انھيءَ شڪار جھٽڻ کان پوءِ شمرانھ ھفتو کن گھر ۾
آرام سان ويٺي رھي. انھيءَ کان پوءِ وري ھڪڙي
ڏينھن اٿي، عمدي پوشاڪ ڍڪي، تسبيح ھٿ ۾ ڪري شھر ۾
ويئي، اتفاق سان صراف، جت ۽ ڌوٻي جي ٽيئي ھن جي
ڳولا ۾ رلي خراب ٿيا ھئا، تن کي منھن پئجي ويئي،
اگرچ ويس بدليل ھوس تھ بھ جت ھڪدم سڃاڻي ورتس ۽
ڊوڙي وڃي پڪڙيائينس ۽ گھلي خليفي جي محلات ڏي وٺي
ھليس. ھو ٻھ بھ ساڻس گڏ ويا. جڏھن زنانخاني جي
نزديڪ آئي،، تڏھن شمرانھ چين تھ ”مون کي پائخاني
جي ضرورت ٿي آھي، ڇڏيو تھ ڏيڍيءَ جي وڪڙ ۾ ويھي
حاجت پوري ڪري اچان.“ ھنن ڇڏيس. ھوءَ ڏيڍيءَ جي
اندر ويئي ۽ ھو ٻاھر منتظر بيھي رھيا. شمرانھ سڌي
اندر زنانخاني ۾ گھڙي ويئي ۽ بيبي زبيده خليفي جي
راڻيءَ جي حضور ۾ وڃي حاضر ٿي.
زبيده: مائي فقيرياڻي، تون ڪير آھين. ڪٿان آئي
آھين؟
شمرانھ: بيبي صدقي ٿيان! آئون ھڪڙي حاجياڻي آھيان.
ست ڀيرا مون حج ڪيو آھي.اصل ۾ خدا جي مھربانيءَ
سان آئون دولتمند زال ھيس، جڏھن خدا جو رستو ورتم،
تڏھن سڀ مال ملڪيت خدا جي واٽ ۾ ڏيئي ڇڏيم. ھاڻ
وري ارادو اٿم تھ حج وڃان ۽ وڃي اتي رھي پوان. خرچ
لاءِ پئسو گھربل ھو. مون وٽ ٽي غلام آھن، اھي
ڀانئيان تھ وڪڻي پئسا کڻي وڃان. انھن کي مون ننڍي
ھوندي کان پالي وڏو ڪيو آھي ۽ ھڪڙي گھڙي بھ پاڻ
کان پري نھ ڪيواٿم. ھنن کي ڇڏڻ بھ دل نٿي چوي پر
لاچار آھي. چڱي پار ڏي ٿي وڃان. ھو بھ مون کي ڇڏڻ
نٿا گھرن. چنبڙي پيا آھن. چون ٿا تھ ڪيئن بھ توسان
گڏيا ھلنداسين. ھاڻ حضور ۾ عرض اھو آھي تھ حضور
خليفي صاحب کي سفارش ڪري، تھ اھي ٽيئي غلام مون
کان خريد ڪري وٺي، ۽ جيڪو منھنجو حق ٿئي سو مون کي
ڏئي. اھي غلام ٽيئي ھنر وارا ڪمائتا ماڻھو آھن.
ھڪڙو ڌوٻڪو ڪم چڱو ڄاڻندو آھي، ٻيو ھوشيار صراف
آھي، سون رپو ۽ جواھرات خوب پرکي ڄاڻندو آھي، ۽
ٽيون ڏاڍو خبردار شتربان آھي، اٺ چڱا ھلائي ڄاڻندو
آھي.
زبيده: ڀلا مائي، انھن غلامن جي قيمت ڪيتري آھي؟
شمرانھ: مون اھي پنجين ھزارين دينارين خريد ڪيا
ھئا. تڏھن آئون بھ پئسي واري ھيس. ھاڻ مون کي پئسي
جي گھرج آھي، تنھن ڪري ٽي ھزار قبول ڪنديس.
ائين ڪندي خليفو ھارون الرشيد بھ اچي نڪتو.
زبيده: ھيءَ مائي حاجياڻي پنھنجا ٽي غلام وڪڻڻ
گھري ٿي ۽ وري حج وڃڻ گھري ٿي. چوي ٿي تھ ٽيئي
غلام ھنر وارا چڱا آھن، منھنجي مرضي آھي تھ اھي
اوھين خريد ڪريو؟
خليفو: مائي، اھي غلام ڪٿي آھن تھ انھن کي ڏسون؟
شمرانھ: جھان پناھھ، محل سراءِ جي ڏيڍيءَ جي
ٻاھران بيٺا آھن.
