سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: شمرانھ عرف شيطان جي ناني

باب: 1

صفحو :3

ھوڏي جڏھن فقير کي سوناري جي ھٽ تي ويٺي گھڻو وقت لنگھيو ۽ شمرانھ موٽي نھ آئي، تڏھن سونارو چوڻ لڳو: ”سائين، ھوءَ اوھان جي ٻانھي تھ اڃا ڪانھ موٽي؟“ فقير چيو: ”خبر ناھي تھ ڇو ايتري دير ڪئي اٿس!“ ٻنپھرن تائين جڏھن ھو ويھي انتظار ڪڍي ڪڍي ٿڪا، تڏھن سوناري کي بک بھ لڳي ۽ شڪ بھ پوڻ لڳس. فقير کي چوڻ لڳو: ”سائين، ھاڻي ڪيستائين ھن جي واٽ ويٺا ڏسنداسين. مون کي پنھنجي گھر وڃي ماني کائڻي آھي، ھاڻي بھتر آھي تھ اوھان سان گڏجي اوھان جي دولت خاني تي ھلان ۽ اتي ئي فيصلو ڪري سودو ڪريون؟“ اتي فقير ڊڄي ۽ منجھي جواب ڏنو؛ ”بابا، آئون اکين کان وڏو آھيان، ھن زال جي گھر جي مون کي خبر ڪانھي تھ ڪٿي آھي. توکي ڪھڙيءَ طرح اتي وٺي ھلي سگھندس؟“ اھا ڳالھھ ٻڌي سوناري جا ڇھھ ڇڄي پيا ۽ چوڻ لڳو: ”منھنجو ھزارن جو مال اڏائي وئين ۽ ھاڻ ڀورڙو بنجي ٿو چوين تھ زال جي گھر جي مون کي خبر ڪانھي. ڄڻ تھ ھوءَ زال تنھنجي ٻانھي نھ آھي؟“ فقير چيو: ”جھڙو قسم مون کي ڏين اھڙو کڻان، مون کي ھن زال جي گھر جي بلڪل خبر ڪانھي.“ ھي ٻڌي سوناري کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، انڌي فقير کي ايترو ماريائين جو رتو رت ڪري ڇڏيائينس. پوءِ گھلي خليفي وٽ وٺي آيس. خليفي فقير کان ساري حقيقت دريافت ڪئي. فقير پنھنجو سارو حال بيان ڪري ٻڌايو ۽ چيائين: اھا ڪراڙي مڪارڻ منھنجون ٻھ ھزار اشرفيون گودڙيءَ ۾ رکيل شايد کڻي ويئي ۽ مون کي موچڙن جي مار بھ ڏياريائين!“

