سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: شھزادي محبوب جي آکاڻي

ڪهاڻي: 2

باب: 1-2-3-4

صفحو :3

باب پھريون

ڏکن مان سک

جليل خان قديم آبرو واري خاندان جو ماڻھو ھو. اڳوڻي ھڪ – ٻھ صاحبي ڏٺي ھئائين. ڪڏھن تھ اھو زمانو ھو، جو ھنن جي در تي سوين نوڪر رھندا ھئا. مگر صاحبي بدلجڻ کان پوءِ زماني جي گردش ڪري اھا سڀ عزت ۽ دولت گم ٿي ويئي. جاگيرون گروي ٿي وييون، ھيرا ۽ جواھر سڀ ٿورا ٿورا ٿي خرچجي ويا، ڳھھ ڳٺا سڀ اڏامي ويا. ھينئر ھي ويچارا ماني لاءِ محتاج ھئا. ليڪن جليل خان ڏاڍو سمجھھ وارو ۽ دور انديش ھو. لاچار پندرھن رپين جي نوڪري ڪري، گذران ڪرڻ پسند ڪيائين، مگر ٻئي ڪنھن عزت يا خويش يا دوست جو ٿورو کڻڻ يا ڪنھن ٻئي کان سوال ڪرڻ يا پنڻ پسند نھ ڪيائين. انھي پيريءَ ۽ مفلسيءَ جي حالت ۾ ھن کي ھڪڙو پٽ ڄائو. جنھن جو نالو خليل رکيو. اھڙي غريبيءَ جي حالت ۾ بھ پيءُ، پٽ جي تربيت ۽ تعليم کان غافل نھ رھيو. دستوري عربي ۽ فارسي تعليم آخوندن وٽ ڏياري، پٽ کي انگريزي مدرسي ۾ ڇڏيائين، خليل ذھين ۽ محنتي ڇوڪر ھو. پيءُ جو بھ سعيو ھئس، سو ڏاڍو ھوشيار، مؤدب ۽ مھذب جوان ٿيو. سورھن ورھين جي عمر ۾ مئٽرڪيوليشن پاس  ڪيائين. پٽ کي ايتري تعليم وٺائڻ جي لاءِ جليل خان وٽ پئسو بھ موجود ڪونھ ھو، ۽ نڪي پندرھن رپين مان اھو ڪم ڪرائي ٿي سگھيو. ھن پٽ جي صلاح سان پنھنجي گھر جي جاءِ ڪنھن وڻئي وٽ گروي ۾ رکي. وقت بوقت جيئن گھرج ٿيندي ويئي، تيئن انھيءَ کان پئسا وٺي، پٽ جي ڪتابن فين وغيره تي ڏيندو رھيو. خدا جي قدرت! ھيڏي ۽ ھيترين تڪليفن ھوندي، خليل پھرئين بي. اي جو امتحان پاس ڪيو. ھوڏي سندس غريب پيءُ، ٻھ ڏينھن بيمار رھي، ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. اھڙيءَ حالت ۾ خليل جي بيوسائيءَ ۽ لاچاري، رحم ۽ افسوس جي لائق ھئي! ھن جو اصل ارادو ھو تھ سواءِ، پوئين سال بي . اي پاس ڪرڻ جي ڪاليج نھ ڇڏي، مگر پيءُ جي اتفاق ڪري، ھن جون سڀ سڌون دل جو دل ۾ رھجي ويون. لاچار ٿي ڪاليج ڇڏي، نوڪريءَ جي تلاش ڪرڻ لڳو. ڪن ڏينھن کان پوءِ، ھن کي ھڪڙي وڏي سوداگر نالي محمد حليم وٽ چاليھن رپين پگھار سان جاءِ ملي. انھيءَ سوداگر جو وڏو ڪارخانو ھو، ۽ خليل انھيءَ جي نظرداري ڪندو ھو. ھن اھو ڪم اھڙيءَ چالاڪيءَ، ھوشياريءَ ۽ ايمانداريءَ سان ڪيو، جو ڇھن مھينن اندر، ھن سوداگر ڏھھ رپيا وڌائي، پنجاھھ رپيا مھينو ڪري ڏنا، ۽ زياده عزت ۽ آبرو ڏيڻ لڳس. محمد حليم پاڻ نيڪ ۽ انصاف پسند ماڻھو ھو. تنھنڪري ھن خليل جي خاندان تي نظر ڪري، ۽ سندس قابليت ۽ ايمانداري ڏسي، سندس اھڙي قدرداني ڪئي.

خليل کي سڀ کان اڳي، پنھنجي پيءُ جي وقت جي قرض لاھڻ جي ڳڻتي ٿي، ڪوشش اھا ھيس تھ پنھنجو موروثي گھر جو واڻئي وٽ گروي رکيل ھو، سو ڪنھن طرح سان ڇڏائي. ھن پنھنجي پگھار مان ٽيھھ رپيا درماھھ قرض ٿي ڏنا، ۽ ويھن رپين مان پاڻ ڪفايت ۽ قناعت سان گذران ڪرڻ لڳو. ان جو نتيجو اھو ٿيو، جو ٿوري ئي عرصي ۾ سڀ قرض ادا ٿي ويو، ۽ سندس گھر وري سندس قبضي ۾ آيو، جو ھن ڏھين رپئين، درماھي مسواڙ تي ڏيئي ڇڏيو.

باب ٻيو

غريبي ۽ مفلسي بھ ڪھڙي نھ خراب شئي آھي! اھا انسان جون سڀ خوبيون گم ڪريو ڇڏي. ھڪڙي پاسي شرافت، نجابت، علميت ۽ فضيلت، ٻئي پاسي دولت، خوشحالي ۽ ظاھري ڏيک. نڪي دولتمند ماڻھو پنھنجي دولت ڪنھن ٻئي کي ورھائي ڏيندو وتي ۽ نڪي غريب ماڻھو ٻين کان پئسا ڇڏائيندو وتي. مگر حيرت جي ڳالھھ اھا آھي تھ سکي کي سڀڪو مان ٿو ڏئي، ۽ بُکئي کي حقير ٿو سمجھي! خليل جي پيءُ کان جيئن دولت منھن موڙيو، تيئن سڀ عزيز ۽ خويش بھ پاسو ڪرڻ لڳا. مدد ڏيڻ تھ خير، اٽلندو ھن کي طعنا تنڪا ھڻڻ ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، جنھنڪري ھن کي گھڻو ڏک ٿيندو ھو. ھاڻ جڏھن خليل پنھنجي مڇيءَ مانيءَ وارو ڏسڻ ۾ آيو، تڏھن سڀڪو چوڻ ۽ چاھڻ لڳو تھ ”ڇوڪر ھن طرح لائق ۽ صالح آھي، پنجاھھ رپيا مھيني ۾ ڪمائي ٿو، گھر بھ ڇڏايو اٿس، قرض بھ لاٿو اٿس، پر ٻي زمين وٺڻ وارو آھي.“ تنھن ڪري سڀ مٽ مائٽ ڏانھس رخ ڪرڻ لڳا. بلڪ جيڪي اڳي ھن کي مائٽ ڪري نھ سمجھندا ھئا، سي بھ ھاڻ ھن کي ويجھو عزيز سڏڻ لڳا. ائين پئي معلوم ٿيو تھ اميرآباد جو سارو ڳوٺ، خليل جي مائٽن سان ڀريو پيو آھي، انھن مان ھڪڙو ميان جميل خان بھ ھو، جو اڳي منصف ھو، ۽ ھاڻ پينشن بردار ھو. ھن نوڪريءَ جي ڏينھن ۾ گھڻو ئي ڪمايو مگر جيڪي ٿي آيو، سو خرچ ٿيو ٿي ويو. ھاڻي سڀني ٻارن ٻچن جو گذر رڳو پينشن تي ھئس. جميل خان کي ھڪڙي ڌيءَ ھئي جنھن جو نالو جميلان ھو. انھيءَ جي پرورش ۽ تعليم ۾ پڻس ڪا گھڻي ڪوشش نھ ڪئي ھئي مگر جميلان جي ذھانت ۽ شوق ھن کي قابل ڪري ڇڏيو ھو. لکڻ پڙھڻ ۾ ڏاڍي ھوشيار ھئي عربي ۽ فارسي پھرين پنھنجي پيءُ کان پڙھي، پوءِ ڀر واري زناني اسڪول ۾ وڃي پڙھڻ لڳي، جتي حساب تاريخ، جاگرافي ۽ ٻيا ڪم تھ سکي، پر انگريزي بھ سکي اتي سئيءَ جو ڪم سکي اھڙو جو سندس ھٿ جون سبيل يا ڀريل يا اڻيل شيون گھڻي صاحبن کي پسند اينديون ھيون. ريشم ۽ پشم جون شيون تھ اھڙيون تيار ڪندي ھئي، جو ھڪڙي ڀيري نمائش ۾ ھن کي سونو ٻلو انعام ۾ مليو.

جڏھن جميلان وڏي ٿي، تڏھن جميل خان کي سندس شادي جي ڳڻتي ٿي. سو ڀانيائين تھ اھو بار، پنھنجي مٿان  ھلڪو ڪريان، مگر سجھيس نٿي تھ ڪٿي بندوبست ڪري! پنھنجي ھمسر خاندان ڇڏي، ڌارين ۾ سڱ ڪرڻ بھ ھن کي پسند نٿي آيو. مگر اھا بھ ھن جي دل جي خواھش ھئي تھ جميلان کڻي ڪنھن غريب جي گھر ۾ وڃي تھ ڪا حرڪت ڪانھي، مگر ڪنھن جاھل، بدچال ۽ بداخلاق مڙس جي زال نھ ٿئي. انھي بار لاھڻ لاءِ ھن پنھنجن ويجھن يا پرانھن عزيزن ۾ ڳولا پئي ڪئي، پر ڪنھن کي بھ ڌيءَ جي لائق نٿي سمجھيائين. نيٺ ھن جو خيال وڃي خليل تائين پھتو. گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ ھن دل ۾ اھو ٺھراءُ ڪيوتھ اسانجن خانداني عزيزن ۾ انھيءَ کان وڌيڪ لائق ٻيو ڪو ماڻھو ڪونھي. ھن جي محمد حليم سوداگر سان گھڻي واقفيت ھئي، جنھن ڪارخاني ۾ خليل نوڪر ھو. انھيءَ سان بھ صلاح ڪري ڏٺائين. انھيءَ بھ ڄاتو تھ اھو جوڙو تمام چڱو ٿيندو، ۽ پنھنجيءَ پر ۾ خليل سان بھ اٽڪل سان ڳالھھ چوريائين. ھن انھيءَ سڱ – بند جو ڏاڍو شوق ڏيکاريو. جميلان سندس خاندان جي ھئي، سندس طبيعت ۽ تعليم جي بھ خبر ھيس ۽ تعريف بھ ٻڌي ھئائين. مگر ھن سوداگر محمد حليم کي صاف ٻڌايو تھ ”آئون غريب، ساده لباس ۽ سفيد پوش آھيان، مون وٽ گھڻو پئسو ڪونھي. آئون شريعت موجب شادي ڪري سگھندس، اجايو پئسو ڪين خرچيندس. نڪي قديم خانداني رواج موجب قرض کڻي شادي ڪندس، جيڪي اٿم، تنھن موجب غريباڻي شادي ڪندس.“ اھا حقيقت انھيءَ سوداگر جميل خان کي ٻڌائي، جنھن اھا مناسب سمجھي وري ھن پنھنجي ڌيءَ جميلان جي ڪن تي اھا ڳالھھ وڌي. خليل جي ننڍي ھوندي کان واقف ھئي، انھيءَ جي تعليم جي خبر ھيس. پيءُ کي جڏھن معلوم ٿيو تھ سندس ڌيءَ انھيءَ شاديءَ ۾ راضي آھي، تڏھن تاريخ مقرر ڪري، خليل ۽ جميلان جو نڪاح ڪيائين. اھا شادي خليل جي مرضيءَ سان شرعي دستور موجب ڪئي ويئي. جنھن ۾ اجايون سجايون بي معنيٰ رسمون ڪم نھ آنديون ويون، ۽ نڪي اجايو پئسو خرچ ڪيو ويو. جيتوڻيڪ جميل خان گھڻو ئي ٿي گھريو تھ پنھنجي وسعت آھر ڌيءَ کي گھڻو ڏاج ڏئي، پر خليل انھيءَ ڳالھھ تي راضي نھ ٿيو. ھن ٿورا وڳا ڪپڙن جا، ھڪ – ٻھ زيور، ڪتاب ۽ سبڻ جي مشين قبول ڪئي، وڌيڪ ٻيو ڪجھھ بھ نھ ورتائين. سھري کي چيائين تھ ”ھينئر سڌريل رسمن موجب ڏاج جي نالي ۾ مون کي ڪي بھ وٺڻو ڪونھي، پر پوءِ جڏھن جيڪي اوھان کي وڻي، سو پنھنجي ڌيءَ کي ڏيئي سگھو ٿا. مطلب تھ جميلان خليل جي شادي ٿي گذري. انھيءَ کان پوءِ جنھن محلي ۾ سندن گھر ھو، اتي وڃي رھڻ لڳا.

باب ٽيون

پيءُ ۽ ماءُ جي گھر ۾ ڌيءَ کي ڪھڙي بھ تعليم ڏجي، ڪھڙو بھ ادب سيکارجي، ڪھڙي بھ ھنر ۽ سليقي جي تعليم ڏجي، تھ بھ جيسين ساھرين گھر اچي پنھنجو ذاتي جوھر نھ ڏيکاري، ۽ پنھنجي علميت، خوش خلقي ۽ سگھڙپائي ظاھر نھ ڪري، تيسين انھيءَ جي چڱي ۽ بڇڙي ھئڻ جي ڪابھ خبر نھ پوندي. جميلان ۾ اھي سڀ وصفون ھيون، جي ڪنھن لائق ڌيءَ ۽ لائق ڀيڻ ۾ ھئڻ گھرجن، ليڪن ھن ۾ ھڪڙي عادت ھئي، جا حد جي درجي کان وڌيل ھئي، جنھن کي عيب سڏي سگھجي ٿو. اھا ھئي: ڏيک ڏيکاءُ جو شوق، عمدا ڪپڙا، ٻيون سونھن سينگار جون شيون خريد ڪرڻ ۽ پاڻ وٽ رکڻ ۽ بنا صرفي خرچ ڪرڻ. مگر سندس مڙس خليل انھيءَ جي برعڪس ڪفايتي، دور انديش ۽ ساده مزاج ماڻھو ھو، تنھن ڪري انھيءَ ھڪڙي ڳالھھ ۾ ھنن جون جا رايا مختلف ھئا. جميلا جي مرضي ھئي تھ ”سندس گھر صاف ۽ سھڻو رھي، منجھس عمدو سامان پيل ھجي. ٻين ماڻھن سان آمدرفت ۽ ملاقات جو رستو جاري ھجي.“ خليل جو چوڻ ھو تھ اسان کي پگھار پنجاھھ رپيا ٿو ملي، تنھن مان ٽيھھ رپيا خرچ ڪريون ۽ ويھھ رپيا رکون تھ آئي ويل ڪم اچن. ڪا مھل نھ ڪنھن جھڙي. ماڻھو ھميشه ھڪڙي حالت ۾ نٿو رھي. نھ حياتي تي ڀروسو آھي، نھ تندرستيءَ تي، نھ زماني تي ۽ نھ نوڪريءَ تي، پاڻ وٽ پئسو بچيل ھوندو تھ اھڙن وقتن تي ڪم ايندو ۽ ڪنھن جي محتاجي ڪڍڻي نھ پوندي.“ انھيءَ ڳالھھ تي اڪثر زال ۽ مڙس جي وچ ۾ بحث پيو ھلندو ھو. جميلان چوندي ھئي تھ حياتيءَ جا ٻھ ڏينھن آھن، سي اسان کي خوشيءَ ۾ گذارڻ گھرجن. جنھن اڄ ڏنو آھي، سو سڀاڻي بھ ڏيندو. اڄ عزت آبرو، سان گذاريون، ۽ مزي سان موجون ماڻيون، سڀاڻي جھڙو حال ھوندو تھڙي ۾ خوش راضي رھبو! اڄ ڇو سڀاڻي جي ڳڻتي ڪري پنھنجو سک ڦٽايون ۽ پنھنجو عيش کٽو ڪريون! ھن دنيا ۾ ”خرچ کاءُ، ڏيئي شاھھ“ جي اصول تي ھلڻ گھرجي.“ خليل چوندو ھو تھ ”ائين ڪرڻ حياتيءَ ۾ صرفي، قناعت ۽ دور انديشيءَ جي اصولن جي خلاف آھي. جيڪي ڪمائجي، سو کائي ڇڏڻ، گھرج ۽ مصيبت جي آئيندي ڏينھن جو خيال نھ رکڻ انسانيت نھ آھي. انسان تھ ڇڏ پر حيوانن کي بھ آئيندي جو فڪر رھي ٿو. ڏس ڪيوليون کين نھ مينھن وسندي جي لاءِ ان جو انبار گڏ ڪري رکن ٿيون. ڪتو بھ جڏھن ماني کائي ڍؤ ڪري ٿو، تڏھن باقي بچيل ماني، زمين ۾ پوري لڪايو ڇڏي، انھيءَ لاءِ تھ وري بک لڳيس، تڏھن ڪم ۾ آڻي!“

زال مڙس جي مختلف راين ۽ انھن جي بحث مباحثي جو آخر نتيجو اھو ٿيو تھ جميلان جي عادت، خليل جي طبيعت تي غالب پيئي، ۽ خليل بھ جميلا جي مرضيءَ تي ھلڻ لڳو. ھن جي مرضي نھ ھئي تھ زال رنج رھي، ۽ رات ڏينھن تڪرار پيو ھلي. خبر ھيس تھ ھو خانداني گھر جي آھي. سکي پلي آھي، پڙھيل ۽ سڌريل آھي، عزت آبروءَ، صفائي، وندر، خوشدليءَ ۽ صحبت جي شائق آھي ۽ انھيءَ تي ھريل آھي، تنھن کان سواءِ گھر ھلائڻ زالن جو ڪم آھي. ڪنجوسيءَ جي شڪايت ڪرڻ ۽ تڪرار ڪرڻ سان گھر کي دوزخ بڻائڻ جي بدران بھتر آھي تھ ڀلي گھر جو انتظام پنھنجي مرضيءَ موجب ڪري. انھيءَ رٿ تي ھلڻ ڪري سگھوئي معلوم ٿيو تھ خليل جو پگھار ويھن – پنجويھن ڏينھن جي اندر پورو ٿيو ٿي ويو، باقي ھفتي يا ڏھن ڏينھن لاءِ، رڌڻ پچائڻ لاءِ بھ گھر ۾ ڪي ڪين ٿي بچيو، ۽ اڌارو سڌارو وٺڻ جو بندوبست ڪرڻو ٿي پين. انھيءَ ڪري خليل ڏاڍو خفي ٿيندو ھو، ۽ افسوس ڪندو ھو تھ ”انھيءَ کان تھ ڪنھن غريب ماڻھوءَ جي ڌيءٌ يا اڻپڙھيل زال گھر ۾ ھجي ھا تھ شايد قرض جي بار کان ڇٽي پئجي ھا!“ وري جڏھن زال جي قابليت، ھوشياري، صفائي ۽ ھنرمندي ڏسندو ھو، تڏھن ڏاڍو خوش ٿيندو ھو، ۽ خدا جو شڪرانو ڪندو ھو، ۽ وقت جي تنگي ۽ مشڪلات وسري ويندي ھيس. رڳو خدا کي اھو سوال ڪندو ھو تھ ”اي مولا سائين! منھنجي زال مان اھا فضول خرچيءَ جي عادت ڪڍي ڇڏ، صرفي، دورانديشيءَ ۽ ڪفايت شعاريءَ جي عادت ڏينس.“ پوءِ ھھڙي چڱي چال واري زال ھئڻ ڪري مون جھڙو خوش نصيب دنيا ۾ ڪو ورلي ھوندو.“

باب چوٿون

ڪجھھ عرصي تائين ھنن جي گھر جو ڪارخانو انھيءَ طرح ھلندو رھيو. ھڪڙي ڏينھن خليل، جميلان کي چيو تھ ”تون اڪثر چوندي آھين تھ مون کي آڻي بند ڪيو اٿئي، نھ ڪنھن وٽ اچون وڃون، نڪو ڪو ٻيو اسان وٽ اچي وڃي. ھاڻ خوش ٿيءُ، ميان محمد حليم سوداگر، جنھن وٽ آءٌ نوڪر آھيان، انھيءَ جي ڌيءُ جي شادي آھي. پرھينءَ جي دعوت ڏيئي ويا آھن. ڪٿان ٻاھران گھوٽيتن جي ڄڃ وڏي ڌام ڌوم سان اچڻي آھي. مون کي ھن پاڻ زباني بھ چيو آھي، ۽ تاڪيد ڪيو اٿس، تھ تنھنجي گھرواري، اسان جي گھر سڀاڻي ئي اچي  ۽ اسان جي گھر وارين کي مدد ڏي.“

جميلان – ھائو، آءٌ ٿي وڃان پراين شادين تي! خليل – ڇو ڪين ويندينءَ، ڪھڙي حرڪت آھي؟ جي نھ ويندينءَ تھ ھو سڀ دل ۾ ڪندا.

جميلان – دل ۾ ڪن يا نھ ڪن، اوھين انھن وٽ نوڪري ڪندا ھجو يا نھ ھجو، انھيءَ سان منھنجو ڪھڙو ڪم.

خليل – نوڪر يا نوڪريءَ جي ڳالھھ ئي ناھي، انسانيت ۽ مروت جي ڳالھھ آھي. ھو خاطرداري، منٿ ۽ تاڪيد سان سڏين ٿا، تڏھن نھ وڃڻ بي مروتي ۽ بداخلاقي آھي. ھو الائجي ڇا سمجھندا.

جميلان – جيڪي وڻين سو سمجھن. آءٌ شاديءَ تي ڪانھ وينديس.

خليل – پر نيٺ خبر تھ پوي تھ ڪھڙي سبب ڪري، نٿي وڃڻ گھرين؟

جميلان – ڇو، انھيءَ سبب جي توھان  کي خبر ڪانھي، جو مون کان ٿا پڇو؟

خليل - مون کي تھ ڪا بھ ڳالھھ سمجھھ ۾ نٿي اچي!

جميلان – ڪيئن شاديءَ تي وڃان! نانگي ٻٽي ٿي وڃان تھ پاڻ کي ۽ پنھنجي وڏن کي وڃي لڄايان!

خليل – ڇو نانگي ٻٽي ويندينءَ؟ ڪپڙن سان صندوق ڀري پيئي آھي، ضروري زيور موجود آھن، ٻي ڪھڙي شئي جي گھرج آھي؟

جميلان – اھي ڪپڙا ۽ ڳھھ اھڙا آھن ڇا جو ڍڪي، سوداگر صاحب جي ڌيءُ جي شاديءَ تي وڃان؟ جتي، ڪٿي ڪٿي جون زالون اچي گڏ ٿينديون ۽ سڀ ڳھن سان ٽِنڊريل ھونديون انھيءَ خواريءَ ۽ مرجات کان مرڻ چڱو آھي!

خليل – پياري جميلان، مون سمجھيو ٿي تھ تون ھيتري پڙھيل آھين، تنھنڪري ضرور خبر ھونديئھ تھ سچي شرم ۽ عزت جي معنيٰ ڇا آھي، ۽ زال جي لاءِ سچا زيور ۽ سينگار ڪھڙو آھي؟ ٻين سان اسان جي ڪا ريس نھ آھي. دنيا ۾ ڪي دولتمند ھوندا تھ ڪي غريب. جي اھڙيون ڳالھيون ڳڻيون ھا تھ آءٌ ڇو وڃي ميان محمد حليم سوداگر وٽ نوڪر بيھان ھا! جڏھن ھن وٽ دولت گھڻي ھئي، تڏھن تھ آءٌ سندس نوڪر ٿيس ۽ ھو منھنجو رئيس ٿيو. انھيءَ ۾ خواريءَ ۽ مرجات جي ڪھڙي ڳالھھ آھي؟

جميلان – زالن جي معاملن جي اوھان مڙسن کي ڪھڙي خبر!

خليل – الاجي ڪھڙين زالن جي نالي ٿي چوين؟رذيل ۽ نادان زالن ڏي تھ اسان کي خيال ڪرڻو ئي ڪونھي، باقي شريف، سڌريل ۽ پڙھيل زالن وٽ تھ گھڻن زيورن پائڻ جي رسم بند ٿيندي وڃي. زنانين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترائي مضمون انھيءَ بابت ڇپيا آھن، اھي ڪين پڙھندي آھين ڇا؟ انھيءَ ھوندي بھ زيورن ۽ زريءَ جو شوق ٿي رکين، اھا وڏي افسوس جي ڳالھھ آھي!

جميلان – مون اھي مضمون پڙھيا آھن. جيڪي اھي مضمون لکن ٿا، انھن جي گھرن ۾ وڃي ڪو ڏسي، تھ انھن جي زالن کي زيور آھن يا نھ؟ رڳو ٻين کي نصيحتون ڪندا وتن، ۽ پاڻ انھن جي تعميل نٿا ڪن. ”وات جي پلاءُ کي گيھھ جو صرفو ڪونھي.“ جيڪي وڻين سو ڀل پيا چون ۽ لکن. ڏيھي ماڻھو تھ ائين ئي ويچارا بدنام آھن. پر يوروپي ماڻھن جي مڊمن کي ڪو زيورن جو شوق ٿورو آھي؟ مون کي انھن جي خبر ناھي ڇا، اھي بھ تھ سڌريل ۽ پڙھيل آھن؟

خليل – خير، ھينئر انھيءَ بحث جو وقت ناھي، شادي ۾ وڃڻ ضروري آھي، ڪنھن بھ طرح توکي اتي وڃڻو ضرور ٿيندو، نھ تھ مون کي شرمندو ٿيڻو پوندو!

جميلان – تھ آءٌ بھ چوان ٿي تھ جي اوھان کي منھنجو شاديءَ ۾ وڃڻ ضروري ٿو سمجھھ ۾ اچي تھ ھڪڙي ريشمي ساڙھي ۽ ھڪ- ٻھ زيور، ٻانھن ۽ ڳچيءَ جا ڪٿان پيدا ڪري ڏيو.

خليل – ڪيئن پيدا ڪري ڏيان؟ ڪنھن کان اڌارا وٺي اچان، يا مسواڙ تي وٺي اچان يا چورائي اچان؟ اھڙن زيورن پائڻ کان تھ نھ پائڻ بھتر آھي! اھڙو ٻئي کان سوال ڪرڻ منھنجي طبيعت ۽ عادت جي برخلاف آھي!

جميلان – انھيءَ ۾ ڪھڙو عيب آھي، ھڪٻئي کان ماڻھو ڪا شئي اڌاري نٿو وٺي ڇا، مسواڙ تي سامان يا ٻي ڪا شئي ڪانھ ٿي وٺجي؟ گھڻي ضرورت مھل پئسو اڌارو يا وياج تي ڪونھ ٿو وٺجي؟ دنيا ۾ اھي ڪم پيا ٿين، ڪھڙو عيب آھي!

خليل – چڱو پياري، جي تنھنجي اھڙي مرضي آھي تھ لاچار تنھنجي خاطر آءٌ ھي پھريون ڀيرو وڃي اھڙي شئي مسواڙ تي ٿو آڻيان. ٻيو تھ ڪونھ سمجھيم، موھن جواھري گھڻن ڏينھن جو واقف آھي، ۽ ٻڌو اٿم تھ ھو آبروءَ وارن ماڻھن کي زيور ڏيندو آھي، ۽ سندن دستخط ڪاغذ يا انجام نامي تي لکائي وٺندو آھي، وڃيو ٿو انھيءَ کان گھران، من مون تي پتِ ڪري ۽ ڏيئي  وجھي.

جميلان – چڱو وڃو، پر ٻيو نھ، تھ سونيون چوڙيون ۽ سونو ھار ضرور آڻجو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com