خليفي ڏيڍيءَ تي وڃي انھن ٽنھي ماڻھن کي ڏٺو ۽
انھن کي پسند ڪيو، ۽ شمرانھ کي اچي چيائين تھ
”مائي، جيتري تي تو اھي غلام خريد ڪيا آھن، اوتري
قيمت تي ئي اسين خريد ڪريون ٿا.“
مطلب تھ لحظي ۾ ھو پنج ھزار دينار وٺي اٿي کڙي ٿي.
خليفو بھ ديوانخاني ڏي ھليو ويو ۽ شمرانھ بيبي
زبيده کي ھٿ ٻڌي عرض ڪيو تھ ”ھي ٽيئي غلام مون کي
ساھھ کان بھ پيارو سمجھندا آھن. مون کي ويندو ڏسي
ھو متان ھل حشر مچائين ۽ پٺيان لڳي پون، تنھنڪري
مون کي ھڪڙي پوشاڪ برقعي واري عطا ٿئي، تھ آئون
اھا ڍڪي ھتان نڪران ۽ ھڪڙي ٻانھيءَ کي بھ حڪم ملي،
تھ مون سان گڏجي محلات کان ٻاھر ھلي. بيبي زبيده
ائين ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. شمرانھ جھٽ ۾ ھڪڙي عمدي
پوشاڪ ڍڪي، برقعو مٿان وجھي. ٻانھي ساڻ ڪري محلات
مان نڪري اٿي ھلي. صراف، ڌوٻي ۽ جت جي ڏيڍيءَ کان
ٻاھر بيٺا ھئا، تن ھن کي نھ سڃاتو. ڀانئيائون تھ
ڪا محلات جي بيبي آھي. رستي ھلندي جڏھن شمرانھ پر
ڀري ويئي، تڏھن ٻانھي کان خبرون چارون پڇڻ لڳي ۽
چوڻ لڳي تھ ”مائي، توکي تھ مزو ھوندو محلاتن ۾ ٿي
رھين؟“ ٻانھي چيو تھ ”مائي حاجياڻي، ڪھڙيون ٿي
ڳالھيون پڇين: ھتي ڪھڙا مزا آھن؟ بند ۾ پيئي
آھيان، ڪوبھ قدر ڪونھي. ٻانھي جو ڀلا ڪھڙو قدر
ھوندو، لاچار حياتي غلاميءَ ۾ پوري ڪرڻي آھي!“
شمرانھ ورندي ڏني ”افسوس آھي، تو جھڙي خوبصورت
جوان زال اھڙي ھنڌ رھي، جتي انھيءَ جو ڪوبھ قدر
ڪونھ ھجي! حسن ۽ جوانيءَ ھوندي توکي ڪھڙي پرواھھ
ھئڻ گھرجي، جي تنھنجي مرضي ھجي، تھ آئون توکي ھڪڙي
چڱي سوداگر جي گھر ۾ نوڪري وٺي ڏيان، جتي توکي ھر
قسم جو آرام ملندو ۽ گھمڻ ڦرڻ لاءِ بھ آزاد
ھوندينءِ؟“ ٻانھيءَ چيو:“ مائي، جي اھا ڀلائي ڪرين
تھ آئون عمر لاءِ تنھنجي شڪر گذار رھنديس.“
انھيءَ شرط شمرانھ انھيءَ ٻانھيءَ کي دم دلاسو
ڏيئي، ھڪڙي سوداگر جي گھر وٺي ويئي، ۽ چالاڪي ڪري
پنھنجي منھن ھن کي وڪڻي، ھڪ ھزار دينار وصول ڪري،
سنئين سڌي پنھنجي گھر آئي، ھوڏي ھو ويچارا ٽي ڄڻا
صراف، ڌوٻي ۽ جت اتي ئي ويٺا رھيا، جڏھن خليفو
ٻاھر آيو، تڏھن حڪم ڏنائين تھ ”انھن ٽنھي نون
غلامن کي حاضر ڪريو!“ جڏھن اھي ٽيئي سندس روبرو
ٿيا، تڏھن خليفو ڏاڍي مھربانيءَ سان ھنن سان
ڳالھائڻ لڳو.
