حصو ڇهون
گَهِرو علم النفس
مثنوي ۾ علم النفس جا اهڙا گِهرا نڪتا ملن ٿا. جيڪي زماني حال ۾
نفسيات جي ماهرن تي ڪنهن حد تائين وضاحت سان منڪشف
ٿيا آهن. تحت شعور جي نفسيات جو ماهر فرائڊ چئي ٿو
ته انسان جي اندر سرچشمئه حيات شهوت آهي جنهن کي
هولبيڊو ٿو چوي. ۽ ان جو نظريو هي آهي ته انهيءَ
جو ئي رخ بدلائي اخلاق ۽ روحانيت پيدا ٿئي ٿي.
مولانا رحمت الله عليه به صديون اڳ عين اهوئي
نظريو پيش ڪيو فرمائن ٿا ته هڪ شخص ڪنهن امير کان
هڪ گهوڙو طلب ڪيو. امير چيو ته وڃ هي سفيد گهوڙو
ڪاهي وڃ. گهرڻ واري چيو ته نه هي گهوڙو مان ڪونه
وٺندس. هن کي اڳتي وڌايو ته هي پوئتي ٿو هلڻ لڳي.
امير چيو ته گهر وڃڻ مهل هن جو پڇ گهر جي طرف ڪري
ڇڏيندو ڪر پوئتي هلندو هي توکي گهر تائين پهچائي
ڇڏيندو. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته نفس
اماري جو به اهوئي حال آهي. انسان زندگيءَ جي
ترقيءَ ۾ اڳتي وڌڻ ٿو چاهي مگر هي نفس پوئتي ٿو
ڇڪي. ليڪن شهوت جو رخ جسمانيت کان عقل ۽ روحانيت
جي طرف ڦيرائي ٿو سگهي اهائي قوت عقل ۾ تبديل ٿي
سگهي ٿي. هرهڪ وڻ ۾ وڌڻ جو ميلان ۽ قوت جو خزانو
هوندو آهي. جيڪڏهن هن جون ڪجهه شاخون ڪاٽي ڇڏجن ته
انهن جي قوت ٻين شاخن ۾ منتقل ٿي وڻ کي طاقتور ۽
بلند تر بنائيندي آهي. زندگيءَ جي تخليقي قوت کي
شهوت چئجي هن ۾ ڪو حرج نه آهي هن جو رخ بدن جي طرف
هجي ته اهو جائز حدن کان وڌي انسان کي ذليل ڪري ٿو
ڇڏي. ۽ روح جي طرف هجي ته انسان کي شريف تر بنائي
ٿو ڇڏي. هيءَ قوت بذات خود نه شريف آهي ۽ نه ذليل
پوئتي هلڻ واري گهوڙي وانگر شهوت جو رخ به بدلائي
ڇڏيو ته اها به توهان کي منزل مقصود تائين پهچائي
ڇڏيندي.
معجزات سان حقيقي ايمان پيدا نه ٿي سگهندو
معجزات سان حقيقي ايمان حڪيمانه نڪتا بيان ڪيا آهن. هڪ هنڌ
فرمائن ٿا ته جنهن ۾ روحانيت جي چاشني هوندي آهي.
ان جي لاءِ ته زيارت ۽ پيغمبر جو آواز ئي معجزو
هوندا آهن. وري فرمائن ٿا ته معجزو ايمان پيدا ڪرڻ
وارو نه هوندو آهي بلڪ سٺو مؤمن اهو ٿيندو آهي
جنهن ۾ نبي ﷺ جن جهڙي ڪا هم جنس شيءِ ان ۾ اڳ ئي
موجود هوندي آهي. معجزات دوست جي لاءِ به پر دشمن
کي مغلوب ۽ عاجز بنائڻ لاءِ هوندا آهن. مغلوب يا
عاجز ٿي ايمان آڻڻ واري جي ايمان جي ڇا قيمت ٿي
سگهي ٿي. دين جو مقصد اهو نه آهي ته ڪنهن کي ڳچيءَ
کان وٺي مڃرايو وڃي. جتي رضا ۽ رغبت نه آهي اتي
ايمان ڪهڙو.
تدريج ۽ ارتقا
مولانا رحمت الله عليه جي تعليم جو خاص ۽ امتيازي پهلو سندن
نظريو ارتقاءِ حيات آهي. فرمائن ٿا ته ارتقاءَ جي
لاءِ تدريج لازمي آهي. سڄي ڪائنات تدريجي ارتقا جو
نتيجو آهي. زندگيءَ جا ڪمالات ان جي ابتدائي صورتن
۾ به بطور ممڪنات لڪل هوندا آهن. جهڙي طرح
چوڏهينءَ جو چنڊ پهرين تاريخ جي چنڊ ۾ لڪل آهي.
خدا ۽ ان جي سنت هر جاءِ تي تدريج جو سبق ٿي ڏئي
زندگي آهستي آهستي پير پير هلندي ترقي ڪندي آهي.
زندگيءَ جي ڪنهن به موجوده صورت ۾ جو ڪجهه
گهٽتائي يا خامي نظر ٿي اچي. اها مستقل خامي نه
آهي. بلڪ ارتقاءَ طلب تدريج آهي. سٺو بورچي جڏهن
عمدو کاڌو پچائيندو آهي ته هڪدم ديڳ جي هيٺيان
گهڻي باهه ڪونه ڏيندو آهي. بلڪ فطرت پاڻ به جيڪو
ميوو پچائيندي آهي ان جو به اهوئي اصول آهي. دير
سان پچي اهو مٺو ٿيندو آهي. خدا پاڪ کي اها قدرت
هئي ته سڄي ڪائنات کي هڪ لمحي ۾ هڪ ئي حڪم سان
ظاهر فرمائي ها. ليڪن خدا جي سنت ۽ مشيت جي اها
تقاضا نه هئي هن ٺاهڻ ۾ ڇهه ڏينهن لڳايا ۽ هڪ هڪ
ڏينهن اسان جي هزارها سالن جي برابر.
انسان کي ڏسو ته ماءُ جي پيٽ ۾ بتدريج نون مهينن ۾ تڪميل کي ٿو
پهچي. ساڳي طرح آدم عليه السلام کي به خدا تعاليٰ
جلشانه هڪ لمحي ۾ ٺاهي ٿي سگهيو ليڪن آدم عليه
السلام جي ٺاهڻ ۾ به الله تعاليٰ جلشانه چاليهه
ڏينهن لڳايا ۽ هڪ هڪ ڏينهن هزارن سالن جو، فرمائن
ٿا ته انسان جي ابتدائي صورت جي تڪميل تي به ڪافي
وڏو عرصو لڳو ۽ عوام جي انهيءَ عقيدي جي ترديد ٿا
ڪن ته آدم جو بت فوراً مٽيءَ مان بنايو ويو ۽ پوءِ
هڪدم روح ڦوڪي ان کي پورو انسان بنايو ويو. انسان
جي ابتدا به طويل ارتقاءَ سان ئي ٿي هئي.
پوءِ فرمائن ٿا ته جلد باز انسان هي نه ڏسندو آهي ته منزل حيات
۾ جنهن هستيءَ جو جيترو درجو بلند آهي اوتري قدر
ان جي پختگيءَ ۾ دير لڳندي آهي. وڏن ۽ قيمتي وڻن
جي پختگي، استواري ۽ بلندي ڏهه ويهه پنجاهه بلڪ سؤ
سؤ سالن ۾ به ٿيندي آهي. ليڪن ڪدوءَ جي ول ڦورا
عروج جي طلبگار ٿيندي آهي. خود پنهنجي قوت سان نه
وڌي سگهندي آهي ته ڀتين ۽ ٻين وڻن سان چنبڙندي
سهارو وڍندي مٿي چڙهندي ويندي آهي ۽ ان کي پنهنجو
عروج سمجهندي آهي. اصل ۾ پائدار ترقي ته بتدريج
جدوجهد سان ئي پيدا ٿيندي آهي.
شهوت پرست پوڙها
شهوت پرست پوڙهن جي نسبت فرمائن ٿا ته انهن جو مثال ائين آهي
جيئن چلهه جي مٿان ديڳ رکي هجي اندران خالي هجي
ليڪن ان جي هيٺان گهڻي باهه ٻرندي هجي نه ٽنگن ۾
طاقت آهي نه گهوڙو آهي. ليڪن شهسواريءَ جو شوق
آهي. انهن پوڙهن شهوت پرستن کي ڪتن وانگر سمجهڻ
گهرجي. جڏهن ڪراڙپ ۾ ڪتي جا ڏند ڀڄي پوندا آهن ته
پوءِ غلاظت ۾ وات وجهندو پيٽ ڀريندو وتندو آهي. سٺ
سال جو پوڙهو هَوَسي نهايت درجي جو ملعون هوندو
آهي.
ڪريل مثالن جو جواب
مثنويءَ تي اڪثر هي اعتراض ڪيو ويندو آهي ته هن ۾ گهڻا مثال ۽
قصه ڪريل قسم جا آهن. حالانڪ مولانا انهن مان اهم
اخلاقي نتيجا اخذ ڪن ٿا ليڪن بهرحال بعض مٿالن جي
سطح تمام ڪريل آهي. جنهن مان سليم طبع وارن کي
تڪليف ٿئي ٿي. هن جي جواز ۾ حڪيم معنوي مولانا
رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته جيڪڏهن مخاطب گهٽ
درجي جي ذهنيت جو انسان آهي ته ان کي مٿاهين درجي
جا خيال پسند نه ٿا اچن ۽ هو هنن کي پنهنجي ذهني
سطح تي ٿو کڻي اچي. ليڪن ڇا ڪجي روحانيت تي طعنه
ڪرڻ وارن ڪريل سطح جي انسانن کي به تعليم جي غرض
سان مخاطب ڪرڻو ٿو پوي جنهن سان لازمي ڪلام جي
انداز ۾ هيٺاهين اچي ٿي وڃي. درزيءَ کي قبا ٺاهڻ
وقت قبا پائڻ واري جسم کي ذهن ۾ رکڻ لازمي آهي.
قرآن کي ڪمائيءَ جو ذريعو بنائڻ وارا
جڏهن کان قرآن پاڪ نازل ٿيو آهي. ان وقت کان اڄ تائين هن مقدس
ڪلام الاهيءَ کي ڪمائيءَ جو ذريعو بنائڻ وارا به
مؤمن صورت هميشه موجود رهيا آهن. مولانا رحمت الله
عليه جن هڪ پوڙهي عورت جو قصو لکيو آهي ته هوءَ
تقريبا نوي سالن جي عمر جي هئي منهن گهنجن سان
ڀريل ڇوهاري جهڙو ٿي ويو هئس ڏند ڪري چڪا هئس.
وار بلڪل سفيد ٿي ويا هئس جسم ڪٻو ٿي ويو هئس.
ليڪن هن جي جنسي شهوت هن حالت جي باوجود زور هئي.
انهيءَ کي ڪنهن شاديءَ جي دعوت ملي ان ۾ شريڪ ٿيڻ
لاءِ هوءَ هار سينگار ڪرڻ لڳي. وارن کي ۽ ڀرن کي
ڪارو رنگ هڻي ڪارو ڪيائين. ان کان پوءِ منهن تي
پائوڊر وغيره گهڻون ٿڦيائين پر هن جي خواهش جي
مطابق چمڪ ڌمڪ ڪانه آئي. هن سوچيو ته مون وٽ هڪڙو
تمام عمدو سونهري ڪاغذ جو قرآن آهي جيڪڏهن ان جا
ورق ڦاڙي انهن جا سونهري ٽڪرا منهن تي هڻان ته
پوءِ سٺي چمڪ پيدا ٿيندي. منهن تي چپڪائڻ لاءِ
کؤنر ڪونه هئس ان ڪري هن ٿڪ سان ورقن جي ٽڪرن کي
منهن تي چپڪائڻ شروع ڪيو. ان کان پوءِ خوبصورت
چادر مٿي تي ويڙهي ان کي ٺيڪ ڪرڻ لڳي ته ٿڪ سان
چپڪايل ٽڪرا زمين تي ڪري پيا. انهن کي کڻي ٻيهر
لڳايائين وري چادر ٺيڪ ڪرڻ لڳي ته ٽڪرا وري ڪري
پيا. نهايت خفي ٿي چوڻ لڳي ته لعنت هجي ابليس تي
جيڪو مون کي تنگ ڪري رهيو آهي. ابليس به فوراً
موجود ٿي ويو ۽ انهيءَ پوڙهيءَ کي گار ڏئي چوڻ لڳو
ته اي سڪل گوشت واري برڪار نامراد! قرآن جي هيءَ
بي حرمتي ۽ هوس رانيءَ جي هيءَ نادر ترڪيب ته ازل
کان اڄ تائين منهنجي خواب ۾ به ڪانه آئي ۽ تون پاڻ
تي لعنت ڪرڻ جي بجاءِ مون تي لعنت ڪري رهي آهين.
