سچل سرمست جون
تصنيفون
فارسي تصنيفون:
فارسي شعر ۾ سندس هيٺيون تصنيفون مليون آهن:
ديوان آشڪار:
هيءُ ديوان پهريون ڀيرو مير علي مراد خان ٽالپر
والي رياست خيرپور، نولڪشور پريس مان ڇپائي شايع
ڪيو. ان کان پوءِ، آغا غلام نبي صوفي مرحوم،
ولبداس گاجرا
جي مالي مدد سان ڇپائي شايع ڪيو. ٽيون ڀيرو لالا
مڪند لعل صاحب ڇپايو.
ديوان خدائي:
هن ديوان ۾
”خدائي“
تخلص آندو ويو آهي. هن جا فقط نـَـوَ غزل ملي
سگهيا آهن، جيڪي محترم قاضي علي اڪبر صاحب مثنوي
”راز
نامه“
سان گڏ شايع ڪيا آهن.
مثنويون:
حضرت سچل سائينءَ تصوف جي تعليم ڏيڻ لاءِ، فارسي ۾
ڪيتريون ئي مثنويون لکيون آهن، جن ۾ وحدت الوجود
جو فڪر دليلن ۽ مثالن سان سمجهايو ويو آهي. اهي
مثنويون محترم قاضي علي اڪبر درازي سنڌيءَ ۽ اردو
ترجمن سان ڇپائي شايع ڪيون آهن. ڊاڪٽر عطا محمد
حامي مرحوم انهن جو منظوم سنڌي ترجمو ڪيو آهي.
انهن مثنوين جا نالا هي آهن:
رهبر نامه، وحدت نامه، تار نامه، عشق نامه، درد
نامه، گداز نامه، راز نامه ۽ وصلت نامه.
نقطئه تصوف:
هي فارسي نثر ۾ هڪ تحرير آهي، جنهن ۾ طالب کي سلوڪ
جي راهه جي تلقين ڪيل آهي. محترم قاضي صاحب اها
تحرير هڪ قلمي ڪتاب تان نقل ڪري، پنهنجي اردو ڪتاب
”سچل
سرمست - شاعر هفت زبان“
۾ ڏني آهي.
فارسي شاعريءَ
جو جائزو:
حضرت سچل سرمست فارسي زبان جو پـُرگو ۽ بلند پايه
شاعر آهي. سندس فارسي شعر جي مطالعي مان معلوم ٿئي
ٿو، ته هن ڪـُليات عطار، ديوان شمس تبريز، مثنوي
مولانا روم، ديوان احمد ڄام زنده پيل ۽ آثار جامي
جو گهرو مطالعو ڪيو هو. عطار لاءِ عقيدت جو اظهار
هن طرح ڪري ٿو:
اي صبا باما حقيقت شهر نيشاپور کن
ميکنم قربان بران خاک زمين اين جان و تن
خواه از عطار گان محب در پير مغان است
از ولي الله دعا اي
”آشکارا“
خويشتن
ترجمو: اي صبح جي ٿڌڙي هير! اسان کي نيشاپور شهر
جي حقيقت ٻڌاءِ،
آئون، انهيءَ سرزمين جي پاڪ مٽيءَ تي پنهنجو جسم ۽
جان قربان ڪريان ٿو. اي
”آشڪار!“
پنهنجي لاءِ،
انهيءَ ولي الله، خواجه عطار کان دعا طلب ڪر، جيڪو
پيار ۽ محبت وارو ۽ پيرِ مـُـغان به آهي.
حضرت خواجه احمد جام زنده پيل جو ذڪر هن طرح آندو
اٿس:
من شدم عاشق بنام آشفتگان،
ره، رفيق خواجه احمد جام ماست.
ترجمو: آئون ته عاشقن جي نالي تي به عاشق آهيان ۽
انهيءَ نسبت جي ڪري، اسان جو دوست ۽ (سلوڪ جي)
راهه جو رفيق خواجه احمد ڄام آهي.
سندس فارسي شعر ۾ هر هنڌ
”همه
اوست“
جو نظريو ڪارفرما آهي. ڪيترين ئي جاين تي مستي،
بيخودي ۽ استغراق واري حالت ۾
”اناالحق“
جو نعرو هنيو اٿس. سندس رڳ رڳ مان اهائي تنوار ٿي
آئي:
الفار ني في الله و الباقي بهي - من نيستم والله
بالله من نيستم
شفيع احمد علوي مرحوم، سچل سائينءَ جي
”ديوان
آشڪار“
بابت صحيح لکيو آهي ته:
”ديوان
آشڪار“
سڄو شاعر جي جذبئه
مستي، سوز و گداز، رقت، وجداني ذوق، فنا، عبوديت،
استغراق، تجليات معرفت، ذوق فنا في الوجود سان
لبريز ۽ معمور آهي. ان جي سمجهڻ ۽ سندس باريڪين،
رمزن ۽ اسرار کان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ هڪ خاص ذوق
نظر جي ضرورت آهي، جا ڪاملن ۽ پاڪ نفسن کي مليل
هوندي آهي.“
سچل سائينءَ جو شعر وجد، مستي ۽ بي خوديءَ جو
آئينه دار آهي. چوي ٿو:
من باو مست يار مست بما - تاکه از عهد داد دست بما
دوست را مونسي وهم نفس - چند ايامها گذشت بما
”آشکارا“
توشاد باش صنعم - عهد نامه وفا نوشت بما
ترجمو: آئون يار سان مست آهيان ۽ يار مون سان مست
آهي، ايتريقدر جو هن انهيءَ باري ۾ اسان سان وعدو
ڪيو آهي.
منهنجي دوستي ۽ رفاقت، پنهنجي يار سان اڄ جي نه
آهي، پر اسان جي اها هم نشيني ايامن کان آهي.
اي
”آشڪار“!
تون خوش رهه، ڇو ته تنهنجي محبوب ياري نڀائڻ جو
وعدو اسان کي لکي ڏنو آهي.
هن شعر تي تبصرو ڪندي، شفيع احمد علوي مرحوم لکيو
آهي:
”مٿين
شعرن ۾ الستي عهد ۽ ميثاقي قول جي يادگيري ڏياريل
آهي ۽ اڳوڻي پرمسرت زندگي ۽ وصال جي ڏينهن ۽ ان جي
سهڻين ڳالهين کي ساريندي لطافت ۽ شيريني مخصوص
آهي، جا عراقي، جامي، عمادالفقيه
ڪرماني جي ڪلام ۾ ملي ٿي.“
حضرت سچل مرمست جيتوڻيڪ “وحدت الوجود” جي فڪر جو
ترجمان ۽
”اناالحق“
جو نعرو هڻندڙ آهي، ان جي باوجود کيس شرع لاءِ
بيحد عزت ۽ احترام آهي، چوي ٿو:
از شرع رومتاب گر مردي - غوث و قطب و کنند سلام
مطلب ته حضرت سچل سرمست جي
”ديوان
آشڪار“
جو سمورو شعر وحدت الوجود، پاڻ سڃاڻڻ، الاهي عشق،
ذوق عبوديت ۽ فنافي الله جهڙن روحاني مضامين سان
مزين آهي. هو پنهنجي روحاني واردات به بيان ڪري
ٿو، ته طالب کي تلقين ڪري ٿو، ۽ سلوڪ جي راهه ۾
رهنمائي به ڪري ٿو. فني ۽ معنوي لحاظ کان به سندس
شعر اعليٰ درجي جو آهي. غزلن ۾ تغزل آهي، حسن و
جمال جو جلوو آهي ۽ هجر و وصال جو تذڪرو آهي.
امنگن ۽ احساسن، جذبن ۽ خيالن کي اهڙو ته عمدو ۽
اثرائتو بنايو اٿس، جو ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ بي اختيار
ٿيو وڃي. ان کان سواءِ شعر ۾ غضب جي محاڪات ۽
رواني آهي، دلڪشي ۽ اثر انگيزي آهي، ڪيف ۽ مستي
آهي، بيخودي ۽ بيباڪي آهي، نازڪ خيالي ۽ فڪر جي
گهرائي آهي.
سچل سائينءَ جي مثنوين ۾ به تصوف جا اونها اسرار
بيان ڪيا ويا آهن. انهن مثنوين ۾
”وحدت
الوجود“
۽
”همه
اوست“،
فنا ۽ بقا، مجاهدي ۽ وجد، تسليم و رضا، زهد ۽
تقويٰ، صبر ۽ شڪر، عالمِ خلق ۽ عالمِ امر، ذات ۽
صفات، تنزيهه ۽ تشبيهه جهڙن نازڪ صوفيانه مسئلن تي
نهايت اثرائتي نموني، دليلن ۽ مثالن سان بحث ڪيو
ويو آهي. خاص طرح سان
”وحدت
الوجود“
کي سمجهائڻ لاءِ ڪيترائي دليل، مثال ۽ قرآن شريف
جون آيتون چپي چپي تي آنديون ويون آهن. رواني ۽
سادگي مثنوين جون خاص خوبيون آهن.
مثنوي
”وحدت
نامه“
۾ چوي ٿو ته حسن ظهور پذير ٿيو، جنهن جي جلوي سان
درو ديوار روشن ٿي ويا. اندر به محبوب آهي، ته
ٻاهر به محبوب. ذري ۾ به انهيءَ کي ئي ڏسي سگهجي
ٿو. سمورا راز بي نقاب ٿي ويا، انهيءَ ڪري خوديءَ
کي ختم ڪري ڇڏ:
جلوه حسن پديدار، تجلي درو ديوار، درون بيرون
دلدار،
به هر ذره ديدار، عيانست همه اسرار، من و مائي
بگذار.
(مثنوي
”وحدت
نامه“:
ص 2، قاضي علي اڪبر درازي، سچل سرمست ڪوآپريٽو
اڪيڊمي خيرپور، 1964ع)
حـسن جو جلوه ظاهر ٿيو. انهيءَ تجليءَ سان در و
ديوار روشن ٿي ويا. اندر ۽ ٻاهر محبوب آهي. هر ذره
۾ سندس ديدار آهي، سمورا راز ظاهر ٿي چڪا آهن.
”تون“،
”مان“
۽
”اسان“
کي ترڪ ڪري ڇڏ.
”تار
نامه“
۾ پهريائين تار جي پرسوز آواز جو تاثير بيان ڪري،
پوءِ تار جي آتم ڪهاڻي آندي اٿس. ان ۾ تار ٻڌايو
آهي، ته جڏهن مون سختيون سٺيون، ۽ باهه جي توَ ۽
هٿوڙن جي ڌڪن مان نڪتس، ان کان پوءِ ئي مان يار جي
هٿن تائين پهتس. تار چوي ٿي:
صد هزاران رنج و محنت ديده ام
پس بدست يار خود برسيده ام
آمدم اکنون بدست يار خويش
مي سرايد او مرا شب و روز پيش.
سوين هزار ڏک ۽ تڪليفون ڏٺيون اٿم. پوءِ مان يار
وٽ پهتس. هاڻي مان پنهنجي يار جي هٿ ۾ آهيان.
هينئر مون کي رات ڏينهن، پنهنجي ذڪر جي تند و
تنوار ۾ پيو وڄائي.
(مثنوي
”تار
نامه“:
ص 10، قاضي علي اڪبر درازي، اتحاد پريس سکر)
مثنوي
”گداز
نامه“
۾ هڪ هنڌ چوي ٿو، ته انهيءَ ذات جو جلوو تو ۾ ئي
آهي. انهيءَ مٽيءَ جو پردو لاهه، يعني پنهنجو پاڻ
فنا ڪر، ته انهيءَ جمال جو جلوو پسين:
اين حجابِ گل بکش بيني فدا
آن خدا پنهان شده اندر روا
(ص 22)
اهو مٽيءَ جو پردو لاهه ته خدا ڏسين. اهو خدا،
بيشڪ پرده جي اندر لڪل آهي.
”رهبر
نامه“
۾ سلوڪ جي راه جي سمجهاڻي ڏني اٿس. هو چوي ٿو، ته
معرفت جي منزل جو منڍ عشق آهي. هو چوي ٿو، ته جيڪا
دل عشق کان خالي آهي، اها ويران آهي. اها دل نه
آهي، پر پاڻي ۽ مٽيءَ جو مجموعو آهي:
هست بجز عشق که ويرانه دل
آن دل نبود مگر از آب و گل
بغير عشق جي دل، ويران آهي. اها دل نه هوندي، پر
فقط مٽيءَ ۽ پاڻيءَ واري ٺهيل دل هوندي.
”عشق
نامه“
۾ عشق جي فضيلت ۽ اهميت تي وڌيڪ وضاحت سان روشني
وڌي اٿس. سندس نظر ۾ عقل، عشق کان سواءِ بي معنيٰ
آهي. انهيءَ ڪري، هو عشق کي بادشاهه ۽ عقل کي ان
جو سپاهي سمجهي ٿو ۽ ان کي سندس در جو دربان ٻڌائي
ٿو:
عشق شاه است و عقل دربان او
اين سپاهي يک بود سلطان او
عشق بادشاهه آهي. عقل هن جي اڳيان دربان آهي. عقل
صرف هڪڙي ئي بادشاهه عشق جي اڳيان سپاهي آهي.
(مثنوي
”عشق
نامه“:
ص 12، قاضي علي اڪبر درازي، اتحاد پريس سکر)
درد، عشق سان لازم ۽ ملزوم آهي.
”درد
نامه“
۾ چوي ٿو، ته تون مرد آهين، ته بي درد نه ٿيءُ،
ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن تو کي درد ناهي، ته تون مرده
آهين:
بيدرد مباش گر تو مـَردي
دردي نه تراست دان که مـُردي
جيڪڏهن تون مرد آهين، ته بي مرد نه ٿيءُ. جيڪڏهن
توکي درد ناهي، ته تون مـُرده آهين.
(مثنوي
”درد
نامه“،
ص 5، قاضي علي اڪبر درازي، اسٽينڊرڊ پريس سکر)
مثنوي
”راز
نامه“
۾
”وحدت
الوجود“
جي فڪر کي ڪيترن ئي مثالن ۽ دليلن ذريعي سمجهايو
اٿس. هو چوي ٿو، ته هيءَ ڪثرت، وحدت جو ئي پرتوو
آهي. ان لاءِ هو مثال ڏئي ٿو، ته سون مان ڪيترائي
زيور جڙن ٿا، جن تي مختلف نالا پون ٿا، پر سڀني ۾
ساڳيوئي سون آهي.
کز طلا گردند زيور صد هزار
شد بهر يک نونو اسم وار
سون مان، سوين هزار زيور جـُـڙن ٿا، هڪ ئي سون مان
طرحين طرحين جي نالن سان زيور تيار ٿين ٿا.
انهيءَ ڪري هو چوي ٿو، ته وحدت ۽ ڪثرت هڪ آهي:
اندر همه وحدت بداني اي پسر
کثرت وحدت يکي دان سربسر
اي پٽ! جيڪڏهن تون سمجهين، ته حقيقت ۾ ڪثرت ۽
وحدت سراسر هڪ ئي آهي.
مثنوي وصلت نامه ۾ انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو اٿس،
ته ڪثرت ۽ وحدت کي جدا جدا ٻه ڪري نه سمجهه.
انهيءَ ڪري هو تلقين ڪري ٿو، ته دوئي ترڪ ڪر ته تو
کي معرفت جي منزل حاصل ٿئي:
دو مبين گر مرد راهي اي پسر
تا شوي در راهِ معنيٰ معتبر
اي منهنجا پٽ! جيڪڏهن تون مرد آهين، ته ٻه نه ڏس،
ته جيئن توکي معرفت ۾ معتبر مقام حاصل ٿئي.
مثنوين ۾ نبي ڪريم صلي الله عليـه
وآله
وسلم جن جي ثنا ۽ صفت بيان ڪئي اٿس، ۽ ان سان گڏ
اصحاب ڪرام، اولياءَ عظام ۽ سلف صالحين جي توصيف
به بيان ڪئي اٿس. مثنوي
”وحدت
نامه“
۾ چوي ٿو:
مصطفيٰ و مرتضيٰ هر دو يکي ست
در ابوبکر و عمر کس را شکي ست
سر احمد بود عثمان در جهان
احمدش گفته
رفيقي في الجنان
مصطفيٰ ۽ مرتضيٰ ٻئي هڪ آهن ۽ ابوبڪر رضه ۽ عمر
رضه جي يگانگت ۾ شڪ نه آهي. حضرت عثمان رضه، دنيا
۾ رسول اڪرم
صلي الله عليه وآله وسلم
جو رازدان هو ۽ عقبيٰ (آخرت) جي متعلق به حضور
صلي الله عليه وآله وسلم
جن فرمايو، ته بهشت ۾ به منهنجو رفيق هوندو.
مثنوي
”وحدت
نامه“
ص 12، مرتب: قاضي علي اڪبر درازي، بار دوم، جنوري
1978ع)
مثنوي
”وحدت
نامه“
جو فڪري جائزو الڳ ڏنو پيو وڃي.
اردو شعر:
سچل سائينءَ جا پنجاهه ڪافي نـُـما اردو غزل مليا
آهن، جيڪي مرزا علي قلي بيگ واري رسالي ۾ سنڌيءَ ۽
سرائڪي ڪلام سان گڏ آيل آهن. ان کان پوءِ، مولانا
حڪيم محمد صادق جي مرتب ڪيل
”سرائڪي
ڪلام“
جي آخر ۾ ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب ۾، سچل سائينءَ جي
اردو ڪلام ۾ ردوبدل ڪئي وئي آهي ۽ ان کي جديد اردو
غزل جي صورت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اها ڳالهه
محققن توڙي سچل سائينءَ جي طالبن جي نظر ۾ نامناسب
آهي.
اردو ڪلام جي زبان قديم اردو آهي، جيڪا ولي دکني ۽
ٻين قديم دؤر
جي اردو شاعرن جي شعر جي زبان آهي، جن ۾
سين/سون/سيتي وغيره لفظ ملن ٿا، جيڪي هينئر متروڪ
آهن. فني لحاظ کان جيتوڻيڪ غزل جي فني تقاضائن جو
خيال رکيو ويو آهي، پر ان ۾ ڪافيءَ جو رنگ غالب
آهي. مضمون ساڳيو صوفيانو آهي.
”وحدت
الوجود“
۽
”همه
اوست“
جو ذڪر آهي، ۽ نفي ۽ اثبات، فنا ۽ بقا، حال ۽ قال
جهڙا باريڪ مسئلا ۽ اسرار و رموز بيان ڪيا ويا
آهن. ان کان سواءِ، حسن و عشق ۽ هجر و وصال جو
بيان به پر اثر نوع ۾ آندو ويو آهي. جمال جي جلوي
جو بيان هڪ هنڌ هن طرح آندو اٿس:
ويکهن سيتي فهم و عقل هم سون اُڊر گيا
وه زلف و پيچ و پيچ سون مستانه هو رها هون
معشوق آج سر چيرا بناکي آيا
مين اس حسنِ شمع پر پروانه هو رها هون
سرائڪي ڪلام:
حضرت سچل سرمست سرائڪي زبان جو باڪمال شاعر آهي.
سندس سرائڪي ڪلام ۾ فن ۽ فڪر جون خوبيون به آهن،
ته ان ۾ زبان ۽ محاوري جون نزاڪتون به نظر اچن
ٿيون. سرائڪي زبان جي بلندپايه شاعر حضرت خواجه
فريد سندس سرائڪي ڪلام مان استفادو ڪيو آهي. سندس
ڪيترين ئي ڪافين ۾ حضرت سچل سرمست جي تتبع ڪيل نظر
اچي ٿي. زبان ۽ محاوري جي لحاظ کان به حضرت سچل
سرمست جو سرائڪي ڪلام قابل قدر آهي، ڇاڪاڻ جو
منجهس ٺيٺ ۽ خالص سرائڪي لفظ ۽ محاورا نهايت حسن و
خوبيءَ سان استعمال ڪيل آهن. اهوئي سبب آهي، جو
بلاشبه سنڌ ۽ ملتان جي سرائڪي شاعرن جو
”سرتاج
الشعراءِ“
آهي.
سرائڪي ڪلام جو بنيادي مضمون به
”وحدت
الوجود“
آهي. هو چوي ٿو، ته مون ۾ ان ذات جو جلوو آهي.
فرمائي ٿو:
ميڏڙي دل وچ يار پٽ ديان پينگهان پايان وو
آپي جهوٽي، آپ جهوٽا وي ڏيندا لوڏي لک هزار
هو
”همه
اوست“
کي نهايت کولي بيان ڪري ٿو، ۽ منصور حلاج ۽ شمس
تبريزي کان متاثر نظر اچي ٿو:
اسان ڏي جاڪون لڳڙي، هوائي شمس تبريزي،
اُهين جاتي مئن آيا هان جٿان خاصا دي خونريزي،
ويکو منصور ڪون عشق ڪيتا سردار آويزي،
اٿان مئن ره ڳئي مدت آکيا برهاڪ برخيزي،
ويکو يارو عاشقان تي ڪيتي هي عشق انگيزي،
اصل محبوب دي آهي، سچو يه خوب پرويزي.
”اناالحق“
جي آواز آلاپڻ جي باوجود، عاجزي ۽ انڪساريءَ جو
اظهار به ڪري ٿو:
تيڏي در زاري زاري، الله ميڏي آهي آهي،
مئن نماڻي عيبن هاڻي، تار تساڏي تاري تاري،
نال تساڏي روز اول تون، يار اساڏي ياري ياري،
حال اساڏي دي دلبر سائين، سڌ تنا ڪون ساري ساري.
سچل سائينءَ کي سرائڪي زبان تي وڏو عبور حاصل هو.
رشيد لاشاري مرحوم صحيح لکيو آهي:
”سچل
سرمست کي سرائڪي يا پنجابي تي ايترو عبور حاصل هو،
جو زنانا محاورا ۽ زنانا جذبات به اهڙي رنگ سان
پيش ڪري ٿو، جو خود اتان جا رهاڪو به ڏندين آڱريون
وجهي رهجي وڃن ٿا.“
سنڌي شعر:
سنڌي شعر ۾ حضرت سچل سرمست فن توڙي فڪر جي لحاظ
کان عظيم به آهي، ته منفرد به. سنڌي شعر جو بنيادي
۽ اهم مضمون به تصوف آهي.
”وحدت
الوجود“
۽
”همه
اوست“
جا مختلف مسئلا نهايت وضاحت سان وڏي بيباڪيءَ سان
بيان ڪيا اٿس. ان سان گڏ حـُـسن و عشق ۽ هجر و
وصال جو بيان به پـُر اثر ۽ پر درد نوع ۾ بيان ڪيو
اٿس. وڇوڙي جا ورلاپ هن طرح بيان ڪري ٿو:
چشمن جي چمڪار، ساهه منهنجو سوگهو ڪيو،
ويهي واٽڙين تي، رئان زاروزار،
هوت اڱڻ اچج هيڪار، اڱڻ آسروند جي.
هن دنيا ۾ اوندهه به آهي، ته سوجهرو به، رات به
آهي، ته ڏينهن به، ڏک به آهن، ته سک به. سچل سائين
زندگيءَ جو فلسفو سمجهائيندي چوي ٿو، ته ڏکن مان
سک حاصل ٿين ٿا. فرمائي ٿو:
ڏکن منجهان سک، مون تا لڌا جيڏيون،
ڏوريندي کي ڏک، سونهان ٿيڙا سڄڻا.
اهڙيءَ طرح سچل سائين زندگي ۽ زندگيءَ جي مسئلن ۽
تقاضائن جو تجزيو ڪري، اسان کي سمجهايو آهي، ته
انسان جي فلاح ۽ بهبود انهيءَ ۾ آهي، ته هو
روحانيت جي راهه اختيار ڪري، پنهنجي نفساني خواهشن
کي ختم ڪري، پنهنجي حقيقت هٿ ڪري. ان کان پوءِ کيس
معلوم ٿيندو، ته ذات مطلق جو جلوو منجهس ئي آهي.
انهيءَ ڪري هو اسان کي تنبيهه ڪري ٿو، ته وحدت ۽
ڪثرت ۾ ويڇو نه وجهه. اها ٻيائي ختم ڪر ۽ پنهنجو
پاڻ فنا ڪر، ته واحد سان تنهنجو وصال ٿئي:
ٻيائي ٻانهپ ڇڏ، آءُ تون احديت ۾،
لحمئون دمئون لڏ، تان پاڪائي پاڪ ٿئي.
سچل سائين، سنڌ ۽ سنڌي تهذيب ۽ تمدن جي تصوير به
آندي آهي. قديم زماني ۾ سنڌ، خاص طرح سان ٿر جو
دارومدار مينهن تي هوندو هو. مينهن جي وسڪار ۽ ان
کان پوءِ، سرسبزي ۽ شادابي جي تصوير هن طرح بيان
ڪئي اٿس:
عالم کي آگاهه، سارنگ ڪندو آئيو،
گرڙ جيئن گوڙيون ڪري، ڪاهيون اچي ڪاهه،
وايوءَ سان وارا ڪري، ٺاهيون اچي ٺاهه،
وسايائين وڏ ڦڙو، واٽن تي واهه واهه،
گلذاريون ۽ گاهه، پٽن تي پڌرا ٿيا.
روجهه پهاڙي ڳئون آهي. هي جانور به مينهن جي ڪري
خوش ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ جو مينهن نه پوندو آهي، ته پاڻي
۽ گاهه لاءِ پئي واجهائيندي آهي. انهيءَ ڪري مينهن
نه پوڻ جي حالت ۾ پنهنجي جـُـوءِ ڇڏي، ڪنهن وَسنوَ
ڏانهن هلي ويندي آهي. وري جڏهن مينهن پوندو آهي،
ته پنهنجي وطن وَرندي آهي. ان جي واپس ورڻ جو ذڪر
حضرت سچل سرمست هن طرح ڪيو آهي:
ماٿر مينهن پيانِ، روجهان موٽي آئيون،
اوسر سندا ڏينهڙا، وسري سڀ ويان،
ٿاڻا ٿـَـرِ ٿيانِ، ڦٽيون ڦوڙيون گڏيون.
سنڌ ۾ ڪانگ کي پرينءَ ڏانهن پيغام نيندڙ تصور ڪيو
ويندو آهي. حضرت سچل سرمست به ڪانگ جو قدر ڪري ٿو،
۽ پکيءَ جا پـَـرَ موتين سان مرصع ڪرڻ گهري ٿو،
ڇاڪاڻ جو هو کيس پرينءَ جو پيغام پهچائي ٿو:
پکيءَ سندا پـَـرَ، ڪريان مرصع موتيين،
جو آڻي عجيبن ڏنهن، ڏئي خوب خبر،
ڀينرڙي مون ڀـَـرَ، شال ويٺو ڪري وائيون.
سچل سائينءَ سنڌ جي رومانوي داستانن جهڙوڪ: سورٺ
راءِ ڏياچ، نوري ڄام تماچي، سسئي پنهون ۽ مومل
راڻو تي تمثيلي شعر به چيو آهي. ان کان سواءِ،
پنجابي رومانوي داستان هير رانجهو جي تمثيل ۾ به
پنهنجا خيال ۽ جذبات بيان ڪيا آهن. رانجهي جي سير
جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
ڇڏي چاهه چناب جو، راوي ڏانهن رويو
مرليون سرليون ونجهليون، وڄائيندو ويو،
ٿانيڪو ٿيو، سو نانگو نورنگ پـُـرِ ۾.
هن مان معلوم ٿيندو، ته هو جنهن قصي جي تمثيل آڻي
ٿو، ان سان واسطو رکندڙ ماڳ ۽ مڪان، آثار ۽ اهڃاڻ
به صحيح نموني بيان ڪري ٿو. مومل راڻي جي قصي سان
ڪاڪ، ڪاپڙي، لڊاڻي، راڻي ۽ ڍٽ جو تعلق آهي. اهي
ماڳ مڪان ۽ ڪردار هن طرح آڻي ٿو:
ڪاڪ نه ويا ڪاپڙي، نڪي لڊاڻي،
نڪي ڍريا ڍٽ تي، جتي رنگ رکيو راڻي،
ٿاڪيا تنهن ٿاڻي، جتي مون تون ناهه ڪا.
سسئيءَ جو ذڪر ڪندي، وندر واري واٽ جا ڏک ۽ ڏاکڙا
هن طرح بيان ڪري ٿو:
وندر جي ئي وڻن ۾، زور ڪري زاري،
ڇڏي ويا ڇپرين، ڌوٻڻ هيءَ ڌاري،
هڪ واچوڙا واٽ تي، ٻي وسي ٿي واري،
برهه آهي باري، هيءِ هيءِ هوتياڻين جو.
نوري ۽ ڄام تماچي ۾ مهاڻن جي رهڻي ڪهڻيءَ جو نقشو
هن طرح چٽيو اٿس:
ڏٿ جنين ڏوڙا، پهرڻ پاٻوڙا تنين،
پيٺا وڃن تن جا، گپ اندر گوڏا،
سو پٽن جي پينگهن ۾، تن لال ڏئي لوڏا،
اهي آڻيون اوڏا، ٿو وير وهائي وٽ ۾.
سورٺ راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي ساز جي آواز جو اثر هن
طرح ظاهر ڪري ٿو:
ڪوٽان جاجڪ جان، ڪڍي منگتي مهڙ،
گهر گهر ٻڌي گهوٽ جي، رودن سندي رڙ،
لوڪن لڳي ٻڙ، ٻڌي ٻيجل ٻوليون.
مطلب ته، سچل سائينءَ جو شعر فڪر توڙي فن جي لحاظ
کان قابل قدر آهي ۽ سنڌي شعر جي ارتقا ۾ وڏي اهميت
رکي ٿو، ڇاڪاڻ جو ان ۾ جدت به آهي، ته انفراديت
به. پوين سنڌي شاعرن سچل سائينءَ جي تتبع ڪئي آهي.
------
|