سکيل حڪمت جي نسخي موجب تيار ڪيو ويو ھو،
جو ھميشھ پيو ٻرندو ھو ۽ کٽڻ جو ئي ڪين ھو ۽ جنھن
جي روشنائي ڏينھن جھڙي ھئي. انھن سڀني ڪمن لاءِ
نجوميءَ اھو عذر ڏنو تھ ھن گوشھ نشينيءَ ۾ ويھي،
علم ۽ حڪمت جي استعمال ڪرڻ ۽ تڪليفن کڻڻ لاءِ ھن
پيريءَ جي عمر ۾ اھي آسائشون بلڪل ضروري آھن. انھن
تي ايترو گھڻو خرچ ٿيو، جو خزانچيءَ تنگ ٿي
بادشاھھ تائين شڪايت پھچائي، پر بادشاھھ پنھنجو
انجام ۽ حڪيم جي خدمتگذاري ياد ڪري انھيءَ شڪايت
تي ڪو بھ ڌيان ڪونھ ڏنو.
نيٺ غار جڙي ۽ سينگارجي تيار ٿيو. عجب قسم جو
سامان ان ۾ رکيو ويو. اھڙو عجيب مڪان ٿي ويو، جو
ڄڻ تھ زمين جي پيٽ ۾ ھڪڙي محلات ھئي. اتي وري
نجوميءَ چيو تھ ”علمي محنت جي تڪليف گھٽائڻ لاءِ
سک جون شيون تھ سڀ موجود ٿيون، ھاڻ اڪيلائيءَ جو
بھ علاج ڪرڻ گھرجي، يعني دل وندرائڻ لاءِ راڳ
ڳائيندڙ ۽ ناچ ڪندڙ خوبصورت جوان زالون بھ ضروري
آھن. خزانچيءَ اھي بھ موجود ڪري ڏنيون. تنھن کان
پوءِ نجوميءَ حڪيم پاڻ کي کڻي انھيءَ غار ۾ بند
ڪيو، ۽ حڪمت جي آزمودن ۽ تجربن ڪرڻ ۾ مشغول ٿيو.
ھيڏي ”ابراھيم ابن ابو ايوب“ زاھد ۽ راھب جي نالي
ھيٺ، پنھنجي ڳجھي مشغوليءَ ۾ رنڀيل رھيو، ھوڏي
بادشاھھ طلسمي ٺلھھ ۾ ويٺي، ظاھري صلح پسنديءَ جي
بھاني سان پنھنجي دشمنن سان خونخوار جنگيون ڪيون.
ڀلا ھينئر ھن کي ھڪ ھنڌ ويٺي جنگين ڪرڻ ۽ دشمنن کي
دفع ڪرڻ لاءِ ڏاڍو چڱو ۽ آسان وجھھ مليو. ڄڻ تھ
ماڻھو ڪين ٿي ماريائين، مکيون ٿي ماريائين. آسپاس
وارا بادشاھھ انھيءَ ظلم کان اھڙا تنگ آيا ۽ ھيسجي
ويا، جو وري ھن بادشاھھ جي ملڪ تي ڪاھھ ڪرڻ جي
جرئت ئي نھ ڪري سگھيا، ۽ اھا طلسمي پھريواري مورت،
مھينن جا مھينا صلح ۾ پنھنجو نيزو سنئون جھليو،
پنھنجي محور تي ڦرندي رھي.
آخر بادشاھھ ماٺ ڪري صلح ۾ رھي رھي ڪڪ ٿي پيو، ۽
ڪشت خون جي شغل نھ ھئڻ ڪري خفي ٿيڻ لڳو، ۽ بي
آرامي ظاھر ڪرڻ لڳو. ھڪڙي ڏينھن اوچتو ڏسي تھ
طلسمي سوار پنھنجو نيزو ھڪڙي ھنڌ بيھي ھيٺ ڪرڻ
لڳو، ۽ ”گاؤڪش“ جي جبلن ڏي اشارو ڪرڻ لڳو. بادشاھھ
انھيءَ پاسي واري شطرنج جي ميز تي ڏسي تھ طلسمي
ساريون ماٺ ڪري بيٺيون آھن، ۽ چرن ئي نھ ٿيون.