ذوق فرمايو آهي:
کيا هنسي آتي هي مجهه کو حضرت انسان پر
فعل بد تو خود کرين لعنت کرين شيطان پر
معجزن جو اثر
معجزَن ۽ خوارق عادت جي نسبت مولانا رحمت الله عليه جن گهڻا
عارفانه نڪتا بيان فرمايا آهن ته عوام عام طور تي
انهن خوارق عادتن کي معجزات سمجهندا آهن. جن جو
اثر جمادات تي ٿيندو آهي. عصاءِ موسيٰ عليه السلام
شق البخريا شق القمر وغيره. ليڪن معجزات جي اصل
عظمت اتي ٿي ملي جتي نبي ﷺ جن يا ولي رحمت الله
عليه جو روح بغير ڪنهن مادي واسطي جي سڌو سنئون
طالب يا مخاطب تي اثر انداز ٿيندو آهي. جمادات تي
معجزن جو اثر پائدار ۽ بااثر هوندو آهي. نامحرم تي
معجزي جو اثر هي ٿيندو آهي ته اهو انهيءَ اعجاز
سان عاجز ٿي مغلوب ٿي پوندو آهي. ان جي روح ۾ نه
ڪا پاڪيزگي پيدا ٿيندي آهي ۽ نه ان جي روحاني طاقت
۾ اضافو ٿيندو آهي. فرمائن ٿا ته جيڪڏهن مٽي جو
پکي ٺاهي ڪناري تي رکجي ته درياهه جي موج ان کي
وهائي ٻوڙي کڻي هلي ويندي ليڪن پاڻيءَ جو پکي ان ۾
خوش و خرم ترندو رهندو. نااهل ۽ اهل تر معجزن جو
اثر اهڙي طرح مختلف طريقن سان ٿيندو آهي.
شيطان انسان کي جان ۽ مال جي نقصان کان ڊيڄاريندو آهي
روحانيت جو معيار درويشي آهي. جيڪو شخص روحانيت ۾ جيترو بلند
هوندو آهي اوتروئي حب مال ۽ حب جاهه ۽ اقتدار کان
پري هوندو آهي. انسان انهيءَ دورانديشيءَ ڏي ڇو نه
ٿا اچن. جنهن جي نسبت رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي
ته ”الفقر فخري“ ان جو سبب اهو آهي ته انسان جو
نفس شيطان يا فريب ڏيندڙ امارو نفس هن کي
ڊيڄاريندا رهن ٿا ته جيڪڏهن تون مال متاع يا
اقتدار تان دست بردار ٿئين ته سڀني قسمن جي عزتن ۽
لذتن کان محروم رهجي ويندين. ان ڪري انسان جائز ۽
ناجائز هر طرح سان مال حاصل ڪرڻ ٿو چاهي ۽ دولت کي
لپٽيو پيو آهي. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن
ٿا ته اسلام جنهن فقيري جي تلقين ڪئي آهي. اها
زندگيءَ جي ذريعن تان دستبردار ٿيڻ نه بلڪ انهن جي
حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. ان جي مثال ۾ هو هڪ قصو ٿا
لکن ته هندوستان تي حملن ۾ هڪ اهڙو غلام سلطان
محمود غزنويءَ جي هٿ آيو جيڪو سلطان کي ڏاڍو پسند
آيو. سلطان ان کي پاڻ سان گڏ تخت تي ويهاريو ۽
باقي سڀ امير وزير ان جي سامهون هٿ ٻڌيو بيٺا
رهيا. اهو غلام ڇوڪرو زارو زار روئڻ لڳو. سلطان
پڇيس ته هن عزت ۽ شفقت تي خوش ٿيڻ بدران روئڻ جو
ڪهڙو سبب آهي؟ هن چيو ته روئڻ غم ۽ ڏک جو نه آهي.
منهنجا ڳوڙها ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري نڪري رهيا آهن.
منهنجي ماءُ جڏهن مون تي سخت ناراض ٿيندي هئي ته
مون کي اها بد دعا ڏيندي هئي ته تون محمود جي
حوالي ٿئين. تو جهڙي نافرمان جي اهائي سزا آهي.
منهنجو پيءُ وري اهو ٻڌي منهنجي ماءُ سان وڙهندو
هو ته اهڙي سخت بد دعا ٻار کي ڇو ٿي ڏين؟ مان
خوفزده ۽ حيران ٿي ٻڌندو هئس ۽ دل ۾ چوندو هئس ته
محمود جي حوالي ٿيڻ گويا دوزخ ۾ وڃڻ برابر آهي.
مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته خدا پاڪ هنن کي انهيءَ
درويشيءَ ڏي دعوت ٿو ڏئي جيڪا هنن کي زندگي ۽
ڪائنات تسخير ۾ ڏئي سڀني حقيقي دولتن سان مالا مال
ڪري ڇڏي ۽ شيطان هنن کي ڊيڄاري ٿو ته هن درويشيءَ
۾ بي بسيءَ کان سواءِ ڪجهه ڪونهي، تون جيڪڏهن خدا
۽ ان جي نبين جي ڳالهه ٻڌين ته سڀني لذتن کان
محروم ٿي ويندين. سچو فقر ته انسان کي خدا سان گڏ
ان جي عرش برين تي ساڻس قريب ويهاري ٿو سگهي.
ڪاملن ۽ ڪاهلن تي تقدير الاهيءَ جو الڳ الڳ اثر ٿيندو آهي
جبر ۽ اختيار جي مسئلي کي سمجهائڻ لاءِ مولانا رحمت الله عليه
مثنويءَ جابجا حڪيماڻو طريقو اختيار ڪيو آهي. ڪجهه
گهٽ ذهنيت رکندڙ تقدير الاهيءَ تي اهو اعتراض ٿا
ڪن ته تقدير کي مڃڻ وارا ڪاهل اپاهج ۽ بي وس ٿي
ويندي آهن ۽ چوندا آهن ته جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته
جيئن الله تعاليٰ ازل کان مقدر ڪري ڇڏيو آهي ته
پوءِ ڪوشش مان ڪهڙو فائدو؟ مولانا فرمائي ٿو ته
جبر ۽ تقدير جي عقيدي جو مختلف طبيعتن تي مختلف ۽
متضاد اثر ٿيندو آهي. جيڪي ماڻهو اهل بصيرت آهن ۽
وڏي همٿ رکن ٿا اهي تقدير جي عقيدي جي ڪري هر قسم
جي خوف ۽ غم کان بالاتر ٿي ٿا وڃن. پنهنجي فرضن جي
ادائيگيءَ تي سڀ قوتون صرف ڪرڻ کان پوءِ يقين ٿا
رکن ته نتيجو خدا تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي. هو نفعي ۽
نقصان جي تصور کان خواهه مخواهه فڪر مند ۽ پريشان
نه ٿيندا آهن. جنهن شخص تي تقدير جي عقيدي جو اثر
غفلت انگيز هوندو آهي. اهو انهيءَ شخص جي پست همتي
۽ فڪر جي ڪمزوريءَ تي دلالت ڪندو آهي. اسلام جي
شروعاتي دور جا سرفروش سڀ تقدير الاهيءَ جا قائل
هئا. ان ڪري پوري دنيا کان زياده انقلاب آڻيندڙ
هئا. ليڪن اڳتي هلي انهيءَ عقيدي گهڻن ماڻهن کي
نڪمو ڪري ڇڏيو. مولانا رحمت الله عليه فرمائي ٿو
ته جبر يا تقدير جو ڪامل انسان تي هڪڙي قسم جو اثر
ظاهر ٿيندو آهي. درياهه نيل جو پاڻي حضرت موسيٰ
عليه السلام ۽ ان جي ساٿين جي لاءِ حيات بخش هو
ليڪن فرعون ۽ ان جي پيروڪارن جي لاءِ خون جو
درياهه بنجي ويو.
نظر! حقيقت نگر پيدا ڪيو
انسان جي اصليت شعوت و ادراڪ يا نظر آهي. باقي رهيو جسم گوشت ۽
کل ته اهي گڏهه وٽ به آهن. اي انسان! تنهنجي
چرٻيءَ سان ته ڪا شمع به روشن ڪانه ٿي ٿئي ۽
تنهنجي گوشت سان ڪنهن شرابيءَ لاءِ ڪباب به ڪونه
ٿا ٺهن. جيڪڏهن پنهنجي اصليت کي سڃاڻو ۽ انسانيت ۾
ترقي ڪرڻ چاهيو ته پوءِ نظر پيدا ڪيو ۽ نظر به ٻن
قسمن جي آهي. هڪڙي تنگ نظر هوس پرستن جي ماده پرست
نظر جيڪا ٿورو پري تائين ڏسي ٿي سگهي ۽ ٻي اها نظر
جيڪا ٻنهين جهانن کان علاوه خدا جو به ديدار ڪري
ٿي سگهي.
لهو ۽ لعب (راند روند) ۾ انسان پنهنجي حقيقي دولت وڃائي ٿو ڇڏي
قرآن ڪريم فرمائي ٿو ته زندگي کلڻ ٽهڪ ڏيڻ ۽ اجائي لهو ۽ لعب
(راند روند) ناهي ۽ هستي صرف نظر جو ڌوڪو نه آهي
بلڪ هيءَ هڪ سنجيده ۽ بامقصد حقيقت آهي. ليڪن گهڻا
ماڻهو حقيقي قدرن کي صرف مسخري سمجهندا آهن. ان جو
جيڪو نتيجو ٿيندو آهي. ان کي مولانا رحمت الله
عليه هڪ حڪايت ۾ بيان فرمايو آهي ته هڪ درزي هئو
ان کي جيڪو به ڪپڙو سبرائبو هو ان مان ڪجهه نه
ڪجهه ضرور چورائيندو هو. هڪ ترڪ پڇيو ته هن شهر ۾
سڀ کان وڌيڪ مڪار ۽ دغاباز ڪير آهي؟ ماڻهن چيو ته
جيڪڏهن هو مون کي به ڌوڪي ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته هي
عربي گهوڙو مان شرط ۾ ٿو رکان ۽ جيڪڏهن درزي مون
کي دغا ڏيڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو ته پوءِ مان توهان کان
هڪ ٻيو عمدو گهوڙو وٺندس. ان کان پوءِ هن ترڪ ۽
هڪڙو استنبولي اتلس جي ڪپڙي جو ٿانُ- (تَاڪيو)
خريد ڪيو ۽ ان درزيءَ وٽ پهتو ته هن مان منهنجي
سامهون منهنجي لاءِ هڪ وڏو جبو (قبا) ٺاهه ۽ ماپ
وٺي منهنجي سامهون ڪاٽ. درزيءَ چيو ته حاضر مان
اکين سان اوهان جي خدمت لاءِ تيار آهيان. هيڏانهن
ڪپڙي تي قينچي رکيائين ۽ هوڏانهن ڪجهه اميرن جي
سخا ۽ ڪجهه بخيلن جي بخيليءَ جا قصا ٻڌائڻ شروع
ڪيائين قصا اهڙا ته مزيدار هئا جو ترڪ ٽهڪن ۾
اونڌو پيو ٿئي. جيئن ئي ترڪ ٽهڪن ۾ بي اختيار
اونڌو ابتو پيو ٿئي تيئن فوراً درزي ڪپڙي جو هڪڙو
ٽڪر ڪاٽي پنهنجي هيٺان لڪائيندو پيو وڃي. ترڪ کي
اهڙو مزو اچي ويو جو هن جو ڌيان ڪپڙي کان هٽي ويو
۽ تقاضا ڪرڻ لڳو ته يار اهڙا ٻيا به ڪي قصا ٻڌاءِ.
درزيءَ وري هڪڙو پاسريون ٽوڙيندڙ داستان ٻڌائڻ
شروع ڪيو جڏهن ترڪ ٽهڪن ۾ اڃا به وڌيڪ غافل ٿيو ته
هن هڪ ٻيو ٽڪرو به لڪائي ورتو. ترڪ جي فرمائش وڌيڪ
قصا ٻڌائڻ جي جاري رهي ۽ هوڏانهن اتلس جو ٿان
ايترو ته گهٽ وڃي بچو جو مشڪل سان ترج جي قبا ٺهي
سگهي آخر درزيءَ کي به هن غافل ترڪ تي رحم آيو هن
قبا سبي ته ڏني ليڪن نهايت تنگ باقي قيمتي ڪپڙو
هضم ڪري ويو. مطلب ته ٽهڪن جي شوقين ترڪ اتلس جي
قيمتي ڪپڙي جو وڏو حصو به ضايع ڪيو. پنهنجي قبا به
سوڙهي سبجي مليس ۽ شرط هارائي عربي گهوڙو به وڃائي
ويٺو.
مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته اڪثر انسانن جو به اهوئي
حال آهي. الله تبارڪ و تعاليٰ انسان کي روحاني
زندگي جو اتلس عطا ڪيو. بهترين جوڙجڪ جي فطرت سان
نوازيو مگر انسان اجائي راند روند ۽ کلڻ کائڻ ۾
مست ٿي ان کي ضايع ڪيو ڇڏي. کلند کلندو احسن تقويم
(بهترين خلقت) کان اسفل السافلين تي وڃي ڪريو ۽
شيطان هن جي سٺن عملن واري طاقت جي گهوڙي کي
چورائي هليو ويو.
