شھزادو اھو لڪڻ ھٿ ۾ ڪري، ٽپي پاڻيءَ ۾ پيو، ۽ لڪڻ
کڻي سنئون ڪري پاڻيءَ تي رکيائين. ھڪدم چوڏھن والن
تائين چوڌاري سمنڊ ماٺو ٿي پيو، ۽ ھڪ ھٿ جيڏو ٿي
بيٺو. انھيءَ جادوءَ واري دائري کان پرتي، سمنڊ
تمام اونھو ۽ شور وارو ھو. راڻي وري مشعل کڻي، پٽ
جي پٺيان ھلي. پاڻي ھنن کي گوڏي جيڏو مس ٿي بيٺو.
سمنڊ جي تري ۾ جيڪي عجيب غريب شيون موجود ھيون،
جيئن تھ مرجان، موتي، سامونڊي اوڀڙ، جانور وغيره،
سي سڀ چٽا پئي ڏٺائون. اھي ڏسي شھزادو ڏاڍو خوش ۽
حيران ٿي ٿيو! جڏھن ڪو نئون حيوان يا ڪا ٻي شئي
نظر ٿي آيس، تڏھن خوشيءَ مان ماءُ کي سڏي، اھا ٿي
ڏيکاريائين. انھيءَ طرح ھي ٻيئي ڄڻا عجيب غريب
تماشا ۽ رنگ ڏسندا، ۽ خدا جي قدرت جي تعريف ڪندا
ھليا ويا. جڏھن وچ سمنڊ کي ويجھا آيا، تڏھن
شھزادي، ھڪڙي طرف کان نئن وانگي پاڻيءَ جو وھڪرو
ايندو ڏٺو، جنھن ۾ ڪيتريون ئي عمديون چمڪندڙ لعلون
کڄيو پئي وييون. شھزادي محبوب، لعلون اڳي ڪڏھن نھ
ڏٺيون ھيون، تنھن ٻاراڻي خوشيءَ ۾ ماءُ کي سڏي چيو
تھ ”اما اما، ھي پھڻون تھ ڏس، ڪھڙيون نھ سھڻيون
آھن! رنگ ڪھڙو نھ مزي جھڙو ڳاڙھو اٿن! آئون چونڊي
ٿو کڻان، پوءِ ھلي انھن سان راند ڪندس.“ ماڻس اھي
سڃاتيون تھ لعلون آھن. انھن مان جيڪا ننڍي ۽ ھلڪي
ھئي، سا ئي لک رپين جو لھندي ھئي. ماڻس ھنن جي ھٿ
لائڻ کان پئي ڊني، ڊپ اھو ھوس تھ ھھڙي پرديس ۾
اھڙيون قيمتي ۽ عجيب شين مان خير ڪونھ پھچندو،
شايد شيطان اسان کي لالچ ڏيئي ڀلائي ٿو! تنھنڪري
ھن پٽ کي منع ڪري چيو تھ ”ابا، تون پاڻ ھڪڙو
شھزادو ۽ منھنجو قيمتي پھڻ آھين. تنھنجي محبت تھ
مون کي ھھڙن حالن ۾ آندو آھي. انھن تي ڪوبھ خيال
نھ رک، متان اھي پھڻيون ڪا وڌيڪ مصيبت آڻين!“
شھزادو ٿورو ترسيو، پر وري بھ انھن تي اھڙو ھرکيو
جو ماءُ جي نافرماني ڪرڻ تي ھو، جا اڳي ڪڏھن نھ
ڪئي ھئائين. ڇا لاءِ جو انھن جو رنگ ۽ چمڪاٽ عجب
جھڙو ھو. نيٺ پاڻ کي روڪي نھ سگھيو، ۽ ھڪڙي تمام
وڏي لعل لڪائي کڻي کيسي ۾ وجھي ڇڏيائين. ڪڏھن ڪڏھن
بُرائي مان ڀلائي بھ پيدا ٿيندي آھي. شھزادي جي ھن
نافرمانيءَ جر ڪم مان جيتوڻيڪ پھرين مٿس گھڻيون
مشڪلاتون آيون تھ بھ نيٺ ان جو نتيجو چڱو نڪتو.
فقير جي لڪڻ ۽ مشعل جي مدد سان شھزادو ۽ راڻي،
ڪنھن بھ مشڪلات کان سواءِ سمنڊ لنگھي ويا ۽
ھندستان جي ڪناري تي اچي پھتا. ٿوري وقت تائين
آرام وٺي، ھو گاديءَ جي ھنڌ واري شھر ڏي ھليا، جو
ڪناري کان گھڻو پري نھ ھو. شھر جي ٻاھران ھڪڙي
مھمان سراءِ ۾ وڃي لٿا. راڻيءَ پنھنجي پٽ کي ڪي
ٽامي جا پئسا ڏنا تھ بازار مان ڪي کاڌي جون شيون
وٺي اچ. شھزادو اھي پئسا کڻي ھڪڙي حلوائيءَ جي
دڪان تي ويو. دل ۾ آيس متان ماڻس کي لڪل لعل جي
خبر پوي، تنھن ڪري بھتر ائين آھي تھ انھيءَ جو پاڻ
وٽان نيڪال ڪري ڇڏيان. سا کيسي مان ڪڍي، حلوائيءَ
کي ڏيئي، چيائين تھ ڀائي، ھن جي تھ مون کي مٺائي
ڏي.“ حلوائي ھن کان اھو قيمتي پھڻ وٺي چتائي نھارڻ
لڳو. جڏھن پڪ ٿيس تھ تمام عمدي لعل آھي تڏھن
انھيءَ جي دل ۾ تعريف ڪرڻ لڳو. پنج سير مٺائيءَ جا
توري، شھزادي جي ڏنل ڪپڙي جي ھڪڙي ڪنڊ ۾ ٻڌائين، ۽
ڪپڙي جي ٻيءَ ڪنڊ ۾ پنج سؤ سونين مھرن جا ٻڌي.
