سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: سنڌ عظيم صوفي بزرگ

باب: --

صفحو : 3

 

 

سچل سرمست

سخن جو شهسوار ۽ عاشقن جو علمبردار

’شيخ شهاب الدين فاروقي‘ پنهنجي ڏاڏي حضرت عبدالله بن عمر جي وفات کان پوءِ حجاز مان هجرت ڪري عراق ۾ اچي آباد ٿيو. عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت هو هڪ پلٽن جي سپهه سالار جي حيثيت ۾ سنڏ ۾ وارد ٿيو. جيئن ته پاڻ حضرت عمر فاروق جي خاندان مان هو. تنهنڪري کيس ”فاروقي“ ڪوٺيو ويندو هو. سيوهڻ کي فتح ڪرڻ کان پوءِ هو سيوهڻ جو گورنر بڻيو ۽ ٻه سال حڪومت ڪري سنه 95 هجريءَ ۾ فوت ٿي ويو. شيخ شهاب الدين فاروقي هنڌ سنڌ جو پهريون مسلمان حاڪم ليکيو وڃي ٿو.

        شيخ شهاب الدين فاروقي وفات کان پوءِ سندس فرزند شيخ محمد فاروقي (وفات سنه 144 هجري) ۽ هُن کان پوءِ هن جو پٽ شيخ محمد باقي (باقر)، تنهن کان پوءِ ان جو پٽ شيخ عبدالطيف ۽ ان کان پوءِ ان جو پٽ شيخ محمد اسحاق سيوهڻ تي لڳاتار حڪومت ڪندا رهيا. اهڙيءَ طرح هن فاروقي خاندان جي سيوهڻ تي برابر سوا سؤ سال کن يعني 617 هجريءَ تائين حڪومت رهي. سندن آخري حاڪم شيخ محمد بن شيخ محمد اسحاق فاروقي هو، جنهن کي سلطان محمود غزنويءَ لاهي سندس وظيفو مقرر ڪيو. شيخ محمد فاروقيءَ رمضان سنه 221 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. سندس خاندان سيوهڻ مان خداآباد ۽ خدا آباد کان ٿرپارڪر هجرت ڪئي.

        ڪافي مدت کان پوءِ شيخ محمد فاروقيءَ جي اوڻيهين پيڙهيءَ ۾ هڪ غير معمولي شخص پيدا ٿيو، جنهن جو نالو هو مخدوم نور الدين. پاڻ وقت جو جّيد عالم ۽ وڏو فاضل شخص هو. سندس علم ۽ عمل، فضل ۽ ڪمال جي ڌاڪ سڄيءَ سنڌ ۾ مچي ويئي. مخدوم نورالدين جو شجرو شيخ محمد فاروقيءَ سان هن طرح ملي ٿو:

        مخدوم نورالدين ولد مخدوم رضي الدين ولد مخدوم عبدالعزيز ولد مخدوم محمود ولد مخدوم ابوالفتح ولد محمد اسماعيل ولد محمد يوسف ولد سليمان ولد محمد ولد ابو سعيد احمد ولد برهان الدين ولد عبدالعزيز ولد عبدالوهاب ولد عبدالمطلب ولد برهان الدين ولد احمد ولد عبدالله ولد يونس ولد شيخ محمد فاروقي.

مخدوم نورالدين کي چار پٽ ڄاوا، جن مان ٻن ڄڻن مخدوم ابو سعيد ۽ مخدوم بدرالدين علم و فضل ۾ وڏو ڪمال حاصل ڪيو. مخدوم ميان ابو سعيد ڪنهن سهوليت سانگي لڏي اچي راڻيپور جي ڀر ۾ ويٺو. هن بزرگ جو مقبرو راڻيپور ۾ موسيجي (جنهن کي اڄ ڪلهه گڏيجي ٿو سڏيو وڃي) نالي جاءِ تي آهي. قاضي علي اڪبر درازيءَ جو چوڻ آهي ته بادشاهه پير عبدالقادر جيلانيءَ کي آخري فيض خواجه ابوسعيد کان عطا ٿيل هو. پاڻ خليفي جّمار جي ذريعي شيخ بهاءَالدين زڪريا ملتانيءَ جو مريد بڻيو. تنهن کان پوءِ خيرپور جي حاڪم مير سهراب خان (وفات سنه 1830ع) جي اهلڪار جي حيثيت ۾ هن خاندان جي هڪ فرد نالي ميان احمد کي سندس وفاداريءَ جي عيوض وڌيڪ زمينون عطا ٿيون.

مٿي ذڪر ڪيل مخدوم ابوسعيد جي نائين پيڙهيءَ ۾ خواجه محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنو (عرف جدم مشتهر صاحبدنه. اسم محمد حافظ ست براسته. سچل) سنه 1101 هجريءَ ۾ پيدا ٿيو. خواجه صاحب، شاهه عبيدالله قادريءَ جو طالب بڻيو. ياد رهي ته هي شاهه عبيد الله، ان شاهه عبدالملڪ جو ڀاءُ هو، جنهن کان شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري فيض حاصل ڪيو هو.

شاهه عبيدالله، بادشاه پير شيخ عبدالقادر جيلاني بغداديءَ جو پڙ پوٽو ٿيندو هو، جيڪو پنهنجي ٻين ٽن ڀائرن هرهڪ: شاهه ڪليم الله، شاهه عبدالملڪ ۽ شاهه عبدالعزيز سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو. انهيءَ روايت موجب شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جو تڙ ڏاڏو شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو شاهه ڪليم الله جو مريد ٿيو هو، ۽ جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي. شاهه عنايت صوفي جهوڪ وارو شاهه عبدالملڪ جو مريد بڻيو. شاهه عبيدالله جي تعريف ۾ سچل سائين ٿو فرمائي:

شاهه عبيدالله اسانڏا خواجه پيران پيران،

آل نبي، اولادِ علي هئي حضرت ميران ميران

سچل سائينءَ جو ڏاڏو خواجه محمد حافظ عرف صاحبڏنو فقير هڪ ڪامل درويش هو ۽ ”موراڳي“ جي لقب سان مشهور آهي. سندس ٻه شعر هيٺ ڏجن ٿا.

1. ڪي ٻُڌڻ سان ٻُٽجي ويا، ڪي چريا منجهه چاهه،

صاحبڏني جي ساهه، سارا ورق ورائيا.

2. ڪنهن جو نينهن نهر سان، ڪنين دٻايا درياهه،

صاحبڏني جي ساهه، آهي سمنڊ سمائيو.

ميان صاحبڏنو موراڳي پهرين ميرن جي ملازمت ۾ هو، پر اڳتي هلي دنيا کان تارڪ ٿي ويو. لوڙهو هڻائي، هڪڙي کٻڙ جي هيٺان گوشهءِ نشين ٿي ويهي رهيو. سندس اهو لوڙهو درازن جي درگاهه شريف لڳ چؤڌاري اڃان تائين رهندو اچي، جنهن جي مرمت خواجه صاحب جي خاص مريد ”چانيهين“ فقير اُڄڻ، کهڙن واري جو اولاد ڪرائيندو اچي. خواجه صاحب کي ٻه فرزند ٿيا:

ميان عبدالحق پهريون (ولادت 1120 هجري).

ميان صلاح الدين.

حالانڪه منشي عطا محمد شڪارپوري ”تاريخ تازه نوائي معارک“ جي تعليقات ۾ مرزا قليچ بيگ جي ”قديم سنڌ“ جي ڪتاب جي حوالي سان خواجه صاحب کي سچل سائينءَ جو چاچو ڄاڻايو آهي (صفحو: 863(. پر ان جي صفائي سچل سائينءَ خود پاڻ هن طرح سان ٿو ڪري ته؛

ڏاڏا محمد حافظ ٿيندا وچ درازين ديرا،

دست تنهين دي اصلون آها مقصد سارا ميرا.

خواجه محمد حافظ 91 ورهين جي ڄمار ۾ سنه 1192 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. سندس وڏي پٽ ميان صلاح الدين کي سنه 1152 هجري مطابق 1739ع ۾ هڪ فرزند ڄائو، جنهن جو نالو سندس پڙڏاڏي جي پٺيان ”عبدالوهاب“ رکيو ويو، پر سندس چاچو ميان عبدالحق پهريون کيس پيار وچان سچيڏنو، سچل يا سچو سڏيندو هو ۽ اڳتي هلي پاڻ ”سچل“ جي ئي نالي سان مشهور ٿيو. اهڙيءَ طرح سچل سائينءَ جو اصل نالو جيتوڻيڪ حافظ عبدالوهاب آهي، پر اصل نالي جي خبر تمام ٿورن کي هوندي، ڇو ته کيس گهڻو ڪري “سچل سرمست“ ئي ڪوٺيو ويندو آهي. اهو انهيءَ ڪري، جو سندس ڪلام ۾ منصور واري مستي سمايل آهي.

سچل سائين ڇهن ورهين جو ٿيو، ته سندس والد سڳورو خواجه صلاح الدين گذاري ويو. سندس قبر روضي مبارڪ جي دروازي جي ٻاهران ساڄي هٿ طرف آهي. کانئس پوءِ هن ٻار جي پالنا سندس ڏاڏي خواجه محمد حافظ ڪئي ۽ ان جي وفات کان پوءِ سندس چاچي خواجه عبدالحق.

جڏهن پاڻ ستن سالن جو هو، ته کيس شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ ڏٺو. جيڪو ان وقت سندس ڏاڏي خواجه محمد حافظ کي درازن ۾ ملڻ آيو هو. شاهه صاحب هن ٻار کي ڏسي ڪري فرمايو:

”اسان جيڪو ڪُنو چاڙهيو آهي، تنهن جو ڍڪڻ هيءُ نينگر لاهيندو!“

12 ورهين جي ڄمار ۾ حافظ عبدالله قريشي صديقيءَ وٽ قرآن شريف ياد ڪيائين. هن بزرگ حافظ 1233 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. سندس قبر درگاهه درازا شريف جي اڳيان اڱڻ ۾ آهي. سندس وفات جي تاريخ جو هيٺيون قطعو سچل سائينءَ جو چيل ڪاشيءَ جي سِرَ تي اُڪريل آهي:

خادمِ صاحبان اهل الله        محرم راز عارف بالله،

عرف اهلِ قريش صديق        واصل بحر ذات الاالله،

جستم از عقل سال تاريخ     گفت از اسم حافظ عبدالله.

                                1233 هه

        سچل سائينءَ 14 سالن جي عمر تائين سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم پنهنجي چاچي خواجه عبدالحق وٽ حاصل ڪئي. کانئس ٻي ڪهڙي تعليم حاصل ڪيائين، سا به سندن پنهنجي زبان ئي ٻڌي وٺو؛

عاشقُ! اناالحقُ، آکيو پيو آکيج،

هادي عبدالحقُ، حرف هدايت هي چيو.

 

لانفعيءَ جو ڪلمو مون کي، مرشد پاڻ پڙهايو

نابوديءَ جي نشي اندر ، دستگير سير ڪرايو

هٿيو ڏيئي همٿ وارو، سارو بار کڻايو

صدق سچل مان ستگر تان، جنهن جانب جوش جڳايو

 

مرشد آکيو عاشق ائين تان، منڪر ٿي مشاخي

شيخي، پيري، بم بزرگي، اَٿي سڀ هلاکي

عشق امانت خاص الله جي، دل کي ڏي فراخي

سچا! سوز گداز سوا سچ، ٻيا سڀ چور طباخي

        اڳتي هلي خلافت جو خرقو به خواجه صاحب کان ئي مليس. جيئن پاڻ چوي ٿو ته؛

هادي هئي ميڏا عبدالحق سائين،

صوفي صاف جو شهنشاهه ميان!

سڀو علم تنهن تئون معلوم ٿيا،

اسرار مڙيوئي آگاهه ميان!!

 

”سچو“ سگِ دروازه آهي، روز ازل کؤن ميان!

تو پير عبدالحق جو، پيزار کنيوسين ميان!!

مرشد هاديءَ عبدالحق جي وت پٺيءَ پينار لڳو!!

 

        سچل سائينءَ کي ننڍي هوندي کان وٺي تنهائي ۽ اڪيلائي پسند هوندي هئي. صبر ۽ ماٺ جو مجسمو، خيال ۽ فڪر ۾ غرق ۽ اڪثر غمناڪ ئي رهندو هو. زندگيءَ ڀر ٽهڪ ڏيئي نه کليو. گهڻو ڪري اکين مان لڙڪ جاري هوندا هئس:

دلم پُر پريشان ز اشتياقشِ،   ز دردم شِير داده دايهء ما!

صغير پڻي کان وٺي پڇاڙيءَ تائين نه ڪڏهن ڪو شڪار ڪيائين ۽ نه وري پنهنجي هٿ سان ڪنهن جانور کي ڪا سِير وڌائين. شروع زندگيءَ ۾ نماز روزي بلڪ مڙني شرعي حڪمن جو پابند رهيو. ورد وظيفا سندس خاص مشغلو هوندا هئا. پر جڏهين پنجاهه ورهين کي پهتو، ته سڀئي ڳالهيون ڇڏائي ويس، ۽ گهڻو ڪري بي خوديءَ ۾ رهندو هو.

        سچل سائينءَ جي شادي سندس انهيءَ ئي مرشد چاچي ميان عبدالحق جي نياڻيءَ سان ٿي، جنهن مان پُٽ به ڄائس، جنهن جو نالو نياز علي يا مؤجود علي چيو ٿو وڃي. هي ڪِڪو ننڍي هوندي ئي گذاري ويو.شاديءَ کان ٻن سالن کان پوءِ سندس گهر واري به گذاري ويئي ۽ تنهن کان پوءِ سڄيءَ زندگيءَ ۾ ٻي شادي نه ڪيائين. اهڙيءَ طرح سندس ڪوبه اولاد زندهه ڪونه رهيو.

        سندس چاچو خواجه عبدالحق، جيڪو خواجه محمد حافظ جي وفات کان پوءِ سنه 1192 هجريءَ ۾ مسند تي ويٺو، سو برابر 1 ورهيه مسند تي رؤنق افروز رهيو. مير علي مراد خان ٽالپر رياست خيرپور جو والي سندس معتقد هو. پاڻ سنه 1214 هجري مطابق 1793ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس وفات جي تاريخ جو قطعو جيڪو خواجه صاحب جي مزار تي ڪاشيءَ جي سِرَ تي اُڪريل آهي. سچل سائينءَ هن طرح چيو:

مرشد کامل حقيقت يار                وارث دين احمد مختيار،

گوهر بحرانه واحد                       ليس في الدار غيره ديار،

سال تاريخ اوست مظهر حق   ميم ما ومن از ميان بردار.

1214 هجري

        خواجه عبدالحق کان پوءِ سندس فرزند سخي ميان قبول محمد پهريون (ولادت: سنه 1181 هه) سنه 1213 هجريءَ ۾ مسند نشين ٿيو ۽ مسند تي 32 ورهيه جلوه افروز رهيو. ميان قبول محمد به وڏي پايي جو بزرگ ٿي چڪو آهي. جنهن جو اندازو انهيءَ مان لڳائي ٿو سگهجي، جو شاهه شجاع الملڪ جهڙا ماڻهو به سندس زيارت لاءِ ايندا هئا.

        سندس وفات جو سال 1245 هجري مطابق 1825ع آهي. سچل سائينءَ جي وفات هن سخي ميان قبول محمد جي سجاده نشينيءَ دوران سنه 1242 هجريءَ ۾ ٿي.

سچل سائين ڄمندي ڄام هو، جيئن سندس ئي ڪلام مان ثابت ٿو ٿئي.

        سچل سائين جي دؤر وارو زمانو، وڏي اهميت ٿو رکي. پير روضي ڌڻي سيد محمد راشد ۽ سائين صبغة الله شاهه (پير سائين پاڳارو) جهڙيون جليل القدر هستيون ان وقت جا آهن. هي نه صرف پاڻ جيّد عالم هئا پر عالم نواز پڻ. خيرپور جا والي مير سهراب خان ۽ مير رستم خان وڏا ادب نواز هئا. تنهن کان پوءِ کهڙن جا مخدوم، روحل فقير، سيد جان علي شاهه (روهڙي)، فقير قادر بخش بيدل (روهڙي) مخدوم محمد اسماعيل نقشبندي (پريالو)، پير شهاب الدين (نوشهرو) ۽ آخوند محمد حيات ”حاتم“ سچل جا ئي همعصر هئا.

        هوڏانهن لاڙ جي طرف مير علي شير قانع ٺٽوي، منشي پرسرام ”مشتري“ ٺٽوي، سيد ثابت علي شاهه، سيد ضياءالدين ٺٽوي ۽ نواب ولي محمد لغاري فارسي ادب جا گهڻگهرا هئا.

        هي اهو زمانو هو، جو انگريز هندستان ۾ پنهنجا پير پختا ڪري رهيا هئا ۽ سنڌ تي سندن اکيون برابر کُتل هيون. سچل سائين ڏهه - پندرهن سال پوءِ پيدا ٿيندڙ حالتن جي باري ۾ اڳ ئي آگاهه ڪندي هيئن فرمايو:

اولهه سج نه اُلهي، متان ٿئي اوير،

ميڙي ويندءِ ”مغربي“ تاريڪيءَ ۾ تير،

ڇڏي ويندءِ ڇپرين، ڍونڍن سندا ڍير،

مرد ڏين ٿا مام ۾، ماٿيڪي مٿير،

وجهه اَٿي، وجهه پاڻ ۾، هيڪڙائيءَ جي هير،

ناسودي ناخير، نپٽ پوءِ نابود ڪر.

سچل سائين گهڻيءَ رياضت جي باوجود آخر عمر تائين نهايت تندرست رهيو. پڇاڙيءَ ۾ خلوت نشيني اختيار ڪري چڪو هو ۽ فرمائڻ لڳو:

”برائي سلام سرڪار دو عالم تياري مي کنم!“

اهڙيءَ طرح آخرڪار 14 رمضان المبارڪ سنه 1442 هجريءَ (1829ع) ۾ وفات پاتائين.

پاڻ پنهنجي ڏاڏي خواجه محمد حافظ، پنهنجي مرشد چاچي خواجه عبدالحق ۽ سخي ميان قبول محمد سان گڏ هڪ ئي مقبري ۾ مدفون آهي. هي مقبرو رياست خيرپور جي واليءَ مير رستم خان ٺهرايو. تنهن کان پوءِ سخي ميان قبول محمد جي ڏينهن ۾ گنبذ تي نيل ۽ چئن ئي ڪنڊن تي نيلون ۽ ڪاشيءَ جو سمورو ڪم سردار محمد بخش جي اهتمام سان ٿيو. هتي هر سال رمضان شريف ۾ ميلو لڳندو آهي.

سچل سائينءَ جو قد، رنگ صاف ۽ دلڪش، ۽ پيشاني ڪشادي هئي. وار ڊگها هوندا هئس. مٿي تي سائي پڳ ۽ اڪثر لباس اڇو پهريندو هو. سياري ۾ اوني چادر اوڍيندو هو. کٽ جي بدران ڪاٺ جي صندل تي ويهندو هو ۽ سمهندو به انهيءَ تي ئي هو. سندس کاڌو نهايت سادو هوندو هو. جوانيءَ ۾ گوشت جو شورو کائيندو هو، پر اڳتي هلي اهو به کائڻ بند ڪري ڇڏيائين. گهڻو ڪري روزو رکندو ۽ روزي کولڻ وقت به بنهه ٿورو کائيندو هو. دال ۽ ڏڌ سندس وڻندڙ غذا هوندي هئي.

هميشه استغراق جي حالت ۾ رهندو هو ۽ نشيدار شين کان سدائين پرهيز هوندي هيس. تقوى ۽ پرهيزگاريءَ جي اها حالت هوندي هئي، جو سندس آڏو ڪو به ماڻهو تماڪ يا ڪابه نشيدار شيءِ استعمال نه ڪري سگهندو هو. سندس مريدن ۽ معتقدن جو تعداد ته گهڻو ئي آهي، پر مکيه هيٺان آهن:

يوسف فقير اڳڙن وارو، جيڪو نائڪ فقير جي نالي سان مشهور هوندو هو.

فقير محمد يعقوب

فقير محمد صالح قادري لاڙڪاڻي وارو.

شير علي فقير .

حاجي ميان عثمان چاڪي فقير لاڙڪاڻي وارو.

سيد ميان خير شاهه رتي ديري وارو، جنهن وٽ سچل سائينءَ جي استعمال ٿيل بيراڳڻ موجود هئي.

فقير محمد صالح ڀئيو دوٿي، ويٺل لڳ خيرپور.

فقير غلام حيدر شر بلوچ.

فقير شادي خان، جيڪو اڳتي هلي شادي شهيد جي نالي سان مشهور ٿيو.

گهرام فقير جتوئي.

 

سچل سائين ”هم اوست“ جي فلسفي ۾ رتل هو. اهوئي سبب هو جو پاڻ پنهنجو چڱو موچارو ڪلام پنهنجن ئي هٿن سان برباد ڪري ڇڏيائين. وجد ۾ اچي ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ڳالهيون چئي ڇڏيندو هو، جو جڏهن انهيءَ جي وضاحت ڪرڻ لاءِ چيو ويندو هوس ته جواب ڏيندو هو:

.... چوڻ واري چيو هوندو، اسان کي ته ڪا خبر ڪانهي!

سچل سائينءَ جو آخري زمانو ميرن جي صاحبيءَ ۾ ٿو اچي. ميرن جي صاحبيءَ ۾ سرڪاري ٻولي فارسي هوندي هئي. سچل جو فارسيءَ ۾ تخلص ”آشکار“ ۽ ”خدائي“ آهي. سندس فارسي ڪلام جو هڪ مجموعو ”ديوان آشکار“ آهي، مير علي مراد خان جي ڪوشش سان شايع ٿيو.

 

وڌيڪ فارسي ڪلام: عشق نامه (1962ع)، گداز نامه (1962)، درد نامه (1963)، تار نامه (1963ع)، رهبر نامه (1964ع)، وحدت نامه (1964ع)، وصلت نامه (1965ع)، بحر تِاويل (1966ع)، راز نامه (1968) ۽ ديوان خدائي قاضي علي اڪبر درازيءَ مرتب ڪري شايع ڪرايا. سندس فارسي ڪلام ڪجهه هن طرح سان آهي:

اين سخن کي شعر باشد اي پسر

اين همه ذکر است آيات و خبر

هن شعر ۾ ”آيات“ قرآن ڪريم جي آيتن لاءِ، ۽ ”خبر“ حديث نبي لاءِ ڪتب آندا ويا آهن. هن شعر جو مطلب ڪم و بيش شاهه لطيف جي هن بيت وارو ئي آهي ته:

جي تو بيت ڀانيا سي آيتون آهن!

سچل سائينءَ جو سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام ٻن جلدن ۾ رسالي جي صورت ۾ مرزا قليچ بيگ جي ڀاءٌ مرزا علي قلي بيگ (وفات 1912ع) 1902ع ۾ مرتب ڪيو، جنهن کي ماستر هريسنگهه سکر واري، ابوالعلى پريس آگري مان ڇپائي پڌرو ڪيو.

مرزا صاحب جي چوڻ مطابق سچل سائينءَ جو سنڌي، سرائڪي، فارسي ۽ اردو ڪلام، نوَ لک، ڇٽيهه هزار، ڇهه سؤ ڇهه (936606) شعرن تي مبني آهي. مرزا صاحب جو مرتب ٿيل رسالو رڳو سنڌي بيتن ۽ سرائڪي ڏوهيڙن تي مشتمل آهي. البت ٽيهه اکريون انهيءَ کان الڳ آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com