سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تشبيهات رومي

باب: --

صفحو :5

 

ظالم ۽ فسادي ڪافر وحشي ۽ موذي جانور آهن

 

ڪجهه ماڻهو اعتراض ڪندا آهن ته فلاڻي مصلح يا پيغمبر جي تبليغ، اشاعت دين ۽ ڪلمي حق جي ڪوششن ۾ هزارين انسانن جو خون وهيو. ۽ ان مان اهو غلط نتيجو ڪڍندا آهن ته مذهب صلح آڻيندڙ نه بلڪ فساد انگيز چيز آهي. ان جي جواب ۾ مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته انسانن جي خاطر جيڪڏهن موذي ۽ وحشي جانور جو قتل فرض آهي ته پوءِ درندگيءَ جون صفتون رکندڙ انسان جو قتل ڇو ناجائز قرار ڏنو وڃي؟ اعليٰ جي حفاظت لاءِ ادنيٰ جي قرباني نه صرف جائز بلڪ فرض آهي. ڪافرن کي خدا حيوانن کان به بدتر فرمايو آهي. ”کالانعام بل هم اضل“ هڪ جاءِ تي انهن کي شينهن کان ڀڄندڙ جهنگلي گڏهن سان تشبيهه ڏني آهي. ڪٿي انسانيت جي ختم ٿيڻ سبب اهي قردت خاسئين يعني ذليل باندر بنجي ٿا وڃن. الله تبارڪ و تعاليٰ جي نزديڪ بدترين حيوان اهي ڪافر آهن جيڪي گونگا ۽ ٻوڙا آهن ۽ ڪجهه به نه ٿا سمجهن. عقل جي گهٽتائي ڪري انسانن جانورن کان به بدتر ٿي ٿو وڃي. ڇو ته جانور تي پنهنجي فطرت ۽ حيثيت جي مطابق عمل ٿو ڪري. ان ڪري نه ته هو غلط ڪار آهي ۽ نه پڪڙجڻ جي لائق.

”ان شرالدواب عند الله الصم البکم الذين لا يعقلون“

(انفال)

 

