حوالا
(1)
ابن مسڪويه
Ibn Maskawias (330AH/942AD-421AH/1030AD)
ابن مسڪويه پهريون مسلمان مفڪر آهي، جنهن موجودات
عالم جي ارتقائي ترتيب کي باقاعدي هڪ نظريي جي شڪل
۾ پيش ڪيو هو. اسلامي دنيا جي نامور فيلسوف ۽ حڪيم
بو علي ابن سينا جو همعصر هو ۽ ساڻس خط و ڪتابت پڻ
ڪندو هو. ابن مسڪويه جو نظريو جديد نظريه ارتقا
سان حيرت انگيز مشابهت رکي ٿو. اسان هتي سندس
نظريي جو ٿورو تفصيل ڏيون ٿا.
هن جي نظر ۾ زندگيءَ جا اثرات سڀ کان پهريائين
نباتات ۾ ظاهر ٿين ٿا. اهو هيئن ته منجهن حرڪت جو
وجود ۽ غذا جا محتاج آهن ۽ انهيءَ ڪري جمادات کان
ممتاز آهن. ليڪن نباتات جا ڪيترا قسم بنا ٻج جي
پيدا ٿين ٿا، جيڪي جمادات جي گهڻو ويجهو آهن. پر
جهنگلي ٻوٽن ۽ وڻڻ کان پوءِ اهڙي قسم جا درخت ملن
ٿا، جن کي ٻج ۽ ميوي سان گڏ عمده زمين، عمده پاڻي
۽ عمده هوا جي ضرورت هوندي آهي. مثلاً: زيتون،
ڏاڙهون، صوف، انجير وغيره جن ۾ وري انگور ۽ کجور
وڌيڪ ترقي يافته آهن، جيڪي نباتات جي ڄڻ ته آخري
سرحد تي آهن؛ مثلاً: کجور ۾ نر ۽ مادي ٿين ٿا ۽
انهن جي ڦرجڻ لاءِ ٻنهي جو ميلاپ ضروري آهي. ان
کانپوءِ جيڪا ترقي ٿئي ٿي، تڏهن معاملو نباتات جي
حد مان ٽپي حيوانات جي حد ۾ پهچي وڃي ٿو.
اهڙيءَ طرح نباتات جي ترقيءَ جي آخري منزل حيوانات
جي ابتدائي درجي سان ملي اچي ٿي. نباتات جي آخري
مرحلي تي صرف ايتري ترقي ٿئي ٿي جو انهن کي زمين ۾
لڳائڻ جي ضرورت نٿي پوي. ان کان سواءِ اهي اختياري
حرڪت پڻ ڪري سگهن ٿا. ليڪن اهو وري حيوانات جو
بلڪل ابتدائي مرحلو آهي. انهيءَ مرحلي تي صرف هڪڙي
حس يعني ڇهڻ جي حس ملي ٿي، جنهن جو مثال سمنڊ جي
ڪناري تي ملندڙ سپون ۽ ڪوڏ.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي هڪدم کڻي وٺندو ته اهي
پنهنجي جڳهه ڇڏي ڏيندا، پر جيڪڏهن آهستي آهستي
کڻندو ته اهي پنهنجي جڳهه سان چنبڙيا پيا هوندا،
ڇو ته انهن کي اهو محسوس ٿئي ٿو ته ڪو ماڻهو کين
ڇهي رهيو آهي.
ان کان پوءِ ڪيڙا ماڪوڙا آهن ۽ تنهن کان پوءِ اهڙا
جانور جن کي صرف چار حواس آهن. مثلاً: ڇڇوندر يا
جن جانورن کي اکيون ڪونه آهن. اڳتي هلي اهڙا جانور
اچن ٿا جن ۾ پنج ئي حواس آهن، ليڪن اهي به ڪن ۾
گهٽ ته ڪن ۾ وڌيڪ آهن. انهن مان ڪي اشاري ۽ مهميز
کي سمجهن ٿا جهڙوڪ: گهوڙو ۽ باز وغيره. آخر ۾
حيوانات جي ترقيءَ جي منزل انسان جا ابتدائي نمونا
آهن جن ۾ باندر وغيره اچي وڃن ٿا، اتي پهچڻ کان
پوءِ ان جو قدر به سڌو ٿي وڃي ٿو. ان کان سواءِ
منجهس تميز جي قوت به پيدا ٿئي ٿي. اهو حيوانيت جو
اعلى ترين ليڪن انسانيت جو ادنى درجو آهي.
فارسيءَ جي عظيم صوفي شاعر مولانا رومي
(1273ع-1207ع) جو نظريو ابن مسڪويه جي خيالات سان
تمام گهڻي مشابهت رکي ٿو، جنهن جي وضاحت اسان اڳتي
هلي ڪنداسين.
(2) مولانا رومي، جلال الدين
(Rumi
Jalauddin (604-672AH/1207-1273AD)
فارسيءَ جو هي عظيم صوفي شاعر خاص ڪري سنڌ ۾ ڪنهن
به تعارف جو محتاج ڪونهي. سندس مثنوي ڇهن جلدن ۾
ڦهليل آهي تقريباً 7000 شعرن تي مشتمل آهي. دنيا
جي اڪثر مهذب زبانن ۾ ان جا ترجما ٿيل آهن. سنڌيءَ
۾ ان جو منظوم ترجمو مولانا دين محمد ”اديب“ فيروز
شاهي پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ ڪيو ۽ آر. ايڇ. احمد
برادرس ان کي ڇپائي شايع ڪيو.
جڳ مشهور مستشرقين آر- ڪي نڪلس، اي- جي آربري،
اينمري شمل کان علاوه علامه اقبال پڻ مثنويءَ کي
اسلامي تصوف ۽ فڪر جو اعلى شاهڪار ڪوٺيو آهي.
