باب پنجون
خليل ڏاڍي لاچاريءَ سان اٿيو، ۽ سڌو موھن جواھريءَ
جي دڪان تي ويو. انھيءَ جو واقف ھو. محمد حليم
سوداگر وٽ گھڻو ايندو ڏٺو ھئائينس، ۽ ھو بھ سندس
واقف ھو. موھن ھن سان خوش خير عافيت ڪئي، پوءِ
سندن وچ ۾ ھيءَ گفتگو ھلي.
موھن – ا چو ميان خليل خان، اڄ ڪيئن ھن پاسي اچي
نڪتا آھيو؟
خليل – ھڪڙو ڪم ھو. مون ٻڌو آھي تھ تون پنھنجا
زيور يا جواھر مسواڙ تي ڏيندو آھين؟ مون کي بھ اڄ
ھڪڙي – ٻن زيورن جي ضرورت پيئي آھي.
موھن – (کلي) تڏھن شوق اوھان کي بھ آھي؟ مون
سمجھيو ٿي تھ اوھان جي گھر جو ڪارخانو انگريزي ڊول
جو آھي. تنھنڪري اھي ڏيھي ماڻھن جا رستا اوھان کي
پسند نھ آھن، پر اوھان کي درماھو پگھار تھ پنجاھھ
رپيا ملندو آھي. ڇو نھ ڪي زيور خريد ڪري رکو؟
خليل – يار ڪھڙيون ڳالھيون ٿو پڇين. توکان ڪو اسان
جو حال ڳجھو آھي، زيور ڪٿان خريد ڪريان؟
موھن – اوھين فضول خرچ ٿا ڏسجو. جي اوھان جو پگھار
گھٽجي ويھھ – ٽيھھ رپيا ٿي پوي تھ پوءِ جيڪر ڪيئن
گذر ڪريو؟
خليل - خدا ائين نھ ڪندو! نھ تھ پوءِ لاچار سان
گذر پيو ٿيندو. پر ھاڻ اڪلاءُ ڪر مون کي دير ٿي
ٿئي.
موھن – زيور حاضر آھن، اوھان کان انڪار ڪونھي، اتي
جواھريءَ صندوقڙي پٽي، زيور ڏيکاريا ۽ خليل انھن
مان زيور چونڊي، ھڪڙي جوڙي جڙائو چوڙين جي ۽ ھڪڙو
ھار ڪڍيو ۽ چوڻ لڳو تھ بس، ھي ٻھ زيور ڪافي آھن.
موھن – زيور ٻيئي عمدا چونڊي ڪڍيا اٿو! ھي ھار ڏيڍ
ھزار رپين جو آھي ۽ ڪنگڻ ھڪ ھزار رپين جا، مڙئي
اڍائي ھزار رپين جو مال اوھان جي ھٿ ۾ آھي. سنڀالي
پاڻ وٽ رکجو.
خليل – سيٺ، تون دلجاءِ ڪر، ڏاڍي سنڀال سان
رکنداسون. پرھينءَ شام جو توکي صحيح سلامت موٽائي
آڻي ڏيندس.
موھن – چڱو، (بندي اڳيان رکي) ھاڻي انھن ٻنھي
زيورن جي رسيد پنھنجي ھٿ – اکرين ھن ۾ لکو مسواڙ
ٻن ڏينھن جي پنج رپيا ٿيندي. جي شيون خراب ٿيون تھ
نقصان ڀرڻو پوندو.
خليل – (بنديءَ ۾ داخل ڪري) آءٌ توھان جو گھڻو شڪر
گذار آھيان. خدا نقصان کان بچائيندو.
پوءِ خليل زيور رومال ۾ ويڙھي، جواھريءَ کان کڻي
گھر آيو. زيور آڻي زال جي اڳيان رکيائين، جا اھي
ڏسي ڏاڍي خوش ٿي، اھڙو ريشمي پوتيءَ جو سوال بھ
وسري ويس! ستت ئي شاديءَ تي وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳي.
وھنجي سھنجي ڪپڙا بدلايائين، زيور پاتائين، ۽
گاڏيءَ جو رستو ڏسڻ لڳي. شام ڌاري سوداگر جو ماڻھو
پردي واري گاڏي وٺي آيو، جنھن ۾ چڙھي جميلان رواني
ٿي. ھڪڙي نوڪرياڻي ۽ ھڪڙو ڇوڪر بھ پاڻ سان کنيائين.