احمق ۽ رياڪار مقلد جي عبادت

مولانا رحمت الله عليه هن تي نهايت افسوس ظاهر ڪيو آهي ته ديني ۽ روحاني زندگيءَ ۾ مقلدن، نقالن ۽ رياڪارن گهڻو فساد مچائي ڇڏيو آهي. هي ماڻهو ڪجهه آيتون ۽ ڪجهه حديثون ياد ڪري ٿا ڇڏين. ڪجهه بزرگن جا قول هنن کي ايندا آهن. فرمائن ٿا ته ڪنهن پکيءَ جو آواز نقل ڪرڻ سان ماڻهو ان پکيءَ جي اندر ۽ ان جي فطرت کان ڪيئن ٿو واقف ٿي سگهي؟ بلبل جي ٻولي ڳالهائڻ واري کي ڪهڙي خبر ته بلبل گل کي ڇا چئي رهي آهي ۽ ڇا محسوس ڪري رهي آهي. جيڪڏهن ڪجهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ائين ئي تڪ ٿو لڳائي ۽ ديني حقائق جي باري ۾ اهڙي قسم جي تڪ باز جو اهوئي حشر ٿيندو آهي، جيڪو ان ٻوڙي جو ٿيو. جيڪو هڪ دوست جي بيمار پرسيءَ لاءِ ويو هو. هن سوچيو ته پاڙيسريءَ جي بيمار پرسي لازمي آهي. ليڪن مان ان جي خيريت ڪيئن پڇندس؟ خدا کي خبر ته هو ڇا چوي ۽ مان ڇا سمجهان ۽ ڇا جواب ڏيان. ان ڪري اندازي ۽ قياس سان هڪ گفتگو پنهنجي ذهن ۾ تيار ڪيائين. مان چوندس ته ادا ڇا حال آهي؟ هو چوندو ته شڪر آهي. ٺيڪ آهيان. وري مان پڇندس ته کائين ڇا ٿو؟ هو چوندو ته شربت يا ماش جي نرم دال. مان جواب ڏيندس ته تمام سٺي شيءِ آهي. پوءِ مان پڇندومانس ته توهان جو علاج ڪير ٿو ڪري؟ هو ڪنهن طبيب جو نالو وٺندو. مان چوندوسانس ته ان جو قدم تمام مبارڪ آهي. اسان به ان کي آزمايو آهي. جڏهن بيمار وٽ پهتو ۽ گفتگو انهيءَ قياس مطابق شروع ٿي ته معاملو الٽو ٿي پيو ۽ مريض ان سان ايترو ته بگڙيو، جو هن جو دشمن ٿي پيو. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته ڪجهه ماڻهن جي عبادت به اهڙي قسم جي ٻوڙي جي بيمار پرسيءَ وانگر هوندي آهي. هنن دير جي متعلق ڪجهه بي بنياد قياس آرائي ڪري ڇڏي آهي. ڪوڙي عبادت ۾ جيترو زور ٿا لڳائن. نتيجو اوترو ئي ابتڙ ٿو نڪري. ٻوڙي، مريض کان خيرت پڇي، هو ڪجهه بيماريءَ کان چڙوچڙو ٿي پيو هو ۽ ڪجهه ان عيادت ڪرڻ واري جي خلوص ۾ هن کي شڪ هو. ان ڪري مريض بگڙي چيو ته مران ٿو. ٻوڙي چيو خدا جو شڪر آهي. پوءِ پڇيائين کاڌو ڇا اٿئي؟ هن چيو ته زهر. ٻوڙي جواب ڏنو ته مبارڪ هجئي. ڏاڍي سٺي غذا آهي. پوءِ پڇيائين ته علاج ڪنهن جو ٿو ڪرين؟ هن چيو ته ملڪ الموت جو. ٻوڙي چيو ته اهو ته وڏو زبردست حڪيم آهي. ان جو علاج سڀني کان بهتر هوندو آهي. ڪڏهن به غلطي نه ڪندو آهي. اسان به ان کي تنهنجي سفارش ڪنداسين. فرمائن ٿا ته بيوقوف قسم جي ديندارن جي عبادت به اهڙي قسم جا الٽا نتيجا پيدا ڪندي آهي. هو سمجهندا آهن. ته خدا راضي ٿو ٿئي. ليڪن خدا انهن کان اڳي کان وڌيڪ ناراض ٿيندو آهي.

عبادت گاهه ڪيئن ٿي بنجي سگهي. ان جي متعلق هڪ شارح ٿولکي ته ڪجهه عابد محلي جي مسجد ۾ رات جي وقت زور زور سان ذڪر ٿا ڪن ۽ اهڙا ته زور سان نعرا ٿا هڻن جو پاڙي وارن جي ننڊ ڦٽي ٿي پوي. نه ڪو ضعيف ۽ بيمار سمهي ٿو سگهي ۽نه ڪو تندرست رات جو اوجاڳي سبب ڏينهن جو ڪو ڪم ٿو ڪري سگهي. اهڙي طرح ڪو متعصب ڪنهن ٻئي مسلڪ جي مسجد ۾ اهڙو ته زور سان آمين ٿو چوي، جو نمازين جو حضور قلب ڪاوڙ ۾ بدلجي ٿو وڃي ۽ پنهنجي آمين سان ٻين جي نماز خراب ٿا ڪن. اهڙي قسم جون ڪيتريون ڳالهيون آهن، جن جي ڪري جاهلن جي دينداري خدا جي خلق لاءِ دل آزادي بنجي ٿي وڃي.