مولانا روميءَ جون ٻيون تصنيفون ”ديوان شمس تبريز“
۽ فيھ مافيھ“ آهن. اسلامي فڪر جي تاريخ ۾ ۽ خاص
ڪري ارتقا
(Evolution)
جي باب ۾ روميءَجا هيٺيان اشعار نهايت معنى خيز
آهن. علامه اقبال پڻ اهي شعر پنهنجي خطبن بنام
”اسلامي فڪر جي جديد تشڪيل“ ۾ انهيءَ ساڳي نقطئه
نگاهه کان نقل ڪيا آهن. علامه آءِ .آءِ .قاضيءَ جو
اشارو به انهن شعرن ڏانهن آهي:
امده اول به اقليم جماد- وز جمادي در نباتي اوفتاد
سالها اندر نباتي عمر ڪرد- وز جمادي ياد ناورد از
مبرد
وز نباتي چون بحيواني فتاد- نايدش حال نباتي هيچ
ياد
جز همان ملي که دارد سوئي آن- خاصه در وقت بهار
ضمير آن-هم چنين اقليم رقت-تاشد ڪنون عاقل ودانا
وزفت
عقلهائي اولينش ياد نيست- هم ازين عقلش تحول
ڪردنيست
يعني تارهد
عقل پر حرص وطلب- صد هزاران عقل بيند بوالعجب.
پهريائين سندس ظهور جمادات جي صورت ۾ ٿيو. پوءِ
جمادات مان ڦري نباتات ۾ آيو.
ڪيترائي سال هن نباتات جي زندگيءَ ۾ گذاريا. ايتري
قدر جو کيس جمادات جي ڪابه ياد باقي نه رهي. وري
جڏهن نباتان مان حيوانات جي درجي تي آيو، تڏهن وري
کيس پنهنجي نباتاتي حالت جي ڪا ياد نه رهي. البت
انهن شين ڏانهن سندس اندر ۾ هڪ قسم جو لاڙو آهي،
جيڪو کيس بهار جي موسم ۾ انهن ڏانهن متوجهه ڪري
ٿو.
اهڙيءَ طرح هن هڪڙي ولايت مان ٻي ولايت جو سفر ڪيو
تان جو اچي عقل ۽ سمجهه ۾ پڪو پختو ٿيو، هينئر کيس
اوائلي عقلي حالتن جي ڪا ياد ڪونهي، حالانڪ موجوده
عقلي حالتن ۾ به تبديلي اچي ٿي. اهڙيءَ طرح جڏهن
هو حرص و هوا جي عقلي حالتن کان آجو ٿيندو، تڏهن
ته کيس هزارين عقل ٻيا به ملندا.
(2)
ڊارون چارلس
(Charles Darwin 1809-1882)
ڊارون پنهنجي نظريه ارتقا
(Evolution)
جي ڪري مشهور آهي. هن جو چوڻ آحي ته انسان ارتقا
جي ڪيترن ئي مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ موجوده طبعي
ساخت تي پهتو آهي. انهيءَ نظريي جي ثابتي لاءِ هن
1859ع ۾ ”اصل الانواع“
(The origin of species)
۽ 1781ع ۾ انسان جو بڻ ”بڻياد“
(The descant of man) ڪتاب لکيا.
برٽرانڊرسل جي راءِ آهي ته ڊارون جو نظريو بذات
خود ڪا نئين ڳالهه پيش ڪونه ٿو ڪري؛ ڇو ته سائنس ۽
فلسفي جي دنيا ۾ انهيءَ سان ملندڙ نظريا يوناني
فيلسوف انيڪسامينڊر کان وٺي لامارڪ ۽ خود ڊارون جي
ڏاڏي
Erasmusdarwin
پيش ڪيا آهن. ڊارون جو ڪارنامو هيءُ آهي ته هن
پنهنجي نظريي جي پٺڀرائي ۾ ايترا ثبوت ۽ شاهديون
گڏ ڪيون جو ان کي هو واقعي سائنسي نظريي جي سطح
تائين کڻي آيو.
هن سلسلي ۾ البت هن لائق جيو، جي بقا
(Survival of fittest)
۽ انتخابِ فطرت
(Natural selection)
جهڙن مفروضن جو سهارو ورتو.
ڊارون جو نظريو مغرب توڙي مشرق وڏي بحث جو موضوع
رهيو آهي. بلڪ ان انساني فڪري تاريخ ۾ هڪ وڏو
اضطراب پيدا ڪيو آهي. ڇو ته ڪن ماڻهن ان کي مذهب
سان متصادم پئي سمجهيو آهي يا اهو چوڻ وڌيڪ صحيح
ٿيندو ته مذهب جي مخالفن ان کي پنهنجو هٿيار ڪري
استعمال ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ ڊارون جي نظريي جي سائنسي اهميت هن وقت
تائين مسلم آهي ليڪن پوءِ به سائنس جي دنيا ۾ ڪنهن
حد تائين اهو اختلافي آهي ڇو ته ان کي ڪنهن تجربي
ذريعي ثابت نه ڪيو ويو آهي.
(4) امام غزالي
(Ghazali440AH/1058AD-505AH/1111AD)
اسلامي دنيا جي هن عظيم شخصيت جو ايران جي شهر طوس
۾ جنم ٿيو. غزاليءَ جي فڪري ارتقا ۽ ذهني سرگذشت
جو ذڪر سندس ڪتاب ”المنقذ من الضلال“ ۾ ڪافي تفصيل
سان ملي ٿو، هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو غلام حسين
جلباڻي ”ڇوٽڪاري“ جي نالي سان ڪيو آهي، جيڪو سنڌي
ادبي بورڊ طرفان 1961ع ۾ شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾
هو ڏيکاري ٿو ته حق جي ڳولا ۾ حِسَّي ۽ عقلي تجربو
ڪيئن ناڪافي آهي؛ بلڪ اهو صوفيانه شعور يا وري
روحاني تجربو ئي آهي جيڪو حقيقت تائين رسائيءَ جو
واحد ذريعو آهي.
