شاهه عنايت صوفي
سنڌ جو شهيد
شاه عنايت صوفي وقت جي مشهور معروف مخدوم صدو لانگاه جي
خاندان مان هو. مخدوم صدو لانگاه وڏو توڪلي مڙس
هو، ايتريقدر، جو رات جو دلن ۽ مٽن جو پاڻي به
هارائي ڇڏيندو هو ۽ ”سڀاڻي جا نصيب سڀاڻي سان“ جي
چوڻيءَ مطابق ٻئي ڏينهن ڪجهه به ڪين رکندو هو.
سندس بزرگيءَ ۽ ولايت جو اندازو انهيءَ مان لڳائي
ٿو سگهجي، جو مٽياريءَ جي مشهور سادات سيد
عبدالڪريم جهڙا به سندس مريديءَ ۾ داخل هئا.
شاهه عنايت صوفي جي والد بزرگوار جو نالو مخدوم فضل
الله هو. جيڪو پڻ پنهنجي وقت جو وڏو درويش هو. هن
پنهنجي سموري زندگي گوشهءِ نشينيءَ ۾ گذاري ڇڏي،
سندس ڏاڏو ملا يوسف ۽ پڙڏاڏو ملا شهاب الدين به
بامعرفت بزرگ ۽ خدا جا صالح بندا هئا. تنهن کان اڳ
سندس تڙڏاڏو ملا آجب بن مخدوم صدو لانگاهه پڻ ڪامل
۽ ڪرامتن جو مالڪ ٿي گذريو هو. اهڙيءَ طرح ائين
کڻي چئجي ته شاهه عنايت صوفي پنهنجي خانداني شجري
جي لحاظ کان ”تاڃيءَ پيٽي پٽ“ هو ته وڌاءُ نه
ٿيندو.
شاهه عنايت صوفيءَ حق جي ڳولا ۾ وڏا سفر ڪيا ۽ ڪافي
عرصي کان پوءِ دکن پهچي ويو، جتي شاهه عبدالملڪ
سان ملاقات ٿيس ۽ سندس حڪم مطابق وڏيون رياضتون
ڪيائين. ’ظاهري علمُ، شاهه غلام محمد کان حاصل
ڪيائين،‘ جنهن جي مسند شاهه جهان آباد هئي. اڳتي
هلي جڏهين شاهه عنايت صوفي پنهنجي مرشد شاهه
عبدالملڪ کان معرفت وارو اعلى رتبو حاصل ڪيو ۽
کائنس اجازت حاصل ڪري اچي ٺٽي ۾ رهيو ته ’شاهه
غلام محمد به سندس خدمت ۾ پهچي ويو. اهو انهيءَ
ڪري جو هي ظاهري علم ۾ جيتوڻيڪ شاهه عنايت جو
استاد هو، پر معرفت جون منزلون شاهه عنايت جي
ذريعي ئي طئي ڪيون هئائين. شاهه غلام محمد شاهه
عنايت جي آڏو ايڏو ته عجز ۽ نياز اختيار ڪندو هو،
جو آخرڪار ٺٽي جي ظاهر ٻين عالمن شرعي عدالت قائم
ڪري کيس تعزير ڏنو. آخرڪار مرشد جي ارشاد مطابق،
واپس شاهه جهان آباد هليو ويو. جتي هن درويشيءَ جي
هڪ وڏي خانقاهه قائم ڪئي ۽ اتي ئي انتقال ڪيائين.
هزارين انسان کانئس فيضياب ٿيا.
ٺٽي کان پوءِ شاهه عنايت صوفيءَ اچي ميران پور ۾ رهيو.
جنهن کي اڄ ڪلهه ”جهوڪ شريف“ ٿا سڏين. هتي سندس
پيري مريديءَ جو سلسلو تمام وڌي ويو. سندس مريدن
جي منزلت جو اندازو انهيءَ مان لڳائي ٿو سگهجي، جو
شاهه اسماعيل صوفي ۽ مير جانشاهه محمد رضوي بکريءَ
جهڙا به شامل هئا. مير محمد بکري، جيئن سندس قصيدي
مان ظاهر آهي، حضرت شهباز قلندر تي به حاضري ڏني،
پر سندس دلجوئي ڪانه ٿي:
به سيوستان رسيده دردمندي
طلبگار جمال بوشمندي
تماشائي قلندر کرده آنجا
هوائي فقر در سر ڪردم آنجا
بس ديدم در آنجا هائي هوئي
نديم از گل مقصود بوئي
نديدم مرهم آنجاريش دل را
سرا سيمه کشيده سر بصحرا
ترجمو:
آءُ نهايت ئي دردمند دل سان سيوهڻ پهتس، تاڪه
دانشمنديءَ جي سهڻي شاهني منزل کي حاصل ڪريان.
اُتي مون کي قلندري نظاري پسڻ جو شرف حاصل ٿيو. ۽
گڏوگڏ فقيري ڦندن کي دل ۽ دماغ ۾ سميٽي ڇڏيم.
ظاهري شور شار ۽ هل هنگامو گهڻو ئي ڏٺم پر اصلي
گهربل گل واري خوشبو جنهن جو آءُ طلبگار هوس سا نه
ملي سگهي.
جيئن ته پنهنجي دردمند دل جي زخمن جي دوا حاصل نه ٿي سگهي.
تنهنڪري آخرڪار مون کي حيرانيءَ ۽ پريشانيءَ جي
حالت ۾ ئي جهنگ منهن ڪرڻو پيو. سموريءَ سنڌ جو سير
ڪندي، نيٺ شاهه عنايت صوفيءَ جي آستاني مبارڪ تي
اچي پيشاني رکيائين:
مجسم صورت نور الاهي
تماشا کرده اشيارا کماهي
بذات اندر صفات خويش ساري
تصرف برهمه آلواش جاري
دلش را تکيه برنور تجلى
تصور را زتصديقش تسلى
ترجمو:
خدائي نور جي صورت کي هوبهو پنهنجي سامهون ڏٺم،
ايتريقدر جو هر شيءِ جي حقيقت کي سندس اصلي شڪل ۾
چڱيءَ طرح سان مون جانچي ڏٺو، پنهنجو سڀني صفتن ۾
عين ذات جو حاصل ۽ ڪائنات جي ڪنڊ ڪڙڇ تي سندس ئي
ذات کي حاوي ڏٺم.
سندس دل جيڪڏهن مطمئن آهي ته رڳو انهيءَ نور جي جلوهه گريءَ تي
۽ انهيءَ ئي حقيقي اطمينان جي وسيلي خيالن ۽ امنگن
کي پوري تسلي ملي ويئي.
شاهه عنايت جو ٻيو معتقد شاهه اسماعيل صوفي، شيخ عبدالله
انصاريءَ جي اولاد مان آهي. يعني ابو اسماعيل
عبدالله بن ابو منصور محمد انصاري، جيڪو خواجه
عبدالله انصاريءَ جي نالي سان مشهور هرات جو رهاڪو
هو ۽ وقت جو وڏو عارف ۽ عظيم سالڪ هو.
شاهه اسماعيل صوفيءَ جو چوڻ آهي ته:
دوست گرچه جمله مغز و پوست ماست
در برون هر چيز بينم دوست ماست
ترجمو:
يار جيتوڻيڪ پوري جسم جي هڏن ۽ چمڙيءَ ۾
داخل آهي، يعني حقيقت سواءِ يار جي ٻي ڪابه ناهي،
پر پاڻ کان سواءِ جيڪڏهن ٻاهر ڪٿي نظر ٿو ڦيرايان،
تڏهن به يار کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ نظر نٿي اچيم.
شاهه عنايت صوفيءَ کي وڌندو ڏسي ڪري بلڙي واري برگزيده
بزرگ سادات شاهه ڪريم جي پوٽن، سيد عبدالواسع ولد
سيد عبدالدليل ولد سيد دين محمد ولد سيد
عبدالڪريم، ساڻس اڻبڻت شروع ڪري ڏني. اهو انهيءَ
ڪري، جو ڪيترائي سندن مريد خادم جهوڪ تي ئي جهڪڻ
لڳا، جنهن ڪري سندن درگاهه کي وڏو ڌڪ لڳو. اڳتي
هلي، هنن ساداتن پاڙي جي زميندارن، جهڙوڪ
پليجاڻيءَ جي زميندار نور محمد پٽ منبو پٽ راڌو پٽ
بابو پليجو ۽ حمل پٽ لاکو ذات جت وغيره سان گڏجي،
جهوڪ شريف تي حملو ڪري ڏنو. اهو حملو ان وقت جي
گورنر مير لطف علي خان جي اجازت سان ڪيو ويو هو،
جنهن جي نتيجي ۾ شاهه عنايت خود ته بچي ويو، پر
ڪيترائي فقير مٿائنس سر صدقو ڪندي شهيد ٿي ويا.
اهو فرياد دهليءَ جي بادشاهه اورنگزيب جي پوٽي
سلطان قرخ سير وٽ ڪيو ويو. جنهن تي شاهي قانون
صادر ٿيو ته قاتلن جون زمينون خون بها جي طور تي
شهيدن جي حوالي ڪيون وڃن. اهڙيءَ طرح شاهه عنايت
جي خانقاهه غريبن، مظلومن ۽ هارين جي لاءِ هڪ
پناهه گاهه ٺهي پئي ۽ ماڻهو چؤطرف کان لڏي اچي
جهوڪ تي خيما کوڙڻ لڳا.
مير لطف علي خان 1128 هجري مطابق سنه 1716ع تائين ٺٽي
جو حاڪم رهيو ۽ تنهن کان پوءِ مير بابا اعظم خان
ولد صالح خان بن فدائي خان ڪلتاش خانبهادر سندس
جاءِ والاري، هي نئون گورنر به شاهه عنايت جي
دشمنن جي ڳالهين ۾ اچي ويو. ۽ سندن امداد لاءِ
تيار ٿي ويو. انهيءَ باري ۾ هن پهريون قدم اهو
کنيو، جو جهوڪ جي آس پاس وارين زمينن، جن تي ڍل اڳ
۾ ئي معاف ٿي چڪي هئي، تن تي نئين سر ڍل مڙهيائين
۽ يڪدم ڍل پيارڻ لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيائين. شاهه
عنايت اهڙين ڍلن ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو، جيڪي
ڍلون اڳ ئي بادشاهه جي طرف کان معاف ٿي چڪيون
هيون، ۽ اهڙي حڪم کي ظالمانه حڪم قرار ڏنائين.
تنهنڪري اعظم خان بگڙي پيو. هن پنهنجي صلاحڪارن
کان صلاح وٺي ڪري، مرڪز ڏانهن لکي موڪليو ته شاهه
عنايت صوفي ۽ سندس پوئلڳ بادشاهيءَ جا خواب ڏسي
رهيا آهن ۽ بادشاهي حڪمن کان انحرافي ڪندا ٿا رهن؛
تنهنڪري مرڪز کان حڪم آيو ته جيڪڏهين ائين حقيقت
آهي ته پوءِ اهڙي فتني کي فوراً بند ڪيو وڃي .
مرڪزي حڪم حاصل ڪرڻ کانپوءِ اعظم خان پنهنجي فؤج
کان سواءِ اتر سنڌ جي حاڪم ميان يار محمد ڪلهوڙي
کان به فؤج طلب ڪئي. ميان صاحب، اعظم خان جي حمايت
۾ پنهنجي پٽ محمد خان ۽ پنهنجي خاص سردارن مير
شهداد بلوچ جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪ وڏو لشڪر ڏياري
موڪليو. پر هڪ ٻيءَ روايت ۾ آهي ته خود ميان يار
محمد هاٿيءَ تي سوار ٿي ڪري جنگ ۾ شامل ٿيو هو.
انهيءَ روايت مطابق سندس ٻين ٻن پٽن دائود خان ۽
ميان غلام حسين جي مؤجودگيءَ جو به ثبوت ملي ٿو.
نه صرف ايترو پر يار محمد ڪلهوڙي جي ڀاءُ ميان مير
محمد به جنگ ۾ شرڪت ڪئي هئي.
اها خبر جڏهين جهوڪ ۾ پهتي ته حملو ٿيڻ وارو آهي ته فقيرن
پنهنجي مرشد کي صلاح ڏني ته ٻاهر نڪري ڪري رستي ۾
ڪٿي لشڪر کي روڪي، ساڻن جنگ جوٽي وڃي. پر شاهه
عنايت صوفيءَ اڳرائي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني. بلڪ
جهوڪ جي چؤطرف کاهي کوٽي، پنهنجا مورچا سنڀالي،
ذڪر فڪر ۾ لڳي ويا.
18 ذي القعد سنه 1129 هجري مطابق 13 آڪٽوبر 1717ع تي حملو ڪندڙ،
هاٿين تي توبون لڏي، اچي جهوڪ ۾ پرُگهٽ ٿيا. ايتري
ساز و سامان هوندي به سنئون سڌو حملو ڪونه ڪري
سگهيا، بلڪ گهيرو جاري رکندي، جنگ خندق وارو نقشو
چٽي ڇڏيائون. شاهه عنايت پنهنجي فقيرن کي هدايت
ڪئي ته رات جو دشمن تي چپ چاپ ۾ حملو ڪندا رهن ۽
جيسيتائين ائين خاموشيءَ ۾ رهندا ڪاميابي حاصل
ڪندا رهندا. انهن حملن ۾ فقيرن، ڪلهوڙن جي لشڪر جا
ڪيترائي پهلوان زخمي ڪري وڌا هئا، جيئن خود ميان
يار محمد جي پٽ دائود خان مُنهن تي ڇهه زخم کاڌا ۽
ٻئي جسم تي به ڪيترا گهاؤ هئس. ميان غلام حسين ۽
ميان مير محمد به ڪافي زخمي ٿي چڪا هئا.
فقيرن مان جيڪي زخمي ٿيا، تن مان خوشحال پٽ جمال، خيالي ولد
صدورو، ياقوت، بشير، ابراهيم ۽ ملا صالح قابل ذڪر
آهن.
هڪ رات حملو ڪندي هڪڙو درويش ٿاٻڙجي پيو، جنهن ڪري سندس زبان
مان اسم ذات جو نعرو بي ساخته اچارجي ويو، جيڪو
سندن عام دستور هوندو هو. سندس پوئواري ڪندي ٻين
درويشن به کڻي نعرو هنيو، جنهن ڪري دشمنن کي سندن
پتو پئجي ويو ۽ جنگ جاري ٿي ويئي پر تنهن هوندي به
شاهه صاحب جو پاسو زور رهيو ۽ جنگ بند ٿيڻ جي ڪا
صورت نظر نٿي آئي. هيءُ گهيرو برابر ٽي مهينا 9
صفر 1130 هجري مطابق 1 جنوري 1718ع تائين جاري
رهيو، جنهنڪري حمله آور هاڻي بيزار ٿي پيا هئا.
ميان يار محمد ڪلهوڙي جي پٽ محمد خان ۽ مير شهداد
بلوچ قرآن شريف وچ تي رکي، صلح جي آڇ ڪئي ۽ اهو
وعدو ڪيائون ته شاهه عنايت ۽ سندس درويشن جو جان
مال حفاظت ۾ رهندا. پر اڳتي هلي، اعظم خان انهيءَ
انجام تان ڦري ويو.
15 صفر سنه 1130 هجري مطابق 7 جنوري 1718ع تي سنڌ جي هن عظيم
صوفيءَ کي شهادت جو پيالو پياريو ويو. انهيءَ وقت
پاڻ هي شعر پڙهيائين:
رهائيندي مرا از قيد هستي
جزاڪ الله في الدارين خيرا.
ترجمو:
تو مون کي حياتيءَ جي قيد مان آزاد ڪري ڇڏيو. الله
توکي ٻنهي جهانن ۾ ان جو بدلو ڏئي.
جلاد جي ترار جڏهن سندس ڪنڌ تي ڪِري ته پاڻ چار تڪبيرون
چئي، پنهنجي جان، جان آفرين جي حوالي ڪيائين. انا
الله و انا اليہ راجعون
سندس شهادت جو سال هن طرح سان ڪڍيو ويو
:
1. مَا قتلُوه يَقِينا، بَل رفَعَدُ الله الِيد. (1130
هه)
يعني: پڪ ڄاڻو ته هو ڪڏهن به قتل ڪونه ٿيو، بلڪ خدا کيس پاڻ
ڏانهن کڻائي ورتو.
2. آه مظلوم حق (1130 هه)
يعني
:
هاءِ هاءِ هو ته حق جي راهه ۾ مظلوم هو.
3. کلک قانع خادم خدّام آل ذوالمجد و هم
”بوده قطب عهد خويش او“ سال وصلش زد رقم. (1130 هه)
يعني:
خادمن جي خادم ۽ قناعت واري قلم، صفتن جي صاحب جي
وصال جي تاريخ بنان ڪنهن قصد جي ائين لکي ڇڏي ته:”هو
پنهنجي زماني جو هڪڙو قطب هو.“
شاهه عنايت جي شهادت کان پوءِ حق جا طالب توحيد جا نعره
هڻندا ٿي ويا ۽ سِرَ اڏيءَ تي رکندا ٿي ويا. مير
علي شير قانع لکي ٿو ته ”اها هڪ عجيب ڳالهه هئي،
جو ان وقت جنهن به خدا جو نالو ٿي ورتو، ڪٺو ٿي
ويو!
شاهه عنايت شهيد کي ٻه فرزند هئا:
شاهه عزت الله:
جيڪو پنهنجي پيءُ جي شهادت کان پوءِ جهوڪ شريف جي
گاديءَ تي ويٺو. پاڻ نهايت پاڪ صاف زندگي گذري سنه
1186 هجري ۾ وفات ڪيائين.
شاهه سلام الله:
جنهن پنهنجي سموري حياتي جهنگن ۽ بيابانن ۾ رياضت
ڪندي گذاري ڇڏي. وڏيءَ ڪرامت جو مالڪ ۽ پنهنجي وقت
جو ڪامل مرد هو. زبان مان جيڪي ڪجهه نڪرندو هوس،
سو پورو ٿيندو هو. ميان نور محمد جي پٽن عطر خان ۽
غلام شاهه جي وچ ۾ تاج ۽ تخت تان جنگيون ٿي رهيون
هيون ته پاڻ فرمايائون ته تخت جو مالڪ ”غ“ بڻبو، ۽
اڳتي هلي ميان غلام شاهه ئي بادشاهه بڻيو. شاهه
سلام الله پنهنجي ڀاءُ شاهه عزت الله جي جيئري ئي
گذاري ويو.
شاهه عنايت صوفيءَ جي سرچشمئه فيض مان جيڪي سيراب ٿيا، تن مان
ڪن بزرگن جا نالا هن ريت آهن:
سيد جان الله شاهه رضوي، روهڙي
روحل فقير، ڪنڊڙي تعلقو روهڙي
فقير قادر بخش ”بيدل“، روهڙي
سيد رکيل شاهه صوفي، فتحپور، گندا واهه، سبي
صادق فقير صوفي، عمرڪوٽ
سيد قطب شاهه صوفي، جهانيان، حيدرآباد
نواب ولي محمد خان لغاري، تاجپور
درياهه خان فقير، خيرپور
خير محمد خان فقير هيسباڻي، خيرپور
دلپت صوفي فقير |