 

جاهل جو قياس

عارف روميءَ جهڙو عقلمند فقيهه، اجتهادي قياس جو ته مخالف نه ٿو ٿي سگهي. ليڪن دين جي معاملي ۾ اهڙن جاهلن جي قياس آراين جو سخت مخالف آهن. جن جي نظر صرف هڪ جز تي هوندي آهي ۽ جيڪي دين جي روح کان ناواقف هئڻ سبب يا ذاتي مقصدن ۽ خواهشن جي ڪري قياس آرائي شروع ڪري ڏيندا آهن. فرمائن ٿا سڀ کان پهريائين اهڙي قسم جو قياس ابليس ڪيو هو. پنهنجي ۽ آدم عليه السلام جي عنصري تفاوت جي ڪري قياس ڪرڻ لڳو ته منهنجي اصليت باهه جي آهي. جنن ۾ گرمي به آهي ۽ روشني به ۽ آدم عليه السلام مٽيءَ جو پتلو آهي. جنهن ۾ نه ته زندگيءَ جو ڪو نور آهي نه گرمي. ان ڪري مان ان کان هر حيثيت ۾ بهتر آهيان. هن منطقيءَ وانگر سوچيو ته اصل کان فرع جو قياس ڪيان. ليڪن هو هن حقيقت کان ناواقف هو ته روحاني عالم ۾ نسب جو ڪوبه اعتبار ڪونهي. ان ڪري جزوي علم جي قياس آرائيءَ ڪري اهڙي ته ٺوڪر کاڌائين جو مردود ٿي پيو. مسلمانن ۾ اهڙي قسم جا قياس ڪندڙ شيطان جا ڀائر آهن. هو پاڻ به گمراهه ۽ ٻين کي به گمراهه ڪندڙ آهن. جسماني حيثيت يا نسب جو روحاني زندگيءَ ۾ هي حال آهي جو ابوجهل جو پٽ مؤمن ٿي ٿو پوي ۽ نوح عليه السلام جو پٽ ڪافر.

 

خدا مست انسان ۽ ٻارن جي راند

ڪو مست شراب پيئندڙ جڏهن جهومندو شراب خاني مان ٻاهر نڪرندو آهي ته اهو رستو ڀلجي ويندو آهي. هيڏي هوڏي گپ چڪ ۾ ڪرندو وتندو آهي ۽ هر احمق ان تي کلندو آهي. اهڙي طرح خدا مست انسان به دنيا وارن کي بي هوش ۽ پاڳل نظر ايندا آهن ۽ خلق خدا جي لاءِ کل مسخريءَ جو سامان بنجي ويندا آهن. خلق خدا جو حال به ٻارن جهڙو آهي. انهن جون خواهشون ۽ انهن جي پوري ڪرڻ جو سامان سڀ کيل تماشو آهي. فرمائن ٿا ته اصلي روحاني لذتن جي مقابلي ۾ هنن جي حقيقت به ننڍي ٻار جي جماع ڪرڻ وانگر آهي. هنن جون لڙايو به ٻارن وانگر لڙائيون آهن. بي جان رانديڪن تي ويڙهه ٿيندي آهي. ڪاٺيءَ جي گهوڙي تي سوار ٿي پنهنجو پاڻ کي شهسوار ٿا سمجهن ۽ انهيءَ ڪاٺيءَ جي گهوڙي کي براق ۽ دلدل (سينگاريل گهوڙو) ٿا سمجهن. جڏهن حقيقت کلندي ته معلوم ٿي ويندو ته دارا ۽ سڪندر ۽ چنگيز درحقيقت ڪاٺيءَ جي گهوڙي تي سوار هئا.

 

چئن پيرن واري جانور تي چند ڪتاب

علم جي معاملي ۾ انسان ٻن قسمن جا هوندا آهن. هڪڙا اهي آهن. جيڪي علم جا راڪب آهن ۽ ٻيا علم جا مرڪب. اصل عالم اهو آهي جيڪو علم جي رستي تي سوار هجي ۽ علم جون واڳون ڪنهن سٺي منزل مقصود جي طرف موڙي. ٻيا اهي آهن جن تي ڪتابي علم ۽ ڪتابن جو هڪ بار لڏيل آهي. انهن کي علم مان ڪوبه فائدو نه ٿو پهچي. ڪمثل الحمار يحمل اسفارا: هي گڏهه آهن جن تي ڪتاب لڏيل آهن.

