سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: چونڊ مراٺي ڪهاڻيون

(ڀاڱو ٻيو)

باب: --

صفحو :7

9

شانتارام

 

گلوري

ڪٿي مڙيئي، ڪجهه مڙيئي ڏکي رهيو آهي، اِئين مان، محسوس ڪري رهيو هوس، مون کي ڪجهه مڙيئي ٿي رهيو آهي، اِن جي پڪي ڄاڻ مون کي پئجي رهي هئي، پر ڇا ٿي رهيو هئو، اِهو ٻڌائي نه پئي سگهيس، دل تي هٿ رکي سمهڻ تي، ننڊ ۾ ڪڏهين ڪڏهين گهٽ ٻوساٽ محسوس ڪبي آهي ـــ اَهڙوئي ڪجهه مون کي ٿي رهيو هئو. مهنجو ڪم ڌنڌو، ڪٽنب جو ماحول، مالي حالت ـــ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺيڪ هلي رهيو هئو، ۽ پوءِ به من بي آرام هئو. ڪا بيماري مون کي هئي ـــ اَهڙي بيماري جيڪا ٻئي کي ڏسڻ نه اَچي؛ جنهن کي لڳي هجي، تنهن کي ڪل پوي، پر ڪنهن کي ٻڌائي نه سگهجي، ٻڌائڻ تي دل ٿئي به، پر ٻڌائي نه سگهجي. اَهڙي پيڙا.

ڇا ڪجي، اِهو ٺيڪ ٺيڪ سمجهه ۾ نٿي آيو. وقت شام جو هئو، اِنڪري سوچيم ته ٻاهر گهمڻ ڦرڻ وڃان،گهمڻ لاءِ وڃڻ جو خاص اُتساهه ڪونه هئو، پرگهر ۾ آرام سان ويٺو نٿي ٿيو، اِنڪري ٻاهر نڪتس ۽ چئن چڱن ماڻهن وانگر رستي تي هلڻ لڳس؛ پر اُنهن سان گڏجي مسجي ڪونه سگهيس، ٻيا ماڻهو شايد هميشه جي عادت موجب، ٻاهر گهمڻ ڦرڻ نڪتا هئا. هر روز، ڪٿي وڃي ويهڻ لاءِ سندن هڪ اَڌ جڳهه هوندي، شام جو گهمڻ سان من تازو ٿئي ٿو، اِهو شايد کين محسوس ٿيندو هجي، کين ڇا به محسوس ٿيندو هجي، پر مون کي البت هنن وانگر ڪجهه به محسوس نه ٿي ٿيو. مون کي دل ٿي رهي هئي ته مان هوا سان هوا ٿي وڃان، مٽيءَ سان گڏ مٽي ٿي وڃان. مون کي دل ٿي رهي هئي ته دونهاٽيل شام جي روشنيءَ سان ملي دونهاٽيل شام جي روشني ٿي وڃان. مطلب ته ڇا ٿيڻ لاءِ دل ٿي رهي هئي؟ مون کي خود به سمجهه ۾ نٿي آيو؛ پر ڪجهه مڙيئي محسوس ڪري رهيو هوس، ڪجهه مڙيئي جڙ، ڪجهه مڙيئي سوُکيم، ڪجهه مڙيئي اَڻ ڄاتل؛ ڪجهه نظم، ڪجهه نثر... اِئين ڪجهه مڙيئي محسوس ڪري رهيو هوس.

ٻه ٽي رستا لتاڙي ويس ۽ ٿورو ڳوٺ کان ٻاهر آيس. ڪي ماڻهو منهنجي اَڳيان نڪري ويا؛ ڪن کي مان پٺيان ڇڏي آيس، ڪي لاڙيون ـــ موٽرون ائين لنگهي ويون، ڄڻ منهنجي بدن مٿان هلي وييون! ٻه چار ڪڪر منهنجي مٿان هوريان هوريان وَٽائي ويا. وڻن جا ٻه چار سايا پيرن هيٺ لتاڙيم، روشي گويا ٿڪجي ٽٽجي جهڪي ٿي ويئي هئي. پوءِ به مان هلندو ويس. ڪٿي هيڪلا، ڪٿي جوڙا جوڙا، ڪٿي وَلر ڪري پکي وڻن تي ويهي لڳا ۽ نظرن کان غائب ٿي ويا. مان هلندو ئي پئي ويس.