باب ڇھون
جميلان سوداگر محمد حليم جي گھر پھتي. اتي ڏاڍو
آڌرڀاءُ ۽ خاطري ڪيائونس. اڳيئي گھڻا مھمان اچي گڏ
ٿيا ھئا. سوداگر جي زال ٻين شريف زالن سان، جميلان
جي واقفيت ڪرائي. سڀني جي نظر جميلان جي چوڙين ۽
ھار تي ٿي پئي، جو انھيءَ جا جواھر تارن وانگي پئي
چمڪيا. گھڻن پڇا بھ ڪيس تھ ڪٿان گھرايا اٿو ۽
ڪيتري خريد ڪيا اٿو؟ جميلان کي ڪوڙ ڳالھائڻو پيو،
چيائين تھ ”ڪنھن ولائتي سامان واري جواھريءَ کان
اڍائي ھزار رپين ۾ ورتا اٿئون. اھو ملھھ انھن
زيورن جو جميلان پنھنجي مڙس کان ٻڌو ھو. ايترين
زالن انھن زيورن جي پڇا ڪئي، جو جميلان جواب ڏيندي
ڏيندي ٿڪجي پئي، ۽ ذري ذري ڪوڙ ڳالھائيندي
ڳالھائيندي اندر جا چڪ پوڻ لڳس. دل ۾ پئي چيائين
تھ ”وڃي کڏ ۾ اھڙا زيور پون، جن لاءِ ھيترو ڪوڙ ٿو
ڳالھائڻو پوي! شل ڪو بھ اڌارو ڳھھ پائي ڪنھن جي
گھر ۾ نھ وڃي!“ اھا رات ۽ ٻيو ڏينھن خير سان گذريو،
جميلان کان جيڪي ٿي سگھيو، تنھن ۾ سوداگر جي زال ۽
ٻين مائٽياڻين کي شاديءَ جي ڪم ۾ مدد ڏنائين ۽
ورندي رات گھوٽيتن جي ڄڃ آئي. ڏاڍي ڌام ڌوم ۽ گوڙ
بگوڙ ٿيڻ لڳو، جھڙو ھتي جي شادين جودستور آھي. اڌ
رات تائين جاڳي جاڳي سڀ ٿڪجي ٽٽجي وڃي ڪريا، ڪابھ
دنيا جي خبر نھ پين. صبح جو سج اڀرئي کان پوءِ،
خليل گاڏي وٺي اچي بيٺو. محمد حليم سوداگر بھ گڏيس.
انھيءَ ساڻ موھن جواھري بھ ڏٺائين. انھيءَ سان خوش
خير آفيت ڪيائين. ھنن پاڻ ۾ سس ڦس پئي ڪئي، ۽ خليل
ڏي نھاري پئي مرڪيا. سوداگر خليل کي چيو تھ ”تڪڙا
آيا آھيو؟ ڀلي اندر وارا ڪم ڪار لاھين ھا تھ چڱو.“
خليل چيو تھ ”مون کي ٻاھر وڃڻو ھو، تنھنڪري گاڏي
وٺي آيس. جي اوھان جي مرضي ھوندي تھ وري ٻي وقت
گھر جا ماڻھو ڇڏي ويندس.“ سگھوئي سندس زال اندران
موڪلائي، ٻاھر ڏيڍيءَ وٽ آئي، خليل کيس گاڏيءَ تي
چاڙھي گھر وٺي آيو. ڏھن منٽن کان پوءِ نوڪرياڻي جي
نظر جميلان جي ٻانھن تي پيئي. پڇڻ لڳي تھ ”مائي
چوڙيون ڪين ٿيون ڏسجن.“ جميلان جي ھانءُ ۾ ڌڪاءُ
پيو، ۽ بُت ڏڪڻ لڳس. ياد پيس تھ ھلڻ کان اڳ صابڻ
سان ٻانھون ڌوئڻ مھل، سوداگر جي گھر، وھنجڻ جي جاءِ