 

دوزخ جي باهه

قرآن  ڪريم ۾ آهي ته دوزخين کي گرم پاڻي پيارو ويندو. مولانا رحمت الله عليه معنوي تفسير ۾ لقمان جو قصو ٿا لکن ته لقمان جي آقا جو هڪ ميوه دار باغ هو، جنهن مان هن جا غلام چوريءَ ميوو کائي ويندا هئا ۽ تهمت لقمان تي لڳائيندا هئا، ته هن کاڌو آهي. حالانڪ اهو نهايت ديانتدار ۽ مالڪ جو وفادار هو. ٻيا غلام لقمان کي ڪاري رنگ جو سمجهي حقارت جي نظر سان ڏسندا هئا. سڀئي مالڪ کي اهو چوندا هئا ته لقمان ميوو چورائي کائي ٿو وڃي. لقمان به محسوس ڪيو ته مالڪ هن سان ڏاڍو بگڙي ويو آهي ۽ کيس چور ٿو سمجهي. لقمان کي الله تعاليٰ حڪمت عطا فرمائي هئي. هن مالڪ کي چيو ته سڀني کي پيٽ ڀري گرم پاڻي  پياري. ان کان پوءِ توهان جنگل جو رستو وٺو. پاڻ سوار ٿيو ۽ اسان سڀني کي خوب ڊوڙايو. ٿوري وقت ۾ سڀ الٽيون ڪرڻ لڳندا. پوءِ ڏسجو ته ڪنهن جي پيٽ مان ڇا ٿو نڪري. مالڪ لقمان جي تجويز تي عمل ڪيو. ان ڪري سڀني کي الٽيون اچڻ لڳيون. ٻين جي الٽين ۾ ميوا نڪتا ۽ لقمان جي الٽيءَ ۾ صاف پاڻي نڪتو. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته الله تبارڪ و تعاليٰ ته لقمان کان وڌيڪ حڪمت وارو آهي. دوزخين کي گرم پاڻي پيارڻ جا اهائي معنيٰ آهي ته انهن سان ڪجهه اهڙو عمل ڪيو ويندو جو انهن جي باطن جون خباثتون نڪري، انهن جي سامهون اينديون. الله تبارڪ و تعاليٰ جهنم کي عذاب لاءِ نه بلڪ امتحان ۽ اصلاح لاءِ بنايو آهي. باهه سان مختلف ڌاتن جو امتحان ٿيندو آهي. بيڪار الڳ ٿي اصل ڌات نمايان ٿي پوندي آهي. پٿرن  کي به آتش گير مادي سان ٽوڙيو آهي. هي پٿر اهي پٿر دل انسان آهن جن کي دنيا ۾ هزار بار سمجهايو ويو. ليڪن اهي نه سمجهيا ۽ انهن جون دليون نرم نه ٿيون. اهي ئي آخرت ۾ جهنم جو ٻارڻ بنبا.

 

 

 