خليفي کي ان انڌي تي ڏاڍو قياس آيو ۽ انھيءَ زال تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. ڪوٽوال کي سڏي ھن کي گھٽ وڌ ڳالھايائين ۽ چيائين: ”جي اھا زال تمام جلد نھ پيدا ڪندين، تھ موقوف ڪيو ويندين!“شمرانھ کي ڀلا ڪٿي ٿو آرام اچي. ڪن ڏينھن کان پوءِ وري گھر کان نڪري ٻاھر ٿي ۽ ھڪڙو نوڪر ساڻ ڪري، ھڪڙي بزازيءَ جي دڪان تي ويئي، انھيءَ کي چيائين: ”مون کي ڪي ڪيمخواب جا ٿان درڪار آھن، بزاز گھڻائي قيمتي ٿان زربفت ۽ ڪيمخواب جا ھن جي اڳيان آڻي رکيا. شمرانھ اھي ٿان کڻي نوڪر جي حوالي ڪيا ۽ ھن کي چيائين: ”اھي گھر کڻي وڃي ڏيکاري اچ، آئون ھتي ويٺي آھيان.“ ٿوريءَ دير کان پوءِ بزاز کي چوڻ لڳي: ”ميان، تو کي شابس ھجي، تون وڏيءَ دل وارو ٿو ڏسجين، جو سواءِ سڃاڻپ جي تو ھزارن جو مال مون کي ڏيئي ڇڏيو؟ واپاري ٿي توکي اھڙو ويساھھ وارو ٿيڻ نھ گھرجي. سڀ ماڻھو اشراف بھ ڪين ھوندا.“ بزاز چيو: ”بيبي معتبر ھئينءَ ۽ ٻانھو بھ ساڻ ھيئي ۽ پاڻ بھ تيسين ھتي ويٺي اھي.“ شمرانھ چيو: ”جي آئون ھلي وڃان تھ پوءِ؟“ ائين چئي اٿي کڙي ٿي ۽ ٻاھر ھلڻ لڳي. بزاز کلڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو تھ ”ڀلا مائي، ڏسون تھ ڪيئن ٿي وڃين، اھڙي ھاءِ بھ ڪونھ پيئي آھي؟“ شمرانھ چيو: ”اجھو ھيئن ٿي وڃان“ شمرانھ ٿورو پنڌ ڪري، وري ٻھ – ٽي وکون موٽي ۽ بزاز ڏي منھن ڪري مرڪي. بزاز وري بھ کلي ويھي رھيو. ڀانئيائين تھ ھيءَ مائي ڪا چرچائي ٿي ڏسجي. شمرانھ وري کيس چيو: ”ڀلا ھاڻ وڃان ٿي!“ بزاز کلي چيس: ”ڀلي وڃ مائي، ڏسون تھ ڪيستائين ٿي وڃين!“ شمرانھ تڪڙي ھلي ھلي، پوءِ گھٽيءَ جو ور ڏيئي ٻيءَ گھٽيءَ ۾ گھڙي. انھيءَ وچ ۾ ڳچ جيترا خريدار بزاز جي دڪان تي خريداري ڪرڻ لاءِ اچي نڪتا، ۽ ھن سان ڳالھائڻ لڳا، جيسين ھن انھن سان ڳالھايو، تيسين شمرانھ ور وڪڙ ڏيئي گم ٿي ويئي بزاز اکيون ڦاڙي نھاري نھاري، پيرين اگھاڙو ھيٺ لھي ھيڏي ھوڏي ڊوڙيو، گھوڙا گھوڙا ڪيائين. پر شمرانھ پکيءَ وانگي اڏامي ويئي. لاچار نا اميد ٿي موٽي ايو ۽ دڪان بند ڪري خليفي جي درٻار ۾ دانھن کڻي ويو. ھن جو فرياد ٻڌي خليفي حڪم جاري ڪيو تھ ”ھن جي جاچ ٿئي!“

ھن ڪم ۾ فتحيابي حاصل ڪري شمرانھ ڪن ڏينھن تائين وري خانھ نشيني اختيار ڪئي، ٻن – ٽن مھينن کان پوءِ وري بازار جي سير تي نڪتي. ھڪڙي ھنڌ ڪنھن سوناري کي اشرفيون ٿيلھيءَ ۾ وجھندي ڀريندي ڏٺائين. اشرفيون ڏسي شمرانھ جي دل ۾ لالچ جاڳي. ائين ڪندي ھڪڙي خوبصورت زال سوناري جي دڪان وٽان اچي لنگھي، سونارو ڪو صورت پسند ۽ عياش ماڻھو ھو. تڪڙ پڪڙ ڪري ٿيلھي غلام کي ڏنائين تھ گھر کڻي ھل، ۽ پاڻ انھيءَ زال جي پٺيان لڳو ۽ ھن جي پٺيان چرچا گھٻا ڪندو ويو. پر ھوءَ زال ڪا اشراف ٿي ڏٺي، تنھنڪري منھن ويڙھيو ھلي ويئي ۽ ھن کي ڪو جواب نھ ڏنائين. سونارو ڦڪو ۽ نااميد ٿي موٽي پنھنجي دڪان تي آيو. شمرانھ تھ بروقت ئي سوناري جي غلام جي پٺيان لڳي. جڏھن غلام گھر ۾ گھڙيو، تڏھن شمرانھ موٽي سوناري جي دڪان تي آئي ۽ چوڻ لڳي:

”مون کي توسان خلاصگيءَ ۾ ڪا ڳالھھ ڪرڻي آھي؟“

سونارو عيشي جيئڙو ھو تنھن ڀانئيو تھ ھيءَ ڪا ڌوتي آھي، ڪنھن زال جو ڏس ٿي ڏئي، سو جھٽ ۾ ھن کي اندر وٺي ويو. شمرانھ چيس: ”ھوءَ نازنين زال جا اڳھو تنھنجي دڪان وٽان اچي لنگھي ھئي، سا توتي عاشق ٿي پيئي آھي، پر حيا جي ڪري توکي ڪي چئي ڪين سگھي. حقيقت ڪري ھوءَ تنھنجي منھن ڏسڻ لاءِ ڏاڍي مشتاق آھي. آئون ھن جي دائي ۽ حالڀاياڻي آھيان. ھن مون کي توڏي موڪليو آھي.“ سونارو ڏاڍو خوش ٿيو. شمرانھ جي نھايت گھڻي خوشامد ڪيائين. ۽ انھيءَ نازنين سان ملاقات ڪرڻ جي خواھش ڏيکاريائين. شمرانھ چيو: ”دير ڪرڻ جو ضرور ڪونھي. ميدان خالي آھي. مون سان گڏجي ھل تھ توکي وٺي ھلان.“ سوناري اٿي دڪان بند ڪيو ۽ ڪلف ڏيئي شمرانھ جي پٺيان لڳو. ھوءَ ھن کي ساڻ وٺي گھٽيون گھمڻ لڳي، ڀانئيائين تھ ڪو سڻائو گھر ڏسان تھ پنھنجو ھنر ھلايان، نيٺ ھڪڙي وڏي عمارت ھن کي نظر آئي، جنھن جي ايوان ۾ ھڪڙو کوھھ ڏسڻ ۾ آيس. شمرانھ سوناري کي چيو: ”تون ٿورو ھتي ترس تھ آئون اندران وڃي ڏسي اچان، تھ ڪو مڙس ماڻھو تھ گھر ۾ ڪونھي.“ جڏھم شمرانھ اندر ويئي تڏھن ڏسي تھ ٻھ زالون بيٺيون پاڻ ۾ ڳالھيون ڪن. انھن کي چوڻ لڳي ”مايون، منھنجي نماز ٿي قضا ٿئي، مھرباني ڪري موڪل ڏيو تھ وضوءَ جي لاءِ پنھنجو پٽ آڻي کوھھ ۾ ڏول وجھائي، انھيءَ ھٿان پاڻي ڪڍايان؟“ زالن چيو: ”ڀلي ڪڍاءِ، اسين پردي جي اندر ٿيو ٿيون بيھون.“ شمرانھ انھيءَ دم سوناري وٽ ويئي ۽ چوڻ لڳس: .تون ڪپڙا پنھنجا لاھي مون کي ڏي، فقط لنگ ٻڌ ۽ کوھھ مان ڏول ڪڍڻ جي بھاني سان اندر گھڙي وڃ ۽ وڃي پاڻي ڪڍ. پاڻيھي تنھنجي نازنين توکي پردي جي اندران ڏسندي ۽ وجھھ لڳس تھ توکي سڏي وٺندي.“ سوناري چيو: چڱو. ڪپڙا لاھي شمرانھ کي ڏنائين، جا ڪپڙا کڻي تمام تڪڙي سوناري جي گھر ويئي، جو اھو اڳيئي ڏسي ڇڏيو ھئائين. سوناري جي زال کي چوڻ لڳي: ”ڌيءَ، تنھنجو گھر وارو حمام ۾ آھي، وھنجي ٿو، ھي پنھنجا لٿل ڪپڙا نشاني ڏني اٿس، ۽ چيو اٿس تھ اشرفين جي ٿيلھي، جيڪا غلام جي ھٿان ھاڻي موڪلي ڏني اٿم، اھا ۽ ھڪ عمدو وڳو ڍڪڻ لاءِ جلد ڏياري موڪليو.“ سوناري جي زال مڙس جا ڪپڙا سڃاتا ۽ ھڪدم اھا ٿيلھي اشرفين جي ۽ ھڪڙو وڳو آڻي شمرانھ کي ڏنائين. شمرانھ ٿيلھي ۽ ڪپڙا کڻي پنھنجي گھر ھلي ويئي. ھوڏي ويچاري سوناري تي جا آفت آئي تنھن جو بيان ٻڌو. ھو شمرانھ جي ڳالھھ تي ويساھھ آڻي، چوڌو ٻڌي، اندر گھر ۾ گھڙي ويو. کوھھ وٽ بيھي پردي ڏي منھن ڪري ميڇون ڏيڻ ۽ مٺيون مٺيون ٻوليون ڪرڻ لڳو. ھو ويچاريون پردي واريون زالون ڊپ ۾ وڃي لڪيون. ڀانئيائون تھ ھي ڪو چريو آھي يا بدمعاش آھي. ائين ڪندي گھر جو مالڪ ٻاھران آيو ۽ ھڪڙو نامعلوم ماڻھو اگھاڙو ڏسي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ ھن کان پڇڻ لڳو: ”اڙي تون ڪير آھين، جو پرائي گھر ۾ ڪاھي آيو آھين؟“