امام غزاليءَ جو اصل ڪارنامو هي آهي ته ان وقت
جڏهن اسلامي فڪر تي يوناني فلسفو غالب ٿيڻ لڳو هو،
تڏهن ان صورتحال جو نهايت ڪاميابيءَ سان مقابلو
ڪيو. هن سلسلي ۾ هن پهريائين ”مقاصد الفلاسفه“ لکي
يوناني فڪر جي خط و خال کي واضح ڪيو، ان کان پوءِ
هن ”تهافته الفلاسفه“ لکيو جنهن ۾ هن فلسفي ۽ ڪلام
جي ويهن بنيادي مسئلن جو رد لکيو. اسلامي فڪر جي
تاريخ ۾ غزاليءَ جي هن ڪتاب جا نهايت دور رس اثرات
مرتب ٿا، جيتوڻيڪ سندس ان تصنيف جو ابن رشد جهڙي
فيلسوف تهافته التهافه لکي مدلل جواب ڏنو، ان
هوندي به غزالي جي مٿين تنقيد سبب يوناني فلسفو
اسلامي دنيا ۾ وري اهو ساڳيو مقام ڪڏهن به حاصل
ڪري نه سگهيو.
امام غزاليءَ جون ٻيون به ڪيتريون تصنيفون آهن، پر
انهن سڀني ۾ وري جيڪو مرتبو ۽ مقبوليت ”احياء علوم
الدين“ کي حاصل آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي، اصل
۾ اهو ضخيم ڪتاب عربي ٻوليءَ ۾ چئن جلدن تي مشتمل
آهي، فارسيءَ ۾ ان جي تلخيص به امام صاحب پاڻ
”ڪيميائي سعادت“ جي نالي سان ڪئي هئي، انهيءَ ڪتاب
جو طرز استدلال انتهائي دلچسپ ۽ قائل ڪندڙ آهي،
وڏي ڳالهه ته زندگيءَ جي جزئيات جهڙوڪ: دستر خوان
جي آداب کان وٺي مذهب جي اعلى آدرش جي منجهس اپٽار
آهي، هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مرزا قليچ بيگ ڪيو
آهي ۽ سنڌيءَ ۾ تازو ان جا ٻه جلد سنڌي ادبي بورڊ
ڇپائي شايع ڪرايا آهن.
(5) البيروني
Alberuni (36AH /973AD-440AH /1048AD)
ابو ريحان محمد البيروني خوارزم ۾ ڄائو ۽ اتي ئي
تعليم حاصل ڪيائين، پهريائين پنجويهه سال خوارزم
شاهي دربار ۾ گذاريائين. 45
سالن جي عمر ۾ سلطان محمود غزنويءَ جي دربار سان
وابسته ٿيو، سندس علمي تحقيق جو دائرو رياضي،
هيئت، طب، تاريخ، جاگرافي علم الانسان تائين پکڙيل
آهي. هن ڪل 180 ڪتاب لکيا، جن مان اٽڪل 28 سنڌ ۽
هند جي علمن جي باري ۾ هئا.
البيروني هندستان ۾ ڪٿي ڪٿي ويو ۽ ڪنهن ڪنهن سان
مليو، اهو نهايت وڏو تفصيل آهي ليڪن اها ڳالهه
يقيني آهي ته هن عمر جو ڪافي حصو ننڍي کنڊ ۾
گذاريو، ڇو ته هن پهريائين باقاعدي سنسڪرت زبان
سکي، ان ۾ مهارت حاصل ڪئي، هن هندو مذهب ۽ هندو
قوم جي رسم و رواج، ذات پات، اٿڻي ويهڻي کان علاوه
هنن جي نفسيات، ثقافت ۽ سماجيات جو نهايت گهرو
اڀياس ڪيو. جيڪا ڳالهه سندس تصنيف ڪتاب ”تحقيق
ماللهند“ مان صاف ظاهر آهي جيڪو
هن 1301ع ڌاري لکي پورو ڪيو.
البيرونيءَ جو علمي مرتبو نهايت بلند آهي هو صحيح
معنى ۾ رياضيدان، فلڪيات دان مطلب ته هڪ مڪمل
سائنسدان آهي ڇو ته سندس طريقه ڪار مشاهدي ۽ تجربي
تي مبني آهي. هن پهريون ڀيرو ڌرتيءَ جي قطر ۽
گهيري جي صحيح ماپ ڪئي جيڪا هن پنهنجي ڪتاب
”القانون المسعودي في الهئيه والنجوم“ ۾ درج ڪئي ۽
هن سلسلي ۾ هن ٽرگناميٽريءَ جا اصول ڪم آندا آهن.
ڌرتيءَ جو نيم قطر هن 77. 3939 ميل ۽ گهيرو 92.
24873 ميل آهن. ڏسو ته اڄ کان هڪ هزار سال اڳ ٿيل
ماپ ڪيتري قدر صحيح هئي! البيروني ”القانون“ ۾
ڄاڻائي ٿو ته ڌرتيءَ جي قطر جي ماپ جا ڪجهه تجربا
موجود ضلع جهلم کان 42 ميل پري ڳوٺ پنڊ داد خان
ڀرسان هڪ ٽڪريءَ تي ڪيا هئا.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”عزة الزيجاة“ جي مقدمي ۾
ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو آهي ته البيروني سنڌ مان
نهايت گهڻو واقف لڳي ٿو. اهو ڪتاب هڪ هندو هيئت
دان بجيانند بنارسي جي ڪتاب ”ڪرانا تلڪ“ جو عربيءَ
۾ ترجمو آهي جيڪو البيرونيءَ جو عربيءَ ۾ ترجمو
آهي جيڪو البيرونيءَ عمر جي آخري حصي ۾ پاڻ ڪيو
هو. 1973ع ۾ البيرونيءَ جي هڪ هزار ساله جشن ولادت
جي موقعي تي ڊاڪٽر بلوچ ان ڪتاب کي ايڊٽ ڪري نهايت
عالمانه مقدمي سان سنڌ الاجيءَ طرفان شايع ڪرايو
هو. ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق موجب بغداد ۾ جيڪي علم
هيئت جا ڪتاب نيا ويا هئا، اهي پهريائين سنڌ جي
گاديءَ واري هنڌ منصوره ۾ ترجمو ٿيا هئا، ڇو ته
انهن ترجمن ۾ سنڌ جي شهرن ۽ خاص طور سنڌ ۾ رائج
ڪئلينڊر جو ذڪر آهي.
