بسم الله الرحمٰن الرحيم
قلندر لعل شهباز
امام جعفر صادق عه جي فرزند جناب اسماعيل جي پُٺ مان ٻارهين
پيڙهيءَ تي هڪ برڪت ڀريو ٻار ڄائو، جيڪو اڳتي هلي
قلندر لعل شهباز جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس اصل
نالو سيد عثمان هو. قلندر شهباز جو آخري آرام گاهه
يا درگاهه شريف سيوهڻ جي شهر ضلعي دادو ۾ آهي ۽
سنڌ جو پهريون نمبر زيارتگاهه ليکيو وڃي ٿو.
قلندر شهباز جو شجره هن طرح سان آهي:
شجره
سيد عثمان پٽ سيد ابراهيم ڪبير الدين پٽ سيد شمس الدين پٽ سيد
نور شاهه پٽ سيد محمود شاهه پٽ سيد احمد شاهه پٽ
سيد هادي پٽ سيد مهدي پٽ سيد منتخب پٽ سيد غالب پٽ
سيد منصور پٽ سيد اسماعيل پٽ امام جعفر صادق عه
پيدائش ۽ تعليم
قلندر شهباز آذربائيجان (آرمينيا) پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ مرند (مروند)
۾ سنه 538 هجريءَ مطابق 1143ع ۾ ڄائو. مروند شهر
جنهن کي مرند يا ميمند به ڪوٺيندا هئا.
پاڻ پهرين پهرين قرآن شريف ياد ڪيائين. تنهن کان پوءِ ٻين علمن
۾ ڪماليت حاصل ڪري، باطني علم پرائڻ لاءِ بابا
ابراهيم ولي ڪربلائيءَ جو مريد بڻيو ۽ انهيءَ کان
ئي تصوف ۾ خلافت جو خرقو ڍڪيائين. سندس طريقت جو
طريقو هن ريت آهي:
طريقت
مخدوم عثمان لعل شهباز قلندر مريد شيخ جمال مجرد مريد سيد
ابراهيم مجرد مريد شيخ عاقل شهيد مريد شيخ مسڪين
شهيد مريد سيد مرتضى سبحاني مريد امام جعفر صادق
عه. مجرد لفظ جي معنى آهي ڇڙو. جنهن پنهنجي سموري
عمر بنا شادي ڪرڻ جي گذاري ڇڏي هجي.
هڪ ٻئي هنڌ شهنشاهه دارا شڪوهه شهيد جو طريقتي طريقو بيان ڪندي،
قلندر لعل شهباز جي طريقي کي بادشاهه پير شيخ
عبدالقادر جيلانيءَ سان هن ريت ملايو ويو آهي:
دارا شڪوهه مريد ملا شاهه بدخشي مريد ميان مير سنڌي مريد شاهه
خضر سيوستاني، مريد شاهه اسڪندر مريد شير الاوليا
خواجه جاتي مريد شيخ علي قادري مريد شاهه عثمان
قلندر لعل شهباز مريد شاهه جمال مجرد مريد شيخ
ابواسحاق ابراهيم مريد شيخ مرتضى سبحاني مريد حضرت
احمد پٽ مبارڪ مريد شيخ عبدالقادر جيلاني مريد ابو
سعيد بن علي مبارڪ مريد شيخ ابوالحسن علي بن محمد
يوسف قريشي مريد ابو الفرح طرطوسي مريد ابو الفضل
عبدالواحد يمني مريد ابوبڪر شبلي مريد حضرت جنيد
بغدادي مريد خواجه ابوالحسن سري سقطي مريد خواجه
معروف ڪرخي مريد امام علي رضا عه مريد امام جعفر
صادق عه.
سنڌ ۾ آمد
قلندر شهباز پهرين پهرين سنڌ جو رخ ڪندي سنه 644 هجري مطابق
1246ع سيوهڻ ۾ پهتو، جيئن هيٺين تاريخ ۾ ڄاڻايو
ويو آهي:
نمود آفتاب دين
644
سيوهڻ کان پوءِ هو هندستان ڏانهن ويو، جتي پاڻي پٽ ۾ شاهه شمس
بو علي قلندر سان مليو ۽ ڪجهه وقت اتي رهيو. بو
علي قلندر کيس ٻڌايو ته هندستان ۾ جيئن ته اڳ ۾
گهڻا قلندر آهن؛ تنهنڪري چڱو ائين ٿيندو، جو هو
وڃي سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪري. اهڙي اشاري ملڻ تي
قلندر شهباز وري سنڌ جو رخ ڪيو ۽ سنه 662 هجريءَ ۾
اچي ملتان ۾ پهتو.
انهيءَ زماني ۾ دهليءَ جي بادشاهه سلطان غياث الدين بلبلن جو پٽ
شهزادو محمد شهيد، سنڌ جو حاڪم هوندو هو. شهزادو
شهيد نهايت ئي هڪ زاهد ۽ عابد نوجوان هو. سندس علم
پروري ۽ درويش نوازيءَ جي مشهوري پوري ايشيا ۾
پکڙجي چڪي هئي. جنهن ڪري ڏورانهن ملڪن جا عالم،
شاعر ۽ عارف، شهزادي شهيد جي عارفاڻي ۽ عالماڻي
صحبتن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پري پري کان ڪهي ايندا هئا.
انهيءَ وقت سنڌ جي، سرحدن جو اندازو هن مان لڳائي
ٿو سگهجي، جو هن صوبي جي گاديءَ جو هنڌ ملتان
هوندو هو ۽ هي شهزادو ملتان ۾ رهي ڪري سنڌ جي
حڪومت هلائيندو هو. شهزادو شهيد عالمن، صالحن،
شاعرن ۽ سگهڙن جو وڏو قدر ڪندو هو. شيخ منصور
بهاؤالدين زڪريا ۽ شيخ فريدالدين گنج شڪر جهڙن
شخصن جو پاڻ معتقد هوندو هو. امير خسرو ۽ امير حسن
دهلويءَ جهڙا ماڻهو سندس درٻاري هوندا هئا.
چوڻ ۾ ائين اچي ٿو ته اُچ واري مخدوم جلال جهان گشت پاڪ پتڻ جي
شيخ فريد گنج شڪر، شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ ۽ قلندر
شهباز جون پاڻ ۾ ڏاڍيون چؤياريون ٿينديون هيون ۽
گهڻو ڪري اهي چار يار گڏ گهمندا ڦرندا هئا. قلندر
شهباز جو هي مشهور شعر جنهن جي باري ۾ ڪئين
ڳالهيون ڪيون ويون آهن. سو خواجه منصور بهاؤالدين
زڪريا ملتانيءَ جي لاءِ چيل آهي ته:
منم عثمان مروندي که ياري خواجه منصورم
ملامت ميکند خلقه که من بردار ميرقصم.
معنى:....
مان عثمان مروندي منهنجو يار خواجه منصور آهي ماڻهو منهنجي لاءِ
چون ٿا ته مان ڦاسي تي ناچ ڪيان ٿو!
شهزادي شهيد وٽ هڪ ڀيري ڪا سماع جي محفل هئي، جنهن ۾ قلندر
شبهاز ۽ شيخ بهاؤالدين ذڪريا جو پٽ شيخ صدر الدين
وجد ۾ اچي رقص ڪندا رهيا. انهيءَ رقص ۽ سماع جي
دؤران شهزادي شهيد به هڪ عجيب حال طاري ٿي ويو، جو
پاڻ سمورو وقت سندن اڳيان ادب سان هٿ ٻڌيو بيٺو هو
۽ زارو زار روئندو رهيو.
شهزادي شهيد، قلندر شهباز کي ملتان ۾ رهڻ لاءِ چيو ۽ سندس لاءِ
هڪ خانقاهه ٺهرائڻ جو به وعدو ڪيائين. پر پاڻ اڳتي
وڌي اچي سيوهڻ ۾ وارد ٿيو.
وفات
قلندر شهباز هتي سيوهڻ ۾ ئي 21 شعبان 673 هجريءَ ۾ وفات ڪئي.
سندس وفات جو سال هن فارسيءَ جملي مان نڪري ٿو:
عثمان به دروازه امام ست
673
پاڻ نهايت ئي پرهيزگاريءَ واري زندگي گذاريائين، سڄي ڄمار ڇڙو
رهيو يعني عمر ڀر شادي ڪانه ڪيائين، تنهنڪري پويان
ڪو اولاد به ڪونه ڇڏيائين.
قلندر شهباز جي علمي قابليت جو اندازو انهيءَ مان لڳائي ٿو
سگهجي، جو ڪنهن زماني ۾ سندس لکيل ڪتاب ”ميزان
صرف“ ۽ ”عقد“ وغيره سنڌ جي مدرسن ۾ عام پڙهايا
ويندا هئا.
’هذا مًا اًمر بِہ عبدالله امير المومنين عمر بن عبدالعزيز‘
معنى:....
هي اهو پروانو آهي جيڪو الله جي ٻانهي ۽ مؤمنن جي امير، عمر پٽ
عبدالعزيز جي طرفان جاري ڪيو ويو آهي.
ان تي لکڻ جي تاريخ سنه 99 هجري ڄاڻايل آهي. هن خطيب جو چوڻ آهي
ته اهي اکر خود خليفي جي هٿ جا لکيل آهن. هن شهر ۾
مون کي هڪ پوڙهو شخص، شيخ محمد بغدادي نالي به
مليو، جيڪو عثمان مرونديءَ (قلندر شهباز) جي
خانقاهه ۾ رهندو هو.(ان وقت مقبرو ٺهيل نه هو)
ڪنهن ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو ته هن شخص جي عمر هڪ سؤ
چاليهه ورهين کان به مٿي آهي ۽ هو چنگيز خان جي
پوٽي هلاڪو خان جي هٿان عباسين جي آخري خليفي
معتصم باالله جي قتل ٿيڻ وقت بـغداد ۾ موجود هو.
هي شخص هيتريءَ عمر هوندي به جسم ۾ ڪافي مضبوط هو
۽ چڱيءَ طرح سان گهمي ڦري سگهيو ٿي.
روضو مبارڪ
قلندر شهباز جي مقبري جي اڏاوت
پهرين پهرين قلندر تي قبو سلطان محمد شاهه تغلق جي سؤٽ سلطان
فيروز شاهه تغلق جي حڪم سان، سيوهڻ ۾ انهيءَ وقت
جي گورنر رڪن الدين عرف اختيار الدين سنه 757 هجري
مطابق 1356ع ۾ ٺهرايو، تنهن کان پوءِ ٺٽي جي حاڪم
مرزا جاني بيگ ترخان قبي کي نئين سر ڪري ٺهرايو،
جنهن تي اڳتي هلي سندس پٽ مرزا غازي بيگ به وڌيڪ
اضافو ڪيو. پر قبي جو ڪم شاهه جهان جي حڪومت دؤران
پورو ٿيو، قبي کي سنه 1043 هجري مطابق 1633ع کان
اڳ پوريءَ طرح ٺهي راس ٿيل نه ٿو چئي سگهجي، ڇو ته
اُن سال ئي نواب ديندار خان بخاريءَ اڱڻ ۾ تراشيل
پٿر جو فرش هڻائي پورو ڪيو. هيءُ نواب بادشاهه جي
طرفان خاص انهيءَ ڪم لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. هن فرش
جي ڪم جي شروعات جي تاريخ هيٺين جملي مان ملي ٿي.
دگر باشد ز فرش خشت آباد
1040
قبي جي اُوچيءَ مهاڙيءَ واريون ڪاشيءَ جون سرون ميان غلام شاهه
ڪلهوڙي تحفي طور موڪليون هيون. مقبري جو چانديءَ
وارو دروازو، تربت جي مٿان ڇٽ جا ٿنڀا ۽ ڪٽهڙو مير
ڪرم علي خان ٺهرايا هئا. تنهن کان پوءِ سنه 1939ع
“ ۾ انهيءَ ۾ واڌارو ڪيو ويو، جو ڇَٽ بلڪل چانديءَ
جو ٺهرايو ويو ۽ گڏوگڏ اڍائي فوٽ اوچو ڪٽهڙو به
روپو(يعني چانديءَ جو) ڪيو ويو. اصل ۾ ڇٽ آبنوس
ڪاٺ (ڪاريءَ ڪِٺ) جو ٺهيل آهي، جيڪو چانديءَ جي
پليٽن سان چڱيءَ طرح ڍڪيو ويو آهي. جيئن ڪنڊن تي
ٻاهران چار ٿنڀا آهن، تيئن اندران ڏهه ننڍا ٿنڀا
آهن، جن تي وڏيءَ ڪاريگريءَ جو ڪم ٿيل آهي. ڪٽهڙي
تي به وڏو ڪم ٿيل آهي ۽ اهو سنڌ جو هڪڙو وڏيءَ
ڪاريگريءَ ۽ هنر جو ڪم آهي. هن پوئين يعني 1939ع
واري ڪم تي ڪل خرچ 44 هزار رپيا ٿيو، جيڪو 25
ڪاريگرن جي لڳاتار ستن سالن جي محنت جو ڦل آهي.
1915ع ۾ قلندر شهباز جي سجادهه نشين سائين ولي محمد شاهه پٽ
مراد شاهه پنهنجي هڪ معتقد ڪَڪَڙ جي زميندار رئيس
محبت خان وڳڻ سان انهيءَ ڳالهه جو اظهار ڪيو ته
قلندر جي تربت وارو ڇٽ سڄوئي چانديءَ جو هئڻ
گهرجي. سيد جي خواهش رئيس صاحب اهڙيءَ طرح سان
پوري ڪئي، جو حيدرآباد مان مستري علي بخش کي
گهرايو ويو، جنهن خاڪو تيار ڪري ستت ئي ڪم شروع
ڪري ڏنو. جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته هن مستري
صاحب جي نگراني هيٺ 25 ڪاريگر ڪم ڪندا رهيا ۽
برابر ست سال ڪم هليو. ڪم پوري ٿيڻ تي هو، جو
1922ع ۾ پئسن جي کوٽ سبب ڪم بند ڪرڻو پيو. رئيس
وڳڻ هن ڪم کي پوري ڪرڻ لاءِ سرڪار کان قرض کڻڻ جي
ڪوشش ڪئي، جيڪو غالباً نامنظور ٿيو.
سن 1939ع جي شروعات ۾ خانبهادر نبي بخش محمد حسين جو ڀاءُ
خانبهادر عبدالقادر دادو ضلعي جو ڪليڪٽر ٿي آيو،
جنهن انهيءَ وقت جي ”سيري ڪميٽيءَ“ کان پنج هزار
رپين جي رقم منظور ڪرائي. ياد رهي ته سيريءَ
ڪميٽيءَ جو ڪم ئي هو درگاهن جي مرمت وغيره ڪرائڻ.
خانبهادر عبدالقادر انهيءَ ڪميٽيءَ جو صدر هو. هن
سيري ڪميٽيءَ کي سرڪار طرفان باقاعدي زمين ڏنل
هئي، جنهن جي پيدائش مان درگاهن تي خرچ هلندو
رهندو هو. بهرحال ساڳئي مستريءَ جي نگراني هيٺ
برابر 17 سالن کان پوءِ وري ڪم چالو ٿيو ۽ سيپٽمبر
1939ع ۾ اهو ڇٽ ۽ ڪٽهڙو ٺهي جڙي تيار ٿي تربت تي
لڳي ويو.
درگاهه جي ڏکڻ طرف هڪ شاهي سونو دروازو به لڳي چڪو آهي. هي
دروازو ٻه طاقو آهي. هڪڙي طاق تي قلندر شهباز جو
نالو:
سيد عثمان بن سيد ڪبيرالدين ابراهيم ۽ ٻئي طاق تي
سندس وفات وارو سال 673 اڪيريل آهي. ٻنهي طاقن تي
آية الڪرسي ويندي والله سميع عليم تائين ميناڪاري
سان اڪيريل آهي. هن سوني دروازي کان سواءِ به
درگاهه تي سنگمرمر جو وڏو ڪم ٿي چڪو آهي. نه رڳو
درگاهه تي پر حڪومت طرفان سيوهڻ شهر جي سڌاري ۽
واڌاري جي رٿا هيٺ سڄي شهر ۾ وڏو ڪم هلي رهيو آهي.
قلندر جو ميلو
قلندر شهباز جو ميلو هر سال شعبان مهيني جي 18، 19 ۽ 20
تي لڳندو آهي. ميلي جي وچين ڌمال وڏي ڌام ڌوم سان
لڳندي آهي. سنڌ صوبي جو هي ميلو پهريون نمبر ليکيو
ٿو وڃي. پهرين هزارن جي تعداد ۾ ۽ هاڻي لکن جي
حساب سان ماڻهو هي ميلو ڏسڻ ايندا آهن. سنڌ،
پنجاب، سرحد، بلوچستان، افغانستان، ايران ۽
هندستان کان ڪهي ماڻهو، بنا ڪنهن مذهبي ويڇي جي،
هي ميلو ڀيٽڻ ايندا آهن.
سيوهڻ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي درگاهون ۽ مَسندون آهن. جن سڀني جو
گهڻو ڪري قلندري درگاهه ۽ مسند سان ڳانڍاپو آهي.
هنن مسندن کي ”ڪافي“ ڪري ڪوٺيندا آهن. جيئن ته:
بادشاهه سخي بودلي بهار جي ڪافي، جمن جتيءَ جي
ڪافي، وغيره، وغيره
**** |