سوناري چيو ”سائين، اوھين ڪاوڙ نھ ڪريو. گھر جي مالڪياڻي يا ڪنھن ٻيءَ ڀاتياڻيءَ مون کي اندر سڏيو ۽ چيائين تھ ڏول کوھھ ۾ ڪري پيو آھي سو ڪڍي ڏي.“ ھو شخص اندر گھر ۾ ويو ۽ زالن کان پڇا ڪيائين. انھن چيس: ”ھي ماڻھو ڪوڙ ٿو ڳالھائي، ڪو بيحيا بدمعاش ٿو ڏسجي. اسان ڪونھ سڏيو اٿس. ھڪڙي ڪراڙي زال اندر آئي، تنھن وضوءَ جي لاءِ ڏول ڪڍڻ جي موڪل گھري تھ پنھنجي پٽ کان پاڻي ڪڍايان. پوءِ اھا تھ الاجي ڪيڏي ويئي!“ گھر جي مالڪ کي پڪ ٿي تھ ھي چور آھي، پنھنجي ماءُ کي اندر خبر لھڻ لاءِ موڪليو ھئائين. سو اندران وڃي چھبڪ کڻي آيو ۽ اچي سوناري کي ورتائين. ويچاري جي ماري کل لاھي ڇڏيائين. پوءِ ڌڪا ڏيئي ٻاھر ڪڍي ڇڏيائينس. ھو انھيءَ حال ۾ لنگ ٻڌل اگھاڙو روئيندو ڪنجھندو گھر ايو. زالس ڏسي چيو: ”ميان، ٻيو تھ خير آھي؟ ھي بت تي ڌڪن جا ڪارا داغ ڪيئن ٿيا اٿئي؟“ھن چيو ”اڙي سڀاڳي، پڇ ئي ڪين. بيھھ تھ توکي حال ٻڌايان.“ پوءِ ڳالھھ ڪري ٻڌايائينس ۽ جوڻس بھ ٻڌايس تھ ”اشرفين جي ٿيلھي، ڪراڙي زال تنھنجا ڪپڙا ڏيکاري کڻي ويئي!“ ھي ٻڌي سوناري کي ڏندڻ پئجي ويا. جڏھن سامت ۾ آيو، تڏھن خليفي جي درٻار ڏانھن ڀڳو. خليفو وزير ۽ ٻين عملدارن تي ڏاڍو ڪاوڙيو، تھ منھنجي شھر ۾ ڏينھن ڏٺي جو ھھڙا ظلم پيا ٿين” ھڪڙي خسيس ڪراڙي زال ھي سڀ مذاق ڪندي وتي! سخت حڪم ڏنائين تھ انھيءَ کي جلدي ھٿ ڪري پيش ڪريو تھ جوڳي سزا ڏجيس!“