ايمان بالغيب جي فضيلت

الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن حڪيم جي شروعات ۾ ئي مؤمنن جي هيءَ صفت بيان فرمائي آهي ته اهي غيب تي ايمان آڻن ٿا. مولانا رحمت الله عليه ايمان بالغيب جي فضيلت کي هڪ مثال سان واضح ٿا ڪن. فرمائن ٿا ته بادشاهه وٽ ڪجهه مصاحب هوندا آهن ۽ ڪجهه امير وزير جيڪي ان جي درٻار ۾ حاضر رهندا آهن. انهن تي بادشاهه جو رعب ۽ دٻدٻو هوندو آهي. اهي هن جي هر حڪم تي سِر تسليم خم ڪندا آهن ۽ ان جي اشارن تي هلندا آهن. ليڪن ڪجهه ٻيا عهديدار هوندا آهن. سلطنت جي مختلف طرفن ۾ سرحد ۽ قلعن جي حفاظت ڪندا آهن ۽ بادشاهه جي حڪمن کي اکين تي رکندا آهن. حالانڪ اتي بادشاهه موجود ڪونه هوندو آهي، جيڪو فورن ان جي خلاف ورزيءَ جي سزا ڏئي سگهي. اهڙن ماڻهن جي وفاداري زياده پائدار هوندي آهي. قيامت ۾ ته ايمان بالغيب ڪونه هوندو. اتي ڪافر چوندا: ”ربنا ابصرنا واسمعنا وارجعنا نعمل صالحا.“ يعني: اي پروردگار اسان جون اکيون ۽ اسان جا ڪن کليا. تون اسان کي ٻيهر دنيا ۾ موڪل. ته جيئن اسين نيڪ عمل ڪيون. رسول ڪريم ﷺ جن به ايمان بالغيب کي ايمان بالشهود جي مقابلي ۾ گهڻو تعريف جي قابل قرار ڏنو آهي. بيهقيءَ جي هڪ روايت آهي ته عمرو بن شعيب پنهنجي پيءُ کان ۽ ان جي پيءُ پنهنجي ڏاڏي کان روايت ڪئي آهي ته توهان جي نزديڪ ڪهڙي مخلوق جو ايمان وڌيڪ عجيب آهي؟ اصحابن سڳورن عرض ڪيو ته ملائڪن جو. نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته هو ايمان ڇو نه آڻين. اهي ته خدا جي حضور ۾ ٿا رهن. پوءِ اصحابن سڳورن عرض ڪيو ته نبين سڳورن جو. رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو ته اهي ايمان ڇو نه آڻين انهن تي وحي نازل ٿي ٿئي. ماڻهن عرض ڪيو ته پوءِ ته اسان جو. فرمايائون ته جڏهن مان توهان ۾ موجود آهيان ته پوءِ توهان جو ايمان آڻڻ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. ان کان پوءِ فرمايائون ته سڀ کان عجيب ايمان جي معاملي ۾ اهي ماڻهو هوندا، جيڪي مون کان پوءِ ايندا. انهن وٽ خدا جو ڪتاب هوندو ۽ ان جي حڪمن تي ايمان آڻيندا.

 

خدا جو نور، نبي ﷺ جو نور ۽ اصحابن رضي الله عنها جو نور

رسول ڪريم ﷺ جن پنهنجي اصحابن کي ستارن سان تشبيهه ڏني آهي. انهيءَ تشبيهه جي بنياد تي مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته حقيقت جو سج الله تعاليٰ آهي، جنهن جي تجلي سڌي طرح انسانن لاءِ ڏسڻ ۾ دشوار آهي، ان ڪري خدا پنهنجو نور نبين سڳورن ۾ منعڪس ٿي انسان لاءِ هدايت ٿو بنجي. بشر کي فيض بشر جي ذريعي ئي پهچي ٿو سگهي. نبين کان گهٽ نور ستارن ۾ هوندو آهي. جيڪي سڀ گڏجي به چنڊ جيتري روشني نه ٿا ڏئي سگهن. ليڪن بهرحال ڪنهن حد تائين اونداهيءَ کي پري ڪري رات جو هلڻ وارن کي رخ ۽ وقت جي خبر ڏيندا آهن.

 