انھيءَ ڪري ھن کي حيرت لڳي تھ جڏھن ڪنھن دشمن جي
چڙھائي بھ ڪانھي، ۽ انھيءَ پاسي واري غنيم جون
مورتيون ھڪ ھنڌ بيٺيون آھن، تڏھن پھريواري سوار
پنھنجو نيزو ھيٺ اونڌو ڇو ڪيو آھي! انھيءَ حيرت ۽
انتظار ۾ تڪڙو تڪڙو ٺلھھ تان لھي ھڪڙو فوج جو دستو
”گاؤڪش“ جبلن جي پاسي روانو ڪيائين. ٽن ڏينھن کان
پوءِ اھا فوج موٽي آئي، ۽ انھيءَ افسر ظاھر ڪيو تھ
”انھيءَ پاسي گھڻي تلاش ڪئي ويئي، پر ڪنھن بھ دشمن
جو پتو ڪونھ پيو. مگر ڳولا ڪندي ھڪڙي نھايت
خوبصورت عيسائي ڇوڪري، چشمي جي ڪناري تي ٻنپھرن جو
ستل ڏسڻ ۾ آئي. انھيءَ کي گرفتار ڪري پاڻ سان وٺي
آيا آھيون.“
بادشاھھ جي حڪم پٺيان آڻي حاضر ڪيائون. انھيءَ
حسين زال کي ”سپين“ جا اھي سڀ قيمتي زيور پيا ھئا،
جي انھيءَ زماني ۾ عربن جي فتھ کان پوءِ عيسائي
زالون ڍڪينديون ھيون. ھن جي وارن ۾ سفيد موتين جون
سرون پيل ھيون. ڳچيءَ ۾ سوني زنجير پيل ھيس، جنھن
۾ ھڪڙي ننڍي چانديءَ جي ستار لڳل ھئي، جا سندس
ڇاتيءَ تي پئي لڙڪي. ھن جي ڪارين اکين جي چمڪاٽ
بادشاھھ جي دل تي وڄ جھڙو اثر پيدا ڪيو. مطلب تھ
ھن جو حسن ۽ ناز انداز ڏسي، بدشاھھ حيرت ۾ پئجي
ويو، ۽ خوشيءَ جي گھڻائيءَ کان رڙ ڪري چيائين تھ
”اي زال ذات جي راڻي، تون ڪير آھين، ۽ ڪٿي جي
آھين؟“
ڇوڪريءَ جواب ڏنو تھ ”اي بادشاھھ، آئون ھڪڙي ”گاٿ“
بادشاھھ جي ڌيءَ آھيان، جو ڪن ڏينھن کان اڳي ھن
ملڪ تي حڪومت ڪندو ھو. منھنجي پيءُ جي ساري فوج
انھيءَ جبل ۾ انھيءَ طرح مارجي ويئي، جو ڄڻ تھ
ڪنھن ماڻھوءَ جادوءَ سان انھن کي ماريو. منھنجو
پيءُ آواره ۽ سرگردان گھمندو وتي، ۽ آئون انھيءَ
جي ڌيءُ اوھان جي قيد ۾ آئي آھيان.“
”ابراھيم ابن ايوب“، جو انھيءَ مھل درٻار ۾ حاضر
ھو، تنھن چيو تھ ”اي بادشاھھ، خبردار ٿِجو، ڪھڙو
شڪ تھ ھيءَ اتر وارين انھن جادوگر زالن مان آھي،
جي اسان ٻڌيون آھن تھ جدا جدا شڪل وٺيو، غير واقف
ماڻھن کي ٺڳارينديون آھن. آئون ھن زال جي اکين ۾
