سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: سائنس بخشي سونهن

باب: 1

صفحو : 3

انتساب

 

 

 

محترم سائين

ادل سومرو

جي نانءُ

 

 


 

حمد

 

تنهنجا رنگ نيارا

 

خالق ، تنهنجا رنگ نيارا.......

بر ٿر ۾ ٿو مينهن وسائين،

پاڻيءَ سان ٿو پوک پچائين،

تنهنجي آ سنڌو ڌارا،

تنهنجا رنگ نيارا ......

ڪِن کي تخت ۽ تاج ڏئين ٿو،

ساڻي سڀ ڪنهن ساڻ ٿئين ٿو،

پرور منهنجا پيارا،

تنهنجا رنگ نيارا ......

ڌرتيءَ گُل ڦُل کلائين،

دريائن مان واهه وهائين،

عرش منجهان وسڪارا،

تنهنجا رنگ نيارا ......

ڪنهن هنڌ آهن پُوهه جا پارا،

ڪنهن هنڌ سانوڻ جا وسڪارا،

ڪنهن هنڌ نرت نظارا،

تنهنجا رنگ نيارا ......

ڪنهن هنڌ پَون پيا لابارا،

ڪنهن هنڌ پوکن پيا ٻيجارا،

اَنن سندا اَنبارا،

تنهنجا رنگ نيارا ......

راتيان تارا چنڊَ چمڪائين،

ڏينهان روشن سج ڏيکارين،

تنهنجا ڪرم قرارا،

تنهنجا رنگ نيارا ......

بکيو ڪنهن کي ڪين رهائين،

سڀ کي رازق رزق رسائين،

تنهنجا عجب اشارا،

تنهنجا رنگ نيارا ......

 

 

 

نَعت

 

مديني جون نهاريان پيو،

محمد  صلعم محمد صلعم پڪاريان پيو.

 

مان هر رات سپنن ۾ ويٺو ڏسان،

مديني جون ڳليون ٻهاريان پيو.

 

شفاعَت ملي ٿي جتان دوستو!

انهيءَ در کي ويٺو سنڀاريان پيو.

 

ڀلاري جي ڀرسان مان جيڪر رهان،

اهي جذبا دل مان اُٿاريان پيو.

 

ڏسان شال اکين سان منزل وڃي،

هتي ٿي ڏکايل گذاريان پيو.

 

خبر خير واري ڪا آڻي ڏين،

هتان ڪانگ ”غازي“ اڏاريان پيو.

 

 

سائنس

 

سائنس سکندو جيڪو ٻار،     

 

 

اُن جو ٿيندو ناماچار.                 

                                         

سائنس جڳ کي بخشي سونهن، 

سائنس سان ٿي وندر ورونهن.    

                                         

سائنس سان سڀ سهنج ملن ٿا،    

سائنس سان رنگ رُوپ رَچن ٿا.   

                                         

سائنسدانن جي آ جوڙ،              

ٽيليويزن، ريڊيا کوڙ.               

                                         

سائيڪل توڙي موٽر ڪار،        

هردم پنهنجي لئه تيار.              

                                         

ڏسو بٽڻ هُو ڇا ته ڪري ٿو!       

بلب ڏسو ڪيئن ٻري ٿو.           

                                         

سائنس مان سَهَنج وڏا آهِن،        

ٿورا لاهڻ جهڙا ناهن.                

 

 

ڪائنات

هو ڏس منهنجا ڀاءُ پيارا،        

 

 

 

رات جو نڪتا آهن تارا.                  

                                               

تارا ٽمڪن ٿا پيا سارا،                   

۽ سارا چمڪن ٿا پيا تارا.                

                                               

ي ڪي ننڍڙا آهن تارا،                   

۽ ڪي وڏڙا آهن تارا.                    

                                               

سورج ڀي آ هڪڙو تارو،                

جنهن جو جسم گرم آ ٻارو.             

                                               

سورج هڪ هنڌ بيٺل ناهي!            

ڌرتي هڪ هنڌ بيٺل ناهي!             

                                               

آڪاش جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي،        

جا ڏسجي تهڙي ڳالهه ڪهجي .         

                                               

عرش ۾ اربين کربين تارا،              

ڪيئن ڳڻي سگهنداسون سارا.         

                                               

هن جي موڪَر ڪهڙي ٻڌايان،          

اَنتُ نه ڄاڻان، ڇا سمجهايان.             

                                               

دوربين سان هن کي جاچيون!          

سوچيون سمجهون ڏينهن ۽ راتيون!