ڪپڙو شھزادي کي ڏنائين. محبوب موٽي سراءِ ۾ آيو،
مٺائي ۽ مھرون آڻي راڻيءَ جي اڳيان رکيائين. ھيترو
سارو سون ڏسي، ھوءَ ڏاڍي حيران ٿي، ۽ ڊپ ٿيس تھ
متان ھو ڪنھن بيواجبي رستي، اھو کڻي آيو ھجي! تنھن
ڪري اٻھرائي سان چوڻ لڳي تھ ”پٽ، ھيترو سارو سون ۽
ھيتري مٺائي ڪٿان آندي اٿئي؟ مون توکي فقط ٽامي جا
پئسا ڏنا ھئا؟ جي سچ پچ ڪو قصور ڪيو اٿئي تھ ھيءُ
مھرون کڻي وڃي، جنھن جون ھجن، انھيءَ کي پھچاءِ.
ڇالاءِ جو خراب ڪم جو نتيجو چڱو نھ ٿيندو آھي.“
شھزادي محبوب، گوڏا کوڙي ماءُ کان معافي گھري، ۽
چيائين تھ ”ھائو، امان مون قصور ڪيو آھي، پر نھ
اھو جنھن جو توکي ڊپ آھي. اھو ھن ملڪ جي ڪنھن
ماڻھوءَ جي نسبت ۾ ناھي، پر تنھنجي نسبت ۾ آھي.
تنھنجي حڪم جي برخلاف مون سمنڊ جي تري مان ھڪڙو
ڳاڙھو پھڻ کنيو ھو. ھيءُ سڀ مال انھيءَ جي عيوض
مليو آھي!“ ھي ٻڌي، راڻي پھرين پٽ تي ڪاوڙي، پر
پوءِ ڏٺائين تھ حلوائيءَ ھن کي ٺڳيو آھي، تنھنڪري
ھوءَ پٽ کي ساڻ ڪري، انھيءَ جي دڪان تي ويئي. ھن
کي چيائين تھ ”ادا حلوائي، ھي منھنجو پٽ نادان ھو،
پر تون تھ نادان ڪين ھئين؟ جو ھن کي، ھن جواھر جي
قيمت جي خبر نھ ھئي تھ توکي تھ خبر ھئي، تھ اھو
ھڪڙو املھھ ماڻڪ ۽ نو لکو جواھر آھي، انھيءَ جو
ملھھ نو لک رپيا آھي. تو ڪيئن ھن کي ٻار ڄاڻي ٺڳيو
آھي؟“
حلوائي ڏٺو تھ برابر مون ھن ڇوڪر سان ٺڳي ڪئي آھي،
سو ڏاڍو شرمندو ٿيو. ھو ايماندار ماڻھو ھو، سو
راڻيءَ کان معافي گھرڻ لڳو، ۽ چيائين تھ ”امان،
منھنجي چڪ معاف ڪر. ھيءُ جيڪي لوھھ جون صندوقڙيون
رکيون آھن، سي سڀ سون جي مھرن سان ڀريل آھن، اھي
سڀ اوھين کڻي وڃو. مڙئي ست – اٺ لک رپيا ٿيندا. ھي
لعل مون وٽ رھڻ ڏيو.“ راڻيءَ ڏٺو تھ اھا ڪا گھٽ آڇ
ناھي، تنھن اھو سودو قبول ڪيو ۽ ناڻو کڻائي سراءِ
۾ آئي.