(6) نارمن بادشاهه
(Norman Kings)
وليم اول کي پهريون نارمن بادشاهه چيو وڃي ٿو،
جنهن 1066ع ۾ اچي برطانيا تي قبضو ڪيو. کين نارمن
ان ڪري چيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته هو فرانس جي صوبي
نارمنڊيءَ کان آيا هئا. نارمن غلبي جو هڪڙو نتيجو
اهو نڪتو جو اينگلو-سيڪسن ادب جي جڳهه تي اينگلو-
نارمن ادب ترقي ڪرڻ لڳو ۽ انگريز سندن ثقافت ۽
طرز- حڪومت کان گهڻو متاثر ٿيا. اها صورتحال اٽڪل
ٽن صدين تائين قائم رهي.
(7) رچرڊ ”شيردل“
(Richard (lion Heart) (1157-1199)
هو انگلينڊ جي بادشاهه هينري ٻئي جو پٽ هو ۽ 1179ع
۾ تخت تي ويٺو. هو ٽين صليبي جنگ ۾ نهايت بي
جگريءَ سان وڙهيو پر سلطان صلاح الدين ايوبيءَ کان
هارايائين. آخر ۾ فرانس سان جنگ ۾ وڙهندي مارجي
ويو.
(8) صلاح الدين ايوبي
Saladin (1137-1193AD)
اسلامي تاريخ جو عالي دماغ ۽ روشن ضمير حڪمران
فاطمين کان پوءِ مصر ۽ شام جو فرمانروار ٿيو.
1187ع ۾ هن بيت المقدس کي عيسائين کان ٻيهر حاصل
ڪيو، جنهن کان پوءِ ٽين صليبي جنگ جي ابتدا ٿي ۽
ان ۾ انگلينڊ طرفان رچرڊ پهريون جنهن کي ”شيردل“
جو لقب مليل هو، عيسائين جي لشڪر جي قيادت ڪئي، پر
هو بيت المقدس حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويا.
جنگ هلندي صلاح الدين عيسائين سان جنهن اعلى
انسانيت جي سلوڪ جو مظاهرو ڪيو، تنهن سندس شخصيت
کي عيسائي دنيا ۾ هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترن
ڪتابن ۽ ناولن جو موضوع بڻجي ويو. انگريزي زبان جي
ناول نگار سر والٽر اسڪاٽ (1832-1771) ”طلسم“ (Talisman)
نالي هڪ اهڙو ناول لکيو، جنهن ۾ هن صلاح الدين جي
اعلى ڪردار کي دل کولي داد ڏنو. هن ڪتاب جو ترجمو
ڀيرومل مهر چند ۽ ساڌو هيرانند سال 1927ع ۾ ڪيو
جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1983ع ۾ پنجون دفعو
شايع ٿي چڪو آهي.
ان ڪتاب ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته جڏهن رچرڊ بيمار ٿي
پوي ٿو ۽ پنهنجن حڪيمن ۽ طبيبن کان کيس ڪو فائدو
نٿو ٿئي، تڏهن سلطان صلاح الدين پنهنجي طرفان کيس
هڪ مسلمان حڪيم جون خدمتون آڇي ٿو. ان حڪيم جي دوا
سان رچرڊ شفاياب ٿي وڃي ٿو. اصل ۾ اهو حڪيم خود
صلاح الدين هو، جنهن چمڙا پوش ڪري وڃي بادشاهه جو
علاج ڪيو.
(9) جيمس(
James)
جيمس جي لقب سان انگلينڊ جا ٻه بادشاهه ٿيا. يعني
جيمس اول ۽ دوئم. اول جي حڪمرانيءَ جو عرصو
(1625-1566ع) ۽ ٻئي جو 1701-1633) آهي. هتي جو
اشارو غالباً پهرئين ڏانهن آهي، ڇو ته هن جي ڪوشش
سان بائيبل جو معتبر نسخو
(King James Authorised Version)
شايع ٿيو. هن جي وقت ۾ پيوريٽن طبقي جو زور ورتو ۽
ڪليسا کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
هو عمل کان وڌيڪ علم ڏانهن لاڙو رکندڙ هو. ان ڪري
کيس ”عيسائي دنيا جو عقلمند ترين بيوقوف“
The Wisest Fool in Christen dom)
ڪوٺيو وڃي ٿو.
(10) فريڊرڪ ٻيو (1250-1194ع)
Frederick
عظيم رومي سلطنت جو شنشاهه، فريڊرڪ پهرين جو پوٽو
هو. هو نهايت روشن خيال ۽ علم دوست بادشاهه هو.
ايتريقدر جو هن پنهنجي دربار ۾ يهودي ۽ عيسائي
عالمن کانسواءِ مسلمان عالمن کي پڻ دعوت ڏئي
گهرايو هو. هو پاڻ به صاحبِ تصنيف هو. عظيم فلسفي
برٽرانڊرسل پنهنجي تصنيف ”مغربي فلسفي جي تاريخ ۾“
ان ڳالهه جو نهايت واضح اظهار ڪيو آهي.
(11) پراٽيسٽنزم
(Protestanism)
پراٽيسٽنزم
يعني احتجاجيت دراصل ان تحريڪ جو نالو آهي جنهن جو آغاز سورهين
صدي عيسويءَ ۾ مارٽن ليوٿر (1546-1483ع) جرمنيءَ ۾
ڪيو. هن جي سامهون بنيادي سوال اهو هو ته انسان جي
نجات جو دارومدار سندس عمل تي منحصر آهي ۽ نه رومي
ڪليسا جي پوپ طرفان ڏنل معافي نامي تي!
درحقيقت پراٽيسٽنزم احتجاجيت کان وڌيڪ اصلاح جي
تحريڪ هئي. ليوٿر ئي هن ڳالهه جو اعلان ڪيو ته
پادرين لاءِ ڪنوارو رهڻ ضروري ناهي. هن 1525ع ۾ هن
نن
(Nun)
سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ڇهه ٻار ٿيا.