ڪن ڏينھن کان پوءِ شمرانھ وري شڪار تي نڪتي. ھن دفعي گھٽين ۾ گھمندي ھن کي اڳوڻو جت منھن پئجي ويو، تنھن کڻي جھليس ۽ چوڻ لڳس، ”اڙي شيطان جي ناني، ڏيھھ جي ڏائڻ! شڪر آھي تھ تون منھنجي ھٿ چڙھي ويئي آھين، ڏس تھ ھاڻ توسان ڪھڙيون جٺيون ٿو ڪريان.“ شمرانھ چيس: ”توکي پنھنجو اٺ ۽ اٺ جو ڀاڙو گھرجي، سو آئون توکي ڏيان ٿي، ھينئر ئي وٺ. ناحق مون کي خوار خراب ڪرڻ ڇوٿو گھرين؟“ جت چيو: ڀاڙو پئي کڏ ۾ پوي، مون کي پنھنجو اٺ ڏي، پوءِ جيڏي وڻيئي تيڏي ھلي وڃ.“  شمرانھ چيو: ”حاضر، تون برابر ڏاھو ۽ انصاف پسند نيڪدل ماڻھو آھين، ھاڻ مون سان گڏجي ھل تھ توکي پنھنجو اٺ ڏيان.“ ائين چئي ھن کي پاڻ سان وٺي ھڪڙي گھٽيءَ ۾ ويئي. انھيءَ گھٽيءَ ۾ عيسيٰ نالي ھڪڙي مشھور جراح طبيب جو دڪان ھو، جت کي چوڻ لڳي تھ تنھنجو اٺ مون عيسيٰ طبيب کي امانت ڪري ڏنو آھي. تون ھت ترس تھ آئون وڃي ھن کان اٺ وٺي توکي پھچائي ٿي ڏيان.“ شمرانھ جي چوڻ موجب ٿوري پنڌ تي بيھي رھيو. سندس سامھون شمرانھ طبيب جي ھٽ تي ويئي ۽ ھن کي چوڻ لڳي: ”حڪيم صاحب، مون اوھان جي تعريف ٻڌي آھي: جھڙو اوھان جو نالو آھي، اھڙائي اوھين حڪمت ۾ قابل آھيو. ھيءَ اشرفي اٿو. ھو پريان منھنجو غلام بيٺو آھي، تنھن کي ڏندن ۾ سخت سور ٿيو آھي، ويچاري کي سور کان ننڊ ئي نٿي اچي! اھڙي حالت اچي ٿي اٿس، جو ھوش ئي برابر نھ رھيو اٿس، چرين وانگي بڪ ڪندو وتي. ڀلائي ڪري ھن جا اڳيان پنج ڏند ڪڍي وٺ تھ ويچارو سور کان ڇٽي پوي.“ طبيب چيو: ”حاضر، اھا ڪا مشڪل ڳالھھ آھي ڇا؟“ شمرانھ چيو: ”حڪيم صاحب، ھي غلام البت کٽراڳي اٿو ڏندن ڪڍڻ جو ٻڌندو تھ نٽائيندو يا ڀڄندو، يا لڙندو يا اجائي بڪ شڪ ڪندو، پر اھڙو بندوبست ڪجو، جو ھن کي قابو ڪري پوءِ ڏند ڪڍجوس! ھان، ھيءَ ٻي اشرفي بھ اٿو! طبيب نھايت گھڻو خوش ٿيو ۽ پنھنجن شاگردن ڏي منھن ڪري ھنن کي سمجھائڻ لڳو، ۽ اھي ٻھ اشرفيون پنھنجي پيتيءَ جي مٿان رکيائين. طبيب جي اشاري جي پٺيان پنج – اٺ شاگرد اٿيا ۽ جت وٽ وڃي، ھن کي گھلي آڻڻ لڳا. ويچاري گھڻيون دانھون ڪيون ۽ ھنن کي وڏا وڏا قسم وڌائين ۽ چيائين: ”يارو، آئون چڱو ڀلو آھيان، منھنجو ڪو بھ گناھھ ڪونھي. پر ڪنھن بھ سندس ڳالھھ نھ مڃي. ٽنگو ٽالي ڪري کڻي طبيب وٽ ايس. طبيب جي چوڻ موجب ھن جون ٻئي ٻانھون کڻي ٻڌائون ۽ طبيب پاڻ انبوري کڻي، ھن ويچاري جا اڳيان پنج ڏند پٽي ڪڍيا. ھو رت ۾ ڳاڙھو ٿي ويو ۽ بيھوش بھ ٿي ويو. انھيءَ وچ ۾ جيسين ھو سڀ انھيءَ ڪم ۾ ھئا، تيسين شمرانھ اھي پنھنجون ٻيئي اشرفيون بھ صندوقڙيءَ تان کڻي گم ٿي ويئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ جڏھن جت ھوش ۾ آيو ۽ طبيب کان پڇيائين تھ ڇالاءِ تو منھنجا ڏند ھھڙي ظلم زبردستيءَ سان ڪڍيا؟ تڏھن شمرانھ ڏانھن ڏسڻ لاءِ طبيب ۽ شاگرد سندس نھارڻ لڳا. پر شمرانھ کين نظر ئي نھ آئي. اشرفيون سنڀاليائون تھ اھي بھ ڪين ھيون. طبيب جو شڪ شاگردن ۾ پيو. تنھن لڪڻ کڻي انھن کي خوب مار ڏني، پر ھائوڪار ڪنھن بھ ڪانھ ڪئي. جت ويچارو ساڻو ٿي پيو. وڌيڪ ڳالھائڻ يا ترسڻ جي طاقت نھ رھيس، ماٺ ڪري اٿي ھليو ۽ سڌو روئندو خليفي جي درٻار ۾ ويو. خليفي کي ھن جو احوال ٻڌي ۽ ھن جي شڪل ڏسي کل بھ آئي ۽ رحم بھ آيو. ھڪدم ڪوٽوال کي گھرائي ڌمڪايائين ۽ چيائينس تھ ”ھاڻ جي ھڪڙي ھفتي اندر انھيءَ زال کي گرفتار ڪري نھ آڻيندين تھ توکي ڦاسي ڏيندس!“

شمرانھ اتان جند ڇڏائي وڃي گھر لڪي ويٺي. ڪن ڏينھن کان پوءِ ھڪڙي ڏينھن وري ٻاھر نڪتي. ھن دفعي اوچتو اڳوڻو ڌوٻي ملي ويس. تنھن نڪا ڪئي ھم نڪا تم، بازار جي وچ ۾ پادر لاھي اچي ورتائينس. شمرانھ ڏٺو تھ ھن ڀيري ڏاڍي بڇڙي ڦاٿيس. ماڻھن جي روبرو منھن مٿي آسمان ڏي ڪري چوڻ لڳي: ”ھھڙي اولاد کان خدا ٺڪر ۽ ڀتر ڏئي ھا تھ بھتر ھو! نالائق نينگر، مون توکي نو مھينا پيٽ ۾ سانڍيو، سور کائي توکي ڄڻيم، پوءِ راتيون جاڳي توکي پاليم، انھيءَ جو ھيءُ بدلو ٿو ڏين؟“ ھيءَ آه زاري ٻڌي ۽ حال ڏسي ماڻھن کي ڏاڍي حيرت لڳي، ھن کي جٺيون ڪرڻ لڳا ”تون ڪو ڏاڍو نالائق ۽ ناصالح پٽ ٿو ڏسجين، جو پنھنجي ماءُ کي ڌڪ ٿو ھڻين؟“ ڌوٻيءَ گھڻو ئي چيو: ”ھيءَ منھنجي ماءُ ناھي، ھيءَ ڪا خدائي آفت آھي!“ شمرانھ اھي لفظ ٻڌي ڏاڍي درد سان روئڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي: ”بس بس، ھاڻي حد ٿي ويئي، انھيءَ کان ٻيو وڌيڪ ڇا آھي! يا الله تو مون کي ڇو اھڙو اولاد ڏنو؟ ھھڙي ناخلف اولاد کان نانگ بلائون ڏين ھا تھ چڱو ھو!“ ھن جون دانھون ٻڌي ماڻھن کي ھن تي پڪو اعتبار آيو. گھڻائي ڌوٻيءَ کي چھٽي ويا، خوب مار ڏنائونس ۽ ٿڪون بُجا ھنيائونس. انھيءَ گوڙ ۾ شمرانھ تھ صحيح سلامت کسڪي ويئي ۽ وڃي گھر کان نڪتي. باقي ويچاري ڌوٻيءَ کي اھڙو تھ اک وارو ڌڪ لڳو، جو اک نڪري پيس ۽ ھميشه لاءِ ڪاڻو ٿي پيو. جڏھن ماڻھن ڏٺو تھ ڌوٻيءَ جي اک نڪري پيئي آھي، تڏھن ڪوٽوال جي ڊپ کان سڀ ڀڄي ويا. ڌوٻي منھن مٿو پٽيندو خليفي وٽ آيو، ۽ پنھنجو پٽڪو زمين تي ھڻي فرياد ڪرڻ لڳو. خليفي کي ھن جي حال تي گھڻو رحم آيو. ارادو ڪيائين تھ جڏھن اھا بدمعاش زال ڪوٽوال کي بھ ھٿ نٿي اچي سگھي، تڏھن آئون پاڻ انھيءَ کي ٿو پڪڙيان، سو ساري شھر ۾ جدا جدا جاين تي پھرا ۽ چونڪيون ويھاري ويو.