پوءِ حلوائيءَ اھا لعل وڃي تمام گھڻي فائدي تي
وزير وٽ وڪي، ۽ وزير وري اھا ساڳي لعل زياده فائدي
تي بادشاھھ وٽ وڪي. بادشاھھ اھا لعل کڻي زنانخاني
۾ وڃي، پنھنجي ڌيءَ گلرخ کي ڏني، انھيءَ اھا
پنھنجي ڳچيءَ ۾ کڻي ٻڌي، ۽ لعل جي خوشيءَ ۾ گاڏي
تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنائين تھ وڃي باغ گھمي اچي. نيٺ
گاڏيءَ تي چڙھي، باغ ۾ آئي. پوءِ اتي ڳچ وقت گھمي
ڦري، ھڪ انب جي وڻ جي ڇانو ۾ اچي ويھي رھي. اتي
ھڪڙي وڻ جي چوٽيءَ تي ٻھ پکي ويٺا ھئا، ھڪڙو ھو
چتون ٻي ھئي مينا. مينا، چتونءَ کي چيو تھ ”ادا
چتون، ڪا ڳالھھ تھ ٻڌاءِ. ھتي ويٺا دل وندرايون.“
چتونءَ ورندي ڏني تھ ”ادي، متان منھنجي ڳالھھ ٻڌي،
تون چڙي پوين! ڇا لاءِ جو مون کي سچي ڳالھھ ايندي
آھي.“ ھن چيو تھ ”نھ، آئون ڪڏھن ڪين چڙنديس ٻڌاءِ
پنھنجي ڳالھھ.“ چتونءَ چيو تھ ”ادي، زال ذات بھ
ڏاڍي پورن واري ٿيندي آھي. ڪا شھزادي، خوبصورت ۽
خوش خلق ھوندي ھئي. تنھن جي پيءُ کيس ھڪري ڏينھن
ڪا تمام قيمتي لعل آڻي ڏني. شھزاديءَ اھڙي لعل
ڪڏھن ڪانھ ڏٺي ھئي، سا لعل وٺي ھٺ وڏائيءَ ۾ ڀرجي
ويئي، ۽ اھا ڳچيءَ ۾ پائي، ھيڏي ھوڏي گھمڻ ۽ ماڻھن
کي ڏيکارڻ لڳي. پر انھيءَ مغرور شھزاديءَ کي ايتري
بھ خبر نھ پئي ٿي تھ اھا کيس ٺھي ئي نٿي. ڇو تھ
ھڪڙي يڪي لعل، گھڻين لعلن جھڙي چڱي نٿي لڳي.
انھيءَ جي پائڻ لاءِ پوشاڪ بھ اھڙي مناسب گھرجي.
انھيءَ مان ائين پئي معلوم ٿيو تھ اھا شھزادي اھڙي
جواھر جي سچي مالڪياڻي ناھي. انھيءَ ھوندي بھ اھا
نادان شھزادي، اھا لعل پايو سڀني کي ڏيکاريندي
وتي، ۽ پنھنجي چڪ جي خبر نھ پئي پويس!“
پکين جي اھا گفتگو شھزاديءَ جي ڪن تي پيئي ۽
شھزاديءَ اھا سمجھي تھ سندس لاءِ ڪئي ويئي آھي، سو
ھڪدم موٽي محلات ۾ آئي، ۽ جاءِ ۾ وڃي ڪاوڙجي لعل
اڇلائي ڇڏيائين، ۽ در پوري ويھي رھي، ۽ کائڻ پيئڻ
بھ ڇڏي ڏنائين، رڳو ويٺي رنائين. جڏھن بادشاھھ کي
پنھنجي ڌيءُ جي اوچتي غمگينيءَ جي خبر پئي، تڏھن
وٽس ويو، ۽ پڇيائينس تھ ”بابا، ٻڌاءِ تھ ڪھڙو اھنج
اٿئي، جنھنڪري اھڙي ڏک ۾ پئي آھين؟ ڪيئن، تون ڪنھن
تي ڪاوڙي آھين يا ڪنھن توکي چيڙايو آھي ڇا، مون کي
ٻڌاءِ تھ تنھنجي غمگينيءَ جو ڪھڙو سبب آھي؟“ گھڻين
منٿن کان پوءِ شھزاديءَ سڏڪا ڀري چيو تھ ”بابا، نھ
مون کي ڪنھن چيو آھي، ۽ نھ ڪنھن مون تي بدنظر ڪئي
آھي. مون سان ڏاڍي جٺ ٿي آھي. اوھان مون کي اھا
لعل ڇو ڏني، جنھن مون تي ھوا جي پکين جي بھ کل
ٺٺولي آندي آھي! اھا مون کي ٺھي ئي نٿي، انھيءَ جي
ٺھي اچڻ لاءِ مون کي انھيءَ لائق پوشاڪ گھرجي،
اھڙائي ٻيا جواھر پائڻ گھرجن. مون کي ٻڌايو تھ جن
وٽ اھڙا پھڻ آھن، اھي ڪھڙي پوشاڪ ٿا ڍڪين. اھڙا
پھڻ ۽ اھڙي پوشاڪ مون کي آڻي ڏيو تھ پوءِ مون کي
آرام اچي.“
بادشاھھ ھڪدم وزير کي گھرايو، ۽ پڇيائينس تھ ”اھا
لعل ڪنھن کان ورتي؟“ وزير اعليٰ، حلوائيءَ جو دڪان
ٻڌايو، ۽ انھيءَ کي حڪم مليو تھ ”جن مسافرن کان تو
لعل ورتي آھي، سي ڏيکار. جي چوويھن ڪلاڪن اندر اھي
نھ ڏيکاريئھ تھ تنھنجي لاءِ چڱائي نھ ٿيندي.“
ويچارو حلوائي، گھوڙا گھوڙا ڪري مھمان سراءِ ڏي
ڀڳو. پر اتي انھيءَ ماءُ ۽ پٽ کي نھ لڌائين. ساري
شھر ۾ ڳوليائين تھ بھ نھ لڌائين. تڏھن وري
ٻھراڙيءَ ۾ ڳولڻ لڳن. نيٺ نا اميد ٿي گھر موٽي آيو
تھ ياد پيس تھ اڃا ھڪڙو ھنڌ آھي جتي مون پڇا ڪانھ
ڪئي آھي. اھا ھڪڙي نئين محلات ھئي ڪنھن ٻاھرئين
سوداگر، شھر جي ٻاھران، سمنڊ جي ڪناري تي ھڪڙي
ڏاڍي مزي جھڙي ھنڌ تي ٺھرائي ھئي ھڪدم اوڏي ڀڳو.