۾ لاھي رکيون ھئائين، سي اتي وسري ويون. ماڻھن جو
گوڙ لڳو پيو ھو، ڪنھن کڻي ورتيون ھونديون تھ شڪ
ڪونھي! ھيڏي ھوڏي ڊوڙي منھن مٿو پٽيائين، مڙس کي
ٻڌايائين، جنھن جو ھوش ئي اڏامي ويو. سوداگر جي
گھر ڏي ڊوڙيو. اندر ڳولا ڪرڻ لاءِ چيائين. اندر
ڳولا ٿي. آخر سوداگر محمد حليم اھو جواب آندو تھ
”اندر چڱي طرح ڳولا ڪئي اٿن، پر چوڙيون ھٿ نھ آيون
آھن، امڪان آھي تھ گوڙ ۾ ڪنھن کنيون ھجن، پر جي ڪن
معزز مھمانن کان کڻي پڇا ڪجي تھ چوندا تھ اسان کي
گھرائي چور بنايو اٿن ۽ اھي چڙندا. تنھنڪري لاچار
آھي. توھان کي صبر ڪرڻو پوندو ۽ غفلت جي سزا ڀوڳڻي
پوندي. اسان جو ڪو وس ڪونھي.“
خليل نااميد ٿي موٽيو. دل ۾ سو ايترو ڄاتائين تھ
سوداگر ساڻس گھڻي ھمدردي نھ ڪئي آھي، نھ ايتري
نقصان جو کيس ڪو ڏک ئي ٿيو ھو، بلڪ مٿانئس ٺٺولي
ٿي ڪيائين. زال تي بھ چِڙ آيس، جنھن ايتري غفلت
ڪئي، ھيترو سارو نقصان کيس وڌو ۽ مٿانئس ٺٺوليون
ڪرايون. گھر اچي زال کي ٻڌايائين تھ ”چوڙيون نھ
لڌيون، ڪو کڻي ويو!“ خليل جي بھ رھي کھي اميد
چوڙين لڀڻ جي گم ٿي ويئي. زال مڙس ڏاڍي غم ۾ مٿي
کي ھٿ ڏيئي ويھي رھيا. دل ۾ اھو خيال ھو، تھ پگھار
مھيني جي خرچ لاءِ پورو ناھي، ھي ھزار رپين جو
ڪٿان ايندو جو ڀري ڏينداسين! ٿوري ماٺ کان پوءِ
ھنن جي پاڻ ۾ گفتگو شروع ٿي.
جميلان – ڏاڍو غضب ٿيو. الائجي ڪيئن مون تي اھا
مصيبت پئي. سڀني زالن جون اکيون انھن منھنجين
چوڙين ۾ ھيون! اڳئي انھن کي تڪيو ويٺيون ھيون!
جاڳي جاڳي قھر جي ننڊ کڻي ويئي! اڃا اک پٽي تھ
توھين گاڏي وٺي آيا، وٺ – پڄ، تڪڙ – پڪڙ ۾ ڪو سماءُ
ڪونھ پيو!
خليل – ھاڻي پياري اھي اجايون ڳالھيون نھ ڪر،
ھينئر ٻيو ڪي بھ ڪين ٿيو آھي. ھينئر خيال ڪرڻ
گھرجي تھ ڇا ڪريون؟
جميلان - آءٌ ڇا چوان! وڃي جواھريءَ کي ھيءُ ھار
موٽائي ڏيئي اچو، ۽ چوڙين جي اصلي قيمت پڇي اچو من
ڪي گھٽ بھ ڪري.
خليل – قيمت ھن اڳيئي ٻڌائي ھئي تھ ھزار رپيا آھي.
لکي بھ ڏيئي آيو آھيان. گھٽائيندو وري ڇا! پر ھيءُ
ھار تھ وڃي پھچايان، متان وري اھو بھ ڪا تازي
مصيبت مٿان آڻي وجھي!