شهوتن جو بندو

شهوتن جي غلامي ڪنهن انسان جي غلاميءَ کان بدتر ۽ سخت هوندي آهي. ڪنهن آقا جي غلامي ته آسان آهي. مالڪ پنهنجي فياضيءَ سان يا غلام جي خدمت سان خوش ٿي هڪ لفظ چئي ان کي آزاد ڪري ٿو سگهي. ليڪن شهوتن جي ٻانهي جي ايتري آساني سان نجات نه ٿي ٿئي. ان ڪري جو هو پاڻ عارضي ۽ فاني لذتن ۾ ڦاسي آزادي نه ٿو چاهي. هن معاملي ۾ هو لذتن جو غلام ئي رهڻ پسند ٿو ڪري ۽ آهستي آهستي اهڙيءَ ته کڏ ۾ وڃي ٿو ڪري جيڪا تمام گهڻو اونهي آهي. ڪنهن ٻئي هن تي ظلم ڪونه ڪيو آهي ۽ نه ڪنهن غير جو ان تي زور آهي. هن خود پنهنجو پاڻ کي مجبور ۽ مظلوم بنايو آهي. جڏهن هو پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان ڪريو آهي ۽ انهيءَ کوهه ۾ رهڻ به گهري ٿو ته پوءِ ان کي ڪير ٻاهر ڪڍي.

 

آيتن جي تنسيخ ۽ تبديليءَ جو قانون

قرآن ڪريم ۾ آيتن جي تنسيخ لاءِ هڪ وڏي آيت آهي ته اسين ڪنهن آيت کي منسوخ نه ٿا ڪيون ۽ نه ان کي انسانن جي ذهن تان ڀلايون ٿا. جيستائين ان منسوخ شدهه آيت کان بهتر يا ان جي مثل ان جي جاءِ تي نه آڻيون. تبديلي ۽ ثبات ٻئي زندگيءَ جا آئين آهن.  فطرت هر وقت تجديد ۾ مصروف آهي. ليڪن هيءَ تبديلي ۽ تجديد اهڙن اصولن جي تحت ٿيندي آهي، جيڪي لازوال آهن ۽ جنهن جي نسبت الله تعاليٰ لاءِ تبديل لخلق الله ارشاد فرمايو آهي. شريعتون قومن جي معاملات ۾ نظم ۽ نسق پيدا ڪرڻ لاءِ ظاهر ٿيون آهن. جڏهن قومن جا حالات بدلجي وڃن ته ڪجهه پراڻا طريقا ڪارآمد هجڻ جي بجاءِ نقصانده ٿي پوندا آهن. ان ڪري الله تعاليٰ  دين کي قائم ۽ برقرار رکندي شريعتن کي تبديل ڪندو ويو آهي. قرآن ڪريم ۽ آيتن جا اصلاح فطرت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ به استعمال ٿيندا آهن. ڏينهن رات جي تبديلي، بادل ۽ بارش، نباتات جي پيداوار وغيره سڀ قرآن جي مطابق آيات الاهي (الله تعاليٰ جون نشانيون) آهن، جن ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ انهن جي طريقي ۽ حڪمت کي ڳولڻ اعليٰ درجي جي عبادت آهي. قرآن پاڪ بار بار انهيءَ مشاهدي ۽ مطالعي جي تلقين ٿو فرمائي. مولانا رحمت الله عليه به آيتن جي تنسيخ جي مضمون جي وضاحت فطرت جي تغيرات مان مثال ڏئي ٿا ڪن. فرمائن ٿا ته ڏسو رات ڏينهن کي منسوخ ٿي ڪري ۽ وڏن وڏن بيدر مغز عاقلن کي به گهري ننڊ ۾ سمهاري خاموش بنائي ٿي ڇڏي. ان ڪري چيو ويندو آهي ته فلاڻو شخص ڪاٺيءَ وانگر بيحس ستو پيو آهي. پوءِ وري سج نڪري ٿو ته رات منسوخ ٿي وڃي ٿي. هيءَ تنسيخ (تبديلي) زندگيءَ جي قيام جو سبب آهي. ننڊ جي اونداهين ۾ زندگيءَ جي تجديد جو آب حيات لڪل آهي. سمهڻ کان پوءِ انسان جي جان ۽ ان جو عقل تازو ٿي پوندو آهي. ٻيو مثال هي آهي ته نبين سڳورن کي ڪنهن ڪنهن وقت جنگ به ڪرڻي پوندي آهي. جنهن ۾ ڪافرن جي جان ۽ مال جي گهڻي تباهي ٿيندي آهي ۽ خود مومن شهيدن جون جانيون به عارضي طور منسوخ ٿي وينديون آهن. ليڪن انهن جنگين کان پوءِ اصلاح ۽ فلاح انسانيءَ جي سطح بلند ٿي ويندي آهي. بقا ۽ ترقي لاءِ فنا ۽ تنسيخ جو قانون لازم ۽ مقدم آهي. مگر خدا جو تبديل نه ٿيڻ وارو آئين منسوخ نه ٿيندو آهي ولن تجد لسنته الله تبديلا ليڪن زندگيءَ جي مظاهر ۾ هڪ مظهر ٻئي مظهر جي تنسيخ ڪندو رهندو آهي. جنهن کانسواءِ نه ته زندگيءَ جي بقا ممڪن آهي ۽ نه زندگيءَ جي زينت. فرد هجي يا قوم مسلسل تنسيخ ۽ تبديلي سان فروغ حاصل ڪندا آهن. بشرطيڪ زندگيءَ جي بنيادي اصولن جي خلاف ورزي نه ڪن.