دربانن کان پڇيائين تھ ھيءَ محلات ڪنھن جي آھي؟“
اوچتو شھزادو محبوب، ھڪڙي شاندار گھوڙي تي چڙھيل،
ڪي سوارن سان محلات مان نڪري، شڪار تي ويندو
ڏٺائين. حلوائيءَ ھن کي اڳي سادن ڪپڙن ۾ ڏٺو ھو،
سو ھاڻي ھن ھھڙي تجمل ۾ ڏسي، حيران ٿي ويو! ادب
سان ڪنڌ جھڪائي سلام ڪري، ھن کي عرض ڪرڻ لڳو تھ
”سائين، حضور بادشاھھ سلامت توھان جي طلب ڪئي
آھي.“ شھزادي ٿورو ترسي، بي خياليءَ سان جواب ڏنو
تھ ”وڃي پنھنجي بادشاھھ کي چؤ تھ ”نھ آئون تنھنجو
نوڪر آھيان، نھ اوھان جي رعيت آھيان. جو اوھان جي
سڏ تي حاضر ٿيان. جيڪڏھن اوھان کي ڪو مون ۾ ڪم ھجي
تھ مون کي ھتي اچي ڏسو، آئون ھميشه پنھنجي محلات ۾
حاضر ٿو رھان.“
حلوائيءَ موٽي اچي بادشاھھ کي خبر ڏني تھ ”لعل
وڪڻڻ وارو نٿو اچي، ۽ چوي ٿو: ”جي بادشاھھ جو ڪم
آھي تھ مون وٽ اچي.“ انھيءَ پيغام تي بادشاھھ ڏاڍو
ڪاوڙيو، پر لاچار پنھنجي ڌيءُ خاطر، ھن شھزادي وٽ
وڃڻ ضروري ڄاتو. ڇا لاءِ جو شھزادي گلرخ وڌيڪ لعلن
۽مناسب پوشاڪ جي لاءِ حيران ۽ پريشان ھئي، اھا
ڪاوڙ جي مھل نھ ھئي، تنھنڪري بادشاھھ پاڻ انھيءَ
شھزادي وٽ ويو، جنھن سندس خاطر خواھ مرحبا ڪئي، ۽
پوءِ ھڪ ٻئي جي حال پرسي ڪري، واقفيت پيدا ڪيائون.
ھندستان جي بادشاھھ کي معلوم ٿيو تھ ھيءُ بھ ڪنھن
شاھي خاندان مان آھي. پوءِ ھو ڳالھين ڪندي چوڻ لڳو
تھ ”شھزادا، اوھان اڳي ھڪڙي لعل ڪنھن دڪاندار وٽ
وڪي ھئي، اھڙين ٻين لعلن جي لاءِ، آءٌ اوھان کي
تڪليف ڏيڻ آيو آھيان. ڪي ٻيون بھ اٿو يا نھ؟“
شھزادي ترت ورندي ڏني تھ ”ھزارين. حضور جن کي
ڪيترا سو گھرجن؟“ بادشاھھ انھيءَ جواب تي حيران ٿي
ويو! ھن جي بادشاھت گھڻي دولت واري ھئي، تھ بھ اھا
اھڙين ڏھن لعلن جي خريد ڪرڻ جيتري مس ھئي. ھيڏي
ھڪڙو جوان ماڻھوءَ جو پنھنجي ملڪ مان نڪتل ۽ پرديس
۾ ھو، تنھن وٽ اھڙيون ھزارين لعلون ھيون! بادشاھھ
سمجھيو تھ ھن وٽ ڪو قارون جو خزانو لڪل ھوندو، ڇا
لاءِ جو ٻئي ڪنھن بادشاھھ وٽ ايتري دولت ڪانھ
ھوندي! پوءِ خيال ڪري، بادشاھھ ھن کي ورندي ڏني تھ
”شھزادا، ايترن گھڻن جواھرن جي خريد ڪرڻ جي نھ مون
کي مرضي آھي ۽ نھ وسعت آھي. مون کي فقط اھڙا – ڇھھ
داڻا گھرجن ۽ اھڙي پوشاڪ گھرجي، جا انھن جواھرن
پائڻ وارا پھريندا آھن!“
شھزادي چيو تھ ”حضور، اڄ کان وٺي چوٿين ڏينھن اھي
لعلون بھ ۽ اھا پوشاڪ بھ پھچائي ڏيندس. آئون
پنھنجي خزاني ڏي ويندس، ۽ اتان انھيءَ ڏينھن ضرور
اھي کڻي ايندس.“ بادشاھھ انھيءَ ملاقات ڪري، حيرت
۾ پئي موٽي آيو، ۽ انھيءَ فڪر ۾ پيو تھ ھن جو لڪل
خزانوڪٿي آھي!
ھوڏي شھزادو محبوب، راڻيءَ کان موڪلائي روانو ٿيو،
پنھنجن سڀني ماڻھن کي چيائين تھ ”آئون ڪنھن خانگي
ڪم تي ٿو وڃان، ۽ چئن ڏينھن کان پوءِ موٽي ايندس.“
پوءِ پنھنجي جادوءَ جو لڪڻ ۽ مشعل کڻي اڪيلو اٿي
نڪتو. سمنڊ ڪي ڪناري تي ھڪڙي خلاصي جاءِ ڏسي، مشعل
ٻاريائين، مشعل ھڪ ھٿ ۾، ۽ لڪڻ ٻئي ھٿ ۾ ڪري، سمنڊ
۾ گھڙيو، ۽ تڪڙو تڪڙو پنڌ ڪندو ويو، ڄڻ تھ ڪو سمنڊ
جو رھندڙ جانور آھي. آسپاس جيڪي عجيب غريب شيون
پئي مليس، تن کي چتائي ڏسڻ لاءِ بھ ڪٿي نٿي ترسيو،
۽ نھ ڪٿي ساھي ٿي پٽيائين، جيسين ڪر سمنڊ جي وچ
تائين پھتو، جتان وھڪري ۾ لعلون لڙھيون کڄيو پئي
آيون. اتي بيھي لعلون چونڊڻ لڳو تھ اوچتو خيال دل
۾ آيس تھ ”ھي لعلون اچن ڪٿان ٿيون؟“ انھيءَ ڳجھھ
معلوم ڪرڻ جي شوق ۾ شھزادو وھڪرو ڏيئي، مٿي ھلڻ
لڳو. جيئن اڳتي پئي ويو. تيئن اھو وھڪرو سوڙھو
ٿيندو ويو، پر انھيءَ جي اونھائيءَ جي ماپ جي خبر
پئجي نٿي سگھيس ڇا لاءِ جو انھيءَ جادوءَ جي
لڪڙيءَ جي ڪري، جتي ڪٿي ھڪ جيترو اونھو سمنڊ ھو.
اڳتي پئي ويو تان جو وھڪرو جو ھيٺ ميل کن ويڪرو
ھو، سو اچي اچي ٿورن ھٿن جيترو ڪشادو رھيو، پر
انھيءَ جي بدران وري اتي پاڻيءَ مان ھڪڙي قسم جي
نھايت وڻڻ جھڙي خوشبوءِ ٿي نڪتي. اھڙي سرھاڻ،
شھزادي عمر ۾ ڪٿي نھ سنگھي ھئي، ڄڻ تھ عطر جا
ھزارين مڻ پاڻيءَ تي پئي تريا، جن اھا سرھاڻ اٿاري
ھئي. انھيءَ سرھاڻ تي مست ٿي، محبوب وھڪري واري
نھر مان لنگھيو اوڀارو پئي ويو. نيٺ وڃي ھڪڙي ڪن
تي بيٺو، ۽ سھي ڪيائين تھ اھا نھر، انھيءَ ڪن مان
ٿي نڪري. ڪن ۾ پاڻي پئي ڦريو، اڦڪيو، ٽھڪيو ۽
منجھس ڏاڍو زور ٿي ڏٺو. انھيءَ مان اھڙو گوڙ جھڙو
آواز پئي آيو، جو ڄڻ ھزارين راڪاس ھيٺ پاڻيءَ
منجھھ پاڻ ۾ پيا وڙھن. انھيءَ ڪن مان ھڪڙو ڦوھارو
نڪتل ھو، جو ڪيترائي وال مٿي ٿي ويو، ۽ انھيءَ جو
پاڻي بلڪل اڇو ۽ سرد ھو، ۽ جنھن وڏي پاڻيءَ مان
اھو ڦوھارو نڪتو ٿي، تنھن جو پاڻي ڪارو ۽ ٽھڪندڙ
ھو. اھو لعلن سان ڀريل ھو، ۽ منجھانئس تمام گھڻي
خوشبوءِ پئي نڪتي، ۽ ائين پئي معلوم ٿيو، جيئن ڪو
وڏو راڪاس ھيٺان ڏاڍي زور سان اھو ڦوھارو ٿو ڪڍي!
ھر دفعي ڦوھاري سان ھيرا لعلون پئي نڪتا، ۽ وھڪري
۾ وھي اٿي ٿي ھليا. اھو سارو رنگ ڏسي، شھزادي جو
عقل چرخ ٿي ويو! ھن جي ھمٿ البت لڏڻ لڳي، مگر
جادوءَ جي لڪڙيءَ تي پورو ڀروسو ۽ ويساھھ ھئس. سڀ
ڊپ ۽ گمان ڦٽا ڪري، انھيءَ قھري ڪن ۾ ٽپي پيو.
پاڻيءَ مان لنگھندو ھيٺ پئي ويو، ۽ سندس ھيٺان
مٿان پاڻي مڙندو ماٺو ٿيندو پئي ويو. ڪيترن منٽن
تائين، انھيءَ ڪن واري چڪر ۾ پئي ويو، تان جو نيٺ
پير وڃي زمين تي لڳس. ڏسي تھ ھڪڙو وڏو ڳرو لوھھ جو
در اڳيان غار جي اتر پاسي ڏي بيٺو آھي، ۽ انھيءَ
جي ھڪڙي موريءَ مان پاڻيءَ جي نھر ٿي اچي. محبوب
ڏٺو تھ در بند پيو آھي، تنھنڪري موريءَ مان لنگھي
اندر ويو، جو اھا ماڻھوءَ جي اندر لنگھڻ جيڏي ھئي.
اندر لنگھڻ سان ھو ڏسي تھ ھڪڙي عجيب غريب جاءِ ۾
وڃي پيو آھيان. پٺ تي نھاري ڏسي تھ پاڻي ٺھي ئي
ڪونھ، ھڪڙو باغ آھي، جنھن ۾ عجب جھڙا گل ۽ پکي
آھن، جن جھڙا ھن اڳي ڪٿي بھ ڪين ڏٺا ھئا! پوءِ دل
جھلي اندر ويو، ۽ سھڻيون سينگاريل جايون ڏسڻ ۾
آيس، پر اھي سڃيون پيون ھيون، ڪو بھ ماڻھو اتي
ڪونھ ھو. ماٺ لڳي پيئي ھئي! ھڪڙي جاءِ مان ٻي جاءِ
۾ پئي گھڙيو، سينگار ۽ تجمل جون نشانيون ڏسي، ھو
حيران ٿي ويو، ۽ انھيءَ جي تعريف ڪرڻ لڳو! نيٺ ھو
ھڪڙيءَ جاءِ ۾ آيو، جتي ٻارھن سرھيون موم بتيون
پئي ٻريون، ۽ مٿان ڇت مان رڪ جي زنجير ۾ ھڪڙي تازي
وڍيل ماڻھو جي سسي پئي لڙڪي. انھيءَ جي ھيٺان
پاڻيءَ جو ھڪڙو حوض ھو، جنھن جي چوڌاري اھي شمعون
رکيل ھيون. سسيءَ مان وڏا رت جا ڦڙا ھڪٻئي پٺيان
حوض ۾ پئي ڪريا، ۽ انھن جا ڇنڊا تمام مٿي چڙھي،
وري ھيٺ ھڪڙي گول ڪسيءَ ۾ ٿي ڪريا. جيئن جيئن اھي
ڦڙا ڪريا، تيئن تيئن ھر ھڪ ڦڙو ڦري ھڪڙي لعل ٿي
ٿيو، ۽ انھيءَ ڪسيءَ مان وھي، موريءَ مان نڪري
ھليو ٿي ويو. شھزادي ڳچ وقت تائين رنگ بيٺي ڏٺو.
اھڙو محو ٿي ويو جو خبر نھ پيس تھ ڪيترو وقت اتي
بيٺو ھو. نيٺ ڏھن – ٻارھن ماڻھن اچڻ جو دٻڪو
ٻڌائين، تڏھن سجاڳ ٿيو. شھزادو اھو دٻڪو ٻڌي وڃي
ھڪڙيءَ ڪنڊ ۾ لڪي بيھي رھيو، جيئن جيڪو اسرار ھجي
اھو چتائي ڏسي!
شھزادي محبوب انھيءَ ھنڌ ويٺي ڏٺو تھ ٻارنھن تمام
خوبصورت پريون انھيءَ جاءِ ۾ گھڙي آيون. انھن پرين
مان ھڪڙيءَ اھا سسي لاٿي، ۽ ٻي ھڪڙيءَ ڪنڊ مان ڌڙ
کڻي آئي. ھڪڙي سوني بستري تي ھنن اھو ڌڙ ۽ سر
ملائي رکيو. پوءِ ٻارنھن ئي پرين اھي ٻارنھن شمعون
کنيون، ۽ انھيءَ بستري جي چوڌاري ڦرڻ ۽ گھمريون
ڏيڻ لڳيون. جيئن پوءِ تيئن ويون زياده تکيون
ڦرنديون. نيٺ اھي اھڙو تڪڙو ڦرڻ لڳيون، جو شھزادي
کي ھنن جي ڪابھ صورت نظر نھ آئي، رڳو ھنڌ جي
چوڌاري ھڪڙو روشنائي جو گھيرو پئي ڏٺائين. ھاڻي
شھزادي ڏٺو تھ جنھن چڪر ۾ اھي پئي ڦريون، انھيءَ ۾
ھڪڙي گول پاڻيءَ جي ڪسي پئي وھي، جنھن جي خوشبوءِ
اھڙي زور واري ھئي، جو شھزادو ذري گھٽ بيھوش ٿيو
ٿي ويو. جيڪا خوشبوءِ سمنڊ ۾ سنگھي ھئائين، اھا ھن
جي اڳيان ڪجھھ بھ ڪين ھئي. نيٺ ناچ بس ٿيو. ۽
شھزادي ڏٺو تھ پرين کي گھڻي ھلاڪي ڪرڻ ڪري پگھر
اچي ويو آھي، ۽ اھو جيڪو پگھر ٽميو ٿئي، سو انھيءَ
گول ڪسيءَ ۾ ٿي گڏ ٿيو، ۽ اھو نھايت خوشبودار ھو،
اھا ڪسي وھي وڃي، ھن ٻي موريءَ واري ڪسيءَ ۾ ٿي
پيئي، جنھن ۾ حوض جو پاڻي ٿي پيو. اھڙيءَ طرح
انھيءَ محلات مان لعلون بھ ۽ خوشبوءِ بھ نڪريو
ٻاھر ٿي ويئي، لعلون ماڻھوءَ جي رت جي ڦڙن مان ٿي
ٺھيون، ۽ خوشبوءِ پرين جي پگھر مان ٿي نڪتي!
پوءِ پريون اچي ھنڌ وٽ بيٺيون، ۽ ھر ڪنھن پريءَ
مئل ماڻھوءَ جي منھن کي چمي ڏيئي، روئي ھيئن ٿي
چيو تھ ”ڪسيتائين او سائين، ڪيستائين؟ اسين ھنن
گذريل چوڏھن ورھيھ کان برابر، رات ڏينھن، انتظار ۾
پئي رھيون آھيون. ڪڏھن اسان جي نااميدي پوري
ٿيندي، ۽ اميد حاصل ٿيندي! اٿ، اي بادشاھھ اٿ!
ڪيستائين تون ھن موت جھڙي بيھوشيءَ ۾ رھندين؟“
پوءِ ويھي روئڻ رڙڻ ۽ ماتم ڪرڻ لڳيون، پر حاصل
ڪجھھ نھ ٿين.
اوچتو مٺي راڳ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنھن تي شھزادي
توڙي پرين ڇِرڪ ڀري اوڏي نھاريو. آواز ويو وڌندو،
وي وڌندو. پريون تمام خوش سرھيون ٿيون، جو ھنن
سڃاتو تھ اھو آسماني ملائڪن جي گڏجي ڳائڻ جو آواز
آھي، ۽ انھيءَ ڪري انھن کي تسلي آئي، ۽ اميد تازي
ٿين. شھزادو بھ اھو مٺو راڳ ٻڌي، حيران ۽ وائڙو ٿي
ويو! اتي انھيءَ جاءِ جي زمين ڦاٽي پيئي، ۽ ھيٺان
اھو فقير نڪري ظاھر ٿيو، جنھن کي شھزادي، ايران جي
ملڪ ۾ جبل واري مسجد ۾ ڏٺو ھو. انھيءَ کي ھينئر
نوراني پوشاڪ ھئي. سڀني پرين ھن جي اڳيان تعظيم
لاءِ ڪنڌ جھڪايو، ۽ چوڻ لڳيون ”خواجھ خضر خواجھ
خضر! اھا گھڙي آئي آھي ڪيئن؟“
اھو فقير، جو حقيقت ڪري خواجھ خضر ھو، تنھن پرين
کي چيو تھ ”ھائو، اھا گھڙي آئي آھي، اڳتي لاءِ
اوھان جو ڇوٽڪارو ٿيندو.“ پوءِ جنھن ڪنڊ ۾ محبوب
لڪو بيٺو ھو. تنھن ڏي منھن ڦيري چوڻ لڳو تھ
”شھزادا، نڪري آءُ.“ شھزادو ھڪدم نڪري ظاھر ٿيو، ۽
حضرت خواجھ خضر جي پيرن تي وڃي ڪريو. تڏھن خواجھ
خضر چيس تھ ”شھزادا، ھيءُ تنھنجي پيءُ جو لاش آھي،
جنھن وقت ھن کي قصاب ڪٺو. انھيءَ وقت پرين، انھيءَ
جو لاش، ھن زير زمين واري محلات ۾ کڻي آندو، ۽
ھيءُ ايران جي بادشاھھ جو قبرستان آھي. توکي خبر
ھجي تھ تنھنجا وڏا مجوسي ۽ دانا حڪيم ھئا، جِن ۽
پريون، انھن جي تابع ھوندا ھئا. انھن جي اولاد مان
جيڪو پئي مئو آھي، تنھن جي لاش ايماندار جنن ۽
پرين، ھتي آڻي پئي دفن ڪيو آھي. پر تنھنجي پيءُ جو
لاش دفن نھ ڪيو ويو آھي. ڇالاءِ جو ڪنھن بھ ھن جي
ماتمداريءَ جي رسم ادا نھ ڪئي آھي. ھاڻي قسمت توکي
ھتي آندو آھي. اھا رسم تون ادا ڪر تھ ان جي روح کي
آرام اچي.“
ھيءُ درد ڀريو احوال ٻڌي شھزادو روئڻ لڳو، ۽ پيءُ
جي لاش کي ويجھو وڃي، ان جي روح جي آرام ۽ ڇوٽڪاري
لاءِ خدا کان سچيءَ دل سان دعا گھرڻ لڳو. جڏھن دعا
گھري بس ڪيائين، ۽ ھٿ پيءُ جي لاش تي رکيائين،
تڏھن اوچتو وري اڳئين وانگي آسماني راڳ اچڻ لڳو، ۽
سسي ڌڙ سان ملي ويئي. ايران جو بادشاھھ پٽ جي ھٿ
لڳڻ سان ھڪدم جيئرو ٿي، ھنڌ تي اٿي ويھي رھيو،
تڏھن پريون نھايت خوش ٿيون. پوءِ خواجھ خضر، ھنن
پيءُ ۽ پٽ جي پاڻ ۾ سڃاڻپ ڪرائي، ۽ پرستان ۾
ڏاڍيون خوشيون ٿي ويون. پوءِ خواجھ خضر بھ جنھن
رستي آيو ھو، تنھن رستي وري گم ٿي ويو. جنن ۽
پرين، بادشاھھ ۽ شھزادي کي ھندستان واري محلات ۾
آڻي ڪڍيو، جتي شھزادو رھندو ھو. بادشاھھ پنھنجي
راڻي کي گڏيو، ۽ ٻنھي ڏاڍو رنو ۽ ڏک ظاھر ڪيو.
ھوڏي جڏھن ٺھرايل چار ڏينھن پورا ٿيا، تڏھن
ھندستان جو بادشاھھ، شھزادي محبوب عالم جي محلات
تي وڌيڪ لعلن وٺڻ لاءِ آيو، ڏسي تھ محلات جي
ٻاھرين در تي وڏن سڱن وارا راڪاس دربان ٿيو بيٺا
آھن! حيران ٿي ڊڄي ويو. ڏاڍي مشڪلات سان موڪل وٺي
اندر گھڙيو. ھن کي دربان واري صفي ۾ وٺي ويا، جتي
بادشاھھ منصور عالم ۽ شھزادو محبوب عالم ٻيئي ھئا.
شھزادي ھن کي ڏسي، سندس چڱي مرحبا ڪئي، ۽ چوڻ لڳس
تھ ”سائين، مون پنھنجو انجام نھ وساريو آھي. آئون
اوھان جو شڪر گذار آھيان، جو اوھان جي حڪم جي بجا
آوريءَ مون لاءِ خوشيءَ جو سبب ٿي آھي. ھاڻي باقي
لعلون جيتريون اوھان کي گھرجن اوتريون حاضر آھن.“
پوءِ ھن ھڪڙي نوڪر کي حڪم ڏنو تھ ھڪڙو پيالو
پاڻيءَ سان ڀري اچي. جڏھن اھو آيو، تڏھن ھڪڙي سئي،
ھن پنھنجي چيچ ۾ ھنئي، ۽ انھيءَ مان ڏھھ – ٻارنھن
ڦڙا رت جا وھي وڃي پاڻيءَ ۾ پيا تھ اھي ھڪدم بدلجي
چمڪندڙ لعلون ٿي پيا! ھندستان جو بادشاھھ عجب ۾
پئجي ويو. پوءِ شھزادي چيس تھ ”حضور کي خبر ھجي تھ
ايران جي بادشاھن ۽ شھزادن جي نبضن ۾ جيڪو رت پيو
ڊوڙي، تنھن جو ھر ھڪ ڦڙو سوين لعلن کان زياه قيمتي
آھي، جيڪو اکين جو ڳوڙھو، ھو ڳاڙين ٿا، سو ھزارين
موتين کان وڌيڪ ملھھ جو آھي. اِھو ڳجھھ مون کي
پنھنجي پيءُ کان معلوم ٿيو آھي.“
جنھن وقت ھندستان جي بادشاھھ کي خبر پئي تھ پاڻ
ايران جي وڏي بادشاھھ اڳيان بيٺو آھي، تڏھن ھڪدم
گوڏن ڀر جھڪي، سلام ڪيو، ۽ پاڻ کي سندس زيردست ٿي
رھڻ ھميشه لاءِ قبول ڪيائين.
باقي ڳالھھ تمام ٿوري آھي: ھندستان جي شھزاديءَ کي
اھي لعلون ۽ اھا پرياڻي پوشاڪ ملي، ۽ جڏھن ھوءَ
وري باغ ۾ ويئي، تڏھن چتون ۽ مينا، سندس ڏاڍي
تعريف ڪئي، ۽ صلاح ڏنائونس تھ جنھن شھزادي تڪليف
وٺي، سندس خواھش پوري ڪئي آھي، تنھن سان شادي ڪري.
اھا صلاح ھن کي وڻي، ۽ بادشاھھ جي مصلحت سان بھ
موافق ھئي، تنھن ڪري انھيءَ جي پوري ٿيڻ ۾ ڪابھ
اٽڪ يا دير نھ ٿي. ھندستان جي بادشاھھ ھڪڙو وڏو
لشڪر ڪٺو ڪيو، ۽ ٻيو جنن پرين جو لشڪر گڏ ٿيو،
ٻيئي لشڪر ايران ڏي روانا ٿيا. جڏھن ظالم زبردست
قصاب بادشاھھ کي خبر پئي تھ وڏا ڪٽڪ ملڪ تي ڪاھي
ٿا اچن، تڏھن پئسا ڏيئي، ڪي ماڻھو جنگ لاءِ گڏ
ڪيائين، پر سگھو ئي شڪست کاڌائين ۽ مارجي ويو. ھن
جي سسي ۽ ھن جو ڌڙ، جن ۽ پريون ھيٺ زير زمين واري
صفي ۾ کڻي ويون، جتي ايران جي بادشاھن جو قبرستان
ھو. اتي جنھن ھنڌ اڳوڻي سسي لٽڪيل ھئي، انھيءَ ھنڌ
ان کي بھ لٽڪائي ڇڏيائون. جيڪو رت ڦڙو انھيءَ غاصب
۽ ظالم بادشاھھ جي سسيءَ مان ٿي ڪريو، سو ھڪدم
بدلجي بدشڪل ڏيڏر ٿِي ٿي پيو، ۽ تريو سمنڊ ۾ ٿي
آيو ۽ انھيءَ مان ڪيترن ميلن تائين بدبوء ٿي آئي،
۽ زھر پکڙجندو ٿي رھيو. |