خليفو: اوھين ملول ۽ دل شڪستھ نھ ٿيو. آئون اوھان
کي اوھان جي پھرين مالڪياڻي کان زياده سکيو ۽ خوش
رکندس.
جت: يا الاھي خير ڪجئين! ھي الاجي ڪھڙي ٻولي آھي؟
ڌوٻي: ڀانئجي ٿو تھ وري ڪا نئين آفت مٿان اچي پيئي
آھي.
صراف: حضور، انصاف وارا آھيو، سچي ڪوڙي کي پرکي
ڏسو.
خليفو: ٻيو فڪر يا ارمان ڪوبھ نھ ڪريو. اگرچھ
اوھين غلام آھيو، تھ بھ آئون اوھان سان مروت ڪندو
رھندس. اوھين پنھنجو ڪم چالاڪيءَ ۽ ايمانداريءَ
سان ڪندا رھجو.
جت: حضور، آئون تھ غلام ڪين آھيان، شتربان آھيان.
ڌوٻي: آئون بھ سائين، غريب ڌوٻي آھيان، ڪپڙا
ڌوئيندو آھيان ۽ پنھنجن بازن جي پورھيي تي گذر
ڪندو آھيان.
خليفو: ٻڍي حاجياڻي، جا اوھان جي مالڪياڻي ھئي،
شايد تنھن جي جدائيءَ کان اوھين اھڙيون ناراضپي ۽
رنج جون ڳالھيون ٿا ڪريو، پر اوھين بلڪل ڊڄو نھ،
آئون غلامن کي گھڻو پيار ڪندوآھيان. اوھين مون وٽ
ھر طرح خوش رھندؤ.
ڌوٻي: حضور، ھوءَ زال اھا ساڳي ٺڳ ۽ مڪار ھئي، جا
سڀني کي ٺڳي ويئي آھي ۽ اسين رلي رلي ھن کي پڪڙي
حضور وٽ فرياد کڻي آياسين، تھ من اسان جو ڪو انصاف
ٿئي. پر ھوءَ تھ پاڻ اسان کي ٻانھو ڪري وڪڻي ويئي
آھي!
خليفي کي ھيءُ حال ٻڌي ڏاڍي کل آئي. لاچار ھنن
ٽنھي کي آزاد ڪري ڇڏيائين. جڏھن درٻار برخواست ٿي،
تڏھن محلات ۾ ويو ۽ بيبي زبيده کي ساري حقيقت بيان
ڪري ٻڌايائين. بيبي چيس تھ ”برابر، اھا زال ڪا آفت
ھئي. مون کي بھ ٺڳي ويئي، جو منھنجي ھڪڙي ٻانھيءَ
سوسن نالي کي بھ ٺڳاري ۽ ڀڄائي ويئي آھي!“ نيٺ
خليفي ڪوٽوال کي سڏائي حڪم ڏنو تھ ”جيئن وڻيئي
تيئن ڪر انھيءَ رن کي گرفتار ڪري آڻ!“ ڪوٽوال شھر
۾ گھڻيئي ڳولا ڪئي، پر شمرانھ جو پتو ئي ڪونھ پيو.
ڪن ڏينھن کان پوءِ، جڏھن شمرانھ گھر ويھي ويھي
ٿڪي، تڏھن وري شڪار جي لاءِ نڪتي. اتفاق سان اھو
جوان صراف گڏجي ويس. انھيءَ کڻي پڪڙيس. انھيءَ کي
گھڻيئي دلبا ۽ دلاسا ڏنائين، پر ھن جند نھ ڇڏيس.
جڏھن شمرانھ ڏٺو تھ ٺڳي نٿي ھلي، تڏھن ھن جي
خوشامد ڪرڻ لڳي ۽ ڏاڍي عاجزيءَ مان چوڻ لڳس ”اي
جوان! توکي منھنجي خواريءَ مان ڇا ھٿ ايندو؟“ صراف
چيو تھ مون کي فقط پنھنجون اشرفيون ڏي، پوءِ جيڏي
وڻيئي اوڏي ھلي وڃ.“ شمرانھ چيس ”بس ڳالھھ ايتري!
