سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: سچل جو سنيهو

باب: --

صفحو : 3

سچل سرمسترحه جو خاندان

 

حسب نسب: سچل سرمسترحه جي نسب جو سلسلو حضرت عمر فاروق رضه سان وڃي ملي ٿو. شجرهء نسب هن طرح آهي:

عبدالوهاب عرف سچلرحه بن ميان صلاح الدينرحه بن ميان محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنورحه بن مخدوم عبدالوهابرحه بن مخدوم شرف الدينرحه بن مخدوم موسيٰرحه بن حافظ علم الدينرحه بن مخدوم شهاب الدينرحه بن مخدوم سليمانرحه بن مخدوم خواجه ابو سعيدرحه بن مخدوم نور الدينرحه بن رضي الدينرحه بن عبدالعزيزرحه بن مخدوم محمودرحه بن ابوالفتحرحه بن محمد اسماعيلرحه بن محمد يوسفرحه بن سليمانرحه بن محمدرحه بن احمدرحه بن برهان الدينرحه بن عبدالعزيزرحه بن عبدالوهابرحه بن عبدالمطلبرحه بن برهان الدينرحه بن احمدرحه بن عبدالله بن يونسرحه بن محمد بن شيخ اسحاقرحه بن شيخ عبداللطيفرحه بن محمد بن باقررحه بن شيخ شهاب الدينرحه بن عبدالعزيزرحه بن عبدالله رضه بن حضرت عمر بن الخطاب، فاروق اعظم رضي الله تعاليٰ عنه.

سچل سائينءَ جو وڏو ڏاڏو شهاب الدينرحه اول بن عبدالعزيزرحه سنه 93هه (711ع) ۾ فاتح سنڌ محمد بن قاسم سان گڏجي سنڌ ۾ آيو. کيس پيش اماميءَ جو ڪم مليل هو. سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ، شيخ شهاب الدين کي سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح هو سنڌ جو پهريون مسلمان حاڪم ٿيو. سنه 95هه (713ع) ۾ وفات ڪيائين.

شيخ شهاب الدين کان پوءِ، سندس فرزند شيخ محمد فاروق سيوهڻ جو حاڪم ٿيو، جنهن سنه 124هه (741ع) ۾ وفات ڪئي. اهڙيءَ طرح لاڳيتو ڇهه پيڙهيون پشت به پشت سنه 217هه (832ع) تائين سيوهڻ جون حڪمران ٿيون. آخر سنه 217هه ۾ محمود غزنوي سنڌ فتح ڪري، ان وقت جي سيوهڻ جي فاروقي حاڪم شيخ محمد بن شيخ محمد اسحاق کي برطرف ڪيو، ۽ کيس پينشن مقرر ڪري ڏني. تاريخ 2- رمضان 221هه (835ع) تي هن وفات ڪئي.

ڪجهه وقت کان پوءِ، هن خاندان جي ٻانهن مان ڪجهه ماڻهو دادو ضلعي جي ڳوٺ خدا آباد جي ڀرسان نورجن جو ڳوٺ ٻڌي اتي رهڻ لڳا. فاروقي خاندان جا ڪجهه ماڻهو به لڏي اچي ان ڳوٺ ۾ ويٺا. محمد فاروقي جي اڻويهين پيڙهيءَ مخدوم نور الدين بن وحيد الدين جا چار فرزند ٿيا: مخدوم ابو سعيد، مخدوم بدر الدين، رڪن الدين ۽ ضياء الدين. انهن مان مخدوم ابو سعيد ۽ مخدوم بدر الدين حضرت غوث بهاءُ الحق زڪريا ملتاني (وفات: 1262ع) جي خليفي مخدوم شاهه جمار(1) جا مريد ٿيا. پنهنجي مرشد جو قرب حاصل ڪرڻ لاءِ، سيوهڻ ۽ نورجن جو ڳوٺ ڇڏي گاگڙي پرڳڻي ۾ اچي رهيا.

مرشد کان فيض حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ڏاڍيون رياضتون ۽ مجاهدا ڪيائون. پنهنجو من مارڻ لاءِ، دنيا جي لذتن کان پري رهي، جهنگ جي ڏٿ تي گذر ڪيائون. حضرت غوث بهاءُالحق زڪريا ملتاني جڏهن سنڌ ۾ آيو، تڏهن هنن ڀائرن جي اها حالت ڏسي، کين ڏوٿيئڙا جو لقب ڏنائين. درازا درگاهه جو باني حضرت خواجه محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنو، مخدوم ابو سعيد جي نائين پيڙهيءَ مان هو. مخدوم ابوسعيد جو مقبرو ديهه راڻيپور ۾ ڳوٺ موسيجي ۾ آهي.

ڪجهه وقت کان پوءِ، حضرت مخدوم ابو سعيد جو اولاد موسيجي مان لڏي اچي راڻيپور ۾ آباد ٿيو. انهن مان قاضي مخدوم محمد شريف هڪ زبردست عالم، محدث، شاعر ۽ اهل الله ٿي گذريو آهي. ان جي اڏايل مسجد، جيڪا ڪنهن زماني ۾ جامع مسجد هئي، هينئر به اسپتال جي اُتر ۾ موجود آهي. ان مسجد جي لڳ مخدوم محمد شريف ۽ سندس خاندان جي ماڻهن جون مزارون آهن.

درازا: فاروقي بزرگن کي حڪومت ۾ عزت حاصل هوندي هئي. ان خاندان جي هڪ فرد ميان احمد کي چڱي عزت واري ملازمت هئي. سندس محنت ۽ ايمانداريءَ جي نتيجي ۾، گنبٽ ۽ راڻيپور جي وچ واري زمين فاروقي خاندان کي ڪلهوڙا حڪومت طرفان جاگير طور ملي. هنن اِها زمين پنهنجي ٻن ايماندار نوڪرن: دراز ونڊير ۽ ڪانجن ونڊير کي سنڀالڻ ۽ آباد ڪرائڻ لاءِ ڏني. هو ان جاگير ۾ جدا جدا ڳوٺ ٻڌي ويٺا، جيڪي سندن نالن پٺيان درازا، ڪانجن ڳوٺ جي نالي سان مشهور ٿيا. ڪجهه وقت کان پوءِ، ڪانجن ڳوٺ ڦِٽي ويو، پر درازا کي فاروقي خاندان جي طفيل عزت ۽ شرف حاصل ٿيو.

خواجه محمد حافظ: درازا درگاهه جو باني، انهيءَ فاروقي خاندان جو فرد حضرت خواجه محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنو ولد ميان عبدالوهابرحه آهي. اسان جو عظيم شاعر حضرت سچل سرمسترحه سندس پوٽو آهي. حضرت خواجه صاحب سنه 1101هه (1689ع) ۾ تولد ٿيو، ۽ سنه 1192هه (1778ع) ۾ هن جهان مان لاڏاڻو ڪيائين. کيس صاحبڏنو موراڳي ۽ سوائي جي نالن سان به سڏيو ويندو هو. ان وقت سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت هئي. ميان صاحب کي ديهه موره ۾ اعليٰ عهدو مليل هو. روايت آهي،  ته هڪ ڏينهن گهوڙي تي چڙهي ملازمت جي سلسلي ۾ جهنگ مان وڃي رهيو هو، ته هڪ مجذوبه عورت اوچتو نڪري، سندس رستو روڪي بيٺي. هو ڪجهه بيت پڙهي حضرت خواجه صاحب کي چوڻ لڳي: خدا ٿو توکي ڳولهي، ۽ تون وري ڪنهن جي ڳولا ۾ آهين؟

حضرت خواجه صاحب تي ان گفتگوءَ وڏو اثر ڪيو، ۽ دنياوي ڌنڌا ڇڏي وڃي جهنگ وسايائين. چاليهن چلن ڪڍڻ کان پوءِ، حضرت خواجه عبيدالله جيلاني رحه اچي کيس مريد ڪيو، جيڪو حضرت سيد عبدالقادر جيلاني رحه جي اولاد مان هو. حضرت سچل سرمسترحه اهو احوال پنهنجي مثنوي رازنامه ۾ هن طرح آندو آهي:

نام جدم مشتهر صاحبدنه
آن محمد حافظ است در سلسله
روز يک مي رفت بيرون از شهر
بود خواجه بر تماشائي دگر
درميانه کو تري و ديونه(1)
ديد يک ديوانه زن بد برهنه
بي بي بصري بود ظاهر نام او
کس نمي دانست او را تار مو
ناگهان ديوانه زَن پيشش رسيد
گفت با آن خواجه اين آهي کشيد
بشنو از من راز اي مردِ خدا
آن خدا در کار تو توتا کجا
بيتها سندهي بگفتا از زبان
آن به پيشِ تو همي سازم عيان

 

1.           چري کري بصري، کري تان ڪر نانهه،
وئي پرائي وهان
ءِ، تنهنجو هينئڙو تان هيئن ٿيو.

 

2.           جئان گهڻو جڳ ۾، پر جسم نه جيئڻ ڏئي،
باب نه پڙهج بي، هـُج آلودو الف سان.

 

3.           وَرَ وجهيو ڪاڻ، کـَرَ سان کليو سمهين،
آيل هي اهڃاڻ، جو ڪـَـڻِ ڇڏي تـُـهـَـه اُبهين.

 

از شنيدن خواجه آن بيخود شده،
باز پس گرديدعاشق خود شده
پارچه عمامه را از سر کشيد
جرعـ
ه از مَيخانه الفت چشيد
آمده بشگافت جنگل گوشه يافت
جز محبت هر چه بد روي بتافت
چهل چله اندر آن بيشه کشيد
بعد مدت شـ
ه
عبيدالله رسيد
دست بيعت خواجه را دادن آن زمان
کشف بخشيد از مکان تا لامکان!

 

ترجمو: منهنجي ڏاڏي جو مشهور نالو صاحبڏنو آهي، جيڪو (فاروقي خاندان) جي سلسلي ۾ محمد حافظ آهي.

هڪ دفعي شهر کان ٻاهر، خواجه سير لاءِ پئي ويو ته، هڪ ديواني برهنه عورت ڏٺائين. ظاهر ۾ سندس نالو بي بي بصري هو. هن جي اصل نسل جي ڪنهن کي به خبر نه هئي. اوچتو، (اُها) ديواني عورت هن جي سامهون پهتي. هن آهه ڀري خواجه کي چيو: اي مرد خدا! مون کان هيءُ راز ٻـُڌ. اهو خدا، تنهنجي ڪمن (جي ٺاهڻ) ۾ آهي ۽ تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟

سنڌيءَ ۾ چيل بيت، انهيءَ زبان ۾ تنهنجي اڳيان هن طرح چٽا پيش ڪريان ٿي:

1. چري کري بهري .... هيئن ٿيو.

2. جئان گهڻو جڳ ۾، .... الف سان.

3. وَرَ وجهيو ڪاڻ، .... تـُه اُبهين.

خواجه، اهو ٻڌندي ئي بيهوش ٿي ويو. جڏهن هوش ۾ آيو ته پنهنجو پاڻ تي عاشق ٿيو. مٿي تي پهريل پڳ لاٿائين. محبت جي ميخاني مان چـُـڪي چکيائين. سڀ ڪجهه ڇني آيو ۽ جهنگل ۾ اچي تنهائيءَ جي ڪـُـنڊ اختيار ڪيائين.

محبت جي علاوه، جيڪي ڪجهه هو، ان کان منهن موڙيائين، ۽ انهيءَ جهنگل ۾ چاليهه چلا ڪڍيائين.

ڪجهه عرصي کان پوءِ، شاهه عبيدالله پهتو، خواجه کي بيعت جو هٿ ڏنائين، ڪشف عطا ڪيائينس ۽ مڪان کان لامڪان تائين پهچايائينس!

خواجه عبيدالله پنهنجي ٻن ڀائرن: شاهه ڪليم الله ۽ شاهه عبدالمالڪ سان گڏجي سنڌ ۾ آيو هو. سنڌ ۾ ڪجهه وقت رهي، اجمير شريف روانو ٿي ويو. وفات به اتي ڪيائين ۽ اتي ئي حضرت خواجه معين الدين چشتيرحه جي درگاهه ۾ مدفون ٿيو. حضرت سچل سرمسترحه، حضرت خواجه عبيدالله جي تعريف پنهنجي مثنوي راز نامه ۾ هن طرح ڪئي آهي:

سڪندر جي مثل، هن جي در جا سوين دربان هئا. ولايت جي بادشاهيءَ جو تاج، هن جي سِر تي هو. سوين دارا جهڙا بادشاهه ۽ خاقان هن جا نوڪر هئا. ڪيقباد ۽ جمشيد ۽ خسرو جهڙا بادشاهه، سندس خادم هئا.

حضرت جنيد ۽ شبلي به (سندس گهوڙي جا) تنگ ڇڪيندڙ هئا، حضرت بايزيد ۽ حضرت ذوالنون مصري، هن وٽ وزير هئا.

آن عبيدالله باشد شاه ما
او بود هر هر قدم همراه ما
و بود نور خدا سر تا قدم
چند چون عيسيٰ کند پيدا بدم
چون سکندر صد بود دربان درش
افسرِ شاهي ولايت بر سرش
صد چون دارا همچون خاقان چاکرش
کيقباد و جم  چون خسرو خادمش
آن جنيد و شبلي هم فتراک گير
بايزيد و ذوالنون هم پيشش وزير
او بود اولاد حضرت مصطفيٰ
جد آن قطبِ زمان شد مرتضيٰ
شد عبيدالله باشد شمع دين
خواجه حافظ بود باحق قرين
شه عبيدالله شاه سرفراز
خواجه محمد حافظ است راز و نياز.

 

اُهو عبيدالله اسان جو شاهه هو، هـُـو اسان جي هر هر قدم تي همراهه هو ۽ هو سـِـر کان پيرن تائين خدا جو نور هو. گهڙي پلڪ ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام وانگر ڦوڪ سان (مرده دلين ۾) جان وجهندو هو.

هو حضرت مصطفيٰ عليه الصلواة والسلام جن جو اولاد هو. هن جو ڏاڏو زماني جو قطب علي المرتضيٰ رضي الله تعاليٰ عنه هو.

عبيدالله، دين جي روشني هو، خواجه حافظ کي حق جو قرب حاصل هو. شهنشاهه عبيدالله شاهه، صاحب افتخار (بلند رتبي وارو) هو، خواجه محمد حافظ راز و نياز جو صاحب آهي.

حضرت خواجه عبيدالله موڪلائڻ وقت حضرت خواجه محمد حافظ کي ٽي ڳالهيون چيون:

1. اوهان جا سمورا گادي نشين هميشـه لوڙهي اندر رهن، ۽ ٻاهر نه نڪرن.

2. اوهان جي وڏي فرزند صلاح الدين جي بدران خواجه عبدالحق سجاده نشين ٿئي.

3. اوهان جي خاندان جو هر فرد، سجاده نشين جي بيعت ڪري، ۽ ٻئي ڪنهن جي به بيعت نه ڪري.

انهن هدايتن جي تعميل، پشت به پشت ٿيندي رهي ٿي. حضرت خواجه محمد حافظ، حضرت شاهه عبيدالله جي نظرِ فيضِ اثر سبب رڱجي ريٽو ٿيو، ۽ روحانيت جون منزلون تيزيءَ سان طئي ڪيائين. درگاهه قائم ڪيائين ۽ ڪيترن ئي خدا جي ٻانـَـهن کي فيض ڏنائين. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه سندس همعصر هئا. روايت آهي، ته حضرت شاهه عبداللطيف صاحب جن ڪهي اچي ساڻس ملاقات ڪئي هئي. حضرت پير صاحب پاڳاري، حضرت پير محمد راشد رحه جي ملفوظات مان معلوم ٿئي ٿو، ته درگاهه پير ڳوٺ جو باني پير محمد بقا شاهه، پريالوءِ“ جي مخدوم محمد اسماعيل رحه جي وفات کان پوءِ، روحاني فيض لاءِ ميان صاحبڏني وٽ آيو هو.

ميان صاحبڏنو فاروقي سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي زبانن جو بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. سندس سنڌي شعر، بيت ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. شعر ۾ ڪٿي صاحبڏنو ۽ ڪٿي حافظ نالو آندو اٿس. سندس ڪلام وحدت الوجود، ۽ تصوف جي تعليم جو آئينه دار آهي.

خواجه عبدالحق: ميان صاحبڏني کي ٻه فرزند ٿيا: حضرت سچل سرمسترحه جو والد ميان صلاح الدين، ۽ ميان عبدالحق. ميان صاحبڏني کان پوءِ، سندس مرشد جي ارشاد موجب سندس ننڍو فرزند خواجه عبدالحق سجاده نشين ٿيو. هن جي ولادت سنه 1120هه (1708ع) ۾ ٿي، ۽ سنه 1213هه (1800ع) ۾ هيءُ جهان ڇڏيائين. هو وڏو عالم، فاضل، عارف ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ديني فتويٰ کي حرف آخر سمجهيو ويندو هو. ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کانئس روحاني فيض پرايو. انهن مان سندس ڀائٽي، اسان جي عظيم شاعر حضرت سچل سرمسترحه جو نالو سرفهرست آهي. حضرت سچل سرمسترحه پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي سندس روحاني مرتبي جي ساراهه ڪئي آهي، ۽ پاڻ کي سندس مريد ڄاڻايو آهي. فرمائي ٿو:

مدح او از ما نمي گرد تمام، هرچه گفتم آن بود بس و السلام.

 

(مثنوي راز نامه)

ترجمو: هن جي تعريف، اسان کان پوري ٿي نٿي سگهي، جو ڪجهه چيو اٿم، اهو اِتي پورو ٿيو. و السلام (مثنوي راز نامه)

------

يکروز بودم من بخدمت مصطفيٰ
سرورِ کونين آن خيرالورا
اين چنين فرمود ما را از کرم
جزه صفت پير عبدالحق ما
از گروه خاص او را کرده ام
جلوه فيضش بود هم جابجا
شان شوکت پير ما بالاتر است
همچو او کس نيست در عالم علا
آشکارا خاک پاي پير باش
تا شوي از دوستيش بادشا.

 

(ديوان آشکار، جلد اول، ص 38)

ترجمو: هڪ ڏينهن حضور پـُرنور محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي حضور اقدس ۾ حاضر هوس ته، ٻنهي جهانن جو سردار، جيڪو سموري مخلوق ۾ چونڊيل ۽ پسنديده آهي، اُن حضور عليه الصلواة والسلام جن وڏي شفقت ۽ مهربانيءَ سان حڪم فرمايو ته پنهنجي پير طريقت شيخ عبدالحق جي اجازت بغير، اسان جي حضور ۾ نه اچ.

اسان، تنهنجي پير و مرشد کي، پنهنجي خصوصي ۽ پسنديده ماڻهن جي جماعت ۾ شامل ڪيو آهي ۽ ان جو فيض هر هنڌ جاري ۽ ساري آهي.

اسان جي پير طريقت جو شان ۽ شوڪت نهايت بلند آهي، انهيءَ جهڙو وڏي رتبي وارو انسان، هن جهان ۾ ڪو به نه آهي.

اي آشڪار! تون پنهنجي پير ۽ مرشد جي پيرن جي پڻي ٿي وڃ، ته جيئن اُن جي همراهي ۽ دوستيءَ سان بادشاهي جي رتبي تائين پهچي سگهين. (ديوان آشڪار، فارسي، ص 38)

درگاهه جو سلسلو: حضرت خواجه عبدالحق کي پنج فرزند ٿيا: قبول محمد اول، زين العابدين، دين محمد، ولي محمد ۽ خداداد. سڀئي اهلِ دل ۽ عارف ٿي گذريا آهن. سخي قبول محمد اول درگاهه جو سجاده نشين ٿيو. ان جي ولادت 1181هه (1767ع) ۾ ٿي، ۽ 1245هه (1829ع) ۾ وفات ڪيائين. ان کي ڇهه فرزند ٿيا: خواجه نظر محمد، خواجه محمد حافظ، خواجه محمد سعيد، خواجه سرور علي، خواجه موجود علي ۽ خواجه محمد غوث. سخي قبول محمد اول کان پوءِ هيٺيان بزرگ سجاده نشين ٿيا:

1. خواجه نظر محمد (ولادت: 1201هه ، وفات: 1252هه /1786ع-1836ع)

2. خواجه نجم الدين (ولادت: 1239هه، وفات: 1272هه/1823ع - 1855ع)

3. سخي قبول محمد ثاني (ولادت: 1261هه، وفات: 1343هه/1845ع - 1924ع)

4. خواجه صاحبڏنو ثاني (ولادت: 1307هه، وفات: 1350هه/1889ع - 1931ع)

5. خواجه قبول محمد ثالث (ولادت: 1332هه، وفات: 1371هه/1913ع - 1951ع)

6. خواجه عبدالحق ثاني

7. قبول محمد ثالث


 

(1) مخدوم جمار جو مقبرو راڻيپور شهر کان ڏکڻ طرف ٻن ميلن جي مفاصلي تي شاهراهه تي واقع آهي. جنهن ڳوٺ جي لڳ اهو مقبرو آهي، ان کي گڏيجي چيو وڃي ٿو.

(1) ڪوٽڙي ۽ ڏيوَن نالي ٻه ڳوٺ تعلقي ڪنڊياري ۾ خيرپور رياست جي دنگ تي آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com