 

 

ڌرتي

 

اسان جي ڌرتي سهڻي ڌرتي،

ڪيڏي آ مَنَ موهڻي ڌرتي.

 

ڌرتيءَ مان هر ڌن ملي ٿو،

ڌرتيءَ سان هر مَنُ کلي ٿو.

 

ڌرتي سج جو ٽڪرو آهي،

سائنس ۾ هي پڙهيو آهي.

 

ڪيئي ڪروڙن سالن کان پوءِ،

ڌرتيءَ تي انسان ڄميو.

 

ڍنڍون ڍورا ۽ هي نديون،

سڀئي ڌرتي چيري نڪتيون.

 

ڌرتيءَ تي تبديليون اينديون،

آهن ڪي رنگينيون اينديون.

 

جيئن جيئن ڌرتيءَ ۾ وينداسون،

تيئن تيئن گرمي وڌ ڏسنداسون.

 

ڌرتي پنهنجي مادر آهي،

ڄڻ ته اسان جي چادر آهي.

 

 

سج

 

ڪير ٻڌائيندو هي ڇاهي،

ٻرندڙ گئس جو گولو آهي.

 

ڌرتي واريءَ داڻي جهڙي،

ڀوڳ نه سمجهو آهي اهڙي!

 

ڳالهه ڳجهي هت رهي نٿي ڪا،

سورج ڀي هڪ بال جيان آ.

 

اوندهه انڌوڪار رهي ها،

هرشيءِ ۾ ماٺار رهي ها.

 

سج ٿو هر ڪا پوک پچائي،

سورج جا ڳڻ هر ڪو ڳائي.

 

سج ڇڏيِ هر شيءِ چمڪائي،

سج ڇڏيو سنسار سجائي.

 

سچ پچ ”غازي“ اُڀ جا تارا،

سورج وانگر آهن سارا.

 

 

چنڊ

 

چنڊ مٿي آڪاش ۾ آهي،

سورج جيڏو پري ته ناهي.

 

چنڊ سان سڀئي پيار ڪيون ٿا،

تارن کان وڌ تنهن کي ڏسون ٿا.

 

چنڊ اُڀري اونداه مٽائي،

۽ ٿو سارو جڳ چمڪائي.

 

چنڊ تي ڪونهي ڪا آڪسيجن،

ٺهي ٺُڪي ڪيئن ماڻهو ويهن.

 

چنڊ تي گهر ٺاهڻ آ سولو،

وزن شين جو آ گهٽ ٿيندو.

 

چنڊ تي آهي ، ڏينهن جو گرمي،

چنڊ تي آهي ، رات جو سردي.

 

 

تارا

 

ڪاري رات ۾ نڪري تارا،

ڪيڏا لڳندا آهن پيارا.

 

ڪهڙي ڳالهه ٻڌايان ٻارو،

گرم جسم هي آهن سارا،

 

انهن کي آ پنهنجي گرمي،

نور جي تن ۾ وهي ٿي ڌارا.

 

دور اسان کان آهن اُن لئه،

ڏسجن روشن ٽٻڪا سارا.

 

سورج کان ڪي وڏا ٿين ٿا،

سورج جهڙا، ڪيئي تارا.

 

ڪي ڪي چمڪي چانديءَ وانگر،

عرش ۾ ڏيندا هن لامارا.

 

چمڪي ڪي ٺاهن چوپائي،

ٽيڙو ڪتي ۽ ڪي ٻارا.

 

ڏينهن هجي يا رات .اي ”غازي“

هوندا آهن چنڊ ستارا.

 

 

روشني

 

سوا روشنيءَ جي ڏسي ڪين سگهبو،

اونداهيءَ ۾ ويهي لکي ڪين سگهبو.

 

هجن ها نه جي چنڊ ، سورج ، ستارا،

نه ڏسجن ها دنيا جا اهڙا نظارا.

 

هجي ها نه ڏيئو نه چمني گهرن ۾،

رلي روشنيءَ بن وڃون ها بَرن ۾.

 

نه پاڻي نه ڌرتي نه سهڻن گلن مان،

ٺهي روشنائي ٿي رنگن ستن مان.

 

سنئين ليڪ ۾ هي سفر طئه ڪري ٿي،

ڏسو ٻاري ٽارچ نه ڪاڏنهن وري ٿي.

 

رهي روشنيءَ سان هي دنيا روشن،

ڏسي روشنائي، ٺري ٿو پوي من.

 

جتي روشنائي اُتي سڀ سڻائي،

اها روشنائي جي آهي ڀلائي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com