بهرحال اڳتي هلي ليوٿر جي عقائد جا گهڻا دور رس
اثرات نڪتا. خاص ڪري جرمني، انگلينڊ، فرانس ۽
آمريڪا ۾ هن جا ڪافي پوئلڳ پيدا ٿيا ۽ عيسائيت
اندر باقاعدي ٻه فريقا يعني پروٽيسٽنٽ ۽ ڪئٿولڪ
وجود ۾ آيا. وڌيڪ تفصيل مارٽن ليوٿر جي حياتي سان
گڏ ڏنو ويو آهي.
(12) چيسٽرٽن گلبرٽ ڪيٿ
(Chesterton(1874-1936)
هو قديم عيسائيت يعني رومن ڪئٿولڪ مذهب جو ڪٽر
حامي هو ۽ انهن پراڻين روايتن کان انحراف جو سخت
مخالف هو. هو جديد دؤر جي لادينيت سبب پيدا ٿيندڙ
غلطين تان ٺٺوليون ڪري ٿو. هر سائنس ۽ فلسفي وغيره
کي غلط ۽ بيڪار سمجهي ٿو. مطلب ته عيسائيت جي لحاظ
کان هو پڪو رجعت پسند هو.
(13) راجر بيڪن (1294-1219ع)
Roger Bacon
هو هڪ فلسفيءَ کان وڌيڪ عالم ۽ سائنسدان هو. هن جي
علم جو دائرو مذهب کان وٺي طبعيات ۽ ڪيميا تائين
پکڙيل هو. هن آڪسفورڊ ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ اتي
استاد به ٿي رهيو. 1257ع ۾ کيس آڪسفورڊ مان نيڪالي
ڏني وئي ۽ وڃي پيرس ۾ پناهه ورتائين. ڪجهه عرصي
کان پوءِ وري کيس آڪسفورڊ اچڻ جي اجازت ملي. هن
1267ع ڌاري پنهنجا ٽي ڪتاب
Opus Minus, Opus Majys ۽
Opus Tertium
لکي پڌرا ڪيا. 1271ع ۾ هن فلسفي تي به هڪ نهايت
جامع ڪتاب لکيو، ليڪن جلدي سندس ڪتابن تي بندش وڌي
وئي ۽ کيس 14 سالن لاءِ جيل اماڻيو ويو. 1292ع ۾
آزاد ٿيو پر پوءِ جلدي وفات ڪري ويو.
برٽرانڊرسل پنهنجي ڪتاب ”تاريخ فلسفه مغرب“ ۾ لکي
ٿو ته هو علم جو انسائيڪلو پيڊيا هو. هو پهريون
شخص هو جنهن يورپ ۾ مشاهدي ۽ تجربي کي علم جو
سرچشمو قرار ڏنو. هو پنهنجي ڪتاب ۾ ٻين عالمن سان
گڏ ابن سينا ۽ ابن رشد جا گهڻا حوالا ڏئي ٿو. رسل
جي چواڻيءَ ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو پنهنجي وقت
جي ٻين سڀني عيسائي عالمن جي مقابلي ۾ مسلمان
عالمن کان وڌيڪ متاثر هو.
(14) ملٽن
)1774-1606ع
John Milton)
هيءُ مشهور انگريز شاعر لنڊن ۾ ڄائو ۽ ڪيمبرج
يونيورسٽيءَ مان فارغ التحصيل ٿيو. ننڍي وهيءَ ۾
شعر لکڻ شروع ڪيائين، سندس زماني ۾ انگلينڊ ۾ گهرو
لڙائي شروع ٿي، جنهن ۾ ملٽن جمهوريت پسند حڪمران
ڪرامويل (1658-1599) جي حمايت ڪئي. هو ڪجهه عرصو
سندس لاطيني سيڪريٽري پڻ ٿي رهيو.
ملٽن نشاة ثانيه
(Renaissance)
جي اثرات جي پيداوار هو، ان ڪري سندس شخصيت ۾
شاعري ۽ مذهب هڪ نئون آهنگ اختيار ڪيو. هو پيورٽين
(Puritan)
نظريات جو پرچارڪ هو. هو لاطيني ۽ اطالوي زبانن
کان به بخوبي واقف هو.
ملٽن 45 سالن جي عمر ۾ نظر وڃائي ويٺو. پر انهيءَ
عرصي ۾ هن انگريزي ٻوليءَ جو عظيم شاهڪار نظم
(Epic)
”وڃايل جنت“،
(Paradise lost)
مڪمل ڪيو جيڪو 1667ع ۾ پهريون ڀيرو منظر عام تي
آيو. انگريزي شاعريءَ ۾ ملنٽن ڪلاسيڪيت جو مضبوط
نمائندو سمجهيو وڃي ٿو.
(15) زرتشت
Zoroaster (628-551 BC)
هن کي پارسي مذهب جو باني چيو وڃي ٿو. زنداوستا جا
ڪجهه حصا
(Gathas)
ڏانهس منسوب آهن. هنن جي عقيدي موجب اهو رامزدا
چڱائي ۽ سچائيءَ جو خدا آهي ته ٻئي طرف اهرمن
برائيءَ جي وجود جي نمائندگي ڪري ٿو.
هيءَ ڪائنات انهن ٻنهي جي ڪشمڪش جو نتيجو آهي.
البت اهو اسان تي ڇڏيل آهي ته هو ڪنهن جي
فرمانبرداري ڪري ٿو. ان هوندي به آخري فتح نيڪي يا
چڱائيءَ جي ٿيڻي آهي.
علامه صاحب زرتشت جي شخصيت ۽ تعليمات تي هڪ الڳ
ليڪچر ڏنو هو، جيڪو هن ڪتاب جي تيرهين مضمونن جي
صورت ۾ ڏنل آهي.
(16) حضرت عيسى عليھ السلام
Jesus Christ (6BC-30AD)
حضرت عيسى عه جي زندگيءَ جو صحيح معنى ۾ مستند
احوال موجود ڪونهي. پر عيسائين جي مشهور روايت
موجب هو بيبي مريم جي پيٽان ڄائو، جنهن جو رشتو
يوسف نالي هڪ شخص سان ٿيل هو. ليڪن هو يوسف جو پٽ
نه هو. حضرت عيسى عه ناضره جي شهر ۾ وڌي وڏو ٿيو.
هن ٿوري مڪتبي تعليم به حاصل ڪئي. وڏي هوندي هن
پنهنجو اباڻڪو ڌنڌو يعني واڍڪو ڪم شروع ڪيو. ٽيهن
سالن جي عمر ۾ پهچڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن هو تبليغ
لاءِ روانو ٿي ويو. هن بيمارن کي چڱي ڀلي ڪرڻ ۽
مئلن کي جيارڻ جا ڪيترا معجزا ڪري ڏيکاري. ان وقت
جي رومي بادشاهه سندس وڌندڙ مقبوليت کان ڊڄي کيس
پهريائين گرفتار ۽ پوءِ صليب تي چاڙهائي ڇڏيو.
حضرت عيسى عليه السلام ڪل ٽيٽيهه سال نو مهينا
جيئرو رهيو.
عيسائين جا چار انجيل
(Gosoels)جيڪي عهدنامه جديد ۾ شامل آهن، سي حضرت عيسى عليه السلام جي
سوانح ۽ تعليمات تي روشني وجهن ٿا. حالانڪ هو اهو
تسليم ڪن ٿا ته حضرت عيسى عليه السلام پاڻ ڪنهن به
قسم جي لکيت ڪونه ڇڏي. ان صورت ۾ اها راءِ وڏو
وزن رکي ٿي ته عيسائيت جي موجوده عقيدن جو باني
سينٽ پال
(10-64AD)
هو، جنهن جا چوڏنهن مڪتوبات عهدنامه جديد ۾ شامل
آهن. ان لحاظ کان عهدنامه جديد جو وڏو حصو سندس
تصنيف آهي. عيسائين جي تثليث وارو عقيدو جنهن موجب
هو حضرت عيسى عليه السلام کي خدا جو پٽ سمجهن ٿا،
اهو به ڏانهنس منسوب آهي. عيسائين جو عقيدو آهي ته
صليب تي چاڙهڻ کان پوءِ حضرت عيسى کي قبر ۾ دفن
ڪيو ويو. ليڪن ٽن ڏينهن کان پوءِ هو جيئرو ٿي واپس
آيو. چاليهن ڏينهن تائين هو هن دنيا ۾ رهيو. ڪجهه
ماڻهو ساڻس مليا ۽ کيس سڃاتائون. ان کان پوءِ خدا
تعالى کيس آسمان تي گهرائي ورتو.
هوڏانهن جمهور مسلمانن جي عقيدي موجب حضرت عيسى
عليه السلام خدا جو نبي هو ۽ مٿس انجيل نازل ٿيو
هو. اهو الهامي ڪتاب هو پر پوءِ سندس پوئلڳن ان ۾
تحريف ڪئي. مسلمانن جي عقيدي موجب حضرت عيسى کي
صليب تي چاڙهي ڦاسي ڪونه ڏني وئي، پر ان کان اڳ
الله تعالى پنهنجي قدرت سان کيس پاڻ ڏانهن کڻائي
ورتو.
(17) ارسطوءَ لاءِ ڏسو 2 (4)
(18) انقلاب فرانس (1793-1789ع)
French Revolution
انقلاب فرانس جي شروعات مئي 1789ع ۾ فرانس جي
باشاهه لوئي سورنهن (
(Louis-xviجي
خلاف بغاوت سان ٿي. ان جو سبب عام ماڻهن ۾ شديد بک
۽ بدحالي هئي. هڪ طرف هاري ۽ مزدور کي کائڻ لاءِ
ڳڀو نٿي مليو، ٻئي طرف بادشاهه ۽ سندس راڻي مئري
اينٽنٽ
(Mary Antoinete) عياشين ۽ شاهه خرچين ۾ مصروف هئا. 14 جولاءِ تي بدنام زمانه
قيد خاني
(Bastille)
تي حملو ڪري ڪيترن ئي سياسي قيدين کي آزاد ڪرايو
ويو. بادشاهه انقلابين جي مطالبن کي تسليم ڪندي،
14 سيپٽمبر 1791ع کي نئين دستور مطابق فرانس کي
جمهوريت قرار ڏنو.
ليڪن جڏهن آسٽريا ۽ جرمنيءَ جي بادشاهه ۽ سندس زال
جي اندروني اشاري تي فرانس تي حملو ڪيو، تيئن ملڪ
۾ گهرو لڙائي پکڙجي وئي. هڪ طرف شاهه جا حامي هئا
ته ٻئي طرف انقلابي، جن پاڻ کي جيڪو بين
(Jacoabian)
ئي سڏايو. هڪ اندازي موجب هنن پاڻ سان پنجاهه هزار
ماڻهن جو لشڪر گڏ ڪري ورتو، هنن کي فرانس جي
دانشور ۽ پڙهيل طبقي جي پڻ مڪمل حمايت حاصل هئي.
آخرڪار 20 جنوري 1793ع تي انقلابين بادشاهي محل تي
قبضو ڪري ورتو ۽ بادشاهه لوئي سورهين کي قتل ڪيو
ويو. جلد ئي پوءِ سندس راڻيءَ کي به ختم ڪيو ويو.
هڪ اندازي موجب هزارين جانيون انقلاب جو بک ٿيون.
انقلاب مخالف ماڻهن کي عوام اڳيان ڦاسي ڏني ٿي
وئي، جنهن لاءِ هڪ وڏي چونڪ تي ڦاسي ڏيڻ جي مشين
(Guillotin)
رکي وئي هئي، جيڪا چيو وڃي ٿو ته روزانو گهٽ ۾ گهٽ
50 ماڻهن کي ڦاسي ڏيندي هئي. انهيءَ عوامي جنگ ۾
فرانس جي مشهور جرنيل نيپولين بونا پارٽ جمهوريت
پسندن جو ساٿ ڏنو. پر اڳتي هلي 1804ع ۾ هن پاڻ کي
فرانس جو خودمختيار بادشاهه ظاهر ڪيو.
آزادي، مساوات ۽ برادري
(Freedom, equality fratemity)
اهي ٽيئي نعرا هئا، جيڪي انقلاب فرانس جي نتيجي ۾
سامهون آيا. مطلب ته ان انقلاب کان پوءِ يورپ جي
تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بنيادي انساني حقن جو
(Fundamental rights) صحيح معنى ۾ تصور اُڀريو.
(19) والٽيئر (AD1778-1694ع)
Valtaire
هو نه رڳو وڏو ليکڪ، شاعر، اديب، فلسفي ۽ عالم هو،
بلڪ هو وڏو عملي انسان پڻ هو. چيو ويو آهي ته هن
جي عقليت پرستيءَ جو انقلاب فرانس ۾ روسو جي فطرت
پسنديءَ کان وڏو ڪردار هو. والٽيئر چوندو هو ته
”دنيا تي ڪتاب جي حڪمراني“
(Books rule no the world) هوڏانهن فرانس جي بادشاهه لوئي سورهين جو چوڻ هو ته فرانس کي
والٽيئر ۽ روسو تباهه ڪيو هو.
سن 1726ع ۾ جڏهن والٽيئر کي ديس نيڪالي ملي ته هو
وڃي انگلڊ ۾ رهيو، جتي انگريزي ٻوليءَ ۾ مهارت
حاصل ڪيائين. هو انگلينڊ جي علمي ۽ آزاديءَ واري
ماحول کان گهڻو متاثر ٿيو. ان زماني ۾ علمي حلقن ۾
اڃا تائين بيڪن جو نالو هو. 1727ع ۾ جڏهن آئزڪ
نيوٽن وفات ڪئي ته هو سندس جنازي ۾ شريڪ ٿيو.
انگلينڊ ۾ رهي هو جان لاڪ (1704-1632) فرانسس بيڪن
(1626-1561) ۾ نيوٽن جي علمي ڪاوشن کان ڏاڍو متاثر
ٿيو ۽ جڏهن فرانس موٽي ويو ته انهن نظرين جو اتي
شدت سان پرچار ڪيائين.
(20 گوئٽي (AD
1832ع- 1749ع
Goethe(
جوهان وولف گانگ گوئٽي جرمن ٻوليءَ جو عظيم شاعر
هو، هو سورهن سالن جي عمر ۾ لپزگ يونيورسٽيءَ ۾
داخل ٿيو. هو ننڍي وهيءَ کان عاشق مزاج هو. سندس
شاهڪار تخليق فائوسٽ (Foust)
جو ڪارڻ به هڪ اهڙو ئي عشق هو. هن ٻيا به ڪيترائي
ڊراما لکيا. فائوسٽ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڄيٺمل
پرسرام گلراج ڪيو. جيڪو ڇپيل آهي.
گوئٽي هڪ مفڪر هو ۽ کيس تاريخ جو پورو شعور هو. هن
جو شمار چند اهڙين شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، جن جديد يورپ
۾ اسلام جي صحيح ڪردار کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش
ڪئي. هن جي مشهور انگريزي نثر نگار ڪارلائل
(1881-1795ع) سان پڻ خط و ڪتابت ٿي هئي جيڪو پڻ
اسلام جي تاريخي ڪردار جو قائل هو. گوئٽي پيغمبر
اِسلام جي شان ۾ ”قصيده محمد“(Mohammads
Song) پڻ لکيو، جنهن جون چند سٽون مسز ايلسا قاضي پنهنجي ڪتاب ۾
ڏنيون آهن. چيو وڃي ٿو ته هن پيغمبر اسلام جي
ڪردار کي صحيح نموني ۾ سمجهڻ لاءِ قرآن شريف جو پڻ
مطالعو ڪيوهو.
[وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ايلسا قاضيءَ جو ڪتاب
Through Ages Civilization ڇپايل سنڌ الاجي، سال 1989ع. ]
(21) ڪارلائل (1881-1795ع)
ڪارلائل جي زندگي ۽ ڪارنامن بابت اسان ٻي تقرير جي
فوٽ نوٽ: نمبر 11 ۾ روشني وجهي چڪا آهيون.
(22) راڻي وڪٽوريا
Queen
Victoria (1819-1901AD
هوءَ جارج ٽئين جي پوٽي هئي. سندس پرورش جرمن آيا
جي هٿان ٿي، جنهن سندس پالنا تي خاص ڌيان ڏنو.
1887ع ۾ يعني 18 سالن جي عمر ۾ هوءَ تاج برطانيا
جي وارث ٿي، جيتوڻيڪ شروع ۾ هن ڪنهن خاص مهارت جو
مظاهرو ڪونه ڪيو پر جرمن شهزادي البرٽ سان شادي
ٿيڻ کان پوءِ منجهس وڏي تبديلي آئي. دراصل سندس
مڙس هڪ مدبر شخص هو، جنهن 1861ع ۾ وفات ڪئي.
وڪٽوريا جي عهد جي خاص خوبي ملڪ ۾ وڌندڙ فڪري
آزادي هئي، جنهن جو انگريزي ادب ۽ فنون لطيفه تي
وڏو اثر پيو. ان کان سواءِ سندس دؤر حڪومت ۾
انگريز قوم جو ٻاهرين ملڪن تي تسلط پنهنجي عروج تي
پهتو. سندس ئي دؤر ۾ هندستان تي 1857ع کان پوءِ
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي حڪومت کي ختم ڪري تاجِ
برطانيا جو راڄ قائم ڪيو ويو. انگريز قوم جو اهو
سونهري دؤر سنه 1901ع ۾ سندس وفات سان پنهنجي
پڄاڻيءَ تي پهتو.
(23) علامه محمد اقبال،
Muhammad
Iqbal (1877-1938AD
هو پنجاب جي شهر سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي
تعليم سيالڪوٽ ۽ تنهن کان پوءِ لاهور ۾ حاصل
ڪيائين. اعلى تعليم ڪئمبرج ۽ جرمنيءَ ۾ ورتائين،
جتان فلسفي ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري پڻ مليس.
اقبال اردو ۽ فارسيءَ ۾ نهايت اعلى پايه جو پُر
مقصد شعر چيو آهي. سندس شاعريءَ جا اڌ درجن کن
مجموعا موجود آهن. البت نثر ۾ سندس هڪڙو ڪتاب
(Reconstruction of religious thought in islam)
جي نالي سان آهي، جنهن ۾ سندس ست خطاب گڏ ڪيل آهن.
راقم الحروف ان جو سنڌي ترجمو سنه 1978ع ۾ ڪيو،
جيڪو سال 1982ع ۾ اقبال اڪيڊمي لاهور پاران ڇپيل
آهي.
(24) والٽيئر(
Voltaire)
والٽيئر جي زندگي ۽ افڪار بابت اسان مختصر وضاحت
مٿي (19) تي ڏئي چڪا آهيون.
(25) ڪارل مارڪس
Karl Marx (1818-1883AD)
هو جرمنيءَ جي شهر ٽريوس ۾ ڄائو. بون ۽ برلن
يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪندي هو هيگل جي فلسفي
کان گهڻو متاثر ٿيو. هو شروع کان ئي انقلابي هو.
ان ڪري جڏهن هن پهرين صحافت شروع ڪئي ته ان اخبار
کي ئي سرڪار بندش هيٺ آڻي ڇڏيو. 1843ع ۾ هن فرانس
ڏانهن رخ رکيو ۽ اتي وڃي سوشلزم جو وڌيڪ اڀياس
ڪيائين. اتي ئي سندس ملاقات اينگلز سان ٿي جيڪو ان
وقت مئنچيسٽر ۾ هڪ فيڪٽريءَ جو مئنيجر هو. اينگلز
جي ذريعي ئي هو انگلينڊ جي مزدور طبقي جي حالتن
کان واقف ٿيو ۽ اتان جي معيشيت بابت پڻ آگاهي حاصل
ڪيائين. 1846ع ۾ هن اينگلز سان گڏجي ”ڪميونسٽ
پڌرنامو“ لکيو. هن جرمنيءَ ۽ فرانس جي 1848ع وارن
ناڪام انقلابن ۾ سڌي توڙياڻ سڌي طرح بهرو ورتو.
اهو ئي سبب هو جو پوءِ کيس اتان ديس نيڪالي ملي ۽
آخر اچي لنڊن ۾ پناهگزين ٿيو، جتي هو مرڻ گهڙيءَ
تائين لکندو ۽ پڙهندو رهيو. اتي ئي هن پنهنجي ضخيم
۽ شاهڪار تصنيف
(Das Capital)”سرمايو“
لکيو. انهيءَ ڪتاب جي ڪري اقبال کيس ”صاحب ڪتاب“
ڪوٺيو آهي.
نيست پيغبر و ليکن در بغل داد کتاب
مارڪس جو چوڻ هو ته فيلسوفن اڄ ڏينهن تائين صرف
دنيا کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، حالانڪ اصل ڪم ان
کي تبديل ڪرڻ آهي. هيگل جي خيال موجب تبديليءَ جي
ان عمل جي ابتدا ذهن کان ٿيڻي هئي. ٻين لفظن ۾ هن
سمجهيو ٿي ته ذهن واريون تبديليون ئي مادي تبديلين
جو سبب هيون. ليڪن مارڪس جو چوڻ هو ته نه، انهن
تبديلين جو سبب خود مادو آهي، پر مادو به پنهنجي
ليکي ڪا حيثيت نٿو رکي. البت اهو انسان جو مادي
سان تعلق ئي آهي جيڪو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. وري
انهيءَ تعلق يا نسبت جو غالب اظهار مارڪس جي چوڻ
موجب پيداوار جي طريقن منجهان ٿئي ٿو. تنهنڪري اهي
پيداوار جا طريقا
(Mode of Production)
ئي آهن جيڪي انساني سماج جي تاريخ ۾ فيصله ڪن
ڪردار ادا ڪن ٿا. هتي پهچڻ کان پوءِ مارڪس ڪنهن به
مابعد طبعي تصور يا وجود جنهن ۾ خدا جو وجود به
اچي وڃي ٿو. ان کي غلط ۽ باطل قرار ڏي ٿو.
مارڪس جي چوڻ جو مطلب آهي ته شروع کان وٺي هر
معاشري ۾ اقتصادي لحاظ کان هڪٻئي جون مخالف ٻه
قوتون يا ضد موجود رهيا آهن، جن کي انگريزي ۾ (Thesis)
۽ (Anti-thesis)
چئي سگهجي ٿو. مثلاً: منڍ ۾ آقا ۽ غلام جي صورت ۾
اهو تضاد موجود هو، جنهن مان هڪ نئين ترڪيب (Synthesis)
يا صورتحال جاگيردار (Feudalism)
معاشري جو روپ ورتو. اهو معاشرو اقتصادي طريقن ۾
تبديليءَ سبب اڳتي هلي پهريائين تجارتي
Commercial
۽ پوءِ صنعتي
Industrial
بنجي ويو. جنهن وري سرمايه دارانه نظام
Capitialism
کي جنم ڏنو. اتي اهو اڳيون تضاد جيڪو هونئن آقا ۽
غلام يا مالڪ ۽ رعيت واري صورت ۾ هو سو هاڻي ڦري
صنعتڪار ۽ پورهيت يا مارڪس جي اصطلاح ۾ بود جوازي
(Bourgeoise)
۽ پرولتاريت
(Proletariat)
جي شڪل اختيار ڪري ٿو. پر ڇاڪاڻ ته انهيءَ صورت ۾
به اها تضاد جي ڪيفيت يا جدليت
(Dialectics)
موجود آهي، تنهنڪري نئين ترڪيبي شڪل جنهن کي هو
ڪميونزم جو نالو ڏئي ٿو، اڻ ٽر يا ناگزير ٿي پئي
ٿي.
|