فني خوبيون
شاعرانه خوبين جي لحاظ کان ڏسو ته سچل سائينءَ جي
ڪلام ۾ اهي سموريون خوبيون ملنديون. جيڪي هڪ اعليٰ
درجي جي شاعريءَ لاءِ ضروري آهن. سمورو ڪلام سهڻين
تشبيهن سان سينگاريل آهي. رنگيني ۽ دلڪشي، رواني ۽
نغمگي، سندس ڪلام جون خاص خوبيون آهن.
سونهن جي ساراهه وقت سيبتيون، سـُـهائينديون ۽
سهڻيون تشبيهون آڻي، شعر کي رسيلو ۽ رنگين بنائي
ٿو. بيتن واري ڀاڱي ۾ توڙي ڪافين ۾ هيٺ اهڙي نموني
جا انيڪ بيت نظر ايندا.
نموني طور هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو:
ڪـُـجا ڪج محراب، منهن تي محبوبن جي،
سٽون سيپارن جون، پڙهڻ ٿيون ثواب،
پرهه سندا باب،
”سچل“ سڀ ختم ڪيا.
بيت: جيتوڻيڪ بيت اڳ
ئي ڪافي ترقي ڪئي هئي، پر سچل سرمست ان ۾ نئون رنگ
۽ نئون حسن پيدا ڪري، منجهس جدت پيدا ڪئي. مضمون
جي لحاظ کان نه فقط مروج رومانوي داستانن جهڙوڪ:
سسئي پنهون، نوري ڄام تماچي، مومل راڻو، هير
رانجهو، عمر مارئي، سهڻي ميهار ۽ سورٺ وغيره تي
بيت چيا اٿس، پر عنوانن تي به بيت چيا اٿس، جهڙوڪ:
روجهن ۽ ڪانگل بابت بيت، پورب جا بيت، وحدت جا بيت
۽ حقيقت جا بيت نموني طور ڪجهه بيت عنوان مان ڏجن
ٿا:
روجهون: روجهون رڻ ياد ڪيو، اڀيون رت رئن،
هر ڪنهن ويل هئن، اهڙن اورا
تن ۾.
پورب: ڪري لنگهيا لوڪ، مون لاهوتي لوڙا،
گهوڙا ڙي گهوڙا، جي مون من
مستان ٿيو.
وحدت: اول ڀيري ڀڃ، جي بند خيالات جا،
تنهن پڄاڻون وڃ، حلاجي حيرت
۾.
حقيقت: هو ڀي ڪين اچڻو، هي به ڪين ويو،
نفيءَ ۽ اثبات کئون، پري
خيال پيو،
”سچو“
سچ ٿيو، ٻي ٻانهپ ٻولي ناهه ڪا.
ان کان سواءِ، جهڙيءَ طرح فارسيءَ ۾
”راز نامه“،
”تار
نامه“،
”وحدت
نامه“
وغيره مثنويون چيون اٿس، اهڙيءَ طرح سنڌي بيتن ۾
”وحدت نامه“
۽
”قتل
نامه“
چيو اٿس.
”وحدت
نامه“
سمورو هڪ ئي طويل ڪبت ۾ آهي ۽ 178 مصرعن تي مشتمل
آهي. جيتوڻيڪ ايڏي طويل ڪبت آهي، تڏهن به قافيا
نهايت صحيح ۽ موزون آهن. ان کان سواءِ، تسلسل،
رواني ۽ بيساختگي سندس خاص خوبيون آهن. هن کان اڳ
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو
”زاداالفقير“،
مخدوم عبدالله نرئي واري جو
”ڪنزالعبرت“،
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جي
”حقيقت
محمدي“
۽ ڪن صورتن جو تفسير ڪبتن ۾ ملي ٿو. پر حضرت سچل
سرمست جي مذڪور ڪبت فني لحاظ کان سڀني کان منفرد
آهي. هن ۾ جيڪا بي ساختگي ۽ رواني آهي، سا اڳين
ڪبتن ۾ ڪانهي. نموني طور شروعات جون مصرعون ڏجن
ٿيون:
اول ساراهه ڪر سبحان جي مولا جو ملڪن،
مڙيائي محفوظ ڪيا ڏسو ڏيهه ڌڻين،
ڪي ڪامل ڪرسيءَ تي چڙهي وه وه واعظ ڪن.
ڪي ڪاتب ڪتابن جا سوين سبق ڏين،
ڪي مسئله مسائل ڪيو نياءُ ميان نبيرن،
ڪي پڙهيا پاڻ پر وجهه سان پڙهيون پڙهيائين.
هن مان ڏسڻ ۾ ايندو، ته ٻولي به نهايت سپڪ، سلوڻي
۽ روزمره استعمال ٿيندڙ ڪم آندي اٿس. هن ڪبت کان
سواءِ، ٻيا به ڊگها بيت چيا اٿس، پر اهي ڪبتون نه
آهن، ڇاڪاڻ جو قافيو انهن جي آخري مصرع جي وچ ۾
اچي ٿو. ڊگهن بيتن سان گڏ، ٻن مصرعن تي مشتمل صحيح
قسم جا سورٺا ۽ دوها به چيا اٿس. روجهن وارا بيت،
پورب جا بيت، وحدت جا بيت ۽ حقيقت جا بيت گهڻو
ڪري، هن قسم جا آهن. روجهن واري بيتن مان سورٺي
جو مثال هن هيٺ ڏجي ٿو، جنهن جي ٻنهي مصرعن جي وچ
تي قافيو آهي:
”سچو“ رک سماءُ، ٿو ماڻهو روجهن سان گڏين،
هاڻي صبر منجهه آءُ، ڪمائي پوري ڪري.
دوهي ۾ به ٻه مصرعون ٿينديون آهن، پر قافيو ٻنهي
مصرعن جي پويان ايندو آهي. وحدت جي بيتن مان دوهي
جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:
قدر هدايت جو، آهي، ۾ ضلالت،
جي ضلالت نه هئي، تا ڪا ٿي هدايت.
جيئن شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ سورٺا ۽ دوها به ملن ٿا،
ته سورٺا ۽ دوها جي ميل وارا بيت به ملن ٿا، تيئن
حضرت سچل سرمست جي ڪلام ۾ دوهن ۽ سورٺن سان گڏ،
دوهي ۽ سورٺي جي ميل وارا ٻن مصرعن تي مشتمل بيت
به ملن ٿا. هيٺئين بيت جي پهرين مصرع دوهي جي ۽ ٻي
سورٺي جي آهي:
هيءَ نه واٽ هواءِ جي، آهه نڪا تقليد،
تحقيقاً توحيد، آهي راهه رسول جي.
نه فقط ايترو، پر بيت جي سٽا سان لاڳاپيل نرالا
نمونا به ملن ٿا، جهڙوڪ: مسلسل دوها، مسلسل بيت،
ڏوهڙا، ڪلام ۽ ٽيهه اکري وغيره. انهن جو تعارف ٽين
باب جي انتخاب ۾ ڏنو ويو آهي.
هن مان معلوم ٿيندو، ته حضرت سچل سرمست نه فقط
طويل بيتن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، پر ٻن مصرعن وارن
بيتن ۽ انوکي سٽا وارن بيتن کي به پنهنجي خيالات
جي اظهار جو ذريعو بنايو آهي. سندس بيتن جي خاص
خوبي اها به آهي، ته انهن ۾ رنگيني ۽ دلڪشي آهي، ۽
منجهن حسن ۽ عشق جو ذڪر نهايت دلگداز نوع ۾ ملي
ٿو. محترم حامي صاحب جو رايو آهي:
”سنڌي
خواه سرائڪي دوهڙن ۽ بيتن ۾ حسن و عشق جو راز و
نياز جون اهي موشگافيون ڪيائين، جن جي تقليد مولوي
لطف علي ۽ خواجه غلام فريد جهڙن شاعرن کي ڪرڻي
پئي. بيدل، حمل ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي شاعر سچل
سائينءَ جي ڪلام کان متاثر ٿي شعر چوڻ لڳا.“
مطلب ته، سچل سائين بيت کي وڌيڪ رنگين ۽
جاذب بنائي پيش ڪيو آهي. اهوئي سبب آهي، جو پوين
سنڌي شاعرن کي سندس نقش قدم تي هلڻو پيو.
مضمون جي لحاظ کان عنوان تي بيت ۽ فارسيءَ جي
نموني تي
”نامه“
اڳ ڪنهن به سنڌي شاعر نه چيا هئا. سچل سائينءَ ئي
عنوانن تي بيت ۽
”نامه“
چوڻ جو بنياد وڌو. پوين شاعرن سندس انهيءَ تجربي
جي به تقليد ڪئي آهي. کانئس پوءِ، پهريون شاعر
حضرت بيدل آهي، جنهن سندس تتبع ۾
”وحدت نامو“
چيو. بيتن جي مضمونن ۾ تسلسل، تنوع ۽ هم آهنگي
پيدا ڪرڻ لاءِ، بيتن ۾ وراڻ وارا لفظ ڪم آندا
ويندا آهن. وراڻن جا عام طرح ٻه قسم ٿيندا آهن. هڪ
نمونو اهو آهي، جنهن ۾ بيتن جو سلسلو ساڳين لفظن
يا فقرن سان شروع ٿيندو آهي. سچل سائينءَ وٽ وراڻن
جو اهو سلسلو به ملي ٿو. نموني طور ٽي بيت هن هيٺ
ڏجن ٿا:
(1) ڪيچيئڙا ڪالهه ويا، تنگ اُٺن تاڻي،
هوتن ريءَ هاڻي، اڱڻ نهاري
نه سگهان،
(2) ڪيچيئڙا ڪالهه
ويا، اڃا مون وٽانءُ،
پرين پڄاڻانءُ، اڱڻ ڏسي نه
سگهان.
(3) ڪيچيئڙا ڪالهه
ويا، جات اولي جت،
هيءِ هيءِ هڻان هٿ، اڱڻ ڏسي
نه سگهان.
ٻيو نمونو اهو آهي، جنهن ۾ هڪ بيت جو پويون اڌ،
ٻئي بيت جو پهريون اڌ ٿي ايندو آهي. سچل سائينءَ
جي رسالي ۾ اهڙو نمونو به ملي ٿو. نموني طور ٻه
بيت هيٺ ڏجن ٿا:
(1) وسي پيو وڏ ڦڙو، ڀنيون ڀٽ ڀريون،
ڀٽاريون ڀٽن تان، وٿاڻين
وريون،
کيرن جون کريون، چاڏيين
ڏنئون چاه مان.
(2) چاڏيين ڏنئون
چاهه مان، کيرن جون کريون،
وهائينديون سي آئيون، ٿڻن
مان ٿريون،
ڀٽاريون ڀريون، آيون وسائي
وڏ ڦڙا.
انهن ٻن نمونن کان سواءِ، سچل سائينءَ جي رسالي ۾
”وراڻن“
جو هڪ ٽيون نمونو به ملي ٿو، جيڪو ٻين شاعرن جي
شعر ۾ نظر نه ٿو اچي. سچل سرمست جي رسالي ۾، بيتن
جون ڪيتريون ئي اهڙيون کنڌيون ملن ٿيون، جن ۾ بيتن
جي پوين سٽن جا آخري اڌ هڪجهڙا آهن. نموني طور هڪ
کنڌيءَ جا ٻه بيت هيٺ ڏجن ٿا:
(1) اندر آڳ عشق جي، ويو ٻاروچو ٻاري،
ڪارڻ ڪوهياري، مٿي راهه
رئان گهڻو.
(2) ڪاف ڪشالا
ڪيترا، ٿڪيءَ مون نه ٿين،
جيڏيون ڪاڻ جتن، مٿي راهه
رئان گهڻو.
بيتن جي قافين جي لحاظ کان به سچل سائينءَ وٽ نواڻ
۽ نرالائي نظر اچي ٿي. ڪيترين قافين ۾
”ڙ“
تصغير آيل آهي، جنهنڪري ميٺاج ۽ موسيقيءَ جي ليءِ
پيدا ٿي پيئي آهي:
ور وٽا ويڙهيچن جا، اهي موتئين مالهڙيون،
راس نه اچن روح کي، ٿالهه ۽ ٿالهڙيون،
سنگهارن جون سومرا، چڱيون چالڙيون،
جو فجر ڦوڪي سنديون، ڪن دانهه دالڙيون،
ورسي لويون لاک جون، ٻن شال ۽ شالڙيون،
اٺئي پهر اکيون، منهنجون عمر آلڙيون.
اهڙيءَ طرح انوکي سٽا وارا ڪيترائي قافيا مارئيءَ
جي بيتن ۽ سسئي جي جهولڻي ۾ ملندا. خاص طرح سان
جهولڻي جي بيتن ۾ قافيه جي لفظن جي پويان
”ڪي“
آڻي، بيتن جي بيهڪ ۾ پختگيءَ سان گڏ رواني ۽ رس
پيدا ڪيو ويو آهي. هن انتخاب ۾ جهولڻي مان چونڊيل
بيت اهڙي نموني جا آهن. انهن قافين ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ
سهڻي نموني سـِـٽيا ويا آهن:
ڪيچن ڪڍ لڳي هوءَ ڪهڪي،
پهرين ڀور ٽڪر سان ٽهڪي.
جهولڻي جي بيتن ۾، سسئيءَ ۽ سندس سرتين جي گفتگو
ڏني وئي آهي، جنهنڪري مڪالماتي انداز پيدا ٿي پيو
آهي. مطلب ته سچل سائينءَ جي بيتن جي سٽا توڙي
قافين ۾ نواڻ به آهي، ته رواني ۽ رس به آهي. سچل
سائينءَ عام سنڌي بيتن ۾ به پنهنجا خيال ظاهر ڪيا
آهن، ته نئين ۽ انوکي سٽا وارا بيت بنائي، منفرد ۽
موثر اسلوب سان به پنهنجو مقصد ظاهر ڪيو اٿس.
اهوئي سبب آهي، جو سچل سرمست کي نه فقط اعليٰ فڪر
جي لحاظ کان عظيم ۽ منفرد شاعر چئي سگهون ٿا، پر
فني سٽا جي انوکي انداز ۽ انفرادي اسلوب بيان جي
خيال کان به، کين سنڌي شاعريءَ ۾ اعليٰ ۽ ارفع
مقام حاصل آهي.
”ڪافيءَ
جا گهاڙيتا“:
بيتن کان سواءِ، سچل سرمست وٽ ڪافين جا به ڪيترائي
نمونا يا گهاڙيتا
ملن ٿا. سنڌي شاعريءَ ۾ هي پهريون شاعر آهي، جنهن
پهريون ڀيرو ڪافيءَ کي وسعت بخشي، ۽ ان ۾ فني سٽا
جا ڪيترائي نوان، سهڻا ۽ سيبائتا نمونا پيدا ڪيا،
سمايا ۽ عام ڪيا. ايتري قدرجو علم عروض کي به
ڪافيءَ جي سٽا ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪئي. کانئس پوءِ،
سمورن سنڌي شاعرن سندس سٽا جي تقليد ڪئي آهي. هن
هيٺ سندس ڪافين جي گهاڙيتن
تي تفصيل سان روشني وڌي وڃي ٿي:
1.
”ڪافي
هيڪوڻي“:
حضرت سچل سرمست جي ڪلام ۾
”وائي“
جي سٽا واريون ڪافيون به ڪيتريون ئي نظر اچن ٿيون.
اهڙين ڪافين کي
”هيڪوڻي“،
”هڪ
تـُـڪي“
يا
”هڪ
ٺپي“
ڪافي چئي سگهجي ٿو. هن قسم جي ڪافيءَ ۾ هر هڪ بند
هڪ هڪ سٽ جو ٿئي ٿو، ۽ هر بند جي پڇاڙيءَ ۾ قافيو
ٿئي ٿو. هڪ ٺپي ڪافي ۽ هڪ ٺپي وائيءَ ۾ فرق، هي
آهي ته وائيءَ جي بندن جو وزن وڌيڪ ڊگهو ۽ اينگهه
وارو ٿيندو آهي:
ٿل: اوڏانهن آئين ڪانگ ادا،
لنئون تون چڱي لات ڪا.
1. ڪي هت هئي محبوب کي، مشتاق جي مصلحات ڪا،
2. هيڏي اچڻ جي ڪاهين، ڏي تون مون کي تسلات ڪا.
ڪافيءَ جو ٻيو وائيءَ سان ملندڙ جلندڙ نمونو اهو
آهي، جنهن ۾ بند ٻن سٽن جو ٿئي، پر هر سٽ ۾ ساڳيو
اهوئي قافيو ٿئي، جيڪو ٿل ۾ آهي. حضرت سچل سرمست
جي ڪافيءَ جو اهڙو مثال هيٺ ڏجي ٿو:
ٿل: رکين يار جو خيال،
ڪوڙا ڇو ٿو ميڙين مال.
1. تڏهن طالب ڪوٺين، جڏهن ڇڏين سڀ جنجال،
هلي وڃج حال کي، ڪلي ڇڏج قال.
انهيءَ نموني جا قافيه جي لحاظ کان مختلف قسم آهن.
مٿئين نموني جي ٿل ۾ ٻه بند آهن ۽ ٻنهي جي آخر ۾
ساڳيو قافيو آهي، جيڪو بندن سان هم قافيه آهي. ٻئي
قسم ۾ ٿل مصرعن سان هم قافيه نه ٿو ٿئي. ٽئين قسم
۾ ٿل ٻن بندن جو ٿئي، جنهن جو پهريون بند مصرعن
سان هم قافي ٿئي ۽ ٻيو نه. سچل سرمست جي ڪافين مان
اهڙو مثال هيٺ ڏجي ٿو.
ٿل: شاهه ٿيو سيلاني، نه ڄاڻان ڪنهن ڳالهه کان.
1. ٿي گداگر ڪري گدائي، شرف ڇڏي سلطاني،
صورت انهيءَ ڪير سڃاڻي، هيءِ هيءِ سڀ حيراني.
اهڙي قسم جي ڪن ڪافين ۾ وري ٿل جي ٻن پدن مان
پويون پـَـد مصرعن سان هم قافيه ٿئي. سچل سائينءَ
جي ڪافين مان اهڙو مثال ڏجي ٿو:
ٿل: ڪانگي قريبن ڏانهن،
خبر آندي وٺي وهندو وري.
1. خط منجهئون معلوم ٿي، ساري خبر کيئن جي کري،
دوست دلاسا لکيا تا، تو اسان ريءَ ڪيئن سري.
چوٿون قسم اهڙو به ملي ٿو، جنهن ۾ ٿل فقط هڪ هڪ پد
جو ٿئي ٿو، ٻئي پد جي پورائيءَ لاءِ ڀراءَ جا لفظ
آندا وڃن ٿا. مثال ڏجي ٿو:
ٿل: ٿو وهي لوهاڻو، يار وي!
1. سا ڪيئن ترسي تار ۾، جيءَ جنهين جهوراڻو،
ڪاهيو ناپـَـوي ڪـُـنن ۾، ڏسو عشق اوراڻو.
”ڪافي
ڏيڍي“:
هن قسم جي ڪافيءَ ۾ هر هڪ بند ڏيڍ سـِـٽو هوندو
آهي. گهڻو ڪري ٿل به ڏيڍ سـِـٽو هوندو آهي، پر ڪن
ڪن حالتن ۾ هڪ سـِـٽو به هوندو آهي. هن گهاڙيتي
جا قافيه جي مٽ سٽ موجب جدا جدا قسم ٿين ٿا، جن جو
هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:
1. هڪ قسم اهو آهي، جنهن ۾ پد جي هيٺان وراڻي ٿل
سان ٿئي ٿي. ٿل ۾ فقط هڪ قافيو آخر ۾ ٿئي ٿو. مثال
هيٺ ڏجي ٿو:
ٿل: ملڪ عدم جي مون سان، ڪانگل ڪر ڪا ٻولي.
1. دور دنيا جي زينت، زيب، حسين ويا وسري،
رات ٻڌم جا ٻولي.
2. هن قسم ۾ ٿل هڪ سٽو، پر ٻن پدن وارو ٿئي ٿو ۽
بند ڏيڍو ٿئي ٿو. ٿل جو پهريون پد، بند جي پهرين
مصرع سان هم قافيه ٿئي ٿو، ۽ بند جي وراڻي ٿل جي
ٻئي پد سان هم قافيه ٿئي ٿي: مثال ڏجي ٿو:
ٿل: پاڻهين پارئون يار،
قاصد مون ڏي آيو.
1. اچڻ سندي ان جي، اُٿي ويا آزار،
ٿورو ڪيڏو تن لاٿو.
3. ٽيون قسم اهو آهي، جنهن ۾ ٻئي قسم وانگر ٿل ۾
ٻه پد ٿين، جن مان پويون پد ۽ وراڻي ٿل جي ٻنهي
پدن سان هم قافيه ٿئي. مثال ڏجي ٿو:
ٿل: يار تو سان منهنجي زاري،
سؤ لک واري ميان.
1. وندر جي وڻن ۾، واجهه وجهي ويچاري،
سا
تا محبت ماري.
4. چوٿين قسم ۾ ٿل هڪ سـِـٽو ٿئي، ۽ ان جي آخر ۾
قافيو ٿئي، جيڪو وراڻي سان هم قافيه ٿئي. بند جي
پهرين مصرع ۾ ٻه پد ٿين، جي پاڻ ۾ هم قافيه ٿين.
سچل سرمست جي ڪافيءَ مان مثال ڏجي ٿو:
ٿل: سڀ ڪنهن ويڙهي تون وسين،
ڪونه آهي ٻيو تو ريءَ.
1. ڄاڻي هئين ڄاتوم، تو کي سانول سڃاتوم،
هر
جاءِ آهين تون حاطي.
5. پنجين قسم ۾ ٿل هڪ سـِـٽو ٿئي، ان ۾ ٻه پد ٿين،
جن مان پهريون پد وراڻيءَ سان هم قافيه ٿئي. پد جي
پهرين مصرع ۾ ڪوبه قافيو نه ٿئي. بند جي پهرئين
مصرع ۾ ڪوبه قافيو نه ٿئي. سچل سرمست جي ڪافيءَ
مان مثال ڏجي ٿو:
ٿل: اهو ويو هاڻي ڪاڏي،
جنهن
”سچو“
سو نانءُ سڏايو
1. مکڙيءَ منجهؤن ني ويا ميان، ٿيو گل پيدا وري ميان،
منهن ڪري بيٺو ماڏي.
6. ڇهين قسم ۾ ٿل هڪ سـِـٽو ٿئي، جنهن ۾ ٻه پد
ٿين. بند جي پهرين مصرع ۾ به ٻه پد ٿين، جيڪي ٿل
جي پهرئين پد سان هم قافيه ٿين. بند جي وراڻي ٿل
جي ٻئي پد سان هم قافيه ٿئي. مثال ڏجي ٿو:
ٿل: اهي اڱڻ منهنجي آيا وو،
جن ڪاڻ سي پير پڇايم ٿي.
1. پـَـکي اسان جي پيهي آيا، ڏينهن گهڻا جن لايا وو،
جن ڪاڻ سي پوٿيون
پٽايم ٿي.
7. ستون قسم اهو آهي، جنهن ۾ بند هڪ سٽو ٿئي ۽ ان
۾ ٻه پد ٿين، پر قافيو ٻئي پد ۾ ٿئي. بند جي
پهرينءَ سٽ ۾ ٻه ٻه پد ٿين، جنهن جي پوئين پد ۾
قافيو ٿئي. ٿل جو ٻيو پد، بند جي پهرينءَ سٽ جو
ٻيو پد ۽ وراڻي پاڻ ۾ هم قافيه ٿين. سچل سرمست جي
ڪافيءَ مان مثال ڏجي ٿو:
ٿل: مون وٽ يار پيارا،
آءُ تون پاڻ سڃاڻي.
1. حال مڙيوئي معلوم تو کي، دنيا سا ڪوڙ ڪهاڻي،
آءُ
تون پاڻ سڃاڻي.
8. ٿل ڏيڍو ٿئي، جنهن جي پهرينءَ سٽ جا ٻه پد ٿين،
جيڪي پاڻ ۾ هم قافيه ٿين. ٿل جي وراڻي بند جي
پهرين مصرع جي پوئين پد سان هم قافيه ٿئي ۽ ٿل
واري ساڳي وراڻي، بند جي پهرئين مصرع جي پويان،
ساڳي طرح وراڻي ٿي اچي. سچل سائينءَ جي ڪافيءَ مان
مثال ڏجي ٿو:
ٿل: حـُـج ڦـِـٽي ڪيم هاڻي،
ماريس تنهنجي ماڻي.
الله
ڄاڻي.
1. تنهن ڏينهن لاڪون يار اوهان سان،
لايو نينهن هن
نماڻي، الله ڄاڻي.
9. ٿل ۽ بند ٻئي ڏيڍا ٿين. ٿل جي پهرينءَ مصرع جو
پويون پد، ٿل جي وراڻي ۽ بند جي پهرئين مصرع جو
ٻيو پد پاڻ ۾ هم قافيه ٿين. ٿل جي وراڻي هوبهو بند
جي وراڻي طور به ڪم اچي. سچل سرمست جي ڪافيءَ مان
مثال ڏجي ٿو:
ٿل: ڪانگڙا قريبن جا،
تو کي ڪالهه اُڏايو ڪن.
وٽئون ويڙهيچن.
1. آسر وندي آهيان، من ڪو ڀيرو ڪن،
وٽئون ويڙهيچن.
”ڪافي ٻيڻي“: هن قسم جي هر بند ۾ ٻه مصرعون ٿين، ٿل ڪڏهن ٻن سٽن جو هڪ
سٽ وارو يڪو يا ٻن پدن وارو ٿئي. هن جا به مختلف
قسم ٿين ٿا:
1. هڪ قسم هوبهو غزل جيان ٿئي، يعني ٿل توڙي بند ٻن سٽن جا ٿين،
ٿل جي ٻنهي سٽن ۾ قافيو ٿئي ۽ بندن جي پوين سٽن ۾
قافيو ٿئي:
ٿل: آهي انهن اکين کي خاصو خمار تنهنجو،
ويٺو وٺي مان آهيان، ڪامل قرار تنهنجو.
1. هن کي اوهان جي ٻاجهئون، آهي نه ماڙ ڪائي،
هيءَ تان غريب آهي، اميدوار تنهنجو.
2. ٿل هڪ سٽو ۽ بند ٻن سٽن وارو ٿئي، ٿل جو پهريون
پد، بند جي ٻنهي سٽن سان هم قافيه ٿئي. مثال هيٺ
ڏجي ٿو.
ٿل: شل اوڏانهون ايندا،
وٺي خاصيون خبران خبران.
1. مون هن نماڻي کي، دلاسو ڏيندا،
پرين پاڻهين پاڻ سان، هيءَ گولي گڏيندا.
”ڪافي
چئـَـوڻي“:
اهڙيءَ طرح ٽيڻي ۽ چئوڻي ڪافي به ٿئي. سچل سرمست
جي هڪ چئوڻي ڪافيءَ جي ٿل ۾ به چار پد آهن، ته هر
هڪ بند ۾ به چار پد آهن. ٿل جي چئني پدن ۾ هڪجهڙو
قافيو آهي. بند جا پهريان چار پد پاڻ ۾ هم قافيه
آهن، ۽ چوٿون پد ٿل سان هم قافيه آهي:
تنهنجي حسن ماريا، سوريءَ سنڀاريا،
انهي ڳالهه ڳاريا، هزارين هزار.
1. اهي پار آيا، نيزن جا نوايا،
نيئي سر سلايا، تنهن تون اگهار.
”جهولڻو
ڪافي“: هن جو فني تعارف ۽ نمونو ٽئين حصي ۾ ڏنو
ويو آهي.
------
”زبان
۽ محاورو“
ٻوليءَ ۽ سريلي محاوري جي لحاظ کان به سچل سائين
جو ڪلام نهايت اهم آهي. سندس ڪلام ۾ ٺيٺ سنڌي لفظن
۽ عربي فارسي لفظن جو سهڻو امتزاج ملي ٿو. نه فقط
ايترو، پر موقعي جي مناسبت سان هندي لفظ ۽ سرائڪي
لفظ به آندا ويا آهن. قديم سنڌي شعر جا ڪيترائي
لفظ به سچل سائينءَ وٽ نظر اچن ٿا، مثلاً: اتو =
”چيو“
۽ اُتائين =
”چيائين“.
قديم سنڌي شعر ۾ اهو لفظ گهڻو آيو آهي.سچل سائينءَ
به اهو لفظ استعمال ڪيو آهي. پراڻي شعر ۾ لفظ
”ڄر“
۽
”ڄيرو“
به آيا آهن. سچل سائينءَ جي بيت جي هن سٽ ۾ اهي
لفظ ملن ٿا:
”ائين
”اتائين“،
ته هيءَ
”ڄر
ڄيري“
نه جهليا“
ٺيٺ سنڌي لفظ ويسهه ۽ وسهڻ هن طرح آندا اٿس:
”وفي
انفسڪم افليٰ تبصرون، ويسهه يا وسهن“
اڌ رات کان پوءِ جڏهن رات ٺري يا ڀڄي ٿي، ته ان کي
”ڀني
رات“
چيو ويندو آهي. سچل سائين اهو لفظ ڪيترائي ڀيرا
آندو آهي، هڪ بيت ۾ اهو هن طرح آيو آهي:
”سـُـڏڪا
ڏيئي سور جا، ڀنيءَ رات ڀڻن.”
هن سٽ ۾ ڀڻن لفظ به پراڻو سنڌي لفظ آهي، جو هلڪو
ڳالهائڻ، پنهنجي ليکي ڳالهائڻ ۽ ذڪر جي معنيٰ ۾
آيو آهي. اهڙيءَ طرح سچل سائينءَ جي ڪلام ۾
ڪيترائي ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ٿيل ملن ٿا، جن مان
ڪيترا ته ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام ۾ به ڪونه ٿا
ملن. نموني طور ڪجهه سٽون هيٺ ڏجن ٿيون، جن ۾ اهڙا
لفظ جڙيل آهن:
”تڙ لهي
”ترڀاءُ“
شرط لنگهي پيس شهه ۾.
عاشق مٿان آگ جي
”اولارا“
ڏين،
”ڀنڀڙ“
باهه عشق ۾
”سپورن“
سڙن،
اچيو پون
”آڙاه“ ۾ سر جو
”سانگ“
نه ڪن،
لائق لعل ٿين، کامي لهسي لوسجي.
سڀ ڪنهن ويل وهن، اٿن اثر
”اوهيرن“
جو،
مري ٿي مشتاق،
”ڪاڪرور“
لهي ولهي جي،
نيهن
”نهوڙيا“
”نڪڻيان“،
جنهن ڀر ڪا ڀڙين،
هڻي درد
”دهيون“
ڪيا، سندي سپرين.
حضرت سچل سرمست سريءَ جو سرموڙ آهي. سندس ڪلام
سنڌي زبان جي سريلي محاوري لاءِ سـَـندَ جي حيثيت
رکي ٿو. سريلي محاوري ۾
”آن“ گڏي جمع بنايو ويندو آهي، ۽ لاڙ ۾
”ون“ سان جمع جڙندو آهي. سچل سرمست جي ڪلام ۾ هر هنڌ
”آن“ سان جمع بنايل آهي. نموني طور ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:
”ڪوران
ڪسيان واهڙان، هت ڪلي ٿيا گمنام ميان“
ڪور = ننڍو واهه، ڪسي = ننڍي واهي، واهڙ = واهه جو جمع. ڪوران
ڪسيان ۽ واهڙان آيو آهي.
”منهن ميرا،
”مٿي
ميرا“،
اهڙيون
”طرحان“
تن“،
”ڇوليون
”ڇران“
ٿي ڪري، ٻيو وڇٽي واءُ.“
پوئين مصرع ۾ پاڻيءَ جي
”ڇر“
جو جمع
”ڇران“
بنايو ويو آهي. مٿين مصرع ۾
”وڇٽي“
لفظ به آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: (واءُ) زور
سان لٿي يا ڇٽي. اهو لفظ به سريلي محاوري جو آهي.
سريلي محاوري موجب
”بـِـلي ٿياسين“
معنيٰ
”اختيار
۾ آياسين“.
اهو محاورو هن طرح آيو آهي:
”بـِـلي
ٿياسي بره جي، بابو ٿياسي بـَـلي.“
لاڙي محاوري موجب
”ٿياسين“
ٿيندو، پر سريلي محاوري ۾
”سين“
جي بدران
”سي“
مستعمل آهي. سچل سرمست جي مٿين مصرع ۾ سريلي
محاوري موجب
”سي“
آيو آهي.
سريلي محاوري ۾ اڪثر مؤنث
وارو جمع
”ون“ گڏڻ سان بنايو ويندو آهي. هيٺين مصرع ۾
”سينڌي = واقفڪار“ جو
”سينڌيون“ ڪيو ويو آهي. خود
”سينڌو“
معنيٰ واقفڪار. سينڌ معنيٰ واقفيت سريلي محاوري جو
لفظ آهي:
”سينڌيون
جي سکن، تنين گوندر گهوريا.“
اتر سنڌ ۾ مٽي کڻڻ لاءِ جيڪي کارا ڪم ايندا آهن،
انهن کي
”ڏلهو“ چيو ويندو آهي. ان مان فعل ٺهيو آهي:
”ڏلهي
ڇڏيڻ“
=
”ڀري
ڇڏڻ يا ڀرڻ“.
سچل سرمست جي ڪلام ۾ اهو اصطلاح هن طرح آيو آهي:
”ڏلهي
ڇڏيو ڏٿ سان ڏوٿيين ڏيار.“
لاڙ ۾
”آءٌ“
۽
”مون“
استعمال ۾ اچن ٿا. سري ۾ وري انهن جي بدران
”مان“ڪتب ايندو آهي. لاڙ ۾ چون
”مون
ڏانهن“،
سري ۾ چون
”مان
ڏي“.
سچل سائين
”مان
ڏي“
آندو آهي:
”منهن
ڪري بيٺو ماڏي.“
اتر
۾
”ڇٻي“
مان اصطلاح جڙيو آهي:
”ڇٻٽ
ڪرڻ، معنيٰ:
”چوريءَ
ڪا شيءِ لڪائي ڇڏڻ“
اهو اصطلاح هن طرح آيو آهي:
”ڇٻٽ
ڪري ڇٻن ۾، وتن ڪاريهر قتيل.“
شڪار ڪرڻ وقت
”شڪاري،
شڪار کي دوکو ڏيڻ لاءِ هڪ هنڌ باهه ٻاري ڇڏيندا
آهن، ته جيئن شڪار دوکو کائي ان پاسي نه اچي ۽ ٻئي
پاسي وڃي، جتي بندوقچي ان جي تاڙ ۾ ويٺل هوندا
آهن. ان باهه کي
”اوسر“
چوندا آهن. اهو لفظ سچل سائينءَ
”روجهه“
(جابلو ڳئون) لاءِ هن طرح آندو آهي:
”ڏکيا
اوسر ڏينهڙا، ٿيون گذارن هت.“
”جانورن جي هلي اچڻ“ لاءِ ٻهراڙيءَ جو اصطلاح
”پري اچڻ“
هن طرح آيو آهي:
”پري
آيون پيئي تي، پهاڙئون پري“
مٿين مصرع ۾ هڪ ٻيو ٻهراڙيءَ جو لفظ
”پيئي“ به آيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي
”تڙ“،
يا جانورن جي پاڻيءَ پيئڻ جي جا“.
اُتر ۾
”سـِـرُ
کڻڻ“،
”موت
جو سبب بنجڻ“
جي معنيٰ ۾ ڪم ايندو آهي. اهو اصطلاح سچل سرمست جي
ڪلام ۾ هن طرح آيو آهي:
”سالڪ
ساز سرود جي، سـُـرَ سان سـِـرُ کنيو“
ٻهراڙين ۾ ڪن خاص ڪمن لاءِ سڀني ڳوٺاڻن کي سڏي،
کانئن مدد ورتي ويندي آهي. آخر ۾ کين تانهري يا ڪو
ٻيو مـِـٺو ڀـَـت کارايو ويندو آهي. انهيءَ کي
”وريون وهڻ“
به چيو ويندو آهي. اُتر ۾ ڪن هنڌ ان کي
”وهل
وهڻ“ به چيو ويندو آهي. انهيءَ موقعي تي جيڪو
سادو رَٻ جهڙو ڀـَـت کارايو ويندو آهي، ان کي
”لپي“
چيو ويندو آهي. سچل سرمست
”وهل
وهڻ“ ۽
”لپيون“
گڏ ڪم آڻي ٿو:
”وهين،
وهل، لپيون، ٿي پيٽ پاريا تن پنهنجا“
ٻهراڙيءَ ۾ جڏهن ٻه ڀائر نه ٺهندا آهن، ته گهر جي
وچ تي ڀـِـت ڪڍي يا پـَـتر ڏيئي، گهر کي ٻن حصن ۾
ورهائيندا آهن. انهيءَ ڀـِـت يا پـَـتر کي
”وِري“
چئبو آهي ۽ ڀت ڪڍڻ کي
”وِري
وجهڻ“
چيو ويندو آهي. ننڍين ننڍين جڳهين کي وري
”ويريون، چيو ويندو آهي. سچل سائين لفظ هن طرح ٿو آڻي:
”جهل
جهڳن کي ڪانه ڪا، وِريون ۽ ويريون“
اُتر جي ٻهراڙين ۾
”خاصو“
کي
”خاشو“
بنائي
”عمدو“
يا
”سٺو“
جي معنيٰ ۾ آندو ويندو آهي.
”خاشيون“
جو ضد وري
”راشيون
= خراب.“
آندو ويندو آهي. سچل سرمست اهي ٻئي لفظ هن طرح
آندا آهن:
”سي پليءَ لڳي پوءِ ڄام جي، ٿيون خوراڪين خاشيون“
روءِ هيون راشيون، پر سمي ڄام سهاڻيون.
پوئين سٽ ۾ هڪ ٻيو لفظ
”سهاڻيون“
ڪم آيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: پسند آيون. هي لفظ
به سري جي محاوري جو آهي.
”اولجلول“
انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ چيو ويندو آهي، جنهن کي ملڪ
جهان جي ڪا خبر نه هجي. اهو لفظ هيئن آيو آهي:
”قدر
تن کي ڪهڙو، جي آهن
”اولجلول“
”اروڙ“
اتر سنڌ جي قديم شهر جو نالو آهي، پر ان جي لفظي
معنيٰ فقط سچل سرمست ٻڌائي آهي. سچل سائينءَ اهو
لفظ ڍير، ڍِڳ يا اَنبار جي معنيٰ ۾ آندو آهي. ان
مان معلوم ٿئي ٿو، ته انهيءَ قديم سنڌي لفظ جي
معنيٰ آهي: ڪٿي اناج گڏ ڪرڻ. جيئن ته اروڙ جي
چوڌاري سرسبز کيت هئا ۽ اروڙ هڪ وڏي منڊي هو،
انهيءَ ڪري ئي ان شهر تي اهو نالو پيو ٿو ڀانئجي.
سچل سائين فرمائي ٿو:
”ناپي
۽ ڏٿ ڏڀ جا آڻيو ڪن اروڙ.“
سري ۾ کير وارن ڍورن خاص طرح سان مينهن کي سسيون
چيو ويندو آهي. وڌيڪ جي معنيٰ ۾ وري ٻهراڙيءَ ۾
”سجيهه“
لفظ ڪتب ايندو آهي. اهي ٻئي لفظ سچل سرمست جي هڪ
مصرع ۾ هن طرح آيا آهن:
”ساول
کائي سبزيون، ٿيون سجيهه سسيون.“
اڻانگي، ڏکئي يا جهيڙاڪار لاءِ
”اويڙو“
لفظ اتر جو ٺيٺ سنڌي لفظ آهي. اهو لفظ هن طرح آيو
آهي:
”توڙي
اهڙيون اويڙيون، ته ڀي سمي ڄام سهاڻيون.“
”لڄائڻ“
جي معنيٰ ۾ اصطلاح
”ڪارو
ڪرڻ“
ڪم ايندو آهي. اهو لفظ سچل سائينءَ هڪ ڪافيءَ ۾ هن
طرح آندو آهي:
”ڪارو
ڪج نه ڪيچ کي، ڇپر تان ڇڏين، وو.“
چپ ڪري ويهڻ، يا خاموشي اختيار ڪرڻ کي
”ڇپ ڪرڻ“
چيو ويندو آهي. اهو لفظ هن طرح ڪم آيو آهي:
”تڏهن
ڇپ ڪرڻ تو ڇاهي“
”تپائي
کڻڻ“
جي بدران
”تائي
کڻڻ“
قديم سريلي محاوري جو اصطلاح آهي. اهو هن طرح آندو
ويو آهي:
”تنهنجي
دل کنئين تنهن تائي.“
ڊيڄارڻ ۽ دٻائڻ لاءِ قديم اترادي محاورو آهي:
”سهمون
ڏيڻ“
ان مان لفظ بنيو آهي.
”سهمناڪ“
= ڊيڄاريندڙ. اهو لفظ سچل سرمست جي شعر ۾ هن طرح
آيو آهي:
”سهمناڪ“
سنڊا سي سوڙها“
سريلي محاوري
”وِٿِ“
وٿي يا فرق جي معنيٰ ۾ ڪتب ايندو آهي. سچل سرمست
اهو لفظ هن طرح آندو آهي:
”اوڏانهن
وِٿِ مٿان پوي، گهنگهر اي گهارن“
سريلي محاوري ۾
”بس
ڪرڻ“
لاءِ قديم لفظ آهي:
اوڪاڻجڻ يا
”اوڪارجڻ“. سچل سرمست جي شعر ۾
”اوڪارجڻ“
مان
”بس ڪن“ جي معنيٰ ۾
”اوڪارڻ“
آيو آهي. عام محاوري ۾ چوندا آهن:
”پاءُ پاڻي لڳي، ته ڏيان“.
يعني
”مون
ڏي منهن نڪري، ته پلؤ يا عيوضو ڏيان“. سچل سائين اهو اصطلاح هن طرح آندو آهي:
”مون
تي لڳندو ڪونه ڪو، پيارا
’پاڻيءَ‘
پاءُ.“
ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي سنڌي زبان جي نحوي بناوت
وانگر سچل سرمست جي سنڌي زبان جي نحوي بناوت ۾ به،
ضميري پڇاڙيون ملن ٿيون.
”حرف
جر“
جي پڇاڙين جا ڪجهه مثال هي آهن:
(1) اچي اوتڙ پاءُ، گهڙيس گهوري جندڙي.
”او
تڙياءُ“
معنيٰ: اوتڙ کان، هيٺين مصرع ۾
”وٿاڻين“
معنيٰ
”وٿاڻن
تي“
ڪم آيو آهي:
”ڀٽاريون
ڀٽن تي
’وٿاڻين‘
وريون“
هيٺين مصرع ۾
”ڇپرئون“
”ڇپرن
مون“
ڪم آيو آهي. هن ۾ ٻيو ٺيٺ سنڌي لفظ
”ڇنڀ“ به آيو آهي:
”جو
ڳالهيون ٻڌي تا تهنجون ڇپرئون وهن ڇنڀ“
هيٺين مصرع ۾
”سورٺ“ جي”ٺ“
تي زير
”اضافت“
”جو“
جي معنيٰ ۾ آئي آهي:
”اصل
انيراءِ جو سورٺ، وَرَ سان وير“
هيٺين مصرع ۾
”اوندوهون
= اندوه يا غم کون“
آيو آهي:
”اندوهون
آزاد، ڪندا ڪمينيءَ کي.“
”مون
کون“
جي بدران
”مونهون“
آيو آهي:
”جو
ڏاڏاڻو ڏيهه، مونهون مور نه وسري“
هيٺين مصرع ۾
”توڙئون
= توڙ کون، منڍ کون“
آيو آهي:
”توڙئون
ڪين تنهين هڏ تهڪي“.
هن مصرع ۾
”خاڪو
= خاڪ مون، مٽي مون“
آيو آهي:
”خاڪون
هلج خاص ٿي، ڪر پاڻيءَ کون پرواز ميان“
هيٺين مصرع ۾
”سائين“
جي پويان
”ءَ“
کي جي معنيٰ ۾ آهي:
”عاشق
جي الله جا سائينءَ سيبائين“
هن سٽ ۾
”برهي“
جي پڇاڙيءَ واري
”ي“
اضافتي پڇاڙي ٿي آئي آهي ۽
”جي“
جي معنيٰ ڏئي ٿي:
”موٽ
مران ٿي مينڌرا، برهي چاڙهيءَ بار“.
انهن کان سواءِ، فعل واريون پڇاڙيون به آيل آهن.
هيٺ مصرع ۾
”جهٻيون
= جهٻيون ڏيئي، ڇڙبون ڏيئي“
۽
”جهيڙيون
= جهيڙو ڪري“
آندا ويا آهن. يعني
”ئون“
پڇاڙي
”ڏيئي“
۽
”ڪري“
جي معنيٰ ۾ آئي آهي:
”وٽن
ماڻڪ موتئين، تنهن کون جهٻيون ۽ جهيڙيون.“
اهڙيءَ طرح پڇاڙين جا ڪيترائي نمونا ملن ٿا، جن
مان ٿورا مثال مٿي ڏنا ويا آهن. ان مان ظاهر ٿئي
ٿو، ته سچل سرمست جي شعر جي نحوي بناوت، اهڙي ئي
آهي، جهڙي قديم ڪلاسيڪل شعر جي نحوي جوڙجڪ آهي،
جيڪا ڪجهه قدر هينئر بدلجي ويئي آهي. سچل سرمست
سرائڪي زبان جو به اعليٰ درجي جو شاعر آهي. ان کان
سواءِ، خيرپور ۾ سرائڪي زبان عام هئي. انهيءَ ڪري
سندس سنڌي ڪلام ۾ سرائڪي لفظ ۽ محاورا گهڻي قدر
آيا آهن. سندس سرائڪي ڪلام ۾ وري ڪي سنڌي لفظ شامل
ٿي ويا آهن. فارسي ۽ عربي لفظن کان سواءِ، هندي
لفظ به نهايت سهڻي نموني جڙيل ملندا. مطلب ته، ٺيٺ
سنڌي لفطن سان گڏ، ڪٿي عربي ۽ فارسي لفظن جو، ڪٿي
هندي شيدن جو ۽ ڪٿي سرائڪيءَ جي سلوڻن لفطن جو
سهڻو امتزاج ملندو. طوالت جي خوفان نمونا نه ٿا
ڏجن.
سچل سرمست جي ڪلام جي اها خاص خوبي آهي، ته جيڪا
به تمثيل آڻي ٿو، ته ان سان تعلق رکندڙ منظر
نگاري، ڪردار نگاري ۽ سيرت نگاري به خاص انهيءَ
رنگ ڍنگ ۽ حقيقت پسندانه نوع ۾ پيش ڪري ٿو.
مارئيءَ جو ذڪر ڪري ٿو، ته ٿر جي زندگي، مارن جي
اُٿڻي ويهڻي انهيءَ رنگ ۾ پيش ڪري ٿو ۽ اتي جا
مخصوص لفظ به آڻي ٿو. اهڙيءَ طرح وري سهڻيءَ ۾
درياهه سان تعلق رکندڙ منظر پيش ڪري ٿو، ۽ درياهه
سان لاڳاپو رکندڙ خاص لفظ ۽ اصطلاح ڪم آڻي ٿو.
سارنگ جي بيان ۾ وري مينهن جي وسڪاري سان تعلق
رکندڙ ڳالهيون، انهيءَ خاص لفظن ۾ بيان ڪري ٿو.
”روجهه“
جبل جو جانور آهي، جو ڳئون سان مشابهه هوندو آهي.
ٿري ماڻهن وانگر، هو به برسات پوڻ کان پوءِ،
پنهنجي ماڳ موٽي ايندا آهن.
”روجهه“
جي تمثيل سچل سرمست کان سواءِ، ڪنهن به سنڌي شاعر
نه آندي آهي. روجهه جي بيتن ۾ وري جبل جو ذڪر آهي
۽ روجهه جي گذران جو بيان آهي.
اهڙيءَ طرح
”نوريءَ“
جي ذڪر ۾ مهاڻن جي رهڻي ڪهڻي، انهن جو قوت گذران،
ڍنڍن جي پيدائش، ڍنڍن جا منظر، ٻيڙين جا نظارا ۽
اهڙي قسم جون ٻيون ڳالهيون نهايت سهڻي رنگ ۾ بيان
ٿيل ملنديون. ان کان سواءِ، مهاڻن جي رهڻي ڪهڻي ۽
ڍنڍن سان تعلق رکندڙ خاص لفظ ۽ اصطلاح به موزون ۽
مناسب نموني ڪتب آيل آهن. سسئيءَ جي بيان ۾ وري
وندر جي واٽ جو ذڪر آهي ۽ جبل جهاڳڻ جا منظر آهن.
جوڳين جي بيان ۾ جوڳين جي جٽائن، تپسيائن ۽ انهن
سان تعلق رکندڙ ٻين ڳالهين جو ذڪر آهي. مطلب ته،
”جهڙو ديس، تهڙو ويس“ جي مصداق هر تمثيل ۽ هر ڳالهه کي انهيءَ رنگ ۽ انهيءَ زبان
۾ بيان ڪيو ويو آهي.
----- |