انھيءَ واردات کان پوءِ شمرانھ ڪن مھينن تائين وري گھر کان ٻاھر نھ نڪتي. ھڪڙي ڏينھن وري اچي ڪمبختيءَ کنيس، سو ھميشه وانگي ٻاھر گھمڻ گھتڻ نڪتي. پر اوڻٽيھھ ڏينھن چور جا ٽيھون ڏينھن ساڌ جو بھ آھي. ھن ڀيري خليفي جي سپاھين ھن کي گرفتار ڪري وڌو ۽ خليفي جي حضور ۾ وٺي ويس. خليفي ھن جي شڪل ڏسي حڪم ڏنو تھ ”ھن رن کي وڃي درياھھ ۾، جتي پاڻي تمام اونھون ھجي، اتي اڇلايو تھ ٻڏي مري!“ شمرانھ گھڻوئي رني ۽ دانھون ڪوڪون ڪيون، پر ڪنھن بھ ڪونھ ٻڌيس. سپاھي شمرانھ کي قيد ڪري وٺي ويا، ۽ ھن کي مھاڻن جي حوالي ڪري ۽ خليفي جو حڪم ٻڌائي ھليا ويا. جڏھن سپاھي ھليا ويا، تڏھن شمرانھ ھڪڙي ڏاڍي عجيب حڪمت ڪئي. مھاڻن ڏي منھن ڪري چوڻ لڳي:

”ڪمبختو! اوھان سان خير تھ آھي! مون کي ڪيڏي وٺيو ٿا وڃو؟“

مھاڻا: خليفي صاحب جي حڪم جي تعميل ٿا ڪريون.

شمرانھ: اھو حڪم ڪھڙو آھي، ٻڌايو تھ سھي؟

مھاڻا: توکي درياھھ جي سير تي نيئي، اتي ٻوڙي مارينداسون.

شمرانھ: خليفي منھنجي کل تھ ڪانھ لھرائي آھي؟

مھاڻا: نھ اسين حڪم جا بندا آھيون، لاچار آھيون.

