چانڊاڻ
چنڊ جي مون چانڊاڻ ڏٺي آ،
سهڻي سهڻي ڏاڍي سٺي آ،
کير به بيشڪ چٽو چون ٿا،
پر هيءَ انهيءَ کان به چٽي آ.
چانڊوڪيءَ جو چاهه اسان سان،
اونده سان هن ڪئي ڪٽِي آ.
چنڊ مٿان سورج جا ڪرڻا،
پيا ته، پو چانڊاڻ ڦُٽي آ.
چنڊ ٿو جڳ ۾ جوت وڌائي،
چنڊ ڪهاڻي، قلم لکي آ.
چنڊ خدا جو تحفو آهي،
نعمت اهڙي وئي ملي آ،
چنڊ جا ڪرڻا روشن روشن،
چنڊ چڪور جي دل به ڇڪي آ.
ڳالهه ڪئي تو ڪهڙي ”غازي“،
سمجهه اسان هيءَ هاڻ جهٽي آ .
گرمي
جسم اسان جي ۾ آ گرمي،
سهون نٿا وڌ تولو سردي.
گرمي جي نه هجي ها ٻارو،
جڳ ۾ ڪيئن رهجي ها ٻارو.
گرمي سگهه جو روپ چون ٿا،
حرڪي سگهه جو نانءُ ڏين ٿا.
سرديءَ کان پوءِ گرمي ايندي،
گرميءَ سان ئي پوک به پچندي.
گرمي ٿيندي گل ڦل ٽڙندا،
گلن ڦلن تي ڀُنَورا مڙندا.
هٿڙن کي جي مهٽينداسون،
گرميءَ کي محسوس ڪنداسون.
ڪاٺي ڪوئلي، گيس مان ٻارو،
گرمي ملندي آهي يارو.
کاڌي کائڻ مان ملندي آ،
ڪپڙن پائڻ سان ملندي آ،
گرمي سج مان ملندي آهي،
ٻي اهڙي ڪا طاقت ناهي.
گرميءَ ۾ جي شيون وڌن ٿيون،
سرديءَ ۾ سي سُسَي وڃن ٿيون.
گرميءَ جا ڳُڻ ڪهڙا ڳايون،
گرميءَ ساڻ مرادون پايون.
سردي
سردي آئي سردي آهي،
آيو آهي سيارو.
آيو آهي سيارو.
ٿڌڙي ٿڌڙي هير گهلي ٿي،
لونءَ اٿي ٿي، جان ڏڪي ٿي،
پوندو ڏاڍو پارو،
آيو آهي سيارو.
ٻارو اوني ڪپڙا پايو،
ٿڌ کان پنهنجو پاڻ بچايو،
سمجهو ڪين اونهارو،
آيو آهي سيارو.
ٿڌ آ پُراسرار بيماري،
ٿڌ کان ٿيندي آ بيزاري،
ٿڌ جو عجب نظارو،
آيو آهي سيارو.
ٿڌ لڳڻ سان نڪ وهندو آ،
سور مٿي ۾ ڀي پوندو آ،
سمجهو هيءُ اشارو،
آيو آهي سيارو.
کاڌو کائو ٿڌ بهتر،
گهڻو نه کائو ”غازي“ ڪنهن پَر،
ٿئي نه پيٽ ۾ مارو،
آيو آهي سيارو.
گِرههَ
ڏسو ڏسو آڪاش ڏي ٻارو،
سامهون آهي چنڊ ستارو.
سچ پچ تارا ٽمڪن ٿا پيا،
جڳ ساري تي جرڪن ٿا پيا.
تارن ۾ نه شعاع اُهو آ،
جيڪو گرهن ۾ ٿيندو آ.
تارا سارا روشن آهن،
گرهه سمورا روشن ناهن.
تارا بيشڪ وڏا ٿين ٿا،
گرهه ته تن کان ننڍا ٿين ٿا.
تارا گهمندا ڦرندا ناهن،
گرهه ته گهمندا ڦرندا آهن.
هوا
هوا کان سوا هي دنيا هجي ها،
هجي ها نه جي هيءَ ته ٻيو ڇا هجي ها.
هوا جي سهاري پيا زنده رهون ٿا،
زماني ۾ مطلب جو موتي لهون ٿا.
هوا جي ضرورت ته هر چيز کي آ،
نه وڻ ٽڻ ڪو ڄمندو هوا کان سوا.
هوا جهڙي نعمت نه ٻي ڪائي ٿيندي،
هوا کان سوا دم نه دنيا ڀريندي.
خلاباز جڏهين خلا ۾ وڃن ٿا،
کنيو آڪسيجن کي گڏ هو وڃن ٿا.
هوا گيس آهي حقيقت اهائي،
اها ڳالهه سياڻن اسان کي ٻڌائي.
جڳهه ٿي والاري، وزن ڀي رکي ٿي،
اها ڳالهه پوري هي دنيا چوي ٿي.
هوا جو نه ڪو رنگ ۽ روپ آهي،
تجربا ڪري ڪو ڏسي ان کي ٺاهي.
هوا کي هٿن ۾ کڻي ڪين سگهبو،
کڻي بال وانگر هڻي ڪين سگهبو.
ڪجو ياد منهنجي اها ڳالهه ٻارو،
هوا آهي هر هنڌ موجود يارو.
هوا ماليڪيولن جي ٺهيل چون ٿا،
مگر گيسي صورت ۾ نه هن کي ڏسن ٿا.
اها ڳالهه ”غازي“ لڪل ڪنهن کان ناهي،
هوا چئني طرفن کان موجود آهي.
پاڻي
هيءَ ڳالهه پراڻي آ،
پاڻيءَ جي ڪهاڻي آ.
هڪ ڀاڱو ته ڌرتي آ،
ٽي ڀاڱا ته پاڻي آ.
پاڻيءَ کان سوا جڳ ۾،
هر شيءِ پڄاڻي آ.
باغن ۾ بنا پاڻيءَ،
هر مکڙي ڪوماڻي آ.
ڪو رنگ نه پاڻيءَ جو،
بي بوءِ ، هي پاڻي آ.
انسان جو دنيا ۾،
پاڻي ئي ته ساڻي آ.
باهه
جڏهن ڀي ڪٿي ٻري چيز ڪائي،
ته چئبو اها باهه ڪنهن آ لڳائي.
ڏسو باهه مان ٿي ٿئي پيدا گرمي،
سوا باهه جي ڪنهن نه ، ڪا شيءِ پچائي.
اسان کان اڳي جن ڪيا ها تجربا،
حقيقت سموري اُنهن آ ٻڌائي.
ڀڀڙ ٿي مچي باهه جي ڪنهن جڳهه تي،
پري ٿي رهڻ تنهن کان ، سڀ کي جڳائي.
لکين فائدا باهه مان ئي ملن ٿا،
چُلهن ۾ ٿي مانڊاڻ پنهنجو مَچائي.
لکن ۽ ڪروڙن جا نقصان ٿين ٿا،
اچي جي هي پنهنجيءَ تي، خدا پوءِ.
وڄ
مينهوڳيءَ جي موسم ۾ ٿا،
ڪڙڪي بادل ڏين ٿا دڙڪا.
ڪين وڃو اڄ ٻاهر ٻارو،
ڪين ٿو نظري سج ۽ تارو.
ڪاٽو واڌو چارج جڏهين،
ملي ته وڄ ٿي چمڪي تڏهين.
هو ته ڏسو ڪيئن ڪڪر ملن ٿا،
ڪڪرن ۾ چمڪاٽ ٿين ٿا.
ڪڪرن مان وڄ ليئا پائي،
ڪيڏا ٿي پئي هُل هَلائي.
ڏسجو ٻارو ڪيئن نچي ٿي،
لُڏندي ڪُڏندي ڪيئن اچي ٿي.
پاڻيءَ ۾ ڄڻ باهه ٻري ٿي،
ڌرتي ڏي به ته ڪڏهن وري ٿي.
وڄ ته آهي فضا جي بجلي،
ايندي آهي اُن مان تجلي.
وڄ جو نالو کنوڻ به آهي،
ڪڪر ڇڏن ٿا اُن کي ٺاهي.
وڄ وراڪا ڏسندا آهيون،
ديد انهيءَ ڏي وجهندا آهيون.
ڪڪرن ۾ آ بَرقي چارج،
”غازي“ گيتن ۾ هيءَ ڳائج.
انڊلٺ
سانوڻ جي برسات پوي ٿي،
ننڍڙي ادڙي گيت چوي ٿي.
ڌرتي آلي ٿي پئي آهي،
پير رکو ڌرتيءَ تي ٺاهي.
بس ٿي وينديون بوندون جڏهن،
انڊلٺ ظاهر ٿيندي تڏهن.
انڊلٺ جا رنگ سهڻا ٿيندا،
آهن هي من کي موهيندا.
صابڻ جي گج ٺاهينداسون،
انڊلٺ جا رنگ ڏسنداسون.
ستن رنگن جي هوندي آهي،
نظر پوڻ سان وڻندي آهي.
حياتي
هن حياتيِءَ جي بقا لئه ڪجهه نه ڪجهه گهربو ته آ،
پهريان پاڻي ٻيو کاڌو، روشنائي ۽ هوا.
هت نه جي پاڻي هجي، پوڪيئن کاڌو کائبو،
ٿي ڀلا مجبور بک تي، ڪيترو ڳالهائبو.
ڪين جي کاڌو ملي، هن زندگيءَ کي دوستو،
ختم ٿي ويندي اُها، بس اوچتو ئي اوچتو.
زندگيءَ ۾ جي نه ٿي چرپر ، ته ڪيئن چرخو چلي،
تن جي طاقتن کان سوا ، ماڻهو هلي پر ڪيئن هلي.
آڪسيجن کي اسان هر وقت ٿا کائون پيا،
ڪاربان ٻاهر ڪڍي، پو جيئندا آهيون ادا.
جستجو آهي ضروري، زندگيءَ لئه ساٿيو،
زندگيءَ لئه ڪي نوان گيت گانا ڳايو.
جڳ جي جلون کي وڌائي، ٿي اسان جي زندگي،
زندگي ڄڻ ٻي طرح، آهي خدا جي بندگي.
روشني ۽ واءُ ٻارو، آ ضروري ساهه لئه،
هر قدم سوچي کڻو، اي ٻارو سهڻي راهه لئه.
وڻ
وڻ
جهڙو ڪو ساٿي ڪونهي، وڻ سان ڪريو پيار.
اُس ٿي پيئي جان کي ساڙي،
ٿڌڙي ڇانَو ۾ وڻ ويهاري،
وڻ سان باغ بهار، وڻ سان ڪريو پيار.
وڻ ميوو ۽ ڪاٺ ڏئي ٿو،
ماڻهو جي لئه سَهَنجَ ٿئي ٿو،
ڌرتيءَ جو سينگار، وڻ سان ڪريو پيار.
وڻ کي سائو سون چئون ٿا،
وڻ تي صدقي ساهه ڪيون ٿا،
وڻ سان ٿي وڻڪار، وڻ سان ڪريو پيار.
وڻ جا پن ڇو ساوا ٿين ٿا،
تن ۾ ڪلوروفل هوندو آ،
ڪيئن ڪيون انڪار، وڻ سان ڪريو پيار .
وڻ هير اسان لئه صاف ڪري،
جڳ سارو هن جي ساک ڀري،
ڏيندو آ ٿڌڪار، وڻ سان ڪريو پيار .
بزمي بيٺو ڏسي پري کان،
هو ته ڏسو جيل وڻن مان،
ڳائي ٿو ملهار، وڻ سان ڪريو پيار.
اُجرو ٿي ماحول وڃي ٿو،
پوءِ هي سنسار ٺهي ٿو،
وڻ تي ڪر ويچار، وڻ سان ڪريو پيار.
آءُ ته پوکيون وڻ کي ”غازي“ ،
خالق ٿيندو آهي راضي،
وڻ سان گُل گلزار، وڻ سان ڪريو پيار. |