سيڪشن؛ٻاراڻو ادب

ڪتاب:شمرانھ عرف شيطان جي ناني

باب: 1

صفحو :1

شمرانھ عرف شيطان جي ناني

شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ

شيطان جي ناني

 

جن ڏينھن ۾ ھارون الرشيد بغداد جو خليفو ھوندو ھو، تن ڏينھن ۾ ”حلب“ جي شھر ۾ ھڪڙي ڪراڙي زال رھندي ھئي.زال، مگر مڪر ۽ فريب ۾ شيطان جي ناني ھئي. پري پري جا چور، بدمعاش، ٺڳ، دغا باز، ۽ جعلساز ھن وٽ صلاح مصلحت لاءِ ايندا ھئا، ۽ ھن کان ڊڄندا ھئا ۽ ھن کي استاد ڪري مڃيندا ھئا، ڏيھاڙي نئين نئين قسم جون ٺڳيون رٿيندي ۽ ڪندي ھئي. اھڙا حيرت جھڙا ڪم ڪندي ھئي جو ماڻھو کيس جادوگرياڻي يا ڏائڻ سمجھندا ھئا.

ھن کي ٽي ڌيئون ھونديون ھيون، جي شرارت، فتنھ سازي ۽ حرڪت بازيءَ ۾ بلڪل پنھنجي ماءُ جو نمونو ھيون. پھاڪو مشھور آھي تھ ”جھڙو سٽ تھڙي پيٽي، جھڙي ماءُ تھڙي ٻيٽي.“

اھو ھنن سان پوريءَ طرح لاڳو ھو. انھيءَ ڪراڙيءَ جو نالو ”شمرانھ“ ھو. اڻ پڙھيل بھ ڪين ھئي. ڏاڍي قابل ھئي. قرآن بر زبان ياد ھوس. اھڙيون مذھبي ٻوليون ٻڌائيندي ھئي ۽ ديني مسئلا ۽ حديثون بيان ڪندي ھئي، جو ھوشيار ھوشيار ماڻھن کي پنھنجي فريب جي دام ۾ ڦاسائي ڇڏيندي ھئي. مطلب تھ ھن جي ڪارنامن جي شھر شھر ۾ خبر پئجي ويئي ۽ حلب جي بادشاھھ تائين ماڻھن جون فريادون ويون. سرڪاري ڪامورن بادشاھھ تائين ماڻھن جون فريادون ويون. سرڪار ڪامورن اڳيئي ھن زال بابت مخفي طرح رپورٽون موڪليون ھيون.

بادشاھھ ھڪدم اتي جي ڪوٽوال کي حڪم ڏنو تھ ”انھيءَ شيطان جي نانيءَ کي حلب جي حد مان ٻاھر ڪڍي ڇڏي.“ ان موجب انھيءَ ڪراڙي زال کي سندس ٽنھي ڌيئن سميت حلب جي حد مان ھڪالي ڪڍيو ھو، سي دربدر گھمنديون رلنديون بغداد ۾ آيون، ۽ ڪنھن محلي ۾ ھڪڙي جاءِ ڀاڙي ڪري ويھي رھيون. ھڪڙي ڏينھن ماءُ ۽ ڌيئن جي وچ ۾ ھيءَ گفتگو ھلي.

ڌيءُ: امان جيجل، گھڻا ڏينھن ٿيا آھن، جو تون شڪار ڪونھ ٿي آڻين. جيڪي اڳي گڏ ڪيو ھيوسين سو تھ کائي کپائي ڇڏيو اٿئون. ھاڻ ڪو بندوبست ڪر، نھ تھ بک ٿيون مرون!

ماءُ: بابا، مون کي اڳئي اھا ڳڻتي ھئي. اڄ ارادو ھوم تھ ٻاھر نڪران.

ڌيءُ: پر امان سنڀال ڪجئين! شھر نئون آھي، متان سڱن جي ڳولا ۾ ڪن بھ وڍجي وڃن!

ماءُ: ڌيءَ تون بھ ائين ٿي چوين؟ وس پڄندي تھ ڪين گھٽائينديس. آئون اھڙي جادوگرڻ آھيان، جو پھڻ کي شيشي سان ڀڃي رکان. اھڙي نانگڻ آھيان جنھن جي ڏنگ جو نڪو جنتر نڪو منتر.

ڌيءُ: امان، اھا مون کي خبر آھي. ائين ئي ٿي چيم. ڀلي وڃ، خدا تنھنجي پناھھ ٿيندو!

شمرانھ اٿي برقعو ڍڪيو ۽ گشت تي نڪري پيئي. ھيڏي ھوڏي چڪر ھڻي، ھڪڙي نئين محلي ۾ وڃي نڪتي، جتي ٻنھي پاسي وڏيون عاليشان عمارتون ھيون. ھوءَ  ھڪڙي نانوائيءَ جي ھٽ تي وڃي بيٺي.

شمرانھ؛ ٻچا، امان صدقي وڃي! ھيءُ سامھون گھر ڪنھن جو آھي؟

نانوائي: ڏاڏي، ھيءُ ھڪڙي سکر ماڻھو جو گھر آھي، جنھن کي مئي ٿورا ڏينھن ٿيندا. ھو فقط ھڪڙي چوڏھين ورھين جي ڌيءَ ڇڏي مري ويو آھي. ھن جي سڀ مال ملڪيت جي وارث بھ اھائي ڇوڪري آھي.

شمرانھ: مال ملڪيت ڪيتري اٿس؟

نانوائي: مائي، مون وٽ ڪا انھيءَ جي ياداشت رکي آھي ڇا؟

شمرانھ: ابا، تون چڙين ڇو ٿو؟ بس آئون وڃان ٿي.

شمرانھ: نانوائيءَ جي دڪان کان نڪري، سامھون وڃي انھيءَ گھر جو دروازو پٽيو، ۽ اندر جھاتي وڌي. ھڪڙو ڪشادو اڱڻ ڏسڻ ۾ آيس، جنھن ۾ ھڪڙو مزي جھڙو ننڍو باغيچو ھو. گھر جي ورانڊي ۾ کٽ تي ھڪڙي خوبصورت جوان زال پٺيري ويٺل ڏٺائين. ھڪدم سھي ڪيائين تھ شڪار اھو آھي. آھستي آھستي انھيءَ کٽ وٽ ويئي. ڇوڪريءَ منھن ورائي ھن کي ڏٺو. شمرانھ نوڙي سلام ڪيس ۽ دعائون ڪرڻ ۽ بلائون کڻڻ لڳيس.

ڇوڪري: مائي، تون ڪير آھين، ڪٿان ٿي اچين؟

شمرانھ: (روئي) ھاءِ ھاءِ امان! تون مون کي نٿي سڃاڻين؟ ائون تنھنجي پيءُ مرحوم جي ڀيڻ آھيان ۽ تنھنجي پڦي آھيان. ننڍي ھوندي کان منھنجي مڙس جو ادي سان ڪن خانگي ڳالھين تي تڪرار ٿي پيو ھو. تنھنڪري اچڻ وڃڻ جو رستو بند ٿي ويو. پوءِ منھنجو مڙس حلب ڏي ھليو ويو ۽ مون کي بھ پاڻ سان وٺي ويو. اتفاق سان اھو اتي مري ويو. مون کي تنھنجي پيءُ جي وفات جو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو، تنھنڪري آئون توسان معذرت ڪرڻ لاءِ آيس. افسوس آھي تھ ادو ويچارو ھليو ويو ۽ توکي يتيم ڪري ڇڏي ويو، ۽ مون کي بھ جدائيءَ جو داغ ڏيئي ويو!

ائين چئي شمرانھ اچي روئڻ ۾ پيئي. ڳچ تائين اوڇنگارون ڏيو پئي رنائين. ڇوڪري ويچاري عمر جي ننڍي ۽ الڙ ھئي، سا جھٽ پٽ ھن جي دام ۾ اچي ويئي.

ڇوڪري: پڦي، بس خدا جي مرضي اھا ھئي. تون صبر ڪر، گھڻو نھ رؤ. تنھنجو حال ڏسي منھنجو جگر ٿو ڦاٽي، ۽ منھنجو غم وري تازو ٿو ٿئي چڱو جو ھتي آئينءَ. آئون بھ اڪيلي ھيس. ڪو وڏو مائٽ مون وٽ ڪونھ رھيو آھي.

شمرانھ: امان صدقي! خدا توکي وڏي ڄمار ڏيندو، توکي گھڻي تائين سلامت رکندو. تون منھنجي مرحوم ڀاءُ جي نشاني آھين. پر بابا آئون تو وٽ ھميشه رھي ڪين سگھنديس. تنھن کان سواءِ، جي آئون ھتي گھڻو رھنديس تھ ماڻھو مھڻا ڏيندا تھ ھيترا ڏينھن نھ آئي، ھينئر ڀاءُ مئو اٿس، تڏھن انھيءَ جي ملڪيت جي ورھاڱي لاءِ اچي حاضر ٿي آھي. پر آئون ٻئي – ٽيئي ڏينھن ضرور توکي اچيو ڏسيو وينديس. تون منھنجو آنڊو آھين، منھنجي جگر جو ٽڪر آھين، توکي ٿي ڏسان تھ ادو ٿو ياد پوي!

ڇوڪري: پڦي تنھنجي دل مون کي ھيڪلو ڇڏي وڃڻ لاءِ چوي ٿي؟ ماڻھن جو انھيءَ ۾ ڇا ٿو وڃي، جيڪي وڻين سو ڀل پيا چون.

شمرانھ: ڌيءُ، مون پنھنجا وار اس ۾ اڇا ڪين ڪيا آھن. مون کي زماني جو سارو حال سجھي ٿو. ماڻھن جي زبان جھلڻ جي ناھي.

ڇوڪري: پڦي، جيڪا تنھنجي مرضي. آئون توکي زور ڪري نٿي سگھان، ڀلائي ڪري مون کي سعيي سان منھن ڏيکاريندي وڃجانءِ!

شمرانھ: اکين سان ٻچا، دلجاءِ ڪر!

پوءِ تھ شمرانھ ھن ويچاريءَ ڀورڙي ڇوڪريءَ کي سبز باغ ڏيکاري ھلي ويئي. ٻن – چئن ڏينھن ۾ ھن کي سڄوئي پنھنجو ڪري ڇڏيائين.

ھڪڙي ڏينھن شمرانھ ڏاڍي ملول ٿي ۽ غمگين شڪل بنائي اچي ويٺي.

ڇوڪري: پڦي، چڱي ڀلي تھ آھين؟ اڄ تون البت غمگين ٿي ڏسجين؟

شمرانھ: پٽ ٻيو سڀ خير آھي.

ڇوڪري: پر، بھ جي ڪا اھڙي ڳالھھ ھجي، جنھن جو علاج منھنجي وس ۾ ھجي تھ مون کان حجاب نھ ڪجئين، بيشڪ چئي ڏجئين. آئون دل جان سان حاضر آھيان؟

شمرانھ: ڌيءُ، آئون ڳالھھ تھ ڪريان، پر متان تون خفي ٿين؟

ڇوڪري: توبھھ توبھھ! پڦي، تون وڏو مائٽ آھين، آئون ننڍي آھيان. جيڪي تون چوندينءَ سو ضرور منھنجي چڱائيءَ لاءِ ھوندو، ۽ اھا تھ منھنجي لاءِ خير خواھي ھوندي.

شمرانھ: تڏھن امان ٻڌ، حقيقت جي ڳالھھ ھيءَ آھي تھ منھنجو ھڪڙو پٽ آھي جو ماشاءالله اھڙو جوان ۽ حسين آھي، جھڙي تون آھين. انھيءَ شايد توکي باغيچي ۾ گھمندي ڏسي ورتو آھي، سو ديوانو ٿي پيو آھي. رات ڏينھن بي آرام ۽ بيقرار آھي. گھڻوئي سمجھايو اٿمانس تھ ھيءُ مٽيءَ مائٽيءَ جو معاملو آھي. آئون انھيءَ ۾ ڪي بھ ڪري نٿي سگھان. پر، ھو ڇوڪر باز نٿو اچي. چوي ٿو تھ منھنجي محبت پاڪ آھي. مون کي رڳو منھن ڏسڻ جي سڪ آھي. ھن جي شڪل منھنجي دل ۾ ڇپي ويئي آھي. مطلب تھ ڇوڪري کي گھڻوئي سمجھايو اٿم، تھ بھ رھي نٿو. حيران پريشان آھي. آئون اِنھيءَ ڪري حيراني ۾ آھيان تھ ڇا ڪريان!

ڇوڪري: پڦي، انھيءَ ۾ ڇا آھي” ھو تنھنجو پٽ آھي تھ منھنجو ڀاءُ آھي. منھن ڏسڻ ۾ ڪھڙو عيب آھي. ڀائرن سان ڀيڻون منھن نٿيون لڳن ڇا؟ تون مون وٽ ھيستائين پئي آئي آھين. ھڪڙي ڀيري مون کي بھ پنھنجي گھر وٺي ھل، تھ ھلي گھمي اچان ۽ ادي کي بھ ڏسي اچان.

اھو جواب ٻڌي شمرانھ ڏاڍي خوش ٿي ۽ ڇوڪريءَ کي دعائون ڪرڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي تھ ”تڏھن امان خير جي ڪم ۾ دير ڪرڻ جو ڪھڙو ضرور! ھل، ھينئر ئي ھل، اٿي تيار ٿيءُ.“ ڇوڪريءَ اٿي ھڪڙو عمدو وڳو ڍڪيو ۽ ڳھھ ڳڻا پاتائين، پوءِ مٿان برقعو ڍڪي، شمرانھ سان گڏجي اٿي ھلي. جڏھن ھو شاھي بازار جي وچ ڌاري آيون، تڏھن شمرانھ ھڪڙو نوجوان صراف دڪان تي ويٺل ۽ پنھنجي ڪم ۾ رنڀيل ڏٺو. ڇوڪريءَ کي چيائين تھ ”بابا، تون ذرو ترس، آئون اجھا ٿي اچان! پاڻ انھيءَ دڪان تي چڙھي انھيءَ جوان صراف وٽ ويئي. ھن کي خوشامد ڀريو سلام ڪيائين. ھن مرڪي حال احوال پڇيس. شمرانھ چيس تھ ”ابا، عزت تنھنجي ھٿ آھي. آئون بغداد جي ھڪڙي دولتمند جي زال آھيان. خدا مون کي لکن جي ملڪيت ڏني، مگر پٽ ڪونھ ڏنائين. فقط اھا چوڏھن ورھين جي ھڪ ڌيءُ آھي. اھا ڪالھھ ڪنھن سانگي ھتان اچي لنگھي، ۽ اتفاق سان ھن جي نظر توتي پئجي ويئي، ۽ ڏسڻ سان ئي موھجي ويئي آھي. انسان جي دل پنھنجي وس ۾ نھ آھي. انھيءَ وقت کان وٺي آرام ڪونھ آيو اٿس. گھڻوئي سمجھايومانس پر پوءِ بھ مٿس ڪو اثر ڪونھي. ھاڻ بابا منھنجو ننگ ناموس تنھنجي اختيار ۾ آھي. اجائي ڪا خواري خرابي ٿئي، تنھن کان مناسب سمجھيم تھ ڇونھ آئون پاڻ اھو رضا رغبت ۽ خوشيءَ جو بندوبست ڪري ڇڏيان!“

ھي ٻڌي صراف جون واڇون ئي ٽڙي ويون. ھن ڀانيو تھ اجھا ٿي سوني جھرڪي گھر ويٺي مفت مٺ ۾ اچي، تنھن جھٽ ۾ ٻھ ٿيلھيون اشرفين جون کڻي کنيون، ۽ اٿي شمرانھ جي پٺيان ھليو. ڇوڪري بھ برقعي ۾ شمرانھ سان گڏجي اڳتي ھلندي ھلي، صراف ۾ ڪو شڪ ڪونھ گذريس. ھڪڙي گھٽيءَ ۾ شمرانھ ڏٺو تھ ڪو ڌوٻي دڪان تي ڌوتل ڪپڙا ويٺو ٺاھي ۽ تھھ ڪري. اھو دڪان ماڙيءَ وارو ھو. شمرانھ جھٽ ۾ اڳڀرو وڌي ڌوٻيءَ کي ڪن ۾ چيو تھ ”ميان ڌوٻي، منھنجو پٽ ۽ منھنجي ننھن ٻيئي بازار ۾ سارو ڏينھن خريد فروخت ڪري ٿڪجي پيا آھن. جي موڪل ڏين تھ تنھنجي دڪان جي مٿان ماڙيءَ واري جاءِ ۾ ھو ذرو ويھي، ساھي کڻن ۽ ٿورو کائين پيئن. انھيءَ لاءِ تھ توکي ڏھھ رپيا ڏيندا.“ ڌوٻي ڏھن رپين جو نالو ٻڌي ڪپڙن ۾ ئي نھ پيئي ماپيو. چوڻ لڳو تھ ھي دڪان اوھان جي ملڪ آھي. جيترو وڻيو اوترو انھيءَ ۾ ترسو.“ تنھن تي شمرانھ ھنن ٻنھي کي دڪان جي مٿئين طبقي ۾ وٺي ويئي ۽ چوڻ لڳين تھ ”ابا، اوھين ھتي ذرو آرام ڪريو، آئون وري ٿي اچان.“ ۽ ڇوڪريءَ کي چوڻ لڳي تھ ”اھي پنھنجا زيور لاھي مون کي ڏي تھ ساڻ رکان، متان جيسين اچان تيسين توکي ننڊ کڻي وڃي يا اٿلڻ پٿلڻ ۾ ڀڄي پون يا پرائي جاءِ ۾ گم ٿين.“ ڇوڪريءَ جھٽ ۾ وڏا وڏا زيور لاھي ھن کي رومال ۾ ٻڌي ڏنا ۽ پاڻ صراف سان گڏ اتي ويھي ڳالھيون ٻوليون ڪرڻ لڳي. صراف بھ خوشامد ڪرڻ ۽ لالچ ڏيڻ جي مراد سان شمرانھ کي چيو تھ ”امان تڏھن ھي ٻھ ٿيلھيون اشرفين جون بھ پاڻ وٽ قابو رکجئين، پوءِ مھل تي ڪم اينديون.“

اھي سڀ شيون شمرانھ کڻي ھيٺ لھي آئي. ٻھ رپيا ڌوٻيءَ کي ڏنائين ۽ چيائينس تھ ”آئون ھتي بيٺي آھيان، تون جلدي پڃي ڪنھن نانوائي کان ماني وٺي اچ تھ منھنجو پٽ ۽ ننھن کائين“ ڌوٻي ھڪدم ماني آڻڻ لاءِ ويو. اڃا ھو اتان نڪتو، تھ ھڪڙو جت اٺ وٺي اچي اتان لنگھيو. شمرانھ ھن کي سڏي چيو تھ ”مون کي پنھنجو ڪو سامان ھتان کڻي ھن ئي گھٽيءَ ۾ ٻيئي گھر ۾ نيڻو آھي، اھو تون ڀاڙي تي کڻي ھل. ڀاڙي کان سواءِ ٻھ رپيا وڌيڪ بھ ڏينديس. پر ھتي ٻيو ڪو ماڻھو ڪونھي، ڀلائي ڪري تون ترس، آئون سامان لاھي وري اٺ کي وٺي ٿي اچان.“ جت کي شڪ ڪونھ پيو، ائين ڪرڻ لاءِ راضي ٿيو. شمرانھ جت کي اتي ويھاري ڌوٻي جا ڪپڙا ۽ ٻيو جاءِ جو سامان جيڪو ڪمائتو ۽ کڻڻ جھڙو ڏسڻ ۾ آيس، سو اٺ تي کڻي مھار وٺي اٿي ھلي. ھلندي جت کي تاڪيد بھ ڪندي ويئي تھ ”ڀلائي ڪري جاءِ جي سنڀال ڪجئين، ڪنھن کي اندر لنگھڻ نھ ڏجئين، جيسين آءٌ اچان. منھنجو گھڻوئي سامان جاءِ ۾ پيو آھي، جو آئون وري اچي اٺ تي لڏينديس.“ جت چيو تھ ”مائي، تون دلجاءِ ڪر. آئون خبرداري ڪندس.“

شمرانھ تھ سڌو گھر جو رستو ورتو ۽ گھٽين مان ور وڪڙ ڏيئي نڪري ويئي. ٿوري دير کان پوءِ ڌوٻي بازار مان ماني وٺي آيو. جڏھن دڪان ۾ اندر گھڙڻ لڳو تڏھن جت روڪيس ۽ چيائينس تھ ”اندر نھ وڃ. ترس، جيسين مالڪياڻي اچي.“ ڌوٻيءَ پري کان نھاريندي، اھو بھ معلوم ڪيو تھ سندس ڪپڙن جا سٿا ڪينھن.

ڌوٻي: اڙي تون ڪير آھي، جو مون کي روڪين ٿو، ۽ منھنجي دڪان تي فرحت ۽ آرام سان ويٺو آھين؟

جت: تون ڪير آھين، جو مون کان ٿو پڇين؟

خبردار، جي اندر گھڙيو آھين لت ھڻندوسنئين.

ڌوٻي: واهھ ڙي چور، سينھ زور! آئي ٽانڊي کڻڻ، بورچاڻي ٿي ويٺي. تون ڪو پڪو بدمعاش ٿو ڏسجين. تنھن تي جت کي چڙ آئي، ڌوٻيءَ کي ٻھ – ٽي ڌڪ ھڻي ڪڍيائين. انھيءَ تي ھل ۽ واويلا مچي ويئي، ڌوٻيءَ ويچاري وري پنھنجن ڪپڙن جي گم ٿيڻ لاءِ بھ گھوڙا گھوڙا مچائي. انھيءَ ھل تي ماڻھو اچي مڙيا. ڌوٻي چوي تھ ”يارو مون کي ھڪڙي ٻڍي ماني وٺڻ لاءِ موڪليو، سا الائجي ڪٿي آھي، ۽ منھنجا ڪپڙا الائجي ڪيڏي گم ٿي ويا؟“

جت چوي تھ ”ھيءُ ماڻھو بدمعاش آھي، زور ڪري پرائي گھر ۾ گھڙڻ ٿو گھري. ھن جاءِ جي مالڪياڻي پنھنجو سامان منھنجي اٺ تي لڏي ويئي آھي، بلڪ ھلندي تاڪيد بھ ڪري ويئي آھي تھ ڪنھن کي اندر گھڙڻ نھ ڏجانءِ. سو ڀلا ڪھڙي طرح آئون ھن کي اندر گھڙڻ ڏيان؟ جي ھن ٻڍيءَ جي ڪا شيءِ گم ٿئي يا زيان ٿئي تھ پوءِ آئون جوابدار ٿيندس.“

انھيءَ گوڙ تي صراف ۽ ڇوڪريءَ مٿان ماڙيءَ تان جھاتي پائي ھيٺ نھاريو ۽ ھل جو سبب پڇيو.

جڏھن ڌوٻيءَ جي نظر صراف تي پيئي، تڏھن ھن کي اجايو سجايو ڳالھائڻ لڳو. چوڻ لڳو تھ ”تنھنجي اھا ڪراڙي ماءُ ڪٿي آھي؟ اھا تھ مون کي ڦري لٽي ويئي آھي!“ جڏھن جت ٻڌو تھ اھو ڪراڙي ھن صراف جي ماءُ آھي، تڏھن اھو بھ ھن کي چنبڙي ويو.

صراف: يارو مون کي ڇو چنبڙي ويا آھيو؟

جت: اڙي گيدي، مون کي پنھنجو اٺ ڏي، نھ تھ مٿو ڀڃي ٿو وجھئين!

صراف: اڙي ديوانؤ، اوھان جو عقل ڪيئن اڏامي ويو آھي اھا ٻڍي منھنجي ماءُ ناھي پر ھن ڇوڪريءَ جي ماءُ آھي.

ڇوڪري: نھ نھ، ھوءَ منھنجي پڦي آھي ۽ ھن شخص جي ماءُ آھي.

ماڻھو اڙي اوھين سڀ ڀورڙا آھيو، ڀانئجي ٿو تھ ھوءَ ڪا ٺڳ زال ھئي، يا ڪا ڪٽڻي ھئي. سڀني کي منھن تي لينگھو گھمائي ويئي آھي!

ڇوڪري: منھنجا سڀ زيور بھ کڻي ويئي آھي.

صراف: منھجون اشرفين جون ٿيلھيون بھ کڻي ويئي آھي.

جڏھن شمرانھ جي ڪارستاني سڀني کي معلوم ٿي، تڏھن ويچاري ڇوڪري روئندي پنھنجي گھر ويئي، مگر صراف، جت ۽ ڌوٻي ٽيئي خليفي ھارون الرشيد جي درٻار ۾ دانھين ويا، خليفو انھيءَ ٻڍيءَ جي اھا چالاڪي ٻڌي حيران ٿي ويو، ۽ ڪوٽوال کي حڪم ڏنائين تھ ”شھر ۾ پڙھو گھماءِ تھ جيڪو انھيءَ ڪراڙي مم کي پڪڙي آڻيندو، تنھن کي ھزار رپيا انعام ملندو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com