سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب:صوفي لا ڪوفي

باب: 4

صفحو : 4

 

عمده تعليم ۽ ترقي پسند زندگي

 [علامه صاحب 5 مئي 1966ع تي سنڌيونيورسٽيءَ طرفان منعقد ڪانوويڪشن جي موقعي تي هيءَ تقرير ڪئي. انهيءَ موقعي تي يونيورسٽيءَ طرفان کيس ڊاڪٽر آف لا جي اعزازي ڊگري ڏني وئي هئي. [

توهان مون کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏيئي، جيڪا عزت افزائي ڪئي آهي، تنهن جو مون کي احساس آهي. پر بعد جي مايوسيءَ کان بچڻ لاءِ، مون کي اهو ٻڌائڻ جي اجازت ڏيو ته آءٌ بلڪل ابتدائي معاملن بابت ۽ عام ماڻهوءَ جي روزمره واري ٻوليءَ ۾ ئي ڪجهه چوڻ گهران ٿو، ڦوڙاٽ لفظن ۽ پيچيده جملن کان پرهيز ڪئي ويندي. البت جيستائين مضمون جي موضوع جو تعلق آهي ته مون کي فلسفيانه يا اعلى معاملن تي به طبع آزمائي ڪرڻ جو خيال نه آهي، پر رڳو رواجي صداقتن تائين پاڻ کي محدود رکندس، مون کي خبر آهي ته اها ڳالهه معمول جي خلاف لڳندي، ڇاڪاڻ ته اهڙن موقعن تي ۽ انهن معاملن تي، ان طريقي سان ڳالهائڻ جو رواج نه آهي، جيڪو آءٌ اختيار ڪرڻ گهران ٿو.

مختصر اهو ته مون پنهنجي هن بحث جو موضوع اخبارن جي سرخين مان چونڊيو آهي، جيڪي اڄڪلهه نظر اچن ٿيون مثال طور: ”اسان کي اسلامي تعليم گهرجي“ ۽ ٻيو ته ”هي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو زمانو آهي.“

آءٌ حيران آهيان ته انهن جو پاڻ ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي، انهن جو پاڻ ۾ ڪو سٻنڌ آهي يا ناهي؟ شايد ان جو مطلب هي هجي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جديد زماني جون واحد خصوصيتون آهن يا وري اسلامي تعليم اهڙي شيءِ آهي، جا اڃا هاڻ ٿي رواج ۾ اچي!

في الحال اسان ”سائنس ۽ ٽيڪنالاجي“ سان شروعات ڪريون ٿا. ”سائنس“ لاطيني ٻوليءَ جو هڪ لفظ آهي، جنهن جو جيڪڏهن اسان سولي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪنداسين ته ان جو مطلب ٿيندو ”علم“ يا ”ڄاڻڻ“ لفظ ٽيڪنڪ (ڪنهن به فن، هنر يا صنعت) جي معنى آهي ڪنهن رِٿ يا نقشي کي عمل ۾ آڻڻ جو طريقو. هاڻ مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته انهن ٻنهي کي ”جديد دؤر“ جي خصوصيت ڇو ڏسڻ گهرجي؟ مون کي لڳي ٿو ته اهو ”جديد“ لفظ اڄڪلهه هڪ ڀوت بڻجي پيو آهي ۽ موقعي مهل کانسواءِ پيو استعمال ٿئي، ۽ ان ڪري پاڻ خيالات ۾ مونجهارو ٿو پيدا ڪري، جيستائين منهنجي معلومات جو تعلق آهي، ”ڄاڻڻ“ جي ڪوشش ۽ ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ٽيڪنڪ جو استعمال؛ اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي نه رڳو آڳاٽي انسان کي حاصل هيون پر سندس آباؤ اجداد ويندي پکين ۽ جانورن کي به اينديون هيون، ڏک جي ڳالهه آهي ته ارتقا جو نظريو، جيڪو چوڏهن سؤ سال اڳ مذهبي طور متعارف ڪرايو ويو هو، تنهن ڏانهن اڄ سوڌو تعليمي ادارن ۾ ايترو ڌيان نٿو ڏنو وڃي جيڏو ان جو حق آهي. توڙي جو ابن مسڪويه (1) ان جا تفصيلات تيار ڪيا، ۽ مولانا رومي (2) ڊارون (3) کان به ڇهه سؤ سال اڳي ان کي اهڙو عام فهم بڻايو جو عام ماڻهوءَ کي به ان کي سمجهي ٿي سگهيو؛ ان هوندي به پڙهندڙن ۾ ان لاءِ ايترو چاهه پيدا نه ٿيو آهي، جيترو هئڻ گهربو هو. ان جو مکيه سبب اهو آهي ته پراڻن مذهبن جي پوئلڳن کي هيءَ راءِ اختيار ڪرڻ ڏکي پئي لڳي ته مذهب پڻ انسانذات سان گڏوگڏ وڌيو، ويجهيو ۽ اُسريو آهي. اهي اڃا تائين هيءُ سوال پڇي رهيا آهن: ڇا مذهب به تاريخي آهي؟

اڄ انساني دنيا هڪ ڪربناڪ تصوير پيش ڪري رهي آهي اها هڪ جهنگ ۾ ڦاٿل آهي ۽ پنهنجي واٽ وڃائي ويٺي آهي. اهو محسوس ڪرڻ لاءِ ڪنهن وڏي اوک ڊوک جي ضرورت به ناهي، ڇو ته نهايت ابتدائي ڳالهين کي به نظرانداز ڪيو ويو آهي، جنهن مان هيءَ حقيقت ثابت ٿئي ٿي ته منجهيل سٽ وڌيڪ منجهي پيو آهي. اسان ڏسي رهيا آهيون ته ٻه بانڪا جوان جيڪي ان ۾ پوري تيز رفتاريءَ سان ڊوڙي رهيا آهن پر انهيءَ لاءِ نه ته پنهنجو وڃايل رستو ڳولي لهن، بلڪ ان لاءِ ته هڪٻئي کان گوءِ کڻي وڃن ۽ اهڙي طرح انهن جي حالت عربي مقوليءَ نار ۾ ڦرندڙ گڏهه جهڙي آهي جيڪو مقرر دائري کان ٻاهر ويندو ئي ڪونه!  وڌيڪ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ”باقي انسانيت“ تي پڻ اهو منظر حاوي آهي، سا به يا ان کي روڪڻ لاءِ رڙ ڪرڻ کان سواءِ، ان سان گڏ هلي رهي آهي، تنهنڪري پنهنجي وڃايل واٽ کي ڳولهي لهڻ لاءِ اسان وٽ رڳو هيءَ راهه کليل آهي ته اسان، جيڪڏهن ممڪن ٿي سگهي ته پوئتي موٽي، رستي جا اهي نشان ڳولهيون، جتان اسان پنهنجي واٽ وڃائي غلط رستو اختيار ڪيو هو.

هاڻي اسان پنهنجي موضوع ”ٽيڪنڪ“ ڏانهن واپس اچون ٿا ۽ اهو ڏيکارڻ لاءِ ته اسان ڪين هڪ پکيءَ جي زندگيءَ جو به حصو آهي، هتي هڪ مثال پيش ڪريون ٿا. اسان وٽ سنڌ ۾ هڪ ننڍڙو خسيس پکي آهي جيڪو پنهنجي چهنب سان ڪکن جو هڪ ننڍڙو آکيرو ٺاهيندو آهي. اهو اهڙو حيرت انگيز هوندو آهي جو ان کي ڪنهن عجائب گهر ۾ رکڻ جڳائي. اهو فن جو اهڙو نادر نمونو ٿئي ٿو جو ٻن هٿن وارو انسان به انهن ساڳين شين مان جيڪي پکي استعمال ڪري ٿو، اهڙو آکيرو ٺاهي نٿو سگهي. ڇا ان ۾ ڪا ”ٽيڪنڪ“ ڪونهي؟ هاڻي اچو ته اڃا اڳڀرو ٿيندي پٿر واري دؤر جي ٽيڪنڪ ڏانهن وڌون، جڏهن انسان کي رڳو پٿر جا ٺهيل اوزار ميسّر هئا. اسان ان ماڻهوءَ بابت ڇا چئون ها، جيڪو لوهه کي ڳاري منجهانئس اوزار ٺاهڻ کان پوءِ به پٿر واري دؤر ۾ مروج اوزارن کي چنبڙيو ويٺو هجي ها. ساڳي ڳالهه هٿ جي آڏاڻن ۽ ڪلن، سڙهه تي هلندڙ ٻيڙين ۽ سامونڊي جهازن جي باري ۾ به چئي سگهجي پئي؛ تان جو اسين بجليءَ تي پهچون ٿا، جنهن هڪ عامل جي حيثيت ۾ اسان جي ٽيڪنڪ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي مطلب ته اهڙي عامل جي دريافت سان ٽيڪنڪ به ڦرندو رهيو آهي، ليڪن ان جو حاصل مطلب اهو ئي ساڳيو هو، جيڪو قديم زماني ۾ هو، يعني ته خوراڪ حاصل ڪرڻ ۽ دشمن جي حملي کان پاڻ بچائڻ. مختصر لفظن ۾ هينئن چئجي ته پنهنجي ذات جي حفاظت ۽ نسل جي بقا. وري اهي ”بک“ ۽ ”ڊپ“ ئي ته آهن جن لاءِ اهي سڀ ٽيڪنڪ استعمال ڪيا وڃن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو آدجڳاد کان هر جاندار شيءِ يعني ٻوٽي کان وٺي ماڻهوءَ تائين پڻ اهي سڀني جون خصوصيتون پئي رهيون آهن.

هاڻي اسان سمجهي سگهون ٿا ته ڪنهن هڪ دؤر کي ٽيڪنالاجيءَ جو دؤر سڏڻ ڪيڏو نه غير منطقي ۽ غلط آهي. البت انهيءَ جو اسان هي مطلب ڪڍي سگهون ٿا ته انهيءَ دؤر ۾ هر شيءِ، ويندي انسان ذات سوڌو پاڻ کي انهيءَ مقصد لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي، مسلمانن جي حيثيت ۾ اسان اهو به چئي سگهون پيا ته هي اهو دؤر آهي جنهن ۾ ”حلال“ ۽ ”حرام“ جي ڪا تميز نٿي ڪئي وڃي ”ڦٻايو، جيڪي ڦٻائي سگهو ٿا“، جتي قاعدو بڻجي پوي يا جتي پاڻ کي بک ۽ ڊپ کان بچائڻ لاءِ غلط يا صحيح نموني ۾ طاقت حاصل ڪئي وڃي؛ ته اها ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. اها تمام پراڻي ڳالهه آهي.

گهڻو گهڻو عرصو اڳ بلڪ ان کان اڳي جڏهن انسان پاڻ کي اخلاقي جانور سڏائڻ لڳو يا هي سمجهڻ لڳو ته هو محض انساني جبلتن يا مسلمانن جي اصطلاح ۾ پيٽ ۽ جنس جي پيدائشي غلام کان بهتر آهي؛ تڏهن اها حالت هئي. بهرحال هي تمام وڏو بحث آهي.

اسان ان موضوع کي لاچار اتي ئي ڇڏيون ٿا ڇو ته اڄڪلهه تعليمي ادارا به ان جو پوريءَ ريت مطالعو نٿا ڪن. علم نباتيات جي استادن کي جيڪڏهن اهو ٻڌائجي ته پنن کي به اکيون آهن ۽ انهن به اهي اکيون انهن ئي وسيلن ذريعي حاصل ڪيون آهن، جن سان انسان حاصل ڪيون، ته جيڪر هو کلي ڏيئي. حياتيءَ بابت علم گڏ ڪرڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن مقصد لاءِ علم پرائڻ جي اُنس، هڪ عجيب صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. ڊاڪٽر جي ڊگري حاصل ڪرڻ جو خواهشمند شاگرد ٻه سال انگلينڊ ۾ ته رهي ٿو، پر ڪڏهن به اها خواهش محسوس نٿو ڪري ته ڪنهن ڏينهن ٻهراڙيءَ ۾ وڃي اتان جي جهنگلي گلن سان واقفيت وڌائي ۽ کين ٻارن ۾ اڀرندو ۽ اُسرندو ڏسي. اهڙيءَ طرح هن کي پنهنجي ملڪ جي لفظ ”بسنت“ جي به شايد ڪا خبر هجي. باقي ”اڇي گل“ (Snow Drop) ۽ ”هئڊي گل“elandive)   (Lesser Cجو ذڪر ته گهڻو پري رهيو.

في الحال ٽيڪنڪ جي بحث کي اتي ڇڏي، اسان سائنس طرف اچون ٿا، هن ڳالهه جي شروعات اسان هن ريت ڪريون ٿا ته اسان جي ملڪ جو ڪانءُ، جيڪو وقت بوقت پنهنجي ڪان ڪان سان اسان کي تنگ ڪرندو رهي ٿو، سو ڪيتري قدر نه سائنسدان يا صاحبِ اخلاق آهي! هو نهايت چالاڪيءَ سان نه رڳو ٻار جي هٿ مان پر سِرڻ جي چهنب مان پڻ کاڌي ڇڏائڻ جو هنر ڄاڻي ٿو، کيس خبر آهي ته سِرڻ لامارو ڏيئي هيٺ اڏامڻ ۾ ايترو تيز ناهي، تنهنڪري هو سِرڻ کي پنهنجي چهنب ۾ جهليل شيءِ کي هيٺ ڪيرائڻ لاءِ تنگ ڪندو آهي، ۽ جيئن ئي اها شيءِ هيٺ ڪرندي آهي ته هيءُ ان کي جهٽي وٺندو آهي. مون پاڻ سندس سخت ڪوشي ۽ جانفشاني ڏٺي آهي، جڏهن ڪيترا ڀيرا کيس ڄاڻي واڻي مانيءَ جو سڪل ٺوٺ ٽڪر اڇلائي ڏنو هوندم، انهيءَ لاءِ ته ڏسان ته هو ان کي ڪهڙيءَ ريت ٿو کائي، پهريائين ان کي کائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، بعد ۾ هو يڪدم ان کي کڻي پاڻيءَ جي ڪنهن پاٽ تي پهچندو آهي ۽ سڪل ٽڪر کي ان ۾ ٻوڙي نرم ڪندو آهي تنهن کان پوءِ مزي سان ويهي ان کي کائيندو آهي. قديم  مذهبي ڪتابن مان پڻ معلوم ٿيو آهي ته انسان مڙدن کي دفن ڪرڻ جو عقل به ڪانءُ کان سکيو. امام غزالي (4) چوي ٿو ته مون حقني جو استعمال ڪانءٌ کان سکيو، هن هڪ اهڙو ڪانءُ ڏٺو جنهن کي قبضيءَ جي شڪايت هئي، ڏٺائين ته اهو پنهنجي پيٽ آجي ڪرڻ لاءِ  چهنب ۾ پاڻي ڀري اندر وجهي رهيو هو، ڪنهن به ماڻهوءَ ڪانءُ کي عام ماڻهن جي سامهون لَڳُ ڪندي نه ڏٺو آهي. انهيءَ لحاظ سان ته هو ڪن انسانن کان به وڌيڪ شائسته ۽ تخليه پسند نظر اچي ٿو.

جيستائين کيس ڦاسائڻ لاءِ وڇايل ڄارن مان سواءِ ڪنهن ٻاهرين مدد جي پاڻ کي بچائڻ جو تعلق آهي ته هو اهو سڀڪجهه اڪيلي سر پنهنجي چالاڪيءَ ۽ ڦڙتائيءَ سبب ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح سندس سماجي زندگيءَ بابت ڇا نٿو چئي سگهجي. هو پنهنجي هم جنسن جي ضرورت مهل مدد ڪندو آهي ۽ کين سڏ ۾ سڏ ڏيندو آهي، بهرحال هو پنهنجي زندگي اهڙي حيرت انگيز نموني ۾ گذاري ٿو، جو ٻه سؤ سال جيئرو رهي سگهي ٿو. جڏهن هو قدرتي موت مرندو آهي، تڏهن ڪنهن کي به اها خبر نه پوندي آهي ته هو ڪهڙي هنڌ پنهنجا پساهه پورا ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هو اهڙي هنڌ هليو ويندو آهي جو ٻئي ڪنهن کي به اها خبر نه پئجي سگهندي آهي ته هو فلاڻي هنڌ مئل پيو آهي.

مطلب ته اسان ڏٺو ته حياتيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ علم جو استعمال هرهنڌ موجود آهي. اهو رڳو موجوده دؤر يا انسان جي خصوصيت ناهي، جيئن اسان ٽيڪنڪ جي معاملي ۾ ڏٺو، بلڪل ساڳيءَ ريت سائنس جي معاملي ۾ به، رڳو علم حاصل ڪرڻ جا طريقا بدلجن ٿا.

انسان ٻٽاڪ هڻي ٿو ته سندس ”ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو مقصد“ ٻي هيٺانهين مخلوق کان وڌيڪ اعلى، افضل ۽ اوچو آهي، پر افسوس جو اسان جو اڄ جو شاگرد انهيءَ مفروضي جي حمايت ۾ ڪوبه دليل پيش نٿو ڪري، بلڪ مقصد اهو ئي ساڳيو نظر اچي ٿو يعني کاڌو حاصل ڪرڻ ۽ خوف کان آجو رهڻ.

دراصل علم ۾ اضافي جو قرآن شريف جيڪو تفصيلي طريقو ٻڌايو آهي، تنهن کي به اسان سائنس جي نالي سان سڏيندا آهيون. ليڪن ان ۾ پراڻن طريقن ۾ هي فرق آهي جو علم محض جذبات، الهام، جمالياتي احساس يا محض عقيدي جي ذريعي حاصل نٿو ٿئي، پر ان لاءِ هر ڏس ۾ فطرت جو ارادي ۽ شعوري مشاهدو ضروري آهي؛ وڏي ڳالهه ته ان ۾ انسان جو مَنُ ۽ سندس ماضي به شامل آهن. اهڙيءَ طرح جيڪو علم تجربي جي ذريعي حاصل ٿئي ٿو، جيڪو رياضيات ۽ منطقي لحاظ کان صحيح ٿئي ٿو، سو آخر ۾ انهن عمومي اصولن اخذ ڪرڻ جو بنياد بڻجي وڃي ٿو، جن کي اسين فلسفيانه سڏيون ٿا. ڪافي عرصي تائين تنگ نظر، متعصب، ڪينه پرور ۽ خودسر ماڻهن تاريخ سان هٿ چراند ڪري انهيءَ حقيقت کي به اوجهل ڪرڻ ٿي گهريو، پر ڇاڪاڻ ته ان کي لڪائڻ ڏکيو ڪم هو. هن ڳالهه جي وڌيڪ وضاحت خاطر ته ان وقت سائنس لفظ جي ڪهڙي معنى هئي، هتي اسان البيروني (5) جو هڪ اقتباس پيش ڪريون ٿا:

”اوهان کي اڪثر ڏسڻ ۾ ايندو ته هندن جا نام نهاد سائنسي سڌيان (Theorems) به بلڪل منجهيل حالت ۾ آهن. اهي منطقي ربط کان خالي ۽ عام ماڻهن جي احمقانه اوهام سان پر آهن، آءٌ سندن رياضيءَ ۽ هيئت جي ادب کي موتين ۽ ڇيڻن يا هيرن ۽ پٿرن جي ڳڙڌاڻيءَ سان پيش ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان.

انهن جي نظريي ۾ ٻئي شيون برابر آهن، ڇاڪاڻ ته هو خالص سائنسي طريقن اختيار ڪرڻ جي حد تائين ڪونه پهچي سگهيا آهن.

هو چوي ٿو:

مشهور ڪتاب ”سڌانتا“ جيڪو بغداد موڪليو ويو هو، تنهن جي پهرئين باب ۾ هڪ هنڌ برهما گپتا چوي ٿو: هر سج گرهڻ راڪش ”دئيته“ جي دشمنيءَ سبب ٿئي ٿو، جنهن جي سسي وشنو ديوتائن سان امرت ۾ شريڪ ٿيڻ ڪري وڍي ڇڏي هئي. هن جو ڌڙ ته مري ويو هو، پر سندس سسي ان امرت جي ڪري سلامت رهي. وشنو بهرحال هن کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ کيس سورڳ ۾ پهچايو. برهما گپتا ان کان پوءِ چوي ٿو ته هر سج گرهڻ انهيءَ سسيءَ جي ڪاوڙ ۾ اچڻ سبب ٿئي ٿو، ۽ اها سسي ڪوشش ڪندي آهي ته چڪ هڻي سج کي ڳڙڪائي وڃي.“

اهڙي طرح هو آريا ڀاٽيا جي نظريه هيئت موجب سج اڀرڻ ۽ لهڻ بابت پڻ هن ريت ٻڌائي ٿو:

”ڪُوهه ميرو جو دلپذير جبل ان ٿنڀ جي هيٺان واقع آهي ۽ تارا ان جي تري ۾ چوگرد ڦرن ٿا. اهو سندس چوٽيءَ جو اثر آهي جو سج ۽ چنڊ نظر اچي سگهن ٿا.

اتي البيروني چوي ٿو ته جيئن جيئن مون انهن کي اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته دنيا جي جاگرافيءَ ۾ اهڙي ڪنهن به ڪوهه ميرو جو ذڪر ناهي، تئين تئين انهن مون کي بيوقوف ۽ منافق پئي سمجهيو ان وقت علم حاصل ڪرڻ جي ذريعن جي اها حالت هئي، هن کان پوءِ هو انهن ماڻهن جي ڪردار جو هيٺين لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:

”هندن جو هيءُ عقيدو آهي ته اهي هنن ملڪن جهڙو ٻيو ڪو ملڪ ناهي، ڪو به بادشاهه هنن جي بادشاهه جهڙو ناهي، ڪو به مذهب هنن جي مذهب جهڙو ناهي، ڪا به سائنس هنن جي سائنس جهڙي ناهي، هو مغرور، خود پسند ۽ هوڏي به آهن. هو جيڪي پاڻ ڄاڻن ٿا، سو ٻين تائين پهچائڻ جي معاملي ۾ به طبعاً بخيل آهن. اهي پنهنجن ماڻهن ۾ به ذات وارن ماڻهن تائين علم کي پهچڻ کان روڪڻ لاءِ ڏاڍي خبرداريءَ کان ڪم وٺن ٿا. ڌارين جي معاملي ۾ ته هو تمام گهڻو خبردار آهن. سندن عقيدي مطابق انهن جهڙو انسان جو ڪوبه نسل نه آهي ۽ انهن کان سواءِ ٻي ڪا به اهڙي مخلوق ناهي، جنهن کي سائنس جو ٿورو به علم هجي. هنن جو تڪبر ۽ وڏائي ايڏيءَ حد تائين پهتل آهي، جو اوهان جيڪڏهن کين ٻڌائيندا ته خراسان يا ايران ۾ به ڪا سائنس يا ڪو عالم موجود آهي، ته اهي اوهان کي ڪوڙو ۽ احمق سمجهندا. جيڪڏهن هو دنيا جو سفر ڪن ۽ ٻين قومن سان لهه وچڙ ۾ اچن، ته مون کي اميد آهي ته اهي پنهنجا خيالات تبديل ڪندا.“

البيرونيءَ جا حوالا نه رڳو انهيءَ ڪري پيش ڪيا اٿم ته ڏيکاري سگهان ته علم حاصل ڪرڻ جي معاملي ۾ ماڻهو تنقيد جي جذبي کان ڪيڏا نه ڪورا هئا. پر هن لاءِ به ته سفر تي مذهبي پابندين جو ڪهڙو اثر پيو. اوڻويهين صديءَ جي شروع ۾ مسٽر دت نالي بنگاليءَ کي جيڪو آءِ- سي- ايس (I.C.S) هو، فقط هن ڪري برهمڻ ذات مان ڪڍي ڇڏيو هو، جو هو ڪارو پاڻي يعني سمنڊ پار ڪري انگلينڊ پهتو هو.

سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي وڌيڪ ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ کان سواءِ اسان ”اسلامي تعليم“ جي موضوع ڏانهن اچون ٿا، هتي پڻ اسان پهرين ”تعليم“ سان شروعات ڪريون ٿا، اڄڪلهه اسين سمجهون ٿا ته تعليم جو مطلب آهي لکڻ پڙهڻ، اسڪول ۾ وڃڻ ۽ لکڻ ۽ پڙهڻ سکڻ. پر اڳئين زماني ۾ ائين ڪونه هو. عوام الناس لاءِ تعليم پرائڻ جا ٻيا ذريعا هئا. ان وقت اسڪول ڪونه هئا، پر وڌيڪ خراب ڳالهه اها هئي ته عام ماڻهوءَ کي انهن نشانن کان روشناس نٿي ڪرايو ويو، جن ذريعي ڳالهايل لفظن کي لکت ۾ آندو ٿي ويو. ذات پات جو فرق ايڏو ته شديد هو، جو رڳو پادري ۽ پروهت ئي مذهبي ڪتاب پڙهي سکي ٿي سگهيا.

”تعليم“ لفظ جيڪو اڄڪلهه انهيءَ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، تنهن جي معنى آهي ”رهنمائي ڪرڻ“ اهو لفظ پاڻ ڪو ايڏو پراڻو ڪونهي. البت جنهن قسم جي رهنمائي لفظ تعليم ۾ مضر آهي، اهو مقصد ڪنهن جادوگرياڻي جي اوهام پرستيءَ جهڙو آهي. جنهن جي پورائي ان ڪري ضرور آهي ته جيئن ديوتائن جي ڏمر ۽ غضب کان پاڻ بچائي سگهجي. اها هڪ قسم جي رهنمائي هئي، پر جڏهن لکڻ پڙهڻ جو فن مروج ٿيو، تڏهن ان کي ڪنهن معزز ماڻهوءَ لاءِ ضروري نٿي ليکيو ويو، بلڪ ان جي برعڪس جڏهن کترين، سڄي آريائي دنيا ۾ برهمڻن کان هن ڪري اقتدار کسي ورتو، جو فوج جي رهنمائي ۽ ماڻهن جي حفاظت جا ضامن هو پاڻ هئا؛ تڏهن انهن به لکڻ پڙهڻ کي، پنهنجي مرتبي کان هيٺ سمجهيو. خود اسان جي زماني ۾ اسان اهو تعصب ڏٺو ته ڪي لکيل پڙهيل مهاراجا ۽ شهزادا به ڄاڻي ٻجهي ائين صحيحون ڪندا هئا، ڄڻ ته اهي ڪڏهن اسڪول ويا ئي نه هئا، هو اِهو ڏيکارڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا ته اسان ”صاحب شمشير“ آهيون ۽ نه ”صاحبِ قلم.“ اسان شهزادا آهيون ۽ نه ڪي پنڊت، لکڻ پڙهڻ ڪلارڪن ۽ مشين جو ڪم آهي ۽ نه ڪي شهزادن جو. سڄي دنيا ۾ سڀني آريا لوڪن ۾ اهو ئي رواج هو. انگلينڊ جي اڪثر نارمن بادشاهن (6) کي اها خبر نه هئي ته صحيح ڪيئن ڪجي. رچرڊ ”شيردل“ (7)، جيڪو صليبي جنگين ۾ سلطان صلاح الدين (8) سان وڙهيو هو، انهن مان هڪ هو. مون کي خبر ناهي ته صلاح الدين کي انهيءَ حقيقت جي ڄاڻ هئي يا نه! البت جيڪڏهن کيس اها خبر پوي ها ته هڪ بادشاهه کي پنهنجي نالي جي صحيح ڪرڻ به نٿي اچي ته حيرت ۾ ضرور پئجي وڃي ها. پر معاملو هتي ختم نٿو ٿئي. بلڪ جيمس (9) ۽ هن کان پوءِ جي وقتن ۾ پادري لوڪن جي تعليم جو سوال نهايت سنگين مسئلو بڻجي پيو هو، ڇو ته اها اميد ڪئي وئي ته گهٽ ۾ گهٽ پادرين کي ته انجيل پڙهڻ اچي ها. ان وقت اسڪولن جو نانءُ نشان ڪونه هو. البت اهو فريڊرڪ ٻيو (10) ئي هو جنهن پهريون ڀيرو عربن ۽ يهودين کي جرمنيءَ ۾ آندو، ۽ اها پراٽيسٽنزم (11) جي يورپ ۾ پيش قدميءَ کان ڪيئي صديون اڳ جي ڳالهه آهي، پراٽيسٽنزم، کي چيسٽرٽن (12) (Chesterton) ”ناجائز اسلام“ جو نالو ڏئي ٿو يا ان کي ”ٻئي درجي جو اسلام“ ڪوٺي ٿو. هو چوي ٿو: آءٌ پراٽيسٽنٽ ٿيڻ جي بدران مسلمان ٿيڻ کي وڌيڪ بهتر سمجهان ٿو.“ اها به ان وقت کان ڪيئي صديون پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن راجر بيڪن (13) عربي سکڻ ۽ سائنسي تعليم پرائڻ لاءِ پنهنجي ملڪ  مان روانو ٿيو هو ۽ موٽي اچڻ تي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي اها صلاح ڏني هئائين ته تعليم حاصل ڪرڻ جو ان کان سواءِ ٻيو ڪو به ذريعو ڪونهي ته پهرين عربي ٻولي سکي وڃي. اهو آهي تعليم پرائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جي سکڻ جي خيال جو عام نظريو. بهرحال حيرت جي ڳالهه اها آهي جو ذري گهٽ اسان جي زماني تائين به. رومن ڪئٿولڪ فرقي جا پادري هن ڳالهه تي زور ڏيئي رهيا آهن ته عوام جي ”ڌڻ“ کي نڪي انجيل پڙهڻو آهي ۽ نه ان کي سمجهڻو آهي؛ بلڪ اهو ڪم پادرين ۽ پروهتن کي ڪرڻو آهي. پادري ۽ پروهت کي مشهور پيورٽين (Puritan) شاعر ”ملٽن“ (14) انڌا منهن“ (Blind Mouth) ڪوٺيو آهي، جيتوڻيڪ لفظ پادري جي معنى آهي روشن ضمير ۽ پروهت جو مطلب آهي پاسبان. ليڪن ملٽن جو چوڻ آهي ته اهي روشن ضمير ۽ پاسبان هجڻ بدران حقيقت ۾ عقل جا انڌا آهن.

هڪ طرف دنيا جي انهيءَ حالت کي ڏسو ۽ ٻئي طرف هن مذهبي حڪم تي غور ڪريو ته ”قلم ذريعي لکو، پڙهو ۽ علم  حاصل ڪريو، جيڪو هر مرد توڙي عورت تي فرض آهي.“ بلڪ هي دنيا ڪريو: ”اي خدا، مون کي علم عطا ڪر.“ وڌيڪ هيءُ ته سڄي ڪائنات (طبعي، سماجي ۽ نفسياتي) جو مشاهدي ذريعي علم حاصل ڪريو، قرآن، رهنمائي جي ٻن طريقن جو ذڪر ڪيو آهي، هڪ اونداهيءَ مان سوجهري ۾ داخل ٿيڻ جو ۽ ٻيو سوجهري مان اونداهي طرف گهلجي وڃڻ جو. هتان ئي لفظ تعليم جو پتو پوي ٿو. جئن اڄ اسان  ان کي سمجهون ٿا. صحيح تعليم ۽ غلط تعليم، چڱي تعليم ۽ خراب تعليم. اهو فيصلو ڪنهن کي ڪرڻو آهي ته چڱو ڇا آهي ۽ خراب ڇا آهي؟ فقط انهيءَ ماڻهوءَ کي جنهن کي انسان جي ابتدا ۽ منزل جي ڪجهه نه ڪجهه ڄاڻ آهي، جنهن کي خبر آهي ته هو ڇا هو ۽ ڪهڙيءَ طرح انهيءَ منزل تي تيزيءَ سان پهچي سگهي ٿو، جيڪا قدرت هن لاءِ مقرر ڪئي آهي. هو ڪٿان نه ڪٿان آيو آهي ۽ ڪٿي نه ڪٿي کيس وڃڻو ئي آهي. پر هڪ ڳالهه جي پڪ آهي ته انڌو انڌي جي رهبري نٿو ڪري سگهي، نه ئي وري سُتل ستل کي جاڳائي سگهي ٿو.

مطلب ته اهڙيءَ ريت اسين تعليم جي انهن صفتن تائين پهچي وڃون ٿا، جن جي آڌار تي اسان جائز طور اسلامي تعليم، ٻوڌي تعليم ۽ مسيحي تعليم تي بحث ڪري سگهون ٿا. پر بدقسمتي سان اسان تعليم جي اڳيان اهڙي صفت لاڳو ڪئي آهي، جو ان کي پروڙڻ لاءِ انهيءَ سموري علم، سائنسي توڙي ٻئي کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، جيڪو هن وقت دنيا ۾ موجود آهي. اسلام کي گهڻو ڪري هڪ عقيدي يا مذهب جي صورت ۾ ڄاتو وڃي ٿو. سوال آهي ته ان کان اڳ ڪهڙا مذهب هئا ۽ ڪهڙا اڃا به موجود آهن؟

                ڇا اهي  سڀئي تاريخي اهميت جي لحاظ سان هڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون آهن، يا سڀ پنهنجي سر ڌار ڌار آهن؟ انهن سڀني سوالن کي طئي ڪرڻ جي ضرورت آهي. البت هڪ نقطو اهڙو نمايان آهي، جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. اڳيان مذهب جيترو قديم آهن، اوترو سندن پوئلڳ ٻين مذهبن کي غلط سمجهڻ تي ضد ڪن ٿا. ان وقت ڪو يهودي هي تصور ڪري نٿي سگهيو ته ڪو ٻيو مذهب به قابلِ قبول ٿي سگهي ٿو، يا يهودين جي خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن خدا جي بندگي به ڪري سگهجي ٿي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن يهودين کي قبائلي سڏجي ته هر ڪٽنب جي خدا سان هڪ الڳ عقيدو موجود هو. اڄ کان هڪ صدي اڳ ڪوبه عيسائي هي قبول نه ڪري ها ته ٻڌمت به هڪ سچو مذهب آهي، ۽ نه وري ڪو ٻوڌي مڃي ها ته عيسائيت جهڙي شيءِ ۾ به ڪا سچائي ٿي سگهي ٿي. اها صورتحال قرآن مجيد جي هن دنيا ۾ ساندهه ٻارنهن سؤ سل موجود هجڻ کان پوءِ به قائم آهي. بهرحال دنيا جي ٻين مذهبن جي ڀيٽ ۾ قرآن مجيد جي اها نهايت غير معمولي خصوصيت آهي جو ان ٻين مذهبي ڪتابن ۽ پيغمبرن جو مطالعو انهن سڀني ماڻهن لاءِ لازمي قرار ڏنو، جيڪي اهو واقعي ڄاڻڻ گهرن ٿا ته مذهب جو مقصد ڇا آهي؟ بلڪ ان حقيقت تي بار بار زور ڏنو ته نه رڳو انسانذات جو، مگر پوري ڪائنات جو گهڻن بدران هڪڙو خدا آهي. انهن ڳالهين تي جهيڙو فساد ٻاراڻي ڳالهه آهي، دين جي معاملي ۾ زبردستي ڪم نٿي اچي سگهي. جنگ ۽ اڳرائيءَ کان پاڪ بقا ۽ باهمي ئي زندگيءَ جو واحد طريقو آهي، جيستائين سڄي انسانذات پنهنجا اختلاف، جيڪي پڻ چڱي مقصد لاءِ هئا، نبيري وٺن ۽ مٿن اهو واضح ٿئي ته سڀئي مذهب ۽ فلسفا هڪ ئي سلسلي جون مختلف ڪڙيون آهن ۽ ساڳي مقصد لاءِ آهن. اهڙيءَ طرح ورهاڱو ختم ٿيڻو آهي ۽ اتحاد ۽ توازن جي جاءِ والاريندا. اهو ئي اهو مقدر آهي جيڪو فطرت انسانذات لاءِ مقرر ڪيو آهي. ان ڪري اسلام توحيد جو حامي آهي، گهڻن بدران هڪ جو ۽ ڪثرت بجاءِ وحدت جو قائل آهي. تنهنڪري اها ڪا حيثرت جي ڳالهه نه آهي، جيڪڏهن اهو مذهب، ذات، نسل، رنگ ۽ جنس جا اختلاف ختم ڪري ڇڏي ۽ تعليم کي سڀني مردن توڙي عورتن لاءِ، غريب توڙي امير لاءِ، برهمڻ توڙي شودر لاءِ، نواب توڙي عام ماڻهو لاءِ، اعلى توڙي ادبي لاءِ، يوناني توڙي وحشين لاءِ لازمي قرار ڏئي.

بلڪ اسلام هن ڳالهه جو پڻ تاڪيد ڪري ٿو ته آئندي لاءِ ڪوبه ٻانهو نه هوندو، ڪوبه غلام نه هوندو، ڪوبه  پادري ۽ برهمڻ نه هوندو، ڪوبه سردار نه هو؛ ۽ آئيندي ڪوبه ماڻهو ڪنهن به فرد کي فقط انهيءَ عالمي قانون موجب جاچيندو، جنهن هيٺ هو پاڻ به گهرندو ته ٻيا کيس جاچين، انهيءَ موضوع تي تفصيلي بحث جو هيءُ موقعو مهل نه آهي. البت هتي اسين مسلمانن کي اهو چتاءُ ڏيڻ گهرون ٿا ته ٻين مذهبن جي پوئلڳن وانگر انهيءَ جهالت ۾ نه پون جو چون ته اڳيان  مذهب بيڪار هئا، ۽ اهي پنهنجي پنهنجي وقت ۾ سچ ۽ صداقت جا حامي نه هئا، هڪ مسلمان کي ائين هرگز نه چوڻ گهرجي، ٻيءَ حالت ۾ چئبو ته هن قرآن مجيد کي سمجهيو ئي ڪونه آهي. ڇو ته قرآن مجيد چوي ٿو ته سڀني نبين ۽ سڀني ڪتابن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ جيڪي به سيکاريو، سو حق هو، سچ هو. غلطي فقط ان وقت پيدا ٿي ٿئي جڏهن ڪو اهو ضد ٻڌي بيهي ته آءٌ پنهنجن ابن ڏاڏن جي نقش قدم کان ذرو به هيڏي هوڏي ڪونه ٿيندس. ڇو ته انهيءَ جو مطلب ترقي ۽ ارتقا، بلڪ خود زندگيءَ جو انڪار ڪرڻ آهي. توهان ماءُ جي پيٽ ۾ هجڻ، ان کان پوءِ ڄمڻ ۽ پنهنجي حياتيءَ تي پهرئين سال کانپوءِ واري واڌ- ويجهه تي غور ڪريو، اوهان کي محسوس ٿيندو ته توهين ان وقت گوشت کائي نٿي سگهيا، جڏهن اوهان جا ڏند نه نڪتا هئا، اهڙي طرح اوهان جي زندگيءَ جي چوٿين سال واريون گهرجون، چوويهن سالن واري عمر جي گهرجن کان مختلف آهن.

جيئن اسان اڳ ۾ به چئي آياسون، هن نقطي جي وضاحت لاءِ قديم تهذيب مان اسان صرف هڪ مثال پيش ڪريون ٿا، قرآن پاڪ مردن توڙي عورتن جي مشاهدي لاءِ جيڪي سوين موضوع پيش ڪيا آهن، يا جن بابت تحقيق ۽ جستجوءَ جي سمورن پهلوئن متعلق چيو آهي انهن مان هڪڙو نهايت اهم موضوع ڏينهن ۽ رات جي تبديلي يا انهن جو ٿيڻ آهي. هتي اسان ان مسئلي جي صرف هڪ پهلوءَ يعني ڏينهن ۽ رات جي ڦير-گهير يا گردش جو ذڪر ڪنداسين، اهو هن طرح ته جڏهن کان حرڪت جو وجود مادي ۾ مقيد ٿيو آهي، تڏهن کان وٺي حرڪت ۽ سڪون جي مسلسل گردش يا ڦير-گهير سبب ترقي يافته ”صورتن“ جنم ورتو آهي. وڻ جي هن ڪري تعريف ڪئي وڃي ٿي، جو جيئن پوءِ تيئن هو پنهنجون پاڙون زمين ۾ وڌيڪ اونهيون ڪندو وڃي ٿو، ۽ ان ڪري نه ته هو وَلِ وانگر رڙهندو وڃي ٿو، بلڪ انهيءَ آرام واري حالت ۾ به هو آسمان ڏانهن وڌندو وڃي ٿو. ساڳيءَ ريت عربي گهوڙي ۽ هرڻ جي ساراهه سندن سبڪ رفتاريءَ سبب ڪئي وڃي ٿي، وري هڪ خانه بدوش بدويءَ جي تعريف ان ڪري ڪئي وڃي ٿي جو هو سدائين رمندو ۽ پنهنجي ڌڻ جي قوت لاءِ نوان چراگاهه ڳوليندو رهي ٿو، جن سان نه رڳو هو پنهنجو پيٽ ڀري ٿو ۽ نوان ذائقا چکي ٿو، بلڪ پنهنجي زندگيءَ جي حفاظت به ڪري ٿو.

ليڪن اسان کي افسوس ٿئي ٿو، جڏهن هيءُ ماڻهو جنهن ”هر“ ۽ ”باهه“  جو استعمال ڳولي لڌو، انهيءَ خانه بدوش کي فقط هن ڪري برو ڀلو چوي ٿو، ڇو جو هو پاڻ زمين آباد ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي لاءِ گهر ٺاهي ٿو يا باهه کي ڏينهن رات ٻاري سگهي ٿو، حالانڪ پاڻ محافظ ديوتا (Janus) جي اڳيان سيس نمائي ٿو، سفر کي مذهب خلاف ناسور ڪوٺي ٿو، ملڪيت کي مذهبي رنگ ڏئي ٿو، پنهنجي نفعي خاطر ديوتائن سان لاڳاپي قائم ڪرڻ لاءِ  پورهيتن جو فرقو پيدا ڪري ٿو، ۽ اهو پختو يقين رکي ٿو ته ڪاسبي يا هٿ جو پورهيو ڪندڙ مزدورن کي غلامن وانگر ئي رکڻو آهي، ڇو ته اهي انسانيت کان ڪجهه گهٽ درجي وارا آهن.

هن جي نظر ۾ سچائيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪم زمين آباد ڪرڻ آهي. جنهن جي تصديق عظيم زردشت (15) پڻ ڪئي هئي. ليڪن هن لاءِ چڱي معاشري ۾ ذات پات جو ڀيد ڀاوَ لازمي امر هو، هو پاڻ کي ”آريو“ چوائي ٿو ۽ ٻين کي حقارت وچان اڻ- آريو يعني جهنگلي ۽ مليڇ ڄاڻي ٿو. هو ”ڳئون“ ۽ ”ڪتي“ جي پوڄا ڪري ٿو. ڳئون جي هن لاءِ جو اها گهر کي کير پياري ۽  ڪتي جي هن لاءِ جو هو گهر کي پهرو ڏئي ٿو. هتي اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته زندگيءَ جي ڪم ڪار کان وٺي باهه جي پوڄا تائين، محافظ ديوتا ۽ املاڪ جي تصور سوڌو، يا اڃا به ڳئون ۽ ڪتي جي پوڄا کان علاوه ديوتائن سان لاڳاپي رکڻ لاءِ ٻانڀڻ جي واسطي داري انهن سڀني ڳالهين جو مقصد انساني جان جي حفاظت ۽ انساني نسل جي بقا آهي؛ يا ٻين لفظن ۾ ”بک“ ۽ ”ڊپ“ کي پري رکڻ آهي يا هيئن چئجي ته کاڌو ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته اهو هڪڙو ئي مثال هن حقيقت کي واضح ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته ڪيئن نه مختلف مذهبن ۽ مختلف دستورن جو قدر پئي ڪيو ويو آهي، ۽ ڪيئن نه اهي پنهنجي وقت ۾ ضروري هئا، ۽ ڪيئن نه انسان هڪ حالت کان ٻيءَ حالت ڏانهن وڌندو رهيو آهي.

تنهنڪري هن مرحلي تي اسان چئي سگهون ٿا ته کيس پنهنجي آقائن ۽ پادرين طرفان جيڪي هدايتون پئي مليون، تن کي ”تعليم“ جو نالو ڏنو ويو آهي ڇو ته ان جو ڪارج اهو ساڳيو ئي آهي، هوڏانهن اسلامي تعليم جو مطلب قرآن پاڪ طرفان اهڙيون هدايتون ڏيڻ آهن جيڪي انساني زندگيءَ لاءِ موجوده ترقي پذير مرحلي تي ضروري آهن ۽ انهيءَ مرحلي جي نشاندهي به قرآن پاڪ پاڻ ڪئي آهي. اهڙي ڪابه ڳالهه جا هاڻوڪي مرحلي تي ترقيءَ کي نقصان پهچائي، سا غير اسلامي آهي. اهو مقصد جيڪو قرآن پاڪ انسانذات لاءِ متعين ڪيو آهي، تنهن کي جيڪا به شيءِ نقصان پهچائي، سا خراب تعليم آهي غلط تعليم آهي ۽ غير  اسلامي تعليم آهي. اها اهڙي ئي تعليم آهي جا اٽلندو سوجهري مان ڪڍي اونداهه ڏانهن گهلي وڃي ٿي.

هتي وري به آءٌ هڪڙي مثال تي اڪتفا ڪريان ٿو، چيو وڃي ٿو ته اڄوڪو انسان، خاص ڪري تعليم يافته طبقو ”ماده پرست“ آهي. مذهب جي لفظ کان ئي هن کي چڙ آهي. ڇا انهيءَ الزام ۾ ڪا صداقت آهي؟ جيڪڏهن هائو ته ڇو؟ اسان هن حقيقت کان انڪار نٿا ڪري سگهون ته اهڙا لکين انسان آهن، جيڪي پاڻ کي ملحد سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا؛ ۽ ٻيا لکين انسان اهڙا آهن جيڪي ان حد تائين ته ڪونه پهتا آهن پر پوءِ به هو فقط ٻن بتن جي پوڄا ڪن ٿا ۽ انهيءَ پوڄا کي جاري رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اهي ٻه بت آهن، جوان رهڻ لاءِ ڪيترن ئي ذريعن جو استعمال ڪرڻ ۽ هر قيمت تي لذت حاصل ڪرڻ، انهن ٻنهي کان مٿي هنن لاءِ ٻيو ڪو مقصد نه آهي. اڄڪلهه اهي لکين انسان زياده تر انهن ملڪن ۾ لڀن ٿا، جيڪي حضرت عيسى عليھ السلام (16) ۽ عيسائي مذهب تي ناز ڪن هئا. اهي ماڻهو حضرت عيسى عليه السلام جي هيٺين قولن کي مورڳو وساري ويٺا آهن، بلڪ انهن تان چٿرون لاهين ٿا (1)  انسان کي ان مان ڇا حاصل جو هو سڄي دنيا ته هٿ ڪري وٺي پر پنهنجو روح وڃائي ويهي (2) هيءَ حياتي وڃاءِ ته نئين حياتي ماڻين (3) اوهين جنت جي بادشاهي حاصل ڪريو، ٻيون شيون ان سان گڏ مهيا ٿي وينديون ۽ (4) ٻيو سڀڪجهه ڇڏي ڏيو صرف منهنجي پيروي ڪريو.

مون کي افسوس آهي ته اهو انهن قولن کي زندگيءَ جي اصولن طور اختيار ڪرڻ بدران انهن تي ٺٺوليون ڪن ٿا. آخر سبب ڪهڙو آهي؟ جيئن اسان اڳي ٻڌائي آياسون ته حضرت عيسى عليه السلام کان پندرنهن صديون پوءِ به پادري، تعليم کي ضروري نه سمجهندا هئا. تعليم جا جديد ادارا، طريقا ۽ مضمون سڀ جو سڀ ته مسلمانن وٽان نقل ڪيا ويا، باقي جنهن شيءِ کي نظرانداز ڪيو ويو، سو هو تعليم جو مقصد، اسلام سڀني ماڻهن لاءِ تعليم کي لازمي قرار ڏنو هو ۽ ان جي مقصدن ۾ اهو پراڻو مقصد به شامل هو، يعني ته کاڌ خوراڪ ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته بک ۽ خوف جي مقابلي واسطي اسلامي تعليم ۾ گنجائش هئي، پر ان جي طريقه ڪار موجب بک کي ختم ڪرڻ جي بدران ان تي غلبو حاصل ڪرڻو هو. اهڙيءَ طرح ان کي دشمن جي بدران هڪ محرڪ تصور ٿي ڪيو ويو، جنهن ذريعي ارتقا جي ترقي پسند راهه ۾ وڌيڪ خوبصورت مقامن تائين رسالي ممڪن ٿي سگهي ٿي. ليڪن يورپي ماڻهو جن وٽ اهي ادارا قائم ٿي چڪا هئا، تن جو واحد مقصد زمين ۾ قوت حاصل ڪرڻ هو، ڇاڪاڻ ته انهن ائين پئي سمجهيو ته مسلمانن به انهيءَ ذريعي سان زمين ۽ طاقت حاصل ڪئي آهي. خاص ڪري دولت انهن کي وڌيڪ هرکايو ڇو ته هنن ڏٺو ته اسين فقط هڪ صديءَ ۾ يورپ جي سڀني ملڪن جي گڏيل دولت کان به وڌيڪ دولت جو مالڪ ٿي ويو هو. وري اها ڳالهه به قرآن پاڪ ۾ ئي آهي ته انسان کي اهو ئي ملندو جنهن جي هو طلب ڪندو، جيڪڏهن توهان گرمي حاصل ڪرڻ لاءِ باهه گهرندا ته اها ئي ملندي، پر جيڪڏهن توهان ان ڏٺل کي ڏسڻ لاءِ سوجهرو گهرندؤ ته اهو پڻ ملندو، ليڪن اوهان جيڪي گهنردا، تنهن کان وڌيڪ نه ملندو.

ٻي  ڳالهه جنهن مذهب کي ڇيهو رسايو، سا هئي ڪرستانن ۽ ٻين پادري طبقن جي رَوش، شروع ۾ هنن اسلام ۽ ان جي پيغمبر کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ جي ڪابه ڪسر نه ڇڏي، البت جن ماڻهن سندن طور طريقن خلاف احتجاج بلند ڪيو، اهي ئي قرآن پاڪ جي هدايتن مان ڪو فيض حاصل ڪري سگهيا پر سي به گهڻو ڪري اڻ سڌن طريقن سان ڪليسا ته مورڳو لکڻ ۽ پڙهڻ جي مخالفت پئي ڪئي، ساڳيءَ ريت غلاميءَ جي خاتمي جي به مخالفت ٿي ڪئي وئي. جڏهن اهو معاملو ڪليسا جي اڳيان پيش ٿيو، تڏهن ارسطو (17) سان اتفاق راءِ ظاهر ڪندي چيو ويو ته غلامي هڪ ضروري ۽ قدرتي شيءِ  آهي. يورپ ۾ غلامن پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، پر ڪليسا زميندارن جو ساٿ ڏيئي غلامن جي پوري شدت سان مخالفت ڪئي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته جيڪو به ترقي پسند قدم هو، تنهن جي ڪليسا جي طرفان مخالفت ڪئي وئي، جنهنڪري عوام الناس جي ڪاوڙ جيئن پوءِ تيئن وڌندي ويئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو  جو  ”مذهب“ لفظ جي خلاف زبردست نفرت پيدا ٿي وئي، تان جو فرانس جو انقلاب (18) ۽ والٽيئر (19) ظهور پذير ٿيا. جرمنيءَ ۾ گوئٽي، (20) ۽ انگلينڊ ۾ ڪارلائيل (21) مذهب خلاف ڦهليل نفرت کي هن طرح دفع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جو هنن حضرت محمد ۽ اسلام کي صحيح رنگ ۾ پيش ڪرڻ جو جتن ڪيو، ته جئن هنن ماڻهن لاءِ نئين  مذهب جي مطالعي جي راهه کلي پوي؛ ڇاڪاڻ ته پراڻو مذهب ناقابل عمل ٿي چڪو هو، پر انهيءَ طريقي سان به ڪا بهتر تبديلي اچي نه سگهي، سواءِ ان جي ته چند پراٽسٽنٽن جون دليون متاثر ٿيون، جيڪي اڳي ئي پادري طبقي ۽ انهن جي طريقن کان بيزار ٿي چڪا هئا، ۽ جن اسلام جي اڌو گابري روشنيءَ ۾ پنهنجن خيالن ۽ نظرين جي نئين سر ترتيب ڪئي هئي. هنن پاڻ کي آزاد خيال ۽ نواڻ پسند ۽ ظاهر ڪيو. پر انهن جي زندگي به عملي طور راڻي وڪٽوريا (22) جي موت جي سزا سان ختم ٿي وئي، ۽ پهرين جنگ کان پوءِ ته ان جي مڪمل ريت پڄاڻي ٿي.

هتي انهيءَ عظيم آزاد خيال مفڪر جا لفظ پيش ڪرڻ دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندا، جنهن خود انگلينڊ ۾ پراٽسٽنٽ نوعيت جي آزاد خيالي (Liberalism) جي دفن ٿي وڃڻ کان اڳ، ان جي موت تي مرثيو چيو هو. سندس لفظن پيش ڪرڻ کان اڳ، مون کي اجازت ڏيو ته آءٌ انهيءَ عظيم هستيءَ جو نالو پيش ڪريان. اهو آهي پروفيسر ايل- تي هاب هائوس  (L.T.Hobhouse) لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ سماجيات جو پهريون پروفيسر، جيڪو منطق ۽ عقلي دليل بازي جو وڏي ۾ وڏو حامي هو.

اقبال (23) ۽ مون کي هن جي ڪلاسن ۾ شريڪ ٿيڻ جو شرف حاصل ٿيو آهي. هن پنهنجي آخري ڪتاب ”مباديات، سماجي انصاف“ (Elem ant of social Justice) جي پڄاڻي هنن لفظن سان ڪئي آهي:

”سماجي فلسفي لاءِ پڪا پختا نتيجا هي آهن ته جمهوري برادري بين الاقوامي هئڻ گهرجي... ته هر مادي طاقت جي اونهائي ۾ انصاف جو عميق چشمو آهي ۽ آخرين فضيلت يا عظمت ٻي ڪنهن به جماعت کي حاصل نه آهي، سواءِ روحاني قوتن جي، جن جو اڻپورو ادراڪ داناءُ ترين انسانن کي حاصل ٿئي ٿو، ليڪن انهيءَ ساڳي سبب جي ڪري سادا سٻاجها ماڻهو ان ڏانهن پوريءَ ريت ڇڪجي اچن ٿا، اهڙيون سڀ تنزل پذير تحريڪون جيڪي اسان لاءِ خطري جو باعث آهن، انهن ۾ سڀ کان خطرناڪ اها آهي جنهن هيٺ محنت ۽ جاکوڙ کان پوءِ حاصل ٿيل حريت ۽ آزاديءَ جو تصور ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿو.

ان نقصان جو مثال اڄڪلهه جي هن ويساهه ۾ آهي ته جيڪڏهن بولشويزم جو مقابلو ڪرڻو آهي ته بولشويڪن (Bolsheviks) کي قتل ڪيو وڃي، بلڪ سندن اسپتالن جي ڪلورو فارم جي رسد به بند ڪئي وڃي. شايد هن مهم جوئيءَ جي تاريخ دنيا کي وري هي سبق سيکاريندي ته ترقي جو سرچشمو روحاني آهي، ۽ دنيوي اوزار انهيءَ روح جي مدد ڪري نٿا سگهن.

”گهڻو ڪري موجوده اڻپوري علم ۽ متضاد عقيديھ پرستيءَ جي ڀيٽ ۾ هڪ صحيح روحاني اختياري پيدا ٿيندي. پر اها اختياري پنهنجن روحاني اصولن جي عين مطابق هئڻ گهرجي ۽ ان جو دائره ء اختيار عقل جي روشني ۽ انسان جي عقيدي تي لاڳو ٿيڻ کپي. ان کانسواءِ اها قوت ۽ مقام کان به بي نياز هجي، هڪ اهڙي جماعت جيڪا ڪامورن ۽ حاڪمن تي مشتمل نه هجي، پر علم ۽ عقل، سچائي ۽ انسانيت جي بي جسم ڪلسيا تي مشتمل هجي، ۽ جنهن ۾ دنيا جون جمهوريتون پنهنجو حقيقي روح ڳولي سگهن.“

هاڻي اها آهي پراٽيسٽنٽ آزاد خياليءَ جي اڻ سڌي پهچ، جيڪا پڻ اتي اچي بيهجي وئي آهي البت والٽيئر (24) ۽ مارڪس (25) ڏينهون ڏينهن وڌ آهن.

هن ٿوري وقت اندر آءٌ وڌ ۾ وڌ ايترو ئي ڪري سگهيس ٿي. باقي اهو استادن ۽ شاگردن تي ڇڏيل آهي ته هو اورچ ٿي قرآن پاڪ جي مدد سان هن حقيقت کي ڳولي لهڻ جي ڪوشش ڪن ته اسلام جو مقصد ڇا آهي؟ ۽ اهو انساني ارتقا جي ڪهڙي دؤر جي نمائندگي ڪري ٿو؟ ارتقا جي تبديلين جو صحيح طريقو ڪهڙو آهي ۽ اهو ڪٿي پهچائي ٿو؟ اسان ڪيئن ترقي ڪندي ان تي هلي سگهون ٿا ۽ ڪهڙيءَ طرح منزل تي پهچي سگهون ٿا!

فقط اهڙي قسم جي تعليم ۽ اهي ادارا جيڪي ان تعليم کي مؤثر نموني ۾ ڦهلائي سگهن ٿا، سي ئي پاڻ کي اسلامي چوائڻ جا حقدار آهن ۽ نه ڪي ٻيا 

 

 وڌيڪ پڙهو

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com