جادو ٿو ڏسان. شايد ھي اھو ئي دشمن آھي، جنھن ڏي
ھو طلسمي سوار اشارو ٿو ڪري.“ بادشاھھ چيو تھ
”آئون قبول ٿو ڪريان تھ تون ھڪڙو ڏاھو حڪيم ۽
ھوشيار جادوگر آھين، مگر تون زالن جي فطرت جو واقف
ناھين، انھن جي مون کي پوري خبر آھي. ھن جي صورت
نھايت دلپذير ۽ من موھيندڙ آھي، ۽ منھنجي دل ۾ کپي
ويئي آھي.“
نجوميءَ چيو تھ ”ٻڌو بادشاھھ، اوھان منھنجي طلسمات
جي زور تي ڪيتريون ئي فتحون حاصل ڪيون آھن، ليڪن
لٽ جي مال مان مون ڪڏھن بھ ڪو حصو نھ ورتو آھي،
تنھنڪري آئون عرض ٿو ڪريان تھ ھيءَ قيدياڻي منھنجي
حوالي ڪريو، تھ ھوءَ اڪيلائيءَ ۾ پنھنجي صحبت سان
مون کي خوش ڪري. جيڪڏھن ھوءَ جادوگر بھ ھوندي تھ
انھيءَ جي جادو ڀڃڻ لاءِ مون وٽ علاج موجود آھي.“
بادشاھھ چيو تھ ”نھ، آئون ھن کي خاص پنھنجي حرم ۾
رکڻ ٿو گھران. جو ھن منھنجي دل کسي ورتي آھي، توکي
خوش ڪرڻ لاءِ گھڻيون ئي خوبصورت جوان زالون ڏنيون
ويون آھن.“
ائين چئي بادشاھھ رنج ٿي اٿي کڙو ٿيو، ۽ نجومي وڃي
پنھنجي غار ۾ جانشين ٿيو، ۽ جيڪي ٿي گذريو ھو،
تنھن تي افسوس ڪرڻ لڳو. مگر وڃڻ کان اڳي بادشاھھ
کي نصيحت ڪندو ويو، تھ ھن قيدياڻيءَ مان توکي خير
ڪونھي پھچندو. پر ٻڍي بادشاھھ جي دل ھن سان اٽڪي
ويئي ھئي، تنھنڪري رات ڏينھن جيڪا ڳڻتي ھيس، سا
رڳو انھيءَ نازنين کي خوش رکڻ جي. ملڪ ۾ جيڪو عجيب
و غريب سوداگري مال ايندو ھو – ريشمي ڪپڙو يا زيور
يا جواھرات يا سرھاڻيون. مطلب تھ جيڪا قيمتي ۽
ڪمياب شئي ”ايشيا“ ۽ ”آفريڪا“ مان ايندي ھئي، سا
ھو انھيءَ ”گاٿ“ ڇوڪريءَ کي موجود ڪري ڏيندو ھو،
راڳ ناچ، کيل تماشا ھن جي خوش ڪرڻ لاءِ ٿيندا
رھندا ھئا. ساري ”غرناطھ“ ۾ ڳچ مدت تائين تھ ھر
روز ڄڻ عيد ھوندي ھئي. پر ھن ڇوڪريءَ کي تھ انھن
ڳالھين ڏي خيال ئي ڪونھ ھو. ڄڻ تھ اھي رواجي
ڳالھيون ھيون. سچ آھي تھ ھن ڪڏھن پنھنجي ڪاوڙ ظاھر
ڪانھ ڪئي، ۽ نھ ڪڏھن گھنڊ وڌو، مگر ڪڏھن مرڪڻ يا
پيار جي لفظ ڳالھائڻ سان ھن بادشاھھ کي خوش نھ ڪيو.
(وڌيڪ پڙهو) |