ايتري ۾، رستي جي هڪ پاسي هڪ گلوري ڏٺم، کيس ڏسندي ئي مان رڪجي ويس. اُن ڏانهن باريڪيءَ سان ڏسڻ لڳس، سندس پٺيءَ جون سفيد، پيليون ڪاريون ليڪون لچڪي هليون. سندس اَکيون چمڪيون، سندس پڇ ور وڪڙ کائڻ لڳو. سندس ڳچي پٺيان مڙي. مان هن ڏانهن ڏسڻ لڳس، مون کيس سڃاتو، هوُءَ منهنجي ڄاتل سڃاتل ۽ دلپسند گلوري هئي. مون جيئن کيس سڃاتو، ساڳيءَ ريت هن به مون کي سڃاتو. پٺيءَ واريون ريکائون هڪدم لوڏيائين، پڇ هوا ۾ گول گول ڦيريائين، ڳچي لچڪائي مون ڏانهن وَرايائين ۽ اَکين سان مون کي اِشارا ڪيائين، مون کي اِئين لڳو ڄڻ گلوري مون ڏانهن ڏسي نزاڪت سان مرڪي پيئي، مون هن طرف وک وڌائي ۽ هن کي پڪڙڻ لاءِ منهنجا هٿ اَڳيان وڌيا. ايتري ۾ هوءَ ڀرواري وڻ تي سرسر چڙهي ويئي. مون وڻ ويجهو وڃي کيس چيو. ”ڀڄ نه، مان توکي پڪڙيان نٿو. ڊڄ نه.“

پڇ لوڏي، وڻ جي ٿڙ تي لٽڪندي چيائين، ”مان ڇو ڊڄان؟ توهان مون کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندا ته به مان پڪڙجڻ واري ناهيان.“

”ڄڻ ته گلوري ڪڏهين ڪنهن جي هٿن ۾ پڪڙجي ئي ڪانه سگهي آهي.“

”جي پڪڙجي ويئي ته اُها گلوري ڪانه رهندي!“

”گلوري نه رهندي ته ڇا ٿيندي؟“

”اِهو مان ڪيئن چوان؟ مون کي اَهڙو آزمودو ڪٿي آهي؟ البت، جيسين منهنجو واسطو آهي، تيسين اِها ڳالهه پڪي آهي ته مان توهانجي هٿ لڳڻ واري ناهيان.“

”مون توکي پڪڙڻ جي ڪوشش ئي ڪانه ڪئي، سچ پچ ڪانه ڪيم.“

”ڪوڙ نه ڳالهايو، مون کي پڪڙڻ لاءِ اَڳيان وڌيل توهانجا هٿ، مون ڏٺا هئا.“

”چڱو پڪڙيهءِ“

سچ پچ مان پڪڙجي پيو هوس، ڪيترو به کڻي نه چوان، پوءِ به کيس پڪڙڻ جي منهنجي خواهش بنسبت انڪار ڪري ڪونه سگهيس، اُها لڪايان به ها ته ڪٿي ۽ ڪيئن؟

رستي جون بتيون ٻري چڪيون هيون ۽ هڪ بتي ته بلڪل منهنجي لڳو لڳ جڳمڳائي رهي هئي. رستي جي اُن بتيءَ منهنجا ٽي روپ، روشنيءَ ۾ آندا. هڪ مان ۽ ٻه منهنجا پاڇا، هڪ پاڇو مون کان وڏو، ته ٻيو بلڪل ننڍو. منهنجين اِنهن ٽن تصويرن ۾ هڪ ڳالهه صاف ڏسڻ ۾ پئي ائي. گلوري پڪڙڻ لاءِ سرسر ڪندڙ ٻه هٿ. اُهي ڪيئن لڪائجن؟ لڪائڻ جي ڪوشس ڪندي، مون پنهنجا هٿ پنهنجي پئنٽ جي ٻنهي پاسي، ٻن کيسن ۾ ٺونسيا ۽ کيس چيم، ”هيءُ ڏس! هاڻ مون پنهنجن ٻنهي هٿن کي قيد ڪيو آهي. مان توسان صرف ڳالهائڻ ٿو چاهيان. صرف لفظن جي صحبت.“

”قبول، رڳو لفظن جي صحبت قبول...“ اِئين چوندي، وڻ تي ٿورو مٿي سرڪي ويئي.