ان کان پوءِ وري مثال ٿا آڻين ته ڏسو مالهي ساين شاخن کي ڪاٽيندو رهندو آهي جنهن جي ڪري وڻن کي بلندي ۽ ڦل جي اچڻ جي صورت پيدا ٿيندي آهي. باغ مان فضول ۽ بيڪار گاهه کي ڪڍندو آهي. ته جيئن باغ جي زندگي وڌي. طبيب خراب ڏندن کي ڪڍي ڇڏيندو آهي ته جيئن تڪليف دور ٿئي. انسان جي روحاني ترقي به مسلسل تنسيخ ٿي گهري. بلند مقصد قربانيءَ کان سواءِ حاصل نه ٿيندا آهن. توهين هر روز حيوانن جي زندگي منسوخ ڪري انهن کي غذا بنائي پنهنجي جسماني زندگيءَ کي قائم رکندا آهيو. ليڪن اهو عمل اڳتي به جاري رهڻ گهرجي. پنهنجي ناپسنديده خيالات کي منسوخ ڪندا اڳتي وڌندا هلو. ايتريقدر جو توهان کي هميشه رهڻ واري زندگي حاصل ٿئي. انهن لاءِ اوهين پهرين حالت کي منسوخ ڪندا هلندا رهو.

رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جنهن شخص جا ٻه ڏينهن هڪ جهڙا گذريا. اهو نقصان ۾ پئجي ويو. هڪ حالت تي بيهي رهڻ جمود ٿو پيدا ڪري ۽ جمود جمادات جي فطرت آهي. انسان جي نه. فرمائن ٿا ته پهرين حالت صرف تبديليءَ جي غرض سان ڪرڻ فضول آهي. تنسيخ ۽ تبديلي ڪنهن بهتريءَ لاءِ هجڻ گهرجي. ڪپڙي جي ڪاٽ ۽ ڪترڻ صرف درزيءَ لاءِ جائز آهي. ڇو ته هو انهن ٽڪرن کي سبي عمدو لباس ٺاهڻ ڄاڻي ٿو. سٺو واپاري جيڪڏهن ڪجهه وڪرو ٿو ڪري ته منافعو حاصل ڪرڻ لاءِ هو زيادهه رقم سان وري بهتر مال خريد ڪندو آهي. قتل جي مجرم تي الله تعاليٰ قصاص جو حڪم ڏنو آهي ۽ ان سان گڏ فرمايو اٿس ته قصاص ۾ زندگي آهي. في القصاص حياته يا اولي الاباب، حالانڪ قصاص ۾ هڪ ماڻهوءَ جي جان کي ماڻو ٿو پوي. ليڪن خدا ان کي زندگيءَ جو ذريعو ٿو فرمائي. ڇو ته قاتل جي هڪ جان جي تنسيخ سان بيشمار خلق خدا جون جانيون محفوظ ٿي وينديون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com