باب ستون
خليل، ھار کڻي موھن جواھريءَ وٽ آيو. انھيءَ اڳئي
چيس تھ ”مون کي معلوم ٿيو آھي تھ چوڙيون چورائجي
ويون آھن، اھا ڳالھھ سچي آھي ڪي نھ؟“ خليل ورندي
ڏني تھ ”سچ آھي. اسان جي تقدير اھڙي ھئي.“ جواھريءَ
چيس تھ ”مون اوھان کي اڳيئي ٿي چيو تھ اھڙي شئي جي
چڱي طرح سنڀال ڪجو. ھاڻ تقدير کي ڇو ٿا ناحق ڏوھھ
ڏيو! پھرين تھ اڌارا زيور ڪم آڻڻ بي عقلي جي ڳالھھ
آھي، پر جي وٺجن تھ غفلت نھ ڪجي، پوري خبرداري ڪجي.
ميان خليل خان، اوھين منھنجا دوست آھيو، تڏھن
خيرخواھھ ٿي اوھان کي ائين ٿو چوان. اوھين عقل
وارا آھيو. اوھان جي گھرواريءَ ڪيئن ٿي اھڙي قسم
جو شوق رکي، ۽ ايترو اجايو خرچ ڪري، جو پگھار ئي
پورو نھ ٿئي! محمد حليم خان مون کي سڀ احوال اوھان
ڏنو آھي. اوھان جي گھرواريءَ جو ڏوھھ آھي. انھيءَ
تي اوھان جو حڪم ھلڻ گھرجي، نھ اوھين انھيءَ جي
حڪم تي ھلو. ھاڻي مون کي ٻڌايو تھ مون کي اھو ھزار
رپين جو ڪيئن ملندو؟ آءٌ اوھان سان ڪري ڪري ايتري
مروت ڪندس، جو دعوا ڪرڻ يا ڊگري ڪڍائڻ يا ملڪيت
ضبط يا نيلام ڪرائڻ جي بدران اوھان تي قسطون ٿو
ٻڌان. اوھان کي جيڪو پگھار ميان محمد حليم وٽان
ملندو آھي، سو پرٻاھر آءٌ ھن کان وٺندس. اوھان کي
جيڪو موروثي گھر جو ڏھھ رپيا ڪرايو ٿو ملي، تنھن
تي ڏکيو گذر ڪريو. ھيتري رقم لاھڻ لاءِ انھيءَ کان
گھٽ آءٌ وٺي نھ سگھندس. جي اوھان کي اھو قبول ھجي
تھ واه، نھ تھ لاچار آءٌ دعوا داخل ڪريان ۽ ھاڻي
وڃو، وڃي گھران پڇي اچي مون کي ورندي ڏيو.“
خليل ٻيو ڪي بھ ڪين چئي سگھيو. موھن جواھريءَ اھڙي
تھ بيمروتي ۽ شوخي ڏيکاريس، ۽ اھڙا مھڻا ڏنائينس،
جو ھو بي ھمت ۽ شرمندو ٿي پيو. ڳڻتيون کائيندو اچي
گھران نڪتو. زال کي سارو حال ڏنائين. جميلان کي بھ
ڏاڍو افسوس ٿيو، ڳچ تائين خيال ۾ غرق ھئي! دل ۾
نھايت پشيمان ٿي، ۽ ڏاڍو پڇتايائين. اڳيون پويون
ڳالھيون سڀ ياد آيس. مڙس جي محبت، خير خواھي،
سياڻپ ۽ اڳ – ڳڻتي ظاھر ٿيڻ لڳس. ھوءَ عقل ۽ علم
واري ھئي. شريف ۽ خاندان زال ھئي. مڙس سان سچي
محبت ۽ ھمدردي ھيس. ٻيو منجھس ڪو بھ عيب ڪونھ ھو،
سواءِ انھيءَ جي تھ وڏ خرچائو ھئي، پيڪن جي گھر جو
اثر اڃا مٿس ھلندو ٿي آيو. انھيءَ عادت ڪري، ھن ڪن
ڳالھين ۾ مڙس کي رنج ٿي ڪيو. ننڍي ھوندي جي عادت
جلد ڦرڻ جي ناھي. پيڪين جي گھر جي ھلت چلت ساھرين
گھر ۾ بدلجڻ جي ناھي. انھيءَ ھوندي بھ جي ڪا سياڻي
زال پاڻ ڪوشش ڪندي يا ٻين جي خير خواھيءَ جي صلاح
تي ھلندي تھ اھي عادتون سڌاري سگھندي. جيڪو ھيءُ