”تون اَڃا به مون کان ڊڄين ٿي؟“

”ڊڄان نٿي، پر فاصلو رکڻ بهتر آهي، لفظن جي صحبت لاءِ فاصلو ته کپي ئي.“

”هوُن!“

”’هوُنڪار! سان ڇو پيا شروعات ڪريو؟“

”ته ڇا ’اونڪار‘ سان شروعات ڪريان؟“

”ائين ياد ڪيل دستور عمل جيان نه ڳالهايو.“

”دستوري نموني ته ڳالهايان ڪين نه؟“

”توهان ته ڳالهائڻ کان وڌيڪ ڳالهائڻ جو ڏيکاءءُ ٿا ڪريو!“

”ڇا چوان؟“

”توهان ڇا ڳالهايو، اِهو مان ڪيئن چوان؟“

”چؤنه.“

”واه! توهان ههڙا شاعر! ۽ ڇا ڳالهائجي، اِهو توهان کي ٻڌائڻو پوندو؟“

”مان هينئر شاعر ناهيان.“

”هاڻ شاعر ناهيو؟ اِئين ڪڏهين ٿيو آهي؟ اَڄ شاعر ۽ سڀاڻي نه؟ اِئين ڪڏهن ٿيو آهي؟ شاعر ته شاعر ئي آهي- ڪلهه، اَڄ، پرينهنءَ، اَرينهنءَ، تا اَرينهنءَ.“

”سچ، مون ڪيترن سالن کان شاعري ڪئي ئي ناهي.“

”شاعري ’ڪئي ناهي‘ يعنى؟ شاعري ’ڪندا‘ آهيو ڇا؟ مون سمجهيو...“

”تو ڇا سمجهيو؟“

”ڪجهه به نه.“

”پوءِ به؟“

”سچ، ڪجهه به نه.“

هن اَکيون مچڪائي پڇ لوڏيو. سندس سمورو سرير لرزڻ لڳو، ڇا چئجي، مون کي ڪجهه به نٿي سجهيو، مون رڳو هن ڏانهن ڏٺو، هوُءَ سرسر وڻ تي چڙهي ويئي ۽ ترت موٽي هيٺ ڀرو آئي، مون ڏانهن ڏسندي چيائين، ”ڏسو ڇا پيا؟ چئو نه!“

”ڇا چوان، ڪجهه سجهي ئي نٿو، تون به مون وانگر رڳو ڏسندي رهه.“

”شاعر کي ڏسبو آهي ڇا؟“ا

”ڇو؟ مان ڏسڻ وَٽان ناهيان؟“

”آهيو، ٿورا گهڻا، پر شاعر کي ڏسجي ڪ ٻڌجي؟“

”چيم ته سهي، هينئر مان شاعر ناهيان.“

”ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي، پر اَڄڪلهه توهان شاعري ـــ ڇا چوان ـــ ’ڪندا! ڇو ناهيو؟“

”اَڄڪلهه شاعري ڪرڻ پڄي ئي نٿي.“

”ته اَڄڪلهه ڇا ٿو پڄيوَ؟“

”اڄڪلهه مان بيمار ٿو گذاريان.“

”ڪهڙي بيماري اَٿؤ؟“

”سڀئي بيماريون.“

”مطلب ته توهان کي ڪائي بيماري ڪانهي.“

”آهن ـــ مون کي ڪيئي بيماريون لڳل آهن. ڪڏهين هٿ پير ٿا ڏکن، ڪڏهين پيٽ ٿو ڏکي، ڪڏهين مٿو، ڪڏهين دل، ته ڪڏهين ڪجهه اؤر.“

”چ ـــ چ ـــ چ ــــ“

”منهنجين بيمارين جو مذاق ٿي اُڏا.ئين؟“

”مذاق وري ڇاجو؟ ڪافي خراب لڳي رهيو اَٿم.

ٺيڪ آهي، شاعري نه، ته نه سهي، پر توهان اَڄڪلهه ڪندا ڇا آهيو؟“

”اِئين ئي، پيٽ گذران لاءِ ڌنڌو.“

”هين... هين! چون ڇا ٿا، پيٽ گذران لاءِ ڌنڌو، ڄڻ اَسان کي پيٽ آهي ئي ڪونه؟“

”توکي به اَسان وانگر ئي پيٽ آهي؟“

”نه تڏهين؟“ چوندي چوندي ٿورو جهڪي ۽ هن مون کي پنهنجو ننڍڙو، لسوئي لسو پيٽ ڏيکاريو. مون کي مزو اَچي ويو. هن مون کي ٿوري دير پنهنجو پيٽ ڏيکاري هڪدم اُهو لڪائي ڇڏيو. هوءَ ذرا شرمائجي ويئي. مان ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳس، منهنجي کل، هن جي ڌيان ۾ آئي. سندس چهري مان اِئين لڳي رهