ڪجهه
ته لکان ، پر ڇا لکان؟
محترم غلام محمد ”غازي“ شاعريءَ جي آسمان تي نئون
اڀريل ۽ روشن ستارو آهي، هن نوجوان پنهنجي ذهانت ۽
علمي حيثيت سان چڱو ادبي ڪم ڪيو آهي ، هن کان اڳ
”ٻار گلن جا هار“ جي نالي ٻاراڻي شاعريءَ جو ڳٽڪو
ڇپايو آهي، جنهن کي ادبي حلقن ۾ چڱي مڃتا ملي،
نوان رستا ۽ نيون راهون آهن، اڳتي هلي هي نئون
نڪور شاعر پنهنجي ناماچاريءَ جي سونهن ۽ سرهاڻ
سنڌڙيءَ جي سرزمين تي پکيڙي ڇڌيندو. زير نظر شاعري
پنهنجي رنگ جي نرالي ڪوشش آهي، ۽ اها جرئت هن الهڙ
جوان وڏي دليريءَ سان پيش ڪئي آهي، سائنس موضوع تي
لکڻ مشڪل ڪم ته آهي مگر آفرين آهي ”غازي“ کي جنهن
اهو بار پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي کنيو آهي، دعا آهي
ته شال غلام محمد ”غازي“ پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب و
ڪامران رهي. انسان خطائن جو گهر آهي، مجموعي اندر
ڪا ڪمي بيشي نظر اچي ته ازراه ڪرم ان جي نشاندهي
ڪري شاعر ڏي موڪلي وڃي ته احسان ٿيندو .
اميد ته هي مجموعو پنهنجي نوعيت کان نالو
ڪمائيندو.
نثار برزمي
ٻه اکر
نئينءَ ٽهيءَ جو مشهور شاعر غلام محمد غازي ڪنهن
تعارف جو محتاج نه آهي . پاڻ هڪ سٺي شاعر هئڻ سان
گڏو گڏ هڪ سٺو استاد ۽ آرٽسٽ پڻ آهي، ۽ گورنمينٽ
هاءِ اسڪول سکر ۾ آرٽ ٽيچر جي حيثيت سان پنهنجون
خدمتون انجام ڏيئي رهيو آهي. هن (ماسٽر آف ڊرائينگ
_
M. D
) جي امتحان ۾ پوري سنڌ ۾ فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن
کنئي آهي .
غازي صاحب هڪ ئي وقت مختلف ادبي ۽ سماجي تنظيمن
سان وابسته آهي. سنڌ جو سڄاڻ شاعر سائين نثار بزمي
صاحب شاعريءَ ۾ غازيءَ جو استاد آهي. غازي صاحب جي
شاعريءَ جو ڪينوس هونئن ته گهڻو وسيع آهي. پر هن
ٻارن لاءِ ڏاڍي سٺي، سهڻي ۽ سيبتي شاعري ڪئي آهي.
سندس ٻاراڻي شاعريءَ جو مجموعو ”ٻار گلن جا هار“
ڇپجي منظر عام تي اچي چڪو آهي، جيڪو ٻارن طرفان
بيحد پسند ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه سندس ٻاراڻي
شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”مرڪن مکڙيون“ ۽ ”سائنس بخشي
سونهن “ زير اشاعت آهن . هن وقت ٻاراڻي شاعري جو
ڪتاب ”رانديڪن سان راند“ هٿن ۾ اٿس، اميد ته اهو
به جلد پورو ٿيندو .
غازي صاحب هونئن ته گهڻن موضوعن تي ٻارن لاءِ
شاعري ڪئي، پر هن سائنسي موضوعن تي ٻارن لاءِ
ايتري گهڻي شاعري ڪئي اٿس، جو کيس ”ٻارن جو سائنسي
شاعر“ چئجي ته ان ۾ وڌاءُ نه ٿيندو. سندس شاعريءَ
۾ ٻارن جي وندر ۽ دلچسپيءَ وارا سمورا سامان موجود
آهن. سندس ٻاراڻا گيت ۽ غزل پڙهي ٻار ڏاڍو محظوظ
ٿين ٿا. هو ٻارن کي سائنس جي اهميت کان هن طرح
روشناس ڪرائي ٿو:
سائنس سکندو جيڪو ٻار،
ان جو ٿيندو ناماچار،
سائنس جڳ کي بخشي سونهن،
سائنس سان ئي وندر ورونهن.
سائنس جي وسيلي ئي اسان کي سک ملن ٿا ۽ ٽيليويزن،
سائيڪل، موٽرڪار ۽ بلب وغيره ايجاد ٿيا آهن، اهڙو
اظهار هن طرح ڪيو اٿس :
سائنسدانن جي آ جوڙ،
ٽيليويزن ريڊيا کوڙ،
سائيڪل توڙي موٽر ڪار،
هر دم پنهنجي لئه تيار،
ڪمپيوٽر ڪم ڇا ته ڪري ٿو،
بلب ڏسو ٿا ڪيئن ٻري ٿو.
انسان جي لاءِ الله پاڪ جي عطا ڪيل اڻ ملهه نعمتن
مان هوا به هڪ بي بها تحفو آهي، ان لاءِ غازي چوي
ٿو:
هوا جهڙي نعمت نه ٻي ڪائي ٿيندي،
هوا کان سواءِ دم نه دنيا ڀريندي.
سائنسي لحاظ کان هوا جي وصف هن طرح بيان ڪئي اٿس :
هوا گيس آهي حقيقت اهائي،
اها ڳالهه سياڻن اسان کي ٻڌائي،
جڳهه ٿي والاري وزن ڀي رکي ٿي،
اها ڳالهه پوري هي دنيا چوي ٿي،
هوا جو نه ڪو رنگ ۽ روپ آهي،
تجربا ڪري ڪو ڏسي ان کي ٺاهي،
هوا کي هٿن ۾ کڻي ڪين سگهبو،
کڻي بال وانگر هڻي ڪين سگهبو،
پاڻي به قدرت طرفان عطا ڪيل هڪ انمول تحفو آهي.
غازي ان جي اهميت کي هن طرح ٿو اجاگر ڪري :
پاڻي کانسواءِ جڳ ۾،
هر شيءِ پڄاڻيءَ آ،
باغن ۾ بنا پاڻيءَ،
هر مکڙي ڪوماڻي آ.
سج مان به اسان کي وڏا فائدا آهن، ان لاءِ غازي
چوي ٿو :
سج ٿو هرڪا پوک پچائي،
سورج جا ڳڻ هرڪو ڳائي،
سج ڇڏي هر شيءِ چمڪائي،
سج ڇڏيو سنسار سجائي.
رات جو چنڊ به ٻارن کي ڏاڍو وڻندو آهي، ٻار شوق
سان چنڊ جو نظارو ڪندا آهن ۽ ان کي ڏسي خوش ٿيندا
آهن. ان ڪري غازي به چنڊ بابت چوي ٿو :
چنڊ تي ڪونهي ڪا آڪسيجن،
ٺهي ٺڪي ڪيئن ماڻهو ويهن،
چنڊ تي آهي ڏينهن جو گرمي،
چنڊ تي آهي رات جو سردي.
روشنيءَ جي اهميت بيان ڪندي غازي چوي ٿو:
سوا روشنيءَ جي ڏسي ڪين سگهبو،
اونداهيءَ ۾ ويهي لکي ڪين سگهبو،
روشنيءَ کي سائنسي لحاظ کان هن طرح بيان ڪيو اٿس :
نه پاڻي ، نه ڌرتي نه سهڻن گلن مان،
ٺهي روشنائيءَ ٿي رنگن ستن مان،
سنئين ليڪ ۾ هي سفر طئه ڪري ٿي،
ڏسو ٻاري ٽارچ نه ڪاڏنهن وري ٿي.
مادي بابت ٻارن پنهنجي اسڪول جي ڪتابن ۾ ضرور
پڙهيو هوندو، ته مادو ڇا آهي؟ ان بابت غازي چوي ٿو
:
تور سوا ڪا چيز نه ڪائي،
سائنسدانن ڳالهه ٻڌائي،
جيڪا شيءِ ٿي جاءِ والاري،
مادو آهي چيز اهائي.
ائٽم بابت وري ٻارن کي هن طرح معلومات فراهم ڪئي
اٿس :
ائٽم جا ٽي ڀاڱا آهن،
هر ڪو پنهنجا لڱ ٿو ساهي،
هڪڙو اليڪٽران ۽ ٻيو نيوٽران،
۽ ٽيون ٻارو پروٽران آهي،
ڪو ته ٻڌائي ائٽم ڇا آهي،
غازي! ائٽم طاقت آهي.
جهنگلي جانورن سان ٻارن کي خاص دلچسپي هوندي آهي،
خاص ڪري چڙيا گهر ۾ ٻار هاٿيءَ کي غور سان ڏسندا
آهن، ان ڪري غازي به ٻارن کي هاٿيءَ ڏانهن وٺي وڃي
ٿو:
هاٿي منهنجو ساٿي آهي،
ساٿي منهنجو هاٿي آهي،
هاٿيءَ تي مان چڙهي گهمان ٿو،
هاٿيءَ سان مان راند ڪيان ٿو.
ٻارن کي ماکي ڏاڍي وڻندي آهي. ڇا ڪاڻ ته اها ڏاڍي
مٺي ۽ سوادي هوندي آهي. پر ماکيءَ مان ٻيا به
گهڻائي فائدا آهن، ان جي کائڻ سان طاقت ٿيندي آهي.
اهڙي ڳالهه غازي هن طرح ڪئي آهي:
ماکيءَ ۾ فولاد سمورو ، کائڻ سان ڏي طاقت،
هر بيماري دور ڪري ٿي ، دل کي ڏي ٿي راحت،
بي.سي ويٽامن هن ۾ ، هن جو رنگ نيارو،
هونءَ ته هن لاءِ هر مند بهتر ، بهتر آهي سيارو.
ان کان علاوه غازيءَ جي شاعري ۾ ٻيا کوڙ سارا
سائنسي موضوع اچي وڃن ٿا. جهڙوڪ: دل ڦڦر، تنتون،
آبدوز، وڄ، ٿرماميٽر، بجلي، ٻڙي ۽ ڪوهيڙو وغيره.
اها شاعري غلام محمد غازيءَ نهايت دلڪش ۽ وڻندڙ
انداز ۾ ڪئي آهي. ان جي پڙهڻ سان هڪ ته ٻارن کي
مزو اچي ٿو ۽ ٻيو انهن جي سائنسي ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي
ٿو.
عبدالجبار
”عبد“ |