ھل تھ توکي پنھنجون اشرفين جون ٿيلھيون ڏيان، پر
منھنجو پتو جت ۽ ڌوٻيءَ کي نھ ڏجئين.“ ھن چيو تھ
”آئون کين ڪونھ ٻڌائيندس.“ پوءِ صراف ھن سان گ٠جي
ھليو. شمرانھ شھر ۾ ھيڏي ھوڏي چڪر ھڻي ھڪڙي گھر وٽ
آئي، جنھن جي در تي پردو ٽنگيو پيو ھو. صراف کي
چيائين تھ ”اجھو ھي منھنجو گھر آھي. پر ھاڻ تون
اتي ترس ۽ پنھنجو دوشالو مون کي ڏي، تھ آئون
انھيءَ ۾ اشرفيون ٻڌي توکي آڻي ڏيان.“ صراف پنھنجو
دوشالو کڻي ھن کي ڏنو ۽ پاڻ بيھي رھيو. شمرانھ
پردي جي اندران وڃي در جي پاسي ۾ ڏيڍيءَ جي اوٽ ۾
بيھي بيھي، پوءِ سڏ ڪري صراف کي چيو: ”ابا ھاڻ مون
ٻار ٻچا پاسي ڪيا آھن، تون اندر ھليو آءُ تھ روبرو
پئسا ڏيئين.“ ھي ٻڌي صراف پردو کڻي اندر ويو ۽ نڪ
سامھون ھليو ويو.ايتري ۾ شمرانھ پٺيان پردو کڻي
ٻاھر نڪري ھلي ويئي. صراف سڌو اندر ھليو ويو.
سامھون صفي ۾ گھر جو مالڪ کٽ تي ويٺو ھو. حقو ويٺي
ڇڪيائين، زالون ۽ ٻار ٻچا پاسي تي ويٺا ھئا.
نامحرم ماڻھوءَ کي اندر ڪاھي ايندو ڏسي، ڏاڍو
ڪاوڙيو ۽ ٽپ ڏيئي اٿيو، صراف کي اچي ڌڪا ڏيڻ ۽ ڌڪ
ھڻڻ ۽ گھٽ وڌ ڳالھائڻ لڳو. ھن ويچاري گھڻيئي
واويلا مچائي ۽ حقيقت ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گھر
جو مالڪ تپي باھھ ٿي ويو. صراف چوڻ لڳو: ”تو سفيد
پوش ٿيو، ڏينھن ڏٺي جو ماڻھن جي گھرن ۾ چوري ڪرڻ
لاءِ ٿو گھڙين، توکي سرڪار جو بھ ڊپ ڪونھي؟“ ھن
چيو تھ ”سائين، آئون چور ڪين آھيان. مون کي ماريو
نھ. گھر جي مالڪياڻي پاڻ مون کي ھتي وٺي آئي ۽
اندر اچڻ لاءِ چيائين.“ تنھن تي ھو زياده ڪاوڙيو،
چوڻ لڳو: بدمعاش، تون منھنجي گھر واريءَ تي ڪوڙي
تھمت ٿو آڻين، ھوءَ ڪيئن توکي سڏيندي؟“ پوءِ تھ
اچي ھن کي ورايائين. ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيائينس.
پوءِ ٻڌي خليفي جي حضور ۾ وٺي آيس ۽ حقيقت عرض ڪري
ٻڌايائينس. خليفي صراف کان پڇيو تھ ”توکي ڪھڙو
جواب ڏيڻو آھي؟“ ھن روئي عرض ڪيو تھ ”حضور، مون کي
نٿا سڃاڻو؟ آئون اھوئي بدبخت صراف آھيان، جنھن کي
ھن ڪراڙيءَ ڏائڻ ٺڳي، حضور وٽ آڻي وڪيو ھو.“ خليفي
خيال سان ڏٺو ۽ سڃاتائينس تھ برابر اھو صراف آھي.
گھر جي مالڪ کي چيائين: ھي ماڻھو بي گناھھ آھي.
تنھنجي گھر ۾ چوريءَ جي ارادي سان نھ آيو ھو. ھن
سان ھڪ زال ٺڳي ڪئي آھي.“
پوءِ ڪوٽوال کي سڏي خوب ڌمڪايائين ۽ سخت حڪم
ڏنائين تھ ”انھيءَ ٺڳ زال کي جلد ڳولي ھٿ ڪر!“
جڏھن انھيءَ واردات کي ڪي ڏينھن گذريا تڏھن شمرانھ
وري نئين پوشاڪ ڍڪي، شڪار جي ڳولا ۾ نڪتي ۽ گھٽين
۾ گھمريون ڏيڻ لڳي. اتفاق سان ھڪڙي سوڙھي گھٽيءَ ۾
ھن جو گذر ٿيو ڏسي تھ ھڪڙو انڌو فقير ڀت جي اوٽ ۾
ويٺو اشرفيون پنھنجي گودڙيءَ جي تھن ۾ لڪائي.