شر جي وجود کان بغير خير و حاصل ٿيڻ به ممڪن نه آهي
هڪ گهٽ سمجهه وارو صوفي خدا ۽ زندگيءَ جي نسبت هن قسم جون
ڳالهيون ڪري رهيو آهي. جيڪي ڪجهه حڪمت کي نه سمجهڻ
وارا ماڻهو ڪندا آهن ته خدا تعاليٰ کي هر قسم جي
قدرت حاصل آهي ته پوءِ هن دنيا مان شر کي بلڪل ختم
ڇو نه ڪيو، ۽ انسان کي نفس اماره سان شديد جدوجهد
۾ ڇو مبتلا ڪري ڇڏيو اٿس؟ مولانا رحمت الله عليه
فرمائن ٿا ته اهڙن بيوقوفن جي سمجهه ۾ هي نه ٿو
اچي ته جنهن محض خير جا هو طالب آهن اهو شر جي نه
هجڻ سبب خود ختم ٿي وڃي ها. زندگي ته آزمائش ۽
سيرت سازيءَ جو ڪارخانو آهي ۽ صالح سيرت شر تي
غالب اچڻ کان سواءِ ڪيئن ٿي بنجي سگهي، جيڪڏهن
جهالت نه هجي ته علم ۽ حڪمت به غائب ٿي وڃي. قرآن
حڪيم ۾ به اها واضح تعليم ملي ٿي ته جيڪڏهن خدا
چاهي ها ته سڀني کي هڪجهڙو مومن بنائي ڇڏي ها.
ليڪن هن ائين نه ڪيو ان ڪري جو ايمان ته اختيار
سان حاصل ڪرڻ جي شيءِ آهي. جبري ايمان کي ڪير ٿو
ايمان چئي سگهي؟ هڪ ٻيو جواب اهڙي شخص کي مولانا
هي ٿا ڏين ته شر جي خلاف جدوجهد ۽ صبر جي مشق سان
خدا ۽ انسان جو رابطو قائم ٿو رهي. جيڪو شخص هن
محنت کان گهٻرائي تن آسانيءَ ۾ هن کي ترڪ ڪري ڇڏي
ته ان کي خدا به نه ٿو ملي سگهي. هڪ غريب مڙس جي
زال هن سان شڪايت ڪئي ته تون منهنجي لاءِ آسائش جو
سامان مهيا نه ٿو ڪرين. مڙس چيو ته مون کي جيڪي
ڪجهه محنت مزدوريءَ مان ملي ٿو ان مان تنهنجي نان
نفقي ۽ ڪپڙي جو انتظام ڪندو آهيان. زال چيو ته هي
ڪپڙو ته ٽاٽ وانگر آهي ۽ منهنجي جسم کي ڇلهي رهيو
آهي ڪو سٺو مڙس زال کي اهڙا ڪپڙا پارائيندو آهي؟
مرش چيو ته مان ته پنهنجي طرفان بي توجهه ۽ ڪوتاهي
ڪونه ٿو ڪيان. هاڻي تون سوچ ته منهنجي گهر ۾ توکي
انهيءَ کان بهتر ڪجهه ميسر نه ٿي سگهندو. هڪ طرف
هيءَ سادگيءَ آهي ۽ ٻئي طرف طلاق ۽ فراق، تون پاڻ
ئي فيصلو ڪر ته انهن ٻنهين بلائن مان ڪنهن کي تون
آسان تر سمجهي قبول ڪرڻ تي آماده آهين.
مولانا جن فرمائن ٿا ته خدا جي تقاضا به اهڙي قسم جي آهي ته
جيڪڏهن زندگيءَ ۾ جدوجهد توکي ناگوار آهي ته پوءِ
اسان کان به پري ٿي وڃ ڇو ته اسان کي ته محنت ۽
صبر وارا ئي پسند آهن. جيڪڏهن منهنجو قرب گهرو ٿا
ته ان جو اهوئي رستو آهي.
يڪي ۽ دوئي
گهڻن وڏن صوفين وانگر مولانا رحمت الله عليه جي توحيدي واري
عقيدي ۾ وحدت الوجود ملي ٿو. هو حيات ۽ ڪائنات جي
ڪثرت کي مجازي ۽ اعتباري ۽ وحدت مطلقه کي حقيقي ٿا
سمجهن. بصيرت انهيءَ جو نالو آهي ته هر جاءِ تي
ڪثرت ۾ وحدت تلاش ڪئي وڃي ڇو ته وحدت ئي وجود ۾
مظاهر جو سرچشمو آهي. جيڪو شخص ڪثرت يا دوئيءَ کي
حقيقي ٿو سمجهي مولانا جي نزديڪ ان جو مثال انهيءَ
ٽيڏي شخص وانگر آهي. جنهن کي هڪ شيءِ ٻه ٿيون نظر
اچن. فرمائن ٿا ته عام ماڻهن جي شعور ۽ ادراڪ ۾
ٽيڏوپن ايتري قدر گهڙي ويو آهي جو عارف کي به ان
سان ڳالهائڻ وقت مشرڪاڻو انداز بيان اختيار ڪرڻو
ٿو پوي. وحدت جي درياهه ۾ موتي هجن يا مڇيون، سڀ
موجن جون اعتباري صورتون آهن.
نسانن جي عملن جا محرڪات عام طرح ادنيٰ هوندا آهن ليڪن خدا انهن
جي ذريعي سان عام فلاح پيدا ڪندو آهي
يوان هجن يا انسان، انهن جي فطرت اهڙي نه آهي جو
پنهنجي فوري ۽ ذاتي غرض کان نظر هٽائي پري جي
نتيجن کي ڏسي سگهي يا بلند مقصدن لاءِ ايثار ۽
جدوجهد ڪن. ليڪن مخلوقات جي انهيءَ تنگ نظري ۽
خودغرضيءَ جي باوجود جهان جو نظام قائم آهي. خدا
گهڻو ڪري انسان کان جڏهن وڏا ڪم وٺڻ چاهيندو آهي
ته ڪو ننڍو عمل انهن جي ذهنن ۾ پيدا ڪندو آهي.
جيڪڏهن وڏي پيماني تي خلق خدا جي لاءِ امن و امان
قائم ڪرڻ گهرندو آهي، ته ڪنهن بادشاهه جي دل ۾ ملڪ
گيريءَ جي هوس پيدا ڪندو آهي. بادشاهه جي اندر
محرڪ عمل فتح هوندو آهي. ليڪن فتح کان پوءِ خود
سلطنت جي بقا جي تقاضا هوندي آهي ته نظم نسق ۽ عدل
جو نظام قائم ڪيو وڃي. جيڪڏهن ملڪ ۾ بدامني هجي ته
بادشاهه کي به ڪجهه حاصل نه ٿي سگهندو آهي. کوهه
مان پاڻي ڪڍڻ واري يا گهاڻي جي ڍڳي جو به اهوئي
حال آهي ان جي مقصد نه خلق کي فائدو پهچائڻ لاءِ
پاڻي ڇڪڻ آهي ۽ نه گهاڻي ۾ ترن جو تيل ڪڍڻ. هو
ويچارو ته صرف انهيءَ خوف کان مشقت ۾ لڳو رهندو
آهي ته جيڪڏهن انڪار ڪيم ته ڏنڊا لڳندا. انسان ۾
به هر ڪم ڪرڻ وارو، هر تاجر ۽ هر اهل فن جو اهوئي
حال آهي انهن جو ڪو اتفاقي اهڙو ملندو جيڪو جهان
جي سڌاري ۽ جهان ۾ رهندڙن جي لاءِ فلاح جو ڪو شان
هجي. ليڪن هر ڪنهن جي ڪوشش جو بالواسطه نتيجو خلق
جي نفع لاءِ هوندو آهي. هرهڪ پنهنجي ئي درد جو
علاج ڳولهي رهيو آهي. ليڪن خدا تعاليٰ جلشانه انهن
خود غرضين کي اهڙن طرح پاڻ ۾ منسلڪ ۽ مربوط ڪري
رکيو آهي جو نتيجو ٿا اخذ ڪن ته اختلافات ۾ هم
آهنگي پيدا ڪرڻ واري ضرور هڪ ناظم هستي آهي. جيڪا
مجموعي حيثيت ۾ انتشار کي غالب ٿيڻ نه ٿي ڏئي.
ذاتي نقصان جي خوف کي خدا تعاليٰ جهان جو معمار
بنائي ڇڏيو آهي.
طبعي فلسفيءَ جي بيڪار ڊوڙ ڊڪ
مثنويءَ ۾ مولانا رحمت الله عليه جن ”فلسفيءَ“ کي هڪ ڀٽڪيل
انسان ٿا چون. دنيا ۾ فلسفي سڏائڻ وارا ڪيترن قسمن
جا مفڪر گذريا آهن. ليڪن مولانا رحمت الله عليه جي
مراد انهن فلسفين ڏي آهي جيڪي ڪنهن نه ڪنهن رنگ ۾
ماديت کان نه نڪري سگهيا آهن يا جيڪي منطقي ۽
استدلالي عقل کان سواءِ حقيقت تائين پهچڻ جا ڪنهن
ٻئي ذريعي جا قائل نه آهن صوفي ۽ فلسفيءَ جو
بنيادي فرق اهو آهي ته صوفي خدا کي پنهنجي نفس جي
گهراين ۾ ٿو تلاش ڪري ۽ طبيعي فلسفي هن کي فقط
آفاق ۾ ٿو ڳولي، ليڪن صرف مظاهر ۽ حوادث جو علم ان
کي حقيقي وجود کان آگاهه نه ٿو ڪري سگهي. مطلقه
حقيقت يا خدا جي تلاش ڪرڻ وارن کي قرآن پاڪ هي ٿو
ٻڌائي ته توهان کي پري پري ڳولڻ جي ضرورت نه آهي
ڇو ته جنهن کي توهان ڳولي رهيا آهيو اهو ته توهان
جي شهه رڳ کان به وڌيڪ ويجهو آهي. فلسفي صرف گمان
سان پري پري تير هڻندو ٿو وتي. مولانا رحمت الله
عليه جن فرمائن ٿا ته اهڙي شڪاريءَ کي ڇا ملندو جو
شڪار ته هن جي قريب ويٺو آهي مگر هو ان کان غافل
ٿي پري پري تير هلائي رهيو هجي. هڪڙو شڪاري صرف
پنهنجي هٿن جي طاقت آزمائي رهيو آهي ان جي تير جو
ڪو نشانو ڪونهي. ان ڪري قران پاڪ ٻڌائي ٿو ته صرف
گمان انسان کي حق تائين نه ٿو پهچائي سگهي، حقيقت
۽ معرفت جو خزانو ته خود انسان جي اندر موجود آهي.
”من عرف نفسه فقد عرف ربه“ ليڪن طبيعي فلسفي ان جي
تلاش لاءِ ٻاهر ڊوڙ ڊڪ ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن خزانو
گهر ۾ ئي موجود آهي ته ان کي ٻاهر جي دنيا ۾ تلاش
ڪرڻ وارو جيتري به ڪوشش ڪندو اوترو ان کان پري
ٿيندو ويندو. مولانا رحمت الله عليه جن ان تي هڪڙي
ٻي شهادت ٿا پيش ڪن ته الله تعاليٰ جلشانه فرمائي
ٿو ته ”الذين جا هدوا فينا لنهدينهم سبلنا“ خدا
تعاليٰ ”جاهدوا فينا“ فرمايو آهي ”جاهدوعنا“ ڪونه
فرمايو آهي. حق جي تلاش جي ڪوشش خدا جي اندر ويهي
ڪرڻ گهرجي هن کان پري رهي نه.
خدا کي پنهنجي نفس جي گهراين ۾ ڳولڻ گهرجي جتي انساني نفس
الوهيت سان همڪنار آهي. ٻاهرين دنيا ۾ به خدا جي
ذات ۽ صفات جا اشارا ان جي لاءِ قابل فهم ۽
اطمينان جو سبب ٿي ٿا سگهن. جنهن ”حبل الوريد“
يعني شهه رڳ کان به قريب تر هستي کي پهريائين
پنهنجي اندر ڏٺو آهي.
دنيا جي طلب ۾ الله وارن کي تنگ ڪرڻ وارا مريد
جڏهن ڪجهه الله وارا نفس جي پاڪيزگي ۽ روحاني طاقتن جي ڪري
ماڻهن جي توجهه جو مرڪز بنبا آهن ته انهن وٽ ڪثرت
سان دنيا جا طلبگار ماڻهو ننڍا ننڍا ۽ دنياداريءَ
جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پهچندا آهن. هو الله جي
وليءَ وٽ اهريون ڳالهيون ڪرڻ لڳندا آهن. جن مان
هنن جي پاڪ طبيعت پريشان ٿيندي آهي. پنهنجي اخلاف
جي ڪري هو انهن کي ڪجهه چئي نه سگهندا آهن ليڪن
اهڙن دنيا جي ڪتن جي صحبت سان طبيعت ۾ ناپسنديده
عجيب ۽ غريب حالتون پيدا ٿينديون آهن.
مولانا فرمائن ٿا ته اهڙن مطلبي ۽ بيڪار انسانن جي جاءِ تي ڪا
رڍ الله جي وليءَ کي ملي وڃي ته اها وڌيڪ بهتر آهي
ڇو ته رڍ هڪ جانور سهي، ليڪن انسانن جهڙو مڪر ڪوڙ
۽ فريب ته ان ۾ نه هوندو آهي. خدا جي پهتل بزرگن
وٽ هر قسم جا ماڻهو دنيا جا مطلب کڻي انهن جي حاصل
ڪرڻ لاءِ روحاني مدد جي لاءِ ايندا آهن. ليڪن ڪو
اهڙو انسان تمام گهٽ بلڪ اتفاقي ايندو آهي. جيڪو
چئي ته مان به نفس جي پاڪيزگيءَ ۽ خدا جي قرب لاءِ
طلبگار آهيان ۽ توهان کان هدايت وٺڻ آيو آهيان.
گهڻيون قومون پنهنجي تاريخ تي فخر ڪرڻ لڳنديون آهن. جيئن ته
موجوده حالت قابل فخر نه هوندي آهي ان ڪري ”پدرم
سلطان بود“ (بابو بادشاهه هو) جو ورد ٿيندو آهي.
اهڙي طرح ڪجهه ماڻهو جيڪي پاڻ ڪجهه به نه هوندا
آهن. حسب نسب ۽ خاندان جي سهاري ٻين کان احترام جا
طلبگار هوندا آهن. مولانا فرمائن ٿا اهي احمقانه
ڳالهيون آهن. انسان کي ماضيءَ تي فخر ڪرڻ جي بجاءِ
پنهنجي حال تي نظر ڪرڻ کپي. ان جي بابت هڪ مثال ٿا
بيان فرمائن ته هڪ اٺ هڪ ڍڳو ۽ هڪ گهيٽو هلندي
هلندي رستي ۾ رفيق بنجي پيا. رستي ۾ هڪ گاهه جي مٺ
پئي هئي. ٽنهين جي طبيعت کائڻ ٿي چاهيو پر گهيٽي
چيو ته دوستو هي گاهه ڪجهه ايترو ڪونهي جو ٽي حصا
ڪيا وڃن ۽ ٽنهين جو پيٽ ڀرجي. ان ڪري هن تجويز ڏني
ته حديث شريف جي مطابق اسان ۾ جيڪو عمر ۾ وڏو هجي
پوري جو پورو گاهه ان جي حوالي ڪجي. گهيٽي چيو ته
منهنجي عمر جو ڇا ٿا پڇو. مان ته حضرت اسماعيل
عليه السلام جي قربانيءَ واري گهيٽي سان انهيءَ
زماني ۾ هڪ ئي چراگاهه ۾ گڏ چرندو هئس. ڍڳي چيو ته
هي ته ڪو ڏاڍو هوشيار ٿو معلوم ٿئي، ان ڪري هن کان
اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ چيائين ته دوستو مان انهيءَ جوڙي
جو ڏاند آهيان. جنهن سان حضرت آدم عليه السلام هر
هلايو هو. اٺ جڏهن ٻنهين جي ٻٽاڪ ٻڌي چڪو ته ڪجهه
ڳالهائڻ جي بغير گاهه کي پنهنجي وات سان جهلي ڳچي
مٿي ڪري کائڻ لڳو اتي نه گهيٽو پهچي ۽ نه ڍڳو.
گاهه کائي اٺ چوڻ لڳو ته يارو مون کي ته نه قيل ۽
قال جي ضرورت آهي ۽ نه تاريخ ۽ سوانح عمريءَ جي.
جيڪڏهن حصه بقدر جثه جو اصول صحيح آهي ته پوءِ
منهنجو جسم ۽ گردن عاليءَ کي ڏسو توهان فضيلت
تاريخ ۾ ٿا ڳوليو اصل بزرگي ته موجود حالت جي آهي
سو پنهنجي حيثيت جو مقابلو منهنجي موجوده حيثيت
سان بيان ڪيو.
سليم قلب ڪوڙ ۽ سچ جي ڪسوٽي آهي
مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته جنهن شخص جي دل ۾ مرده نه
ٿي وئي آهي، ان کي ڪوڙ سان ڪڏهن به اطمينان حاصل
نه ٿي سگهندو. نفس جي پاڪيزگيءَ سان ته دل سچائي ۽
ڪوڙ کي پرکڻ جي ڪسوٽي بنجي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن
بيان ۾ ٿورو به ڪوڙ آهي ته صالح قلب ان کي اهڙي
طرح محسوس ٿو ڪري وٺي جيئن گرهه ۾ لڪل هڪ ڪک يا
پٿري اچي وڃي ته زبان ان کي نڙيءَ ڏي وڃڻ کان
روڪيندي ۽ جيسين تائين ان کي ڪڍي ٻاهر نه ڪندي
تيسين ان جي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪوشش ۾ لڳل رهندي. ان
کان به وڌيڪ حساس قلب اک وانگر ٿي پوندو آهي جو
جيڪڏهن ڪو ڪک اڏامندي اک ۾ پئجي وڃي ته اک فوراً
پنهنجي اندران پاڻي ڪڍندي ۽ مسلسل بند ٿيڻ ۽ کلڻ
جي ڪوشش سان ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي آهي.
ٻاهريان شاهد ۽ منطقي دليلن کان گهڻو وڌيڪ اعتبار
جي قابل سچ ۽ ڪوڙ کي پرکڻ واري ڪسوٽي خود انسان جو
سليم قلب آهي. جنهن جي فطرت ئي اها آهي ته سچ سان
اطمينان ۽ ڪوڙ سان خلش ۽ بي اطميناني پيدا ٿيندي
آهي.
نفس جي تقاضائن کي پوري ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ بهتر آهي
مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته ڪنهن خطاڪار کي سزا ڏيڻ
۾ جلدي بازي نه ڪرڻ گهرجي (جلدي شيطان جو ڪم آهي)
جذبات جي تقاضا هيءَ هوندي آهي. ته اهي جلدي طلب
ڪندا آهن، ان ڪري جو جيڪڏهن هنن کي فوراً پورو نه
ڪيو وڃي ته ختم ٿي وڃڻ جو انديشو هوندو آهي.
جيڪڏهن سزا ڏيڻ ۾ ڪاوڙ ۽ انتقام جو شڪ نه هجي ۽
ڪنهن به قسم جي خودغرضي نه هجي ته اهڙي سزا الله
تعاليٰ جي مرضيءَ جي مطابق هوندي آهي، کائڻ پيئڻ
جي معاملي ۾ به کائڻ جي خاص وقتن کان علاوه ڪنهن
وقت ٿوري بک محسوس ٿيندي آهي. اهڙي صورت ۾ جهٽ پٽ
پيٽ ڀرڻ غلط هوندو آهي، جسم جي ٻين خواهشن ۽ شهوتن
جو به اهوئي حال آهي جو جيڪڏهن فوراً انهن جي
تقاضا پوري نه ڪئي وڃي ته اهي خود بخود ختم ٿي
وينديون آهن. بي وقتي بک جي وقت گهڻو کائڻ سان
هاضمو خراب ٿي پوندو آهي.
هيءَ حڪيماني ڳالهه مثنويءَ ۾ بار بار ڪيترين جاين تي چئي ويئي
آهي ته جهان ۾ خير ۽ شر پاڻ ۾ مليل آهن. ڪابه شيءِ
نه مطلق خير آهي ۽ نه محض شر- ڪنهن به شيءِ جي خير
يا شر هجڻ موقعي جي لحاظ سان آهي، ڪنهن کي ٿڦڙ هڻڻ
بري ڳالهه آهي ليڪن ٿڦڙ هڻڻ سان جيڪڏهن ڪنهن شخص
جو اهڙو اصلاح ٿئي جو هو ڪنهن وڏي جرم ڪرڻ کان بچي
وڃي ته مقصد انتقام نه بلڪ اصلاح آهي. ان جو مثال
مولانا رحمت الله عليه جن مثنويءَ ۾ اهوئي بيان
فرمايو آهي ته غاليچي يا قالين کي صاف ڪرڻ لاءِ
جهٽڪا ڏبا ۽ لٺيون هڻبيون آهن. ليڪن ڪوبه مالڪ
پنهنجي قيمتي قالين کي نقصان پهچائڻ نه ٿو چاهي
صرف نقصان پهچائيندڙ انتقامي سزا ڪنهن به معقول
شريعت جو مقصد نه ٿو ٿي سگهي.
اسلام ۾ مشورو ڪرڻ جي تلقين
قرآن ڪريم ۾ مؤمنن جي هڪڙي صفت اها بيان ڪئي ويئي آهي ته هو
فيصلو هڪ ٻئي جي مشوري سان ڪندا آهن، مولانا رحمت
الله عليه هن تلقين جي مثنويءَ ۾ ڪيترين جاين تي
وضاحت ڪئي آهي، فرمائن ٿا ته عقل جيڪڏهن هڪ چراغ
آهي ته ان سان اهو لازمي آهي ته ڏهن ويهن يا ان
کان زياده چراغن جي روشني هڪ بتيءَ کان ڪجهه زياده
هجي. جن ملڪن آئين ساز مجلسون مشوري لاءِ قائم
ڪيون ته انهن جو اهو عقيدو هو ته جڏهن مختلف خيال
ماڻهو ڪنهن معاملي ۾ ويهي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا ته
فيصلو صحيح هجڻ جي زياده قريب هوندو. هي ڪنهن قوم
جي بي حد بدقسمتي آهي جو ان جي مجلس شوري ۾ گهڻو
ڪري خود غرض، شيطانن جا ڀائر ۽ دجال جا گڏهه ئي
جمع هجن، پر جيڪڏهن گهڻن ماڻهن سان مشورو ڪيو وڃي
ته ان جو قوي امڪان آهي ته گهڻا نه ته ٿورا مشورا
ڏيڻ وارا اهل نظر حق ڳالهائيندڙ به هوندا.
دائمي نماز
مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته عام مومنن جي نماز ته
پنج وقت ٿيندي آهي، جنهن جو فائدو هي آهي ته انسان
دنياوي معاملا ۽ ڪمن ۾ مصروف ٿي ويندو آهي ۽ خدا
کان غافل ٿي ويندو آهي. ان ڪري ضروري آهي ته ٿوري
ٿوري دير کان پوءِ هن کي خدا ڏي سڏيو وڃي، ليڪن
عاشقان الهٰيءَ کي هن مان پوري تسڪين ڪاٿي ٿي ٿئي؟
اهي محبوب جي حب ۾ مستغرق هڪ لمحو به خدا کان عافل
نه ٿا ٿين. هنن جي حالت انهن مومنن واري نه آهي جو
منڊيءَ ۾ اناج جي اچڻ جو دهل ٻڌي نماز کي اڌ ۾ ڇڏي
ڀڄي ويا جنهن تي خدا هنن کي تنبيهه ڪئي. مولانا
رحمت الله عليه ”الذين هم عليٰ صلواتهم دائمون“ کي
عاشقان الهٰي جي ئي ڪيفيت ٿا بيان ڪن، نمازون پنج
هجن يا پنجاهه، دائمي ذڪر ۾ مستغرق عاشق کي انهن
مان تسڪين نه ٿي سگهي، حضرت ابوهريره رضي الله عنه
رسول الله عليه ﷺ جي صحبت جا شائق هئا، ان ڪري روز
سندن ﷺ خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا. رسول ڪريم ﷺ جيڪي
اخلاق جا مجسما هئا تن نهايت خوبصورت محبانه ۽
حڪيمانه انداز ۾ کين چيو ته ڪجهه ڏينهن جو وقفو
ڪري ايندا ڪيو ڇو ته ٿورو فراق محبت ۾ اضافو ٿو
پيدا ڪري. مولانا رحمت الله عليه جن هن نصيحت ڏي
اشارو فرمائيندو فرمائن ٿا ته ”رز غبا تزدد حبا“
عاشقان الهٰي جي لاءِ نه آهي، انهن جو حال خدا جي
نسبت درياهه ۽ مڇيءَ وانگر آهي، مڇيءَ کي جيڪڏهن
چئجي ته ڪڏهن پاڻيءَ ۾ رهندي ڪر ۽ ڪڏهن ٻاهر
خشڪيءَ تي ايندي ڪر ته مڇي ڪيئن مڃيندي؟ چند لمحن
جي دوري به ان جي لاءِ موت جو سبب ٿيندو. ڇا ڪو
پنهنجي جان کي به چئي سگهندو ته ڪڏهن مون ۾ نظر
ايندي ڪر ۽ ڪڏهن مون کان پري رهندي ڪر؟ عشق الهٰي
۾ محبت ۽ محبوب يڪ نفس ٿي ويندي آهن خدائي هنن جي
جان بنجي ويندو آهي، جنهن کان جدائي ناممڪن ٿي
پوندي آهي، فرمائن ٿا اهڙي حالت ۾ عشق جو عمل ٻه
طرفو ٿي پوندو آهي. اهڙا انسان خدا جا طالب ۽ عاشق
۽ خدا انهن جو طالب ۽ عاشق- انهيءَ رابطي جي لاءِ
ڪوبه مادي مثال موزون نه ٿي سگهي. ليڪن مثال کان
بغير چارو به ڪونهي فرمائن ٿا ته ڏينهن ۽ رات ۾ هڪ
ٻئي جي پيروي ۽ طلب مسلسل جاري رهندي آهي، خدا ۽
انسان نفس جي وحدت جو انداز جيڪو عشق جي ڪمال ۾
پيدا ٿيندو اهي. انهيءَ کي نه محسوسات جي زبان ۾
بيان ڪري ٿو سگهجي ۽ نه وري عقل ان کي سمجهي ٿو
سگهي. فرمائن ٿا ته خدا جو فيضان عام ڪيميائي
سعادت ۽ اڪسير حيات آهي، ان جو لطف عمومي ننڍي وڏي
تي آهي، مادي نور جي اهائي خاصيت آهي ته اهو
نجاستن تي به پوندو آهي ۽ ان جي ڪري هر ڪثافت
لطافت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. سج ڇيڻن کي گرمائش جو
نور پهچائيندو آهي جنهن سان هنن جي پليتي ختم ٿي
ويندي آهي ۽ ٻارڻ جي ڪم ايندا آهن. بٺيءَ ۾ ٻارڻ
سان انهن ۾ لڪل نور وري ظاهر ٿي وري نور بنجي ٿو
وڃي جيڪو سج مان حاصل ڪيو هئائون، انهيءَ سڪل ڇيڻن
ٻارڻ سان حمام جا به در دريون سڀ گرم ٿي ٿا وڃن.
دنيا جي سج جو قلب گرمائش جي نور سان جيڪي ڪجهه
ڪري ٿو ان کان تمام گهڻو وڌيڪ حقيقت جو سج ڪري ٿو
سگهي. جيڪو ڏسڻ ۾ نه اچڻ جي باوجود نور عليٰ نور
آهي، مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته خدا
جي رحمت جيڪا هر شيءِ تي محيط آهي انهيءَ زمين کي
به اها قدرت عطا فرمائي ڇڏي آهي ته ان ۾ نجاست
وجهو ته اها ان کي گلن ۽ ميون ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي
آهي. گناهن کي نيڪين ۾ مسلسل تبديل ڪندو رهڻ مشيت
۽ رحمت الاهيءَ جي تقاضا آهي.
ناجنس جي محبت
مثنويءَ جي سبق آموز قصن ۾ هڪ قصو ڏيڏر ۽ ڪوئي جي دوستيءَ جو
آهي. ڏيڏر پاڻيءَ ۾ به رهي ٿو سگهي ۽ خشڪيءَ تي
به- مگر ڪُوئو صروف خشڪيءَ تي ٿو رهي سگهي، ناجنسن
جي دوستيءَ جا بنياد مضبوط نه هوندا آهن. ائين وقت
گذرڻ لاءِ يا تفريح يا ڪنهن عارضي نفعي جي لاءِ
ڪجهه عرصي تائين دوستيءَ جو اظهار ڪن ته به ڪنهن
مصيبت جي وقت پنهنجو پنهنجو رستو وٺندا. ڪشميريءَ
به انهيءَ تلقين جي لاءِ لاجواب مثال تلاش ڪيو آهي
هو چئي ٿو ته مڇي ۽ پاڻيءَ جي رفاقت کي ڏسو. مڇيءَ
لاءِ پاڻي سرچشمه حيات آهي پر جيئن ته پاڻي ۽
مڇيءَ جي جنس جدا جدا آهي ان ڪري شڪاري جڏهن
پاڻيءَ ۾ ڄار وجهندو آهي ته مڇي ان ۾ گرفتار ٿي
پوندي آهي ۽ ان جو يار پاڻي ڄار جي سوراخن مان
ائين نڪري ويندو آهي ڄڻ ته ڪڏهن مڇيءَ سان دوستي
ئي ڪانه هئس. ساڳي طرح ڪوئي ۽ ڏيڏر جي دوستيءَ جو
به اهوئي حال ٿيو، جيستائين ڪنهن مصيبت جو مقابلو
نه هو ته ڏيڏر ڪناري تي اچي ڪوئي سان ڪچهري ڪندو
هو. ڪوئي چيو ته يار مان ته پاڻيءَ ۾ وڃي نه ٿو
سگهان پر تون خشڪيءَ تي اچ ٿو سگهين. جيڪڏهن مان
توکي پاڻيءَ ۾ وڃي نه ٿو سگهان پر تون خشڪيءَ تي
اچي ٿو سگهين. جيڪڏهن مان توکي پاڻيءَ مان سڏڻ
گهران ته ان جي ڪهڙي ترڪيب ٿي سگهي ٿي؟ ڪوئي اها
تجويز ڏني ته هڪ رسيءَ جي ذريعي اسين دوستيءَ جو
رشتو مضبوط ٿا ڪيون تون هيءَ رسيءَ ٽنگ سان ٻڌي ڇڏ
۽ هيڏانهن مان پنهنجي پڇ سان ٿو ٻڌان. هڪ ٻئي سان
ملاقات جي خواهش ٿي ته رسيءَ کي جهٽڪو ڏينداسين.
اتفاقاً هڪ ڪانءُ ڪوئي کي غافل ڏسي پڪڙي، شڪار کڻي
هوا ۾ اڏامڻ لڳو، جيئن ته رسي ڏيڏر جي به ٽنگ ۾
ٻڌل هئي ان ڪري هو ويچارو به مفت ۾ گرفتار ٿي هوا
۾ لڙڪندو رهيو. جنهن مان ڪانو کي هڪ جي بجاءِ ٻه
شڪار هٿ آيا.
مولانا رحمت الله عليه هن قصي مان ڪيترن قسمن جا نتيجا اخذ ڪيا
آهن. هڪ هي ته ناجنس جي صحبت ضرور آخرڪار مصيبت جو
سبب بنجندي، وري هن قصي ۾ مولانا رحمت الله عليه
جسماني شهوتن کي ڪوئي سان تشبيهه ٿا ڏين ۽ روح کي
ڏيڏر سان جيڪو خشڪي ۽ پاڻي ٻنهين ۾ زندهه رهي ٿو
سگهي، جسماني خواهشن جي ڪري انسان دنيا جي ڪانون ۽
ڪتن جو شڪار ٿيندو آهي. خاص ڪري ان حالت ۾ جو هن
پنهنجي روح کي جسمانيت سان اهڙي طرح ٻڌي ڇڏيو آهي.
جيئن ڏيڏر پنهنجي ٽنگ ڪوئي جي پڇ سان ٻڌي ڇڏي هئي.
ان کان بعد مولانا رحمت الله عليه هم جنسي جي
مضمون ۾ وڌيڪ وضاحت پيدا ٿا ڪن ۽ فرمائن ٿا ته هم
جنسي ظاهري نه بلڪ معنوي شيءِ آهي. هن کي ظاهر
مادي مشابهت ۾ نه ڳولڻ گهرجي.
روح کي ڪيل وانگر تصور ڪيو ۽ جنهن جسم کي کنيو هلندي ٿي وتي ان
کي داڻو تصور ڪيو ڪيل ڪڻڪ جي داڻي کي ڇو پسند ڪندي
آهي؟ هن جو جواب هي آهي ته ڪڻڪ جو داڻو بظاهر ته
ڪيل کان غير جنس ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ليڪن ڪيل کي
معلوم آهي ته هو هن جي معدي ۾ پهچي ۽ ملي هن جو هم
جنس بنجي ويندو. ان ڪري ڪيل جو جذبو نامعقول نه
آهي. هڪڙي ڪيل ڪڻڪ جو داڻو کنيو پئي وڃي ۽ ٻي جَوَ
جو داڻو- ڪيليون ته ٻئي هڪ ٻئي جون دوست آهن ليڪن
جو ڪڻڪ جي طرف ۽ ڪڻڪ جَوَ جي طرف نه ٿيون هلن ڇو
ته هنن ٻنهين جي جنس مادي آهي ۽ الڳ الڳ آهي.
انفسي ۽ آفاقي علم (باطني ۽ ظاهري علم) اصل مقصد عرفان ربّ آهي
ڪجهه علم انفسي آهن ۽ ڪجهه آفاقي بعض علمن جو تعلق مظاهر ۽ جهان
جي حوادث سان آهي ۽ انهن ئي علمن جي ذريعي انسان
خارجي فطرت جي قوتن کان ڪم وٺي ٿو سگهي. جنهن کي
تسخير فطرت چئبو آهي. علم النفس سان انسان کي
پنهنجي نفس جي ڪيفيت ۽ اصليت جو سراغ ملي ٿو. دين
جي لحاظ سان هر قسم جي علمن جي انتهيٰ ۽ انهن جو
مقصد خدا کي سڃاڻن آهي ۽ ٻيا سڀ علم ۽ فن انهيءَ
انتهائي مقصد جا تابع آهن يا هجڻ گهرجن. هن تعليم
کي عارف رومي رحمت الله عليه سلطان محمود غزنوي
رحمت الله عليه جي متعلق هڪ قصي سان واضح ٿا ڪن.
فرمائن ٿا ته سلطان محمود هڪ رات اڪيلو گشت ڪري
رهيو هو. هن ڏٺو ته چورن جي هڪ تولي ويٺي آهي پاڻ
به انهن ۾ وڃي ويهي رهيا. چورن پڇيو ته توهان ڪير
آهيو؟ سلطان چيو ته مان به توهان جو هم پيشه
آهيان. هڪ چور چيو ته اسين پنهنجو پنهنجو هنر بيان
ٿا ڪيون. توهان به پنهنجو هنر بيان ڪيو. جيڪڏهن تو
۾ به ڪو ڪمال فن آهي ته اسان سان شريڪ ٿي وڃ. هڪ
چور چيو ته مون ۾ هي هنر آهي ته مان ڪتن جو آواز
سڃاڻان ٿو ۽ ٻڌائي ٿو سگهان ته ڪتو ڇا چئي رهيو
آهي. ٻين چيو ته اهو ڪهڙو هنر آهي هن جي قيمت ته
ٻه پئسا آهي. ٻئي چيو ته مون ۾ هي ڪمال آهي ته
جيڪڏهن انڌيري رات ۾ به ڪنهن کي ڏسي وٺان ته ڏينهن
جي وقت اگر ملي وڃي ته فوراً هن کي سڃاڻي وٺندس.
ٽئين چيو ته منهنجو نڪ اهڙو ته حساس آهي جو زمين
کي سنگهي ٻڌائي سگهندس ته هن جي هيٺان سون، چاندي
۽ معدني خزانه ڪهڙا ڪهڙا آهن. چوٿين چيو ته منهنجي
ٻانهن ۾ ايترو ته زور آهي جو هر قسم جي ديوارن ۾
کاٽ هڻي سگهندس. پنجين چيو ته مان بلندي کان بلند
محل تي رسو اڇلائي ان جي سهاري هر قسم جي گهر ۾
داخل ٿي ٿو سگهان. جڏهن سڀ چور پنهنجو پنهنجو ڪمال
ٻڌائي ويٺا ته انهن محمود کان پڇيو ته هاڻي تون
پنهنجو ڪمال ٻڌاءِ. ڏسون اهو ڪنهن ڪم جو آهي يا
نه. محمود چيو ته منهنجي ڏاڙهيءَ ۾ اها خاصيت آهي
جو مجرمن کي اگر جلادن جي حوالي ڪيو پيو وڃي ۽ مان
پنهنجي ڏاڙهيءَ کي لوڏي اشارو ڪيان ته هو فوراً
آزاد ٿي وڃن. سڀني چورن چيو ته دوستو سڀني کان
وڌيڪ ڪم وارو ڪمال ۽ هنر ته هي آهي. ان کان پوءِ
هي سڀ گڏجي بادشاهي محل ڏي هلڻ لڳا. ته جيئن شاهي
خزاني جو مال چورائجي. ڪتي جي آواز سڃاڻڻ واري چيو
ته ڪتو چئي رهيو آهي ته سلطان توهان سان گڏ آهي.
مگر ڪنهن به هيءَ ڳالهه نه سمجهي. هاڻي مٽيءَ کي
سنگهڻ واري هڪ دڙي کي سنگهي ٻڌايو ته هي ڪنهن بيوه
جي گهر جو حصو ٿو معلوم ٿئي هتي ڇا رکيو آهي. ان
کان پوءِ هڪ جاءِ تي زمين کي سنگهي ٻڌايائين ته
خزانو هتي آهي. اهڙي طرح کاٽ هڻن واري کاٽ هڻي
شاهي خزاني جا جواهرات زر وسيم وغير ڪڍيا. سڀ کڻي
هلڻ لڳا. سلطان به هنن سان گڏ رهيو ته جيئن ڏسي ته
هنن جو ٺڪاڻو ڪاٿي آهي. ان کان بعد هو خاموشيءَ
سان غائب ٿي ويو. ٻئي ڏينهن لشڪر کي موڪليائين
جيڪو سڀني کي گرفتار ڪري آيو. انڌيري رات ۾ ڏسي
ڏينهن جو سڃاڻڻ واري فوراً سڃاڻي ورتو ته هي تخت
تي ويٺل بادشاهه ته اهوئي آهن جيڪو رات اسان سان
گڏ هو ۽ پنهنجي ڏاڙهيءَ جي خاصيت ٻڌائي رهيو هو.
چنانچه هن سلطان کي درخواست ڪئي ته اسان جا سڀ هنر
بيڪار آهن. هاڻي توهان پنهنجي هنر جو مظاهرو
فرمايو تان ته اسان جو ڇوٽڪارو ٿي سگهي. جيڪڏهن هو
بادشاهه کي نه سڃاڻي ها ته يقينا سڀني کي سزا ملي
ها. لٽيل مال به وڃي ها ۽ جان به هلي وڃين ها. هن
مان مولانا رحمت الله عليه هي سبق ڏيڻ ٿو گهري ته
جيڪڏهن خدا شناسي حاصل ٿي وڃي ته سڀ مقصد حاصل ٿي
ٿا وڃن ۽ هيءَ معرفت نه هجي ته باقي سڀ هنر علم ۽
فن انهن چورن وانگر هلاڪت جو سبب بنجي ٿا وڃن.
خود اعتمادي طاقت جو سرچشمو آهي
انسان جي اندر قوت ۽ همٿ جو سرچشمو جمعيت خاطر آهي. جن انسانن ۾
جمعيت خاطر نه هوندي آهي انهن ۾ حوصله مندي نه
رهندي آهي ۽ پنهنجو پاڻ ۾ اعتماد جي نه هجڻ سبب هو
ڪا جماعت ٺاهي همٿ جا ڪم به نه ڪري سگهندا آهن.
جمعيت خاطر سڀني حيوانن کان زياده آهي. ان ڪري هو
شينهن ۽ هاٿين کي قابو ڪري سگهندو آهي. جيڪڏهن
ڪنهن قوم جي فردن ۾ اعتماد نفس ۽ جمعيت خاطر نه
رهي ته اها خوف ۾ مبتلا ٿي غلاميءَ جي زندگيءَ تي
راضي ٿي پوندا. فرمائن ٿا ته ٻلي ۽ ڪُئي جو مثال
وٺو. جيڪڏهن هڪ هزار ڪُوئا به پنهنجي ٻرن مان نڪري
اچن ته هڪڙي ٻلي به انهن کان خوف نه کائيندي. ڪوئن
جي دلين ۾ جيڪڏهن خمعيت هجي ها ته گڏجي ٻليءَ تي
حملو ڪن ها. هڪڙو هن جي اک ڪڍي وڍي ها ٻيو هن جو
ڪن ڪتري ڇڏي ها ٽيون هن جي پاسي ۾ سوراخ ڪري وجهي
ها مطلب ته چند ڪوئا گڏجي ٻليءَ کي زخمي بنائي ٿي
سگهيا. خدا تعاليٰ کان جمعيت خاطر. خود اعتمادي ۽
حوصلو طلب ڪيو ورنه ان کانسواءِ توهان دنيا جي
حادثن ۽ خود اعتمادي ۽ حوصلو طلب ڪيو ورنه ان
کانسواءِ توهان دنيا جي حادثن ۽ ظالمن کان ائين
ڊڄندا رهندؤ جيئن ڪوئا ٻليءَ کان ڊڄندا آهن.
محسوسات ۽ جسم دل جا پاڇا آهن
جسم ۽ جان يا روح ۽ مادي جو پاڻ ۾ تعلق دين ۽ دانش ٻنهين جو اهم
مسئلو آهي. طبيعين حڪيم گهڻو ڪري مادي پرست هوندا
آهن انهن جي نزديڪ مادو ئي وجود جو ماخذ ۽ اصل
حقيقت آهي ۽ انساني جسم مادي جي ئي هڪ خاص ترڪيب
آهي. جسم جي مادي ترڪيب سان شعور ائين پيدا ٿيندو
آهي. جيئن تيل سان روشني پيدا ٿيندي آهي. يا جيئن
ساز مان آواز نڪرندو آهي. انهن جي مقابلي ۾ حڪيمن
جو هڪ ٻيو گروهه آهي. جنهن جي نزديڪ هستي جي اصليت
روحاني آهي. مادي عالم به روح جو هڪ زاويه نگاهه
آهي ۽ انساني بدن روح انسانيءَ جو هڪ اوزار آهي.
عارف رومي الله عليه روحاني حڪيمن مان آهي. ليڪن
روح ۽ بدن جو تعلق عقلي طريقي سان پوري طرح قابل
فهم نه آهي. ان ڪري منطق جي بجاءِ تشبيهه ۽ تمثيل
کان ڪم وٺڻو پوندو آهي. چنانچه مثنوي ۾ به هيءَ
تشبيهه هر هنڌ ملي ٿي ته روح يا دل جو وجود تي
حقيقي آهي ۽ جسم ان جو پاڇو آهي. مولانا جي نظر
انهيءَ معاملي ۾ گهڻو گهري آهي. چنانچه فرمائن ٿا
ته جسم سڌي طرح دل جو پاڇو نه آهي. بلڪ دل جي پاڇي
جو پاڇو آهي. هي صرف بيان جو زور نه بلڪه حڪيماڻو
عقيدو ۽ عارفاڻي بصيرت آهي.
جسم کي اسين زمان ۽ مڪان چئون ٿا اهي به ڪا مستقل حقيقت نه ٿا
رکن بلڪ دل جي ادراڪ جا اوزار يا فهم جا سانچا
آهن. مولانا جي نزديڪ به هي دل ئي جو عڪس يا پاڇو
آهن. سڄي محسوسات جي عالم جي اهائي حقيقت آهي. دل
جو پاڇو پهريون زمان ۽ مڪان سمجهو ان پاڇي جو پاڇو
عالم محسوسات ۽ ان کان پوءِ انساني جسم لهذا جسم
انساني دل جي پاڇي جو پاڇو آهي. انهيءَ لحاظ سان
دلي جي مقابلي ۾ جسم جي ڪهڙي حقيقت رهي؟ هن جو
وجود اعتباري يا مجازي رهجي ٿو وڃي. ظاهري طرح
مادي عالم تمام وسيع ۽ لامحدود ٿو معلوم ٿئي.
آسمانن جون وسعتون انسان کي مرعوب ٿيون ڪن. ان ڪري
جيڪڏهن ڪير چوي ته هي سڄو مادي عالم روح جي هڪ
گوشي ۾ اچي ٿو وڃي ۽ روح جي لامحدوديت جي مقابلي ۾
هي هڪ نهايت محدود ۽ مجازي آهي ته ٻڌڻ واري کي
حيرت ٿي ٿئي.
مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته تون هن وقت به ۽ هن
زندگيءَ ۾ هن جهان جي اندر نه بلڪ هي جهان تنهنجي
اندر آهي. روح کي سمجهو ته غيب جي هوا ۾ هڪ پکي
آهي جيڪو اڏامي ٿو پيو ۽ جسم جنهن کي مادي حقيقت
ٿا چئو اهو هن جو پاڇو آهي جيڪو زمين تي پئجي رهيو
آهي. هن مضمون جي سرمد رحمت الله عليه جي هڪ
لاجواب عارفاڻي رباعي معراج رسول ڪريم ﷺ جي متعلق
آهي. جنهن جو مطلب آهي ته هن جسم ڪثيف کي کڻي اچڻ
۽ وڃڻ جو ڪهڙو سوال آهي؟ رسول ڪريم ﷺ جن جي حقيقت
شناس روح ۾ آسمانن کان گهڻو وڌيڪ وسعت پيد ٿي وئي.
پاڻ ﷺ آسمان تي ڪونه ويا بلڪ آسمان سندن اندر
سمائجي ويا.
روح هڪ نه کٽڻ وارو الله تعاليٰ جو گنج آهي جنهن تي اسان جي
ادراڪ- خيالات ۽ تصورات جو هڪ پردو آهي جنهن تي
نقش نگار ۽ تصويرون ٺهيل آهن. هي نقش نگار به حسن
جي خزاني جا پاڇا آهن. انهن جي الڳ الڳ ڪا حيثيت
ڪانهي يا هيئن چئو ته حقيقت جي درياهه تي گج آهي.
جيڪا پاڻيءَ کان وڌيڪ دلڪش معلوم ٿي ٿئي.
صورت ۽ معنيٰ
فرمائن ٿا ته صورتن کي مستقل حقيقتون سمجهڻ سان انسان بت تراش ۽
بت پرست ٿي پوندو آهي. صورتن کي معنيٰ جو جام
سمجهڻ گهرجي. پيئڻ واري جو مطلب شراب سان آهي جام
سان نه. خدا تعاليٰ جلشانه جيڪو صورتن جو خالق آهي
خود بغير صورت جي آهي. هو شين جون صورتون ٺاهي ٿو
ليڪن ”ليس ڪمثله شيءِ“ ڪابه صورت خدا جي مثل نه
آهي. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته هن
ڳالهه جو سمجهڻ ڪجهه ڏکيو نه لڳڻ گهرجي ڇو ته هتي
هن عالم ۾ به ان جي وضاحت ملي ٿي سگهي. هڪ ماهر
تعميرات جو ڪنهن تعمير جي متعلق غور ڪري رهيو آهي.
هي فڪر ته مادي شيءِ نه آهي. هي غور ۽ فڪر سرون ۽
پٿر وغيره ته نه آهن. ليڪن سرن ۽ پٿرن يا مٽيءَ جي
تعمير انهن جي ئي ڪري ظاهر ٿي ٿئي. لهذا صورت کي
معنيٰ جي پيداوار ۽ عالم کي انديشي جو پاڇو چوڻ ۾
ڪهڙي دشواري آهي؟
اسلام ۾ عبادت جو وسيع مفهوم
اسلام ۾ عبادت جو مفهوم نهايت وسيع آهي. خير جي ڪم ۾ هر قسم جي
ڪوشش عبادت آهي. نفس کي پاڪ ڪرڻ جي هر ڪوشش عبادت
آهي. خلق جي خدمت عبادت آهي. علم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش
عبادت آهي. ڪائنات جو مشاهدو ۽ مطالعو معرفت حاصل
ڪرڻ به عبادت آهي. حديث شريف ۾ آهي ته عالم جي ننڊ
به عبادت کان بهتر آهي. مولانا رحمت الله عليه جن
فرمائن ٿا ته عالم جي ننڊ به عبادت آهي هن مان
مراد غير عالم جي عبادت يا ته محض عادت ٿيندي آهي
يا جزا جي تمنا ان جي محرڪ هوندي آهي. ڄڻ ته خدا
تبارڪ و تعاليٰ سان اهو ڏيڻ وٺڻ جو سودو آهي. رسمي
عبادت عارفن ۽ عالمن جي ويجهو ڪجهه زياده اهميت نه
ٿيون رکن. اهڙي ئي عبادت عارفن ۽ عالمن جي ويجهو
ڪجهه زياده اهميت نه ٿيون رکن. اهڙي ئي عبادت جي
متعلق مولانا فرمائن ٿا ته انهيءَ کان ته عالم جي
ننڊ بهتر آهي ڇو ته آرام ڪرڻ کان پوءِ جان ۾ تازگي
پيدا ٿيندي آهي ۽ هن جي قوتن ۾ اضافو ٿيندو آهي جن
کي هو علم حاصل ڪرڻ ۾ لڳائيندو آهي. مولانا فرمائن
ٿا ته توهان ترڻ جي ماهرن کي ڏٺو هوندو ته هو بغير
هٿ پير هلائڻ جي به ترندا آهن ان جي مقابلي ۾
اناڙي جيڪو اڃا چڱي طرح ترڻ نه سکيو آهي. نهايت
خوف جي حالت ۾ هٿ پير هلائي ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته
اهائي اناڙي پن جي جدوجهد ان کي ٻوڙي ڇڏي.
هڪڙو شخص رسمي عبادت ۾ سڄي رات ۾ هزار نفل پڙهندو هجي ان جي
عبادت صرف عضون جي جنبش ۽ ڪجهه آيتن جو تڪرار آهي.
ان جي مقابلي ۾ هڪ عالم آهي. جيڪو عالم انفس ۽
آفاق جي اونهي سوچ ۽ فڪر کان پوءِ سمهي رهيو آهي ۽
جڏهن جاڳندو ته تازو ٿي وري علم حاصل ڪرڻ يا ٻين
کي پنهنجي علم مان فيض پهچائڻ ۾ مشغول ٿي ويندو.
عالم حاصل ڪرڻ يا ٻين کي پنهنجي علم مان فيض
پهچائڻ ۾ مشغول ٿي ويندو. عالم جي عابد تي افضليت
۾ ڪيترائي قول پيغمبر عليه السلام جي حديثن ۾ ملن
ٿا. حقيقت اها آهي ته علم بشرطيڪ اهو زندگيءَ جون
حقيقتون ۽ مقصدن تي غور ڪرڻ جي ڪوشش هجي ته خود
عبادت جو هڪ اعليٰ ۽ ارفع قسم آهي.
اهڙو عالم جيڪو خاموشيءَ سان علم حاصل ڪرڻ ۾ مصروف آهي اهو
ظاهربين عوام کي نه عامل ٿو نظر اچي ۽ نه عابد، ڇو
ته نه هن ۾ عضون جي جنبش ٿي اچي نه ڪا ظاهري ڪوشش،
جيڪڏهن بني نوع انسان کي هڪڙو عضوو سمجهي وٺجي
جيئن حديث شريف ۾ به آهي ۽ شيخ سعدي رحمت الله
عليه به فرمايو آهي ته بني آدم اعضاي يک ديگرند ته
عالم انهيءَ جسم ۾ دماغ جي حيثيت ٿو رکي جيڪو
ظاهري ۽ باطني سڀني عضون ۾ خاموش يا ساڪن ٿو نظر
اچي ليڪن حقيقت ۾ جسم جي هر رڳ ۽ ريشي جو ناظم
آهي. هي بظاهر ستل عضوو سڀني کان وڌيڪ بيدار آهي.
علم جي درياهه جو ماهر ۽ سڃاڻو به اهڙي طرح ڪم
عقلن کي عمل ۽ عبادت کان خالي ٿو نظر اچي.
هڪڙو عيسائي مبلغ افريقه جي وحشين ۾ هڪ جهوپڙي ٺاهي ڪجهه وقت ته
وحشين کي تبليغ ۽ خدمت ڪندو هو ليڪن ڏينهن رات ۾
مسلسل ڪيترا ڪيترا ڪلاڪ انجيل يا ٻين ڪتابن پڙهڻ ۾
لڳائيندو هو وحشين ڪڏهن ڪتاب جو نالو به ڪونه ٻڌو
هو ته هي ڇا شيءِ ٿيندي آهي ۽ ڪهڙي شيءِ کي کولي
مسلسل ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان تي نظر ڄمايو ويٺو آهي نه
چري پري ٿو ۽ نه ڳالهائي ٿو. هو سڀ حيران هئا ته
هي ڇا معاملو آهي. ڪنهن جي به سمجهه ۾ نه ايندو
هو. آخر گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ هڪڙو چوڻ لڳو ته
مان سمجهي ويو آهيان ته هي ڇو ائين ويهي مسلسل هن
شيءِ کي ڏسي ٿو ضرور هن جي اکين ۾ ڪا خرابي آهي ۽
هيءِ اکين جي علاج جي ڪا جادوگرانه شيءِ آهي جو
جيڪڏهن مسلسل هن کي ڏسجي ته اکيون ٺيڪ ٿي وينديون.
اهڙي طرح اهل علم جي زندگي ۽ انهن جي بظاهري بي
عَمَلي جاهلن ۽ عوام جي سمجهه ۾ نه ٿي اچي. هو نه
ٿا سمجهن ته علم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش بذات خود بهترين
عمل آهي.
دوزخ جو عذاب انتقامي نه بلڪ اصلاحي آهي
دوزخ جي نسبت عام عقيدو هي آهي ته اهو عذاب ۽ انتقام الاهيءَ جي
جاءِ آهي ليڪن قرآن ته فرمائي ٿو ته الله تعاليٰ
جي رحمت سڄي موجودات کي گهيري ورتو آهي. ڪابه
مخلوق اهڙي نه آهي جيڪا هن جي رحمت کان ٻاهر هجي
ته پوءِ هي ته شان رحميءَ جي خلاف آهي ته گنهگار ۽
خطاڪار کي چند ڏينهن جي زندگي جي بداعمالين جي
عيوض هميشه سڙڻ ۽ ڀڄڻ لاءِ جهنم جي سپرد ڪيو وڃي.
حديث شريف ۾ آهي ته هڪ دفعي
نبي ڪريم ﷺ جن صحابه ڪرام ﷺ جن کان پڇيو ته ٻڌايو
ته ڪا ماءُ اهو ڪري ٿي سگهي ته پنهنجي ٻار کي کڻي
ٻرندڙ باهه ۾ اڇلائي؟ صحابه عرض ڪيو ته اهو ناممڪن
آهي. ماءُ جي محبت ائين نه ڪري سگهندي. ان تي رسول
ڪريم ﷺ جن فرمايو ته يقين ڄاڻو ته خدا جي محبت
پنهنجي مخلوق سان ماءُ جي محبت کان گهڻو وڌيڪ آهي.
عارف رومي رحمت الله عليه انهيءَ عقيدي جي تشريح
ڪندي فرمائن ٿا ته گنهگاريءَ سان قلب تي جيڪي غلاف
چڙهي ويندا آهن اهي اهڙا آهن جيئن مغز جي مٿان
کلون. اخروٽ وغيره جي کل جڏهن سخت هجي ته ان کي ڌڪ
هني ڀڃڻو پوندو آهي. دوزخ جي به اهائي حقيقت آهي.
اتي مغز روح جي مٿان کلن کي ٽوڙيو ويندو. مغز کي
ڀڃڻ جي ضرورت نه آهي پر جيڪڏهن مغز کي به ڪجهه
گرمي پهتي ته اها هن کي پختو ۽ مزيدار بنائڻ لاءِ
آهي.
هڪڙي عيسائي نبي ڪريم ﷺ جن کان پڇيو ته قرآن فرمائي ٿو ته جنت
جي وسعت سڄي زمين ۽ آسمانن جي وسعت برابر آهي.
جيڪڏهن سڄي ڪائنات جنت گهيري ورتي ته پوءِ دوزخ
ڪاٿي هوندي؟ ان جو جواب پاڻ سڳورن ﷺ ڏاڍو حڪيماڻو
ڏنو. فرمايائون ته ڏينهن جي وقت جڏهن روشني هر
شيءِ کي گهيري وٺندي آهي ان وقت رات ڪٿي هوندي
آهي؟ خدا و تو قدوس کي خبر ته سوالي هن جواب کي
سمجهيو يا نه ليڪن هن جواب ۾ هيءَ معنيٰ لڪل هئي
ته جنت ۽ دوزخ وجود جون ڪيفيتون آهن ۽ عام رحمت
عذاب جي ڪيفيت کي مطلقا منسوخ ڪري ٿي سگهي. دوزخ
تعذيب جي جاءِ نه بلڪ تهذيب جو طريقو آهي. خدا جو
مقصد عذاب نه بلڪ اصلاح آهي. خدا پاڪ رحيم آهي ۽
حڪيم به ان جي جهنم ۾ به نفسن جي تهذيب لڪل آهي.
خدا جي هيءَ سنت ۽ حڪمت ازلي آهي. هي ان کي بعيد
آهي ته هو کل سان گڏ مغز کي به ڀڃي ڇڏي.
خدا عاشقن جي غذا آهي
فرمائن ٿا ته فنافي الله عشق جو حال مڇيءَ وانگر آهي. مڇي
درياهه ۾ ئي رهندي آهي ان جي ماني، ڪپڙو، رهائش،
دوا دارون، کائڻ ۽ سمهڻ سڀ پاڻي ئي پاڻي آهي. هن
جي زندگيءَ جي هر صورت ۽ شعبو بس پاڻي ئي آهي.
جنهن کان هڪ لمحو به جدائي هن لاءِ موت آهي. يا هن
کي کير پيئڻ وارو ٻار سمجهيو جيڪو ماءُ جي ببن ۽
ماءُ جي کير کان سواءِ ڪجهه به نه ٿو ڄاڻي. هو
ڪنهن به ٻي خوراڪ جو طالب نه آهي ڇو ته ماءُ جي
کير ۾ هن جي جسم جي پرورش جا سڀ عنصر موجود آهن.
هن ڪنهن تدبير سان سوچي سمجهي هيءَ کير پياڪ حالت
اختيار ڪانه ڪئي آهي. بلڪ هي هن جي فطرت جي تقاضا
آهي. عاشقان الاهي به الله تعاليٰ کي چنبڙي ان کان
ئي زندگيءَ جي هر شيءِ ٿا حاصل ڪن. هي ذوق هنن جي
فطرت جي تقاضا بنجي ٿو وڃي.
بغير استعداد جي جنت به بنا مزي آهي
فرمائن ٿا ته جنهن نعمت مان لذت ۽ فائدو حاصل ڪرڻ جو استعداد
انسان ۾ پيدا نه ٿيو آهي ۽ اها نعمت جيڪڏهن ان کي
مفت ۾ ڏني وڇي تڏهن ان جو هجڻ يا نه هجڻ برابر
آهي. هر مومن جنت ۾ وڃڻ جو خواهشمند آهي. ليڪن جنت
جون نعمتون جيڪي بيان ۾ به نه ٿيون اچي سگهن. انهن
مان فائدو حاصل ڪرڻ جي هن صلاحيت پيدا نه ڪئي ته
پوءِ جنت به هن جي لاءِ هڪ بي مزي شيءِ هوندي.
جيڪڏهن ڪا حسين نوجوان عورت ڪنهن نامرد کي انعام ۾ ڏجي ته اهو
شخص هن مان ڪهڙي لذت حاصل ڪري سگهندو؟ ان جي حالت
ته اهڙي ڏئي وانگر هوندي جنهن ۾ نه تيل آهي نه وٽ.
جيڪڏهن ڪنهن شخص جي سنگهڻ جي قوت بيڪار هجي ته اهو
گلستان ۾ وڃي ڪهڙو لطف حاصل ڪندو؟ ٻوڙي جي لاءِ
نغمه يا چنگ ۽ رباب ۾ ڇا رکيو آهي؟ مينهن جي آڏو
بين وڄائڻ سان ڇا حاصل؟ ڪڪڙ کي ڪير درباهه ۾
اڇلائي ته ٻڏي ويندي. ننڍي ٻار کي شراب ڪباب يا
عاليشان محلات ۾ ڪهڙي دلڪشي معلوم ٿيندي. دنيا يا
آخرت ۾ جنهن شيءِ مان لطف يا فائدو حاصل ڪرڻ چاهيو
ان جي لاءِ پهريون شرط اهو آهي ته ان لاءِ استعداد
پيدا ڪيو.
خدا جي مؤمنن سان ٽال مٽول
ضعيف الاعتقاد ماڻهو جڏهن ڏسن ٿا ته ڪافرن ۽ گمراهن کي هن دنيا
۾ دل گهريون مرادون ملن ٿيون ۽ خدا کان التجا ڪرڻ
واري مومن کي ته رات جي ماني به مشڪل سان ٿي ملي
ته انهن جو ايمان متزلزل ٿو ٿئي. هي ماڻهو وقتي
مفاد جاهه ۽ مال کي ئي نعمت ٿا سمجهن. نفس جي
پاڪيزگي، قدرن جي بلندي ۽ مقصد جون نعمتون انهن جي
سمجهه ۾ نه ٿيون اچن. مولانا تحمت الله عليه مومن
جي آزمائش تي نهايت بهترين مثال پيش فرمايو آهي.
فرمائن ٿا ته ڏسو سرڻيون، ڪانو، گڏهه ۽ الو ۽ اهڙي
قسم جا ٻيا بدصورت پکي ۽ جانور کليل گهمندا ٿا
وتن. نه انهن کي ڪير پڪڙڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ۽ نه گهر
۾ پڃري ۾ قيد ڪيا ويندا آهن. ليڪن طوطا ۽ بلبلون
پڃرن ۾ رکبا آهن. ان ڪري جو انسان کي انهن جو آواز
مٺو لڳندو آهي. اهڙي طرح خدا کي مومنن جي التجا ۽
پڪار سٺي لڳندي آهي. هن جي ”يا خدا“ ۽ ”يا رب“ چوڻ
۾ ان کي مزو ايندو آهي ۽ خدا کي پسند آهي ته هو هن
سان راز ۽ نياز جون ڳالهيون ڪندو رهي.
ٻيو مثال ڏيندي فرمائن ٿا ته هڪڙي حسن پرست جي دروازي تي ٻه
عورتون پنڻ اچن ٿيون. هڪڙي بدصورت ۽ پوڙهي آهي ۽
ٻي نوجوان حسين جميل آهي. ٻئي مانيون ٿيون گهرن،
پوڙهي کي ته جلدي ماني ڏئي چوي ٿو ته مائي تون وڃ
۽ انهيءَ خوبصورت عورت سان ٽال مٽول ٿو ڪري ۽ چئي
ٿو ته ذرا ترس گهر ۾ تازي ماني پچي ٿي پئي هوءَ
ويچاري انتظار ۾ ويهي ٿي رهي. ان کان پوءِ هو هن
کي گرم ماني ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو جيڪڏهن ٿوري دير اڃان
وڌيڪ ترسين ته اندر حلوو تيار ٿي رهيو آهي اهو به
توکي ڏيان. انهيءَ انتظار جي گهڙين ۾ هو هن سان
هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون به ڪري ٿو. هوءَ به
ڪجهه گفتگو ڪري ٿي جنهن سان تعلق پيدا ٿو ٿئي.
جڏهن هوءَ حلوو ۽ ماني وٺي هلڻ ٿي لڳي ۽ چوي ٿو ته
جيڪڏهن اڃا به ترسين ته تو سان ڪو ڪم به آهي.
فرمائن ٿا ته خدا جو مؤمن ۽ ڪافر سان سلوڪ ڪجهه
اهڙي قسم جو آهي. ڪافر کي ته هن جي دنيا جون
مرادون ڏئي الڳ ڪري ٿو ڇڏي ته وڃ منحوس جان ڇڏ.
مگر مؤمن سان هو محبت جو تعلق قائم رکڻ ٿو گهري ان
ڪري ان سان ٽال مٽول لڳائي ٿو رکي.
الدنيا سجن المؤمن و جنت الکافر جي اهائي معنيٰ آهي ته ننڍيون
ننڍيون ختم ٿيڻ واريون نعمتون ڪافر کي هتي ئي ملي
ٿيون وڃن ۽ مؤمن کي خدا هي مٺي آواز واري پکيءَ
پڃري ۾ بند ٿو رکي.
ظالم ڪافر تي رحم ڪرڻ خلق خدا تي ظلم ڪرڻ آهي
دين جي تقاضا خلق خدا تي رحمت آهي پر جيڪڏهن ڪو ظالم پنهنجي ظلم
سان انسانن جي هڪ وڏي گروهه جي لاءِ لعنت بنجي وڃي
ته ان تي رحم ڪرڻ ضعيفن سان ظلم ڪرڻ جي برابر آهي.
ليڪن ڪنهن آڱر ۾ زهر يا ناسور پيدا ٿئي ته ان کي
ڪاٽي باقي جسم جي عضون کي بچائڻ گهرجي. لهذا ظالم
سان سختي نه ڪرڻ جي تلقين ڪرڻ انسان سان ظلم آهي.
هيءَ اسلامي تعليم حضرت مسيح عليه السلام جي انجيل
۾ به ملي ٿي ۽ بلڪل اهڙو ئي مثال جيڪو عارف رومي
رحمت الله عليه پيش ڪيو آهي. اهوئي حضرت مسيح عليه
السلام جهڙي سراپا رحمت نبيءَ به بيان ڪيو آهي.
نبوت جو مقصد انسان کي توهمات جي طوق ۽ زنجير مان آزاد ڪرڻ آهي
قرآن ڪريم فرمائي ٿو ته نبي انسانن کي طوق ۽ زنجيرن کان آزاد
ڪرائڻ گهري ٿو. مولانا رحمت الله عليه فرمائي ٿو
ته نبي ﷺ ماڻهن کي فرمائي ٿو ته توهان حرص هوا ۽
غلط عقيدن ۽ جاهلاڻين رسمن ۾ جڪڙيل آهيو. خدا کي
آزاد انسان پسند آهن. ان ڪري هنن کي انهن خود
ساخته زنجيرن مان آزاد ٿو ڪرائڻ گهري ليڪن هي غلط
سمجهڻ وارا ماڻهو نبي جي ڳالهه نه ٿا سمجهن ۽ چوڻ
لڳن ٿا ته اسين ڪهڙي قيدخاني ۾ آهيون ۽ ڪنهن اسان
کي زنجيرن ۾ ٻڌو آهي، هي ته ڪو مجنون ٿو معلوم
ٿئي. اسين آزاد گهمي رهيا آهيون ۽ هي اسان کي چئي
ٿو ته توهان قيد ۾ بند آهيو مولانا رحمت الله عليه
جن فرمائن ٿا ته انهن ماڻهن جو حال ان شخص جهڙو
آهي جيڪو ٻاراڻپ ۾ ئي قيد ٿيو ويو هجي يا ماءُ جي
پيٽ مان غلام ئي پيدا ٿيو هجي. هو آزاديءَ جي
اهميت کي سمجهي ئي نه ٿو هو طائر لاهوتيءَ جي
آزادانه پرواز کان ناواقف آهي. جنهن شخص روحاني
عالم جو خير مڃيو آهي اهو ان جي وسعتن ۽ لذتن کان
واقف آهي انهيءَ کي هي خواهشون ۽ محسوسات جو عالم
مقابل هڪ قيدخانو بلڪ صندوق ٿو نظر اچي. ليڪن
ناواقف انسان هن دنيا ۾ هڪڙي قيد مان آزاد ٿي ٻئي
۾ ٿا ڦاسن ۽ هڪڙي صندوق مان نڪري ٻي صندوق ۾ ٿا
بند ٿين کليل فضا ۾ پرواز جو انهن کي تصور به نه
ٿو اچي.
اي هزار ان جبريل اندر بشر
حضرت مسيح عليه السلام گڏهه تي سوار ٿيندا هئا. مولانا رحمت
الله عيله جن ٿا فرمائن ته تنهنجو جسم به گڏهه
وانگر آهي ۽ هڪڙو روح آهي جو تنهنجي گڏهه جهڙي جسم
جي اندر آهي ۽ تون پنهنجي گڏهپائيءَ جي ڪري ان کان
واقف نه آهين. بشر جو روح جڏهن پنهنجي اصليت کي
سڃاڻي وٺي ته ان کي معلوم ٿيندو ته ملائڪ ۽ مسيح
سڀ ان جي اندر موجود آهن. انسان کي اها خبر ڪانهي
ته هن ذري ۾ آفتاب لڪل آهي. مولانا رحمت الله عليه
جن فرمائن ٿا ته هن ذري جون قوتون جيڪڏهن ظاهر ٿي
پون ته اهڙيون آهن جو زمين ۽ آسمان کي ريزه ريزه
ڪري ڇڏن. مادي ذرو يعني ائٽم جي قوت جو علم انسان
کي هاڻي ٿو آهي. جنهن کان دنيا ڏڪي رهي آهي.
انهيءَ مان اندازو ڪيو ته روح ۾ لڪل قوتون جيڪڏهن
اهڙي طرح ظاهر ٿي پون ته انهن جي مقابلي ۾ مادي
فطرت جا سڀ مظاهرا گهٽ نظر اچڻ لڳن. اهڙين ممڪنات
وارو روح ڪيئن جسم ۾ قيد ۽ ان سان وابسته رهي ٿو
سگهي. جسم ته بس هن جو هڪ عارضي مظهر آهي.
وجدان بي زبان و بيان
روحاني وجدان جي نسبت صاحب حال شخص کي سڀ کان وڌيڪ اهو مشڪل ٿو
پيش اچي ته نه عقل وٽ ان جي سمجهڻ لاءِ فهم جا
سانچا آهن ۽ نه هتي زبان ساٿ ٿي ڏئي. قال ڪڏهن به
حال جو آئينو نه ٿي بنجي سگهي. ليڪن ٻين کي
سمجهائڻ لاءِ ۽ پنهنجي حالت بيان ڪرڻ لاءِ قال کان
گريز به نه ٿي ڪري سگهجي. تشبيهه ۽ تمثيل کان ڪم
وٺڻو ٿو پوي. حقيقت جا ڪجهه ڪرڻا ڇاڻجي بيان ۾
ڇلڪڻ لڳن ٿا. ليڪن هي محض جهلڪيون هونديون، آهن ۽
ڪجهه اشارا هوندا آهن جن سان نه ته چوڻ واري کي
پورو اطمينان ٿيندو آهي، ۽ نه ٻڌڻ واري کي.
مغرب جو هڪ صوفي مزاج شاعر ٽيني سن جيڪو نهايت باريڪ جذبات کي
به دلنشين بيان ۾ آڻڻ لاءِ قدرت رکندو هو. هو
پنهنجي هڪڙي گهري روحاني وجدان کي شعرن ۾ بيان ڪرڻ
جي ڪوشش ڪري ٿو ليڪن آخر ۾ حسرت وچان چئي ٿو ته
جنهن ڪيفيت کي مان بيان ڪرڻ چاهيان ٿو اها لفظن جي
سانچي ۾ نه ٿي اچي سگهي. ان جو سبب هو هي ٿو بيان
ڪري ته الفاظ شين جو پاڇو آهن ۽ شيون خود حقيقتن
جا پاڇا آهن ان ڪري الفاظ پاڇن جو به پاڇو آهن.
انهن جي ذريعي حقيقت جو وجدان ڪين بيان ڪجي جنهن
جو تعلق نه حواس سان آهي نه زمان سان نه مڪان سان.
الفاظ صرف پاڇن جو پاڇو آهن. مثنويءَ ۾ عارف رومي
رحمت الله عليه کي به اهوئي مشڪل ٿو پيش اچي. اهڙو
مشڪل ڇو ٿو پيش اچي؟ ان کي هڪ عمدي مثال سان ٿا
سمجهائن. پهريائين ته هي ٿا فرمائن ته هي بحث
هيستائين ته چوڻ جي قابل آهن ان کان اڳتي جيڪي
ڪجهه آهي ان جو لڪائڻ سٺو آهي. هيئن سمجهو ته هڪ
شخص خشڪيءَ تي سفر ڪري رهيو آهي ۽ گهوڙي تي سوار
آهي. اڳتي درياهه اچي ٿو وڃي جتي گوشت ۽ کل واري
گهوڙي جي بدران ڪاٺ جو گهوڙو يعني ٻيڙي ٿي سوار
ٿيڻ لاءِ ملي. نه کٽڻ واري هستيءَ ۾ به ائين مختلف
مقامات ۽ طبقات آهن. جيڪو سواري يا وسيلو هڪڙي
مقام تي ڪم اچي ٿو اهو ٻئي مقام ۾ بيڪار ٿي ويندو
آهي ۽ عارف هڪ بلند مقام تي پهچي خاموش ٿي ويندو
آهي. هن جي خاموشيءَ کي ئي توهين ٻيڙي سمجهو. ان
درياهه ۾ هاڻي لفظن جا گهوڙا نه ٿا ڊوڙي سگهن.
انهيءَ کان اڳتي هڪڙو مقام اهڙو ٿو اچي جو هي
درياهه واري سواري به ان ۾ ڪونه ٿي اچي سگهي. پوءِ
عارف وحدت جي درياهه ۾ ٽپي پوندو آهي. هو هن
پاڻيءَ ۾ غرق ٿي ويندو آهي ليڪن مڇيءَ وانگر ٽٻيون
هڻن سان فنا نه ٿو ٿئي. هاڻي هتي نه ڳالهائڻ آهي
نه خاموشي. مگر هيئن چئي ٿو سگهجي ته هو هڪ ئي وقت
خاموش به آهي ڳالهائي به ٿو. هن حالت جي شرح ڪرڻ ۾
ادب کان خارج ٿيڻ جو امڪان آهي ان ڪري بيان جي
ڪوشش ۾ هتي رڪجي وڃجي ته بهتر آهي.
صبغت الله ئي پائدار رنگ آهي
هن خامي ۾ جمادات کان وٺي انسان تائين جيڪي ڪجهه نظر اچي ٿو اهو
مٽي ئي مٽي آهي. آدم جا سڀ جزا مٽيءَ جون ئي بدليل
صورتون آهن. خوراڪ جيڪا وات ۾ ٿي وڇي اها به مٽيءَ
جي ئي پيداوار آهي. جانورن جو گوشت به نباتات جي
بدليل صورت آهي. مطلب ته گل ۽ ميون جي گهڻائي،
حيوانن جا قسم، هندي، رومي ۽ حبشي سپني جا رنگ
مٽيءَ جا ئي رنگ آهن ليڪن هي سڀ ڪجهه عارضي ۽
اعتباري آهي. رنگ ۽ نگار سڀ خزاڪ يعنيءَ مٽيءَ مان
اڀرن ٿا ۽ آخر وري مٽي ٿي ٿا وڃن. فقط صبغت الله
(الله جو رنگ) آهي جنهن جو ترنگ جيڪڏهن انسان تي
چڙهي وڃي ته حقيقي جهان ۾ اهو سڀني کان وڌيڪ
بارونق ۽ پائدار هوندو آهي. سچائي پرهيزگاري ۽
يقين جي رنگ ئي دائمي رهڻ وارو آهي.
زمين روحاني نابالغن جو ڳڙهه آهي
الله تعاليٰ زمين کي هڪ ڳڙهه سان تشبيهه ڏني آهي. مولانا
فرمائين ٿا ته گهوارو ته ٻارن لاءِ هوندو آهي. خدا
هن گهواري ۾ ٻارن لاءِ کير به ٿومهيا ڪري پر
گهوارو بالغن لاءِ ته نه هوندو آهي. ان ڪري جيڪي
ماڻهو روحانيت ۾ بالغ ٿي ويندا آهن. جيڪا جسماني
بلوغ کان بلڪل الڳ شيءِ آهي انهن کي هن مادي عالم
۾ تنگي محسوس ٿيندي آهي هو ڏسن ٿا ته هتي هر طرح
روحاني نابالغ گهواري ۾ پيا آهن. هنن گهوارن جي
ڪثرت به گهر ۾ تنگي پيدا ڪئي آهي. بالغن کي هن ۾
ڪشادي نظر ڪانه ٿي اچي. ان ڪري هو هن محسوسات جي
جهان کان روحانيت جي ڪشادي فضا ۾ نڪري وڃڻ لاءِ ڪو
شان رهندا آهن. اهي خدا هنن نابالغن کي به بالغ
ڪر.
شراب خوريءَ سان ڪوڙي وڏائي پيدا ٿيندي آهي
شراب کي جيڪو الله تعاليٰ حرام ڪيو ته ان جو سبب به ٻڌائي
ڇڏيائين ته هن جا نقصان هن جي فائدن کان تمام گهٽ
آهن. مولانا رحمت الله عليه شراب جي حرام ٿيڻ جو
هڪ نفسياتي سبب ٻڌايو آهي. اُهو اِهو آهي ته شراب
جي نشي ۾ انسان کي خودبيني ۽ خودستائي پيدا ٿيندي
آهي. جيڪو شخص پنهنجي اصليت ۾ بهادر ناهي اهو به
رستم دوران هجڻ جون ٻٽاڪون هڻندو آهي ۽ بڪڻ لڳندو
آهي ته بس مان ئي آهيان ٻيو ڪير ڪونهي. هن ۾ هڪ بي
بنياد ۽ ڪوڙي خودي پيدا ٿيندي آهي. خودبينيءَ سان
هر قسم جا ذاتي اخلاقي ۽ معاشرتي فساد پيدا ٿيندا
آهن انسان پنهنجي حيثيت جو صحيح اندازو نه ڪري
سگهندو آهي. ها! هڪڙو ٻئي قسم جو شراب آهي جنهن جي
نشي ۾ انسان خودبين نه بلڪ خدابين ٿي پوندو آهي.
شيخ سعدي رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته سندن مرشد
شيخ المشائخ عمر بن محمد شهاب الدين سهروردي صديقي
رحمت الله عليه بغدادي جن درياهه جي ڪناري تي ويهي
مون کي ٻه نصيحتون فرمايون جيڪي اخلاق حسنه ۽
روحانيت جو خزانو آهن. پهرين هيءَ ته پنهنجو پاڻ
کي وڏو نه سمجهو ۽ ٻيو اهو ته ٻين جي عيب جوئي
(گلا ڪرڻ) ڇڏي ڏي. |