شمرانھ: اڙي گڏھو، آئون خليفي جي ماءُ آھيان. خليفي جو دستور آھي تھ ڏيھاڙي شراب پِي مست ٿيندو آھي. آئون ھن کي روڪيندي ۽ منع ڪندي آھيان. اڄ ھو نھايت گھڻو شراب پِي نشي ۾ الوٽ ٿي ويو ھو. انھيءَ حالت ۾ منھنجي روڪڻ تي ھن کي ڪاوڙ آئي، ۽ ھن ھي حڪم جاري ڪيو، جڏھن نشو لھندس، تڏھن پاڻيھي پشيمان ٿيندو، ۽ اوھان کان اھو حساب وٺندو، تنھنڪري چڱو پڄيو، تھ جڏھن ھو ھوش ۾ اچي، تڏھن جلدي ڪري ڊوڙي وڃي، منھنجي جان جي سلامتيءَ جي خوشخبري ٻڌايوس. مون کي پڪ آھي تھ اوھان مان جيڪو سڀ کان اڳي وڃي اھا خبر ٻڌائيندس، تنھن کي لک اشرفين جو انعام ملندو.“

مھاڻا ويچارا ھن جي مٺين ڳالھين تي ويساھھ ڪري ويا. ھڪدم ھن کي ڇڏي ڏنائون ۽ پاڻ ڀڄي ھليا ويا. سڀڪنھن انھن مان ائين پئي گھريو تھ آئون ئي پھريون انھيءَ خبر ٻڌائڻ وارو ٿيان، ۽ اھو انعام کٽان. پوءِ تھ انھن مان ڪي سگھو ئي وڃي خليفي جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، ۽ جلد جلد عرض ڪرڻ لڳا: ”جھان پناھھ! حضور جن کي مبارڪ ھجي، حضور جي والده جيئري آھي، ٻڏي نھ مئي آھي.“ سڀني ھڪدم پٺيان اھا مبارڪ آڻي پئي ڏني.

ھيءَ خبر ٻڌي خليفو حيران ٿي ويو، ۽ ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ مھاڻن کي چوڻ لڳو: ”بدمعاشو، اوھان ڪھڙي بڪ مچائي آھي. منھنجي والده مرحومھ، جنھن کي خدا بھشت نصيب ڪري، تنھن کي وفات ڪئي ٽيھھ ورھيھ گذري ويا آھن، اوھين ھيءَ ڪھڙي بي ادبيءَ جھڙي گفتگو ٿا ڪريو؟ اوھان کي جيئري ئي قبر ۾ پورڻ جي سزا ملڻ گھرجي. افسوس جو اوھين بھ ھن بلا جي دلبي تي ٺڳجي ويا آھيو. ھينئر لاحول پڙھي آئون مڙي ٿو وڃان. ٽرو منھنجي منھن تان، پر بھتر آھي تھ ڪا سزا کايو وڃو!“ پوءِ حڪم ڪيائين: ”ھر ھڪ مھاڻي کي ٽيھھ – ٽيھھ چھبڪ ھڻي ھڪالي ڪڍو.“! انھيءَ حڪم جي تعميل ٿي ۽ مھاڻا گھوڙا گھوڙا ڪندا گھر ويا ھليا.

شمرانھ جند ڇڏائي ھڪدم گھر ويئي، ۽ گھر جي ڀاتين کي چوڻ لڳي تھ ”ھاڻي ھن شھر ۾ وڌيڪ رھڻ مناسب ناھي. بغداد جو سڀڪو ماڻھو اسان جي حال کان واقف ٿي ويو آھي، خليفو تھ منھنجي رت جو پياسو آھي. بھتر آھي تھ ھڪدم ڀڄي نڪرون.“

مطلب تھ شمرانھ پنھنجين ٽنھي ڌين کي ساڻ وٺي بغداد مان نڪري ويئي، ۽ ٻئي ملڪ ۾ وڃي رھڻ لڳي. اتي پھچڻ کان پوءِ ھن اڳتي جي لاءِ اصل توبھھ ڪئي، ۽ باقي عمر خدا جي بندگيءَ ۽ يادگيريءَ ۾ گذارڻ لڳي. جيڪا ملڪيت ھيس، سا ٽي حصا ڪري، پنھنجين ٽنھي ڌين کي ورھائي ڏنائين، ۽ ھنن کي پرڻائي ڇڏيائين.

 

 

***

ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com