اشرفيون ڏسي شمرانھ جي وات ۾ پاڻي اچي ويو. ارادو
ڪيائين تھ اھي ھن کان ڪنھن طرح سان ضرور تڳائجن.
ويجھو وڃي مڙساڻي آواز سان سلام عليڪم ڪيائينس. ھن
سلام جو جواب ڏيئي پڇيس: ميان تون ڪير آھين؟“
شمرانھ چيو: ”آئون تنھنجو پاڙيسري آھيان؟ ڪو ڪم
ڪار ھجيئي تھ بيشڪ چئو؟ انڌي فقير چيو: ”بابا آئون
دنيا ۾ اڪيلو آھيان ۽ پنھنجي گودڙيءَ ۾ خوش آھيان.
مون کي ٻيءَ ڪنھن شيءِ يا ڪم ڪار جي ضرورت ڪانھي.
رکي سکي ماني کائي خير جو وقت پيو گذاريان. شمرانھ
آھستي آھستي گودڙيءَ کي ھٿ لائي ڏٺو، تھ انھيءَ ۾
گھڻن ھنڌن تي اشرفيون لڪل ڏسڻ ۾ آيس. في الحال تھ
موڪلائي ھلي ويئي. ٻئي ڏينھن صبح جو ھوءَ پنھنجون
ٽي ڇوڪريون پاڻ سان وٺي فقير وٽ آئي. ڇوڪرين کي
سيکاري ڇڏيو ھئائين، تن وڃي ھن کي ورتو ۽ چوڻ لڳس:
”بابا سلام، ڪٿي آھين؟“ انڌو، بابي جو نالو ٻڌي
حيرت ۾ پيو ۽ پڇڻ لڳو: ”اڙي توھين ڪير آھيو؟ ڪنھن
جون بلائون آھيو؟“ ھنن چيو: ”بابا، تون ڪيستائين
اسان کان رٺو وتندين؟ امان توکي ڏاڍو ساريو ٿي،ھاڻ
گھر ھل. اسان کان قصور ٿيو، سو معاف ڪر. اڳتي توکي
رنج ڪين ڪنديونسين!“ فقير چيو: ”آئون نھ اوھان کي
نھ اوھان جي ماءُ – پيءُ کي ٿو سڃاڻان. اوھين الاج
ڪير آھيو ۽ ڇا ٿيون بڪو؟ آئون ڇڙھو ڇڙمل. خواب ۾
بھ مون ڪڏھن زال جو منھن ڪونھ ڏٺو. ٻار ٻچا وري
ڪٿان آيم؟“ ڇوڪريون ھي ٻڌي ڪوڙ ڪوڙ ڪري روئڻ ۽ ھل
مچائڻ لڳيون. ھل تي گھڻا ماڻھو اچي مڙيا. ڇوڪريون
ماڻھن کي آزي نيزاري ڪري چوڻ لڳيون:“ سائين ڏسو،
بابو اسان کان ناراض ٿيو آھي، ڪاوڙجي ھليو آيو
آھي، گھر نٿو ھلي ڀلائي ڪري ھن کي چئو تھ ھلي،
اسين ھٿ ٿيون ٻڌون.“ ماڻھن فقير کي سمجھايو، فقير
گھڻوئي چين تھ منھنجو ھنن سان ڪو بھ واسطو ڪونھي،
تھ بھ ھنن کي اعتبار نھ آيو. ڇوڪرين کي چيائون:
”جي ھي انڌو بي عقل خوشيءَ سان نٿو ھلي، تھ اوھين
زور سان گھلي وٺي وڃوس.“ جڏھن فقير ڏٺو تھ ھاڻ ضد
ڪرڻ مان متان ڪا خرابي ٿئي. ۽ گودڙيءَ جو ڳجھھ
ظاھر ٿئي، تڏھن لاچار ھلڻ لاءِ راضي ٿيو. ڇوڪريون
فقير کي وٺي اٿي ھليون ۽ شمرانھ بھ لڪي اچي ساڻن
شامل ٿي فقير کي پنھنجي گھر وٺي ويون. اتي ھن جو
ھٿ منھن ڌئاريائون ۽ نوان ڪپڙا ڍڪايائونس ۽ چڱا
طعام کارايائونس. مطلب تھ ھر طرح ھن کي خوش ۽ سکيو
ڪيائون ٽن – چئن ڏينھن کان پوءِ ھڪڙيءَ چيو:
”بابا، مون کي اڄ بازار مان سوناري جي ھٽ تان ڪي
زيور خريد ڪرڻا آھن. تون مون سان گڏجي ھل.“ فقير
چيو: تھ ”ابا، آئون نابين آھيان، مون کي ڪھڙي خبر
پوندي؟“ ھن چيو تھ ”باب، تون رڳو ساڻ ھلندين. اسين
ڪي زيور وٺي پسند ڪرڻ لاءِ گھر آڻينديونسين، پوءِ
جي پسند ايا تھ رکنديونسين نھ تھ موٽائي
ڏينديونسين.“ نيٺ فقير کي ٺڳاري سنڀرايائون، نوان
ڪپڙا، ڍڪي ھلڻ لاءِ ڏنائونس. فقير ڪپڙا ڍڪيا، پر
گودڙي پاڻ کان پري ڪري ئي ڪين پيو، اھا بھ ساڻ کڻي
ھلڻ لڳو. شمرانھ تھ وجھھ ويٺي ڳوليو تھ گودڙي ڇڏي
تھ گم ڪريان. تنھن جي اشاري تي ڇوڪريون چوڻ لڳيس:
”بابو بھ انصاف ٿو ڪري، جو ھھڙن چڱن ڪپڙن سان گڏ
ڪني گودڙي بھ گھليندو وتي. ماڻھو ڇا چوندا؟“ فقير
عذر ڪري چوڻ لڳو:“ ھيءَ گودڙي مون کي پنھنجي مرشد
ڏني آھي، دعا ۽ برڪت جي آھي. سا آئون ھرگز پاڻون
پري نھ ڪندس.“ ڇوڪرين چيس: ”تڏھن ڪٿي قابو ڪري رکي
ھل، پوءِ وري اچي کڻج. ھن کي ھٿ لائڻ کان ئي اسان
کي تھ ڪراھت ٿي اچي!“ نيٺ فقير کي لاچار ٿيو، جو
گودڙي آھستي ويڙھي، تھھ ڪري، لڪائي رکي ڇڏيائين، ۽
سڀني کي تاڪيد بھ ڪيائين تھ ھي مرشد جي شيءِ آھي،
تنھن کي ھٿ نھ لائجو. پوءِ شمرانھ فقير جو ھٿ وٺي
اٿي ھلي ۽ ھڪڙي سوناري جي دڪان تي وڃي ويٺي.
سوناري ھن فقير جا چڱا ڪپڙا ڏسي سمجھيو تھ ھي ڪو
سکر ۽ معتبر ماڻھو آھي، تنھنڪري انھيءَ کي گھڻي
عزت سان ويھاريائين ۽ پڇيائينس: ”ڪھڙو ڪم آھي؟“
شمرانھ تڪڙي ٿي ورندي ڏني: ھن رئيس صاحب کي پنھنجي
حرمسراءِ لاءِ ڪن زيورن خريد ڪرڻ جي گھرج آھي،
تنھن لاءِ آيا آھن.“ سوناري گھڻيي زيور جواھرات
آڻي پيش ڪيا ۽ انھن جي قيمت بھ ٻڌائي ويو. جڏھن
فقير ۽ شمرانھ ٻيئي انھن کي ھٿ لائي ڏسي چڪا، تڏھن
شمرانھ فقير سان ڪي آھستي ڳالھائي چوڻ لڳي:
”سائين، تڏھن اوھين اتي ئي ويٺا ھجو تھ ھي پنج ڇھھ
زيور آئون اوھان جي حرمسراءِ ۾ ڏيکاريو ٿي اچان.
جيڪي پسند ڪيائون تن جا کڻي پئسا ڏجو ۽ ٻيا موٽائي
ڏجو.“ بي عقل فقير چيو: ”چڱو، آئون ويٺو آھيان،
تون جلد جواب وٺي اچ.“ انھيءَ طرح شمرانھ ھزارن جو
مال کڻي اٿي ھلي. گھر پھچڻ شرط فقير جي گودڙيءَ
مان ٻھ ھزار کن اشرفيون، جي انھيءَ ۾ لڪل ۽ سبيل
ھيون، سي گودڙي ڦاڙي ڪڍي پنھنجن ڪمن ۾ آڻڻ لڳي.
سندس ڇوڪريون ايترو مال ڏسي نھايت گھڻو خوش ٿيون. |