واقعو ٿي گذريو آھي، ۽ انھيءَ جي ڪري جيڪو ڏک کيس
ٿيو، ۽ جنھن ڏک ۽ انتظار ۾ مڙس کي ڏٺائين، تنھن
جميلان جي دل تي بجليءَ جھڙو اثر ڪيو، ھن ھڪدم
پنھجا پراڻا خيال دماغ مان ڪڍي ڇڏيا، ۽ دل ۾ پڪو
ارادو ڪيائين تھ آئينده مڙس جي مرضيءَ پٺيان ڪفايت،
دورانديشي ۽ محنت سان ھلنديس. پوءِ ويچار ڪري، ھن
مڙس ڏي نھاري چيو تھ ”سائين، آءٌ ڏسان ٿي تھ اوھين
مون تي ڪاوڙيا آھيو؟ ۽ ڏاڍي فڪر ۽ انتظار ۾ آھيو!“
خليل – بيشڪ ڪاوڙيو آھيان. پڇڻ جو ڪھڙو ضرور آھي،
انھيءَ ۾ ڪھڙو عجب آھي؟
جميلان – اوھين فڪرمند ۽ پريشان نھ ٿيو. دلجاءِ
ڪريو. انسانن تي دنيا ۾ گرميون ۽ سرديون پيون اچن.
دل لوڙھڻ نھ گھرجي. اوھين مرد ماڻھو آھيو، ۽ عقل
وارا آھيو. انھيءَ بابت اوھان کي ڪي چوڻ زال
ماڻھوءَ کي مناسب نھ آھي. مگر آءٌ ڄاڻان ٿي تھ ھيءَ
مصيبت منھنجي آندل آھي. خير جيڪي ٿيو سو ٿيو.
گذريءَ لاءِ آءٌ اوھان کان پنھنجن قصورن جي معافي
ٿي گھران، ۽ آئيندي لاءِ انجام ٿي ڪريان تھ اوھان
جي مرضي ۽ حڪم کان سواءِ ڪوبھ ڪم نھ ڪنديس. خدا
کان پنھنجي ھدايت جي لاءِ مدد ۽ دعا ٿي گھران.
باقي جيڪا مصيبت منھنجي غفلت ۽ ڪم عقليءَ کان اچي،
اسان جي مٿان ڪڙڪي آھي، تنھن جي لاءِ توھين ڪا بھ
ڳڻتي نھ ڪريو. انھيءَ جو سمورو بار آءٌ پنھنجي ذمي
ٿي ڪريان. اوھان کي ڪابھ تڪليف نھ ڏينديس. اوھين
ڀلي جواھريءَ سان انجام ڪريو تھ جيسين ھن جو قرض
لھي، تيسين سوداگر صاحب کان اوھان جو پگھار
پرٻاھرو وصول ڪندو رھي. باقي رھي اھا ڳالھھ تھ
اسان جو گذر ڪيئن ٿيندو؟ انھيءَ جي رٿ ھيءَ آھي تھ
پنھنجو خرچ گھٽائينداسون ۽ گھڻي ڪفايت ۽ قناعت
ڪنداسون، محنت ۽ پورھيو ڪري، ٿوري گھڻي ٻي آمدني
پيدا ڪنداسين. سو ھن طرح تھ نوڪر ۽ نوڪرياڻين کي
جواب ڏيئي ڇڏينداسين. رڌڻ، پچائڻ، ٻھاري سوھاري ۽
ٻيو ڪم ڪار آءٌ پنھنجن ھٿن سان ڪنديس. ٻاھر جو ڪم
اوھان پاڻ ڪجو. آءٌ ٻين وٽ اچڻ وڃڻ ۽ ملاقاتون ڪرڻ
بند ڪنديس. گھر جي مسواڙ جا ڏھھ رپيا درماھو ملندا،
ٻيو سئيءَ جو پورھيو آءٌ ھر روز اٺ ڪلاڪ ڪنديس،
بلڪ رات جو بھ ڪنديس. انھيءَ طرح تمام ٿورو تھ بھ
ھڪ رپيو روز پيدا ڪري سگھنديس. اوھين پاڙيواري
درزي يا ڪنھن ڪپڙي يا پوشاڪن واري شاپ سان بندوبست
ڪري ڇڏجو تھ مون کي ڪي وڳا سبڻ لاءِ ڏيندو رھي. آءٌ
ھر روز مشين تي ڪم سبي پھچائي ڏينديس، جي ھنن اھڙو
ڪم نھ ڏنو تھ بھ حرڪت ڪانھي. رڳو ٽوپي ڀري مٿانس
زري ھڻي ڏنم تھ بھ رپيو – ٻھ، کڙو ڪري سگھنديس.
ايترو پئسو اسان جي گذر لاءِ پورو ٿي ايندو. اميد
آھي ۽ حياتي آھي تھ اھو قرض ٻن – اڍائن ورھين ۾
لھي ويندو. بلڪ انھيءَ وچ ۾ ڪفايت ۽ ڪنجوسيءَ ڪري
ٿورو گھڻو ٻيو بھ ڪي بچائي سگھنداسين. بس انھيءَ ۾
اوھين راضي ٿيندؤ يا نھ؟ اوھان جي دل کي تسلي اچي
ٿي يا نھ؟ ڇو ٿا ھاڻ پاڻ کي انھن ڳڻتين ۾ ڳاريو،
خدا تي رکو، سڀ سولي ٿي پوندي ۽ خير جو وقت پيو
گذرندو.
ھي ٻڌي، خليل نھايت خوش ٿيو. زال کي پيار ڪيائين ۽
دلاسا ڏنائين ۽ آفرين ڪيائين! چوڻ لڳس تھ ”پياري
جميلان، تون اھڙي سچائي ڏيکار ۽ مدد ۽ ھمدردي ڪر،
تھ پوءِ ڪھڙيون بھ مصيبتون اينديون تھ انھن جي مون
کي پرواھھ ناھي.“ جميلان ورندي ڏني تھ ”سائين،
انھيءَ جي اوھين خاطري ڪريو. خدا تعاليٰ پنھنجي
قدرت ۽ حڪمت سان منھنجي طبيعت، منھنجون عادتون ۽
منھنجا خيال بدلائي ٻيا ڪيا آھن. آءٌ ھاڻي اڳوڻي
جميلان نھ آھيان. آءٌ اوھان کي خوش رکڻ، اوھان جي
بي فڪر رھڻ لاءِ جنڊ پيھڻ ۽ جبل ٽاڪڻ لاءِ بھ تيار
آھيان. رڳو وات سان نٿي چوان، پر اميد تھ ڪري
ڏيکارينديس. ھاڻي اوھين وڃو، وڃي جواھريءَ کي پڪ
ڏيئي اچو.“
باب اٺون
خليل ساري حقيقت وڃي پنھنجي دوست موھن جواھريءَ کي
ٻڌائي. انھيءَ کي ڏاڍو عجب لڳو ۽ خوش بھ ٿيو. ميان
محمد حليم سوداگر بھ قبول ڪيو تھ آئيندي خليل جو
پگھار موھن جواھري کي ڏيندو رھندو. جميلان بھ جيڪا
رٿ ڪئي ھئي، تنھن جي تعميل ڪرڻ شروع ڪيائين. نوڪرن
کي موڪل ڏيئي ڇڏيائون. اھا ساڳي جميلان، جيڪا اڳي
گھر جي ڪم ڪار تي نظر ڪندي ھئي، سا ھاڻ رڌڻ پچائڻ،
ٻھاري ڏيڻ، جاءِ صفا ڪرڻ، ٿانءُ ٿپو ڌوئڻ سڀ
پنھنجن ھٿن سان ڪرڻ لڳي. صبح کان وٺي ڏھين بجي
تائين اھي سڀ ڪم لاھيندي ھئي. پوءِ مڙس کي ماني
کارائي آفيس ڏي موڪليندي ھئي. تنھن کان پوءِ مشين
کڻي ويھندي ھئي، ۽ چئين بجي تائين پنھنجي جاءِ تان
نھ چرندي ھئي. ڏينھن جو جيڪو ڪم وٺندي ھئي، سو
لاھي ڇڏيندي ھئي، پوءِ وري بورچيخاني جي ڪم کي
لڳندي ھئي، ۽ جيسين مڙس ايندو ھو، تيسين ماني
ٽِڪيءَ جو ڪم لاھي ڇڏيندي ھئي. سڄو ڏينھن ايترو جو
پورھيو ڪندي ھئي، سو ٿڪجي پوندي ھئي ۽ سوير سمھي
رھندي ھئي. انھيءَ ھوندي بھ عبادت جا وقت نھ
گسائيندي ھئي. اڪثر سادن ڪپڙن ۾ رھندي ھئي. ڪنھن
جي ملاقات تي نھ ويندي ھئي. جي ڪٿان ڪو سڏ ايندو
ھوس تھ ٽاري گسائي ڇڏيندي ھئي. انھيءَ طرح خليل ۽
جميلان اٽڪل ٽي ورھيھ گذاريا. جنھن عرصي ۾ ھنن
پنھنجو سارو قرض لاھي ڇڏيو. انھيءَ ڪري وڏو فائدو
اھو ٿيو، جو ڪفايت، قناعت ۽ محنت تي ھري ويا.
ھڪڙي ڏينھن مھيني جي شروعات ۾ ميان محمد حليم
سوداگر خليل کي سڏي چيو تھ ”ھاڻ اوھان جو قرض سڀ
لھي ويو آھي، انھيءَ جي اوھان کي مبارڪ ھجي. اڳتي
پنھنجو پگھار گھر نيندا وڃو.“ موھن جواھريءَ بھ
حاضر ھو، تنھن کلي چيو تھ ”ميان خليل خان ھاڻي
انھيءَ خوشيءَ ۾ اوھين اسان جي ۽ ميان محمد حليم
جي مھماني ڪريو.“ خليل چيو تھ ”وڏي خوشيءَ سان.
سوداگر چيو تھ ”چڱو، ڪنھن ڏينھن اوھان وٽ اچي
اوھان جي دعوت کائينداسون.“ خليل اھا ڳالھھ وڃي
پنھنجي زال سان ڪئي، جا رٿ تي ڏاڍو خوش ٿي، ۽ مڙس
کي صلاح ڏنائين تھ ”سڀاڻي شام جو چئي، انھن کي سڏي
اچجو.“ پوءِ ھنن ائين ئي ڪيو. دعوت جو جھڙو
بندوبست ميان محمد حليم سوداگر لاءِ ڪيائون، تھڙو
موھن جواھريءَ لاءِ پڻ. جڏھن اھو وقت آيو تھ ٻيئي
صاحب آيا. جڏھن کائي پي خوش ٿي ويٺا، ويھي ڳالھيون
ٻوليون ڪرڻ لڳا.
موھن – خليل خان، خوشيءَ جي ڳالھھ آھي جو اڄ اوھين
قرض کان آزاد ٿيا آھيو.
خليل – بيشڪ خدا جا لک شڪرانا آھن، ۽ اوھان صاحبن
جو بھ احسان آھين.
موھن – اسان جو ڪھڙو احسان آھي، اسان تھ پاڻ بي
مروت ٿي پنھنجو حق توھان کان ڇڪي ورتو آھي.
خليل – نھ سائين، اھو ڪم توھان ڏاڍي مروت ۽ سھوليت
سان ڪيو آھي.
موھن – ھاڻ ٻڌايو تھ توھان کي ٻيو زيور وٺڻو آھي؟
ڀلي گھران پڇي اچو.
خليل – نھ، اوھان جي مھرباني، اسين زيورن کان سواءِ
ئي چڱا آھيون.
موھن – اوھين منھنجا ۽ محمد حليم صاحب جا دوست ۽
ڀاءُ وانگي آھيو. اڄوڪي خوشيءَ ۾ اسين توھان کي
پندرھن سؤ رپيا روڪ، تحفو ڪري ڏيون ٿا، اميد تھ
قبول ڪندؤ. ائين چئي کيسي مان سو – سو جا پندرنھن
نوٽ ڪڍي ڏنائينس.
خليل – (حيرت ۾) سائين اھو ڇا جو تحفو آھي؟ اسين
غريب ماڻھو اھڙي ڳري تحفي وٺڻ جا لائق نھ آھيون.
نڪي ڪي حقدار ئي آھيون.
موھن يار خليل، حيرت ۾ نھ پئو. اھو ھڪڙو ڳجھھ آھي،
جو ٽن ورھين کان پوءِ آءٌ کوليان ٿو، اميد آھي، تھ
منھنجي گستاخي معاف ڪندؤ، ڇا لاءِ جو انھيءَ ۾
منھنجي بدنيتي نھ ھئي. ٻڌو ھي سڀ رپيا اصل ۾ اوھان
جا آھن. اوھان جو چوڙيون گم ٿي ڪونھ ويون ھيون،
پاڻھي اسان وٽ موٽي آيون. ڪيئن؟ اسان پاڻ چورايون
ھيون. انھيءَ جو سبب ھيءُ ھو تھ اسين توھان جا خير
خواھھ دوست ھئاسين، اسان کي خبر ھئي تھ توھان جي
گھرواري تمام فضول خرچ آھي، تنھنڪري توھان جي
آمدني توھان کي پوري نٿي پوي ۽ اوھان کي قرض ٿي
کڻڻو پيو. اھا ڳالھھ اسان کي ڏاڍي ڏکي پئي لڳي.
انھيءَ ڪري اسان صلاح ڪئي تھ اھڙي ڪا تجويز ڪجي،
جو اوھين صرفي جو سبق بھ سکو ۽ بچت بھ ڪريو. ميان
محمد حليم صاحب جي مدد سان اھو ڪم آسان ٿي پيو.
ھاڻي منھنجي صلاح آھي تھ اھو ڏيڍ ھزار رپين جو
سوداگر صاحب اوھان جي طرفان پنھنجي ڪارخاني ۾ وجھي
ڇڏي، ۽ پوءِ انھيءَ موڙيءَ تي حساب روءِ نفعو
اوھان کي ڏئي، ڀل تھ اوھين بھ سوداگريءَ ۾ شامل
ٿيو، ۽ خبر پويو تھ واپار مان ڪيترو فائدو ٿو ٿئي.
خليل – (خوشيءَ ۾) موھن صاحب، آءٌ توھان ٻنھي
صاحبن جو دل سان شڪريو ادا ٿو ڪريان. اھو توھان جو
احسان اسين ڪڏھن ڪين لاھي سگھنداسون. توھان اھو
ڪم ڪري ڄڻ تھ انڌن يا ڀليلن کي رستو ڏيکاريو آھي.
ھن لاءِ آءٌ توھان کي خاطري ٿو ڏيان تھ اسان
پنھنجون فضول خرچيءَ جون سڀ عادتون ڇڏي ڏنيون آھن،
۽ اڳتي لاءِ ڪوبھ اڍنگن خرچن ڪرڻ جو رستو اختيار
نھ ڪنداسين. پوءِ سوداگر ۽ جواھري کي عزت سان ملي
موڪلائي چوڪلائي روانو ڪيو. جڏھن خليل جميلان کي
اھا حقيقت ٻڌائي تھ ھوءَ ڏاڍي خوش ٿي. جواھري موھن
۽ محمد حليم سوداگر جي خيرخواھيءَ جي شڪر گذار ٿي.
اھي پئسا جيڪي ڪارخاني ۾ شامل ڪيل ھئا، تن مان
گھڻي بچت ٿي، ۽ پوءِ محمد حليم جي صلاح سان خليل
پنھنجي لاءِ ھڪڙو ننڍڙو دڪان ورتو، جنھن ۾ ھر قسم
جو سامان خريد ڪري رکيائين. ٿوري عرصي ۾ ھن کي
واپار مان وڏو فائدو ٿيڻ لڳو. ڇو تھ ھو گراھڪن سان
مروت ساڻ پيش ايندو ھو ۽ ھوشياريءَ سان ڌنڌو ڪندو
ھو، تنھنڪري چوڌاري مشھور ٿي ويو. پڇاڙيءَ جا
ڏينھن عزت، شان ۽ سک سان گذارڻ لڳو اڳوڻا تڪليفن
جا ڏينھن، جيڪي ڏٺا ھئائين، تن جو چڱو بدلو مليو
ھوس! ڌڻي شل سڀني کي خليل جھڙو سکيو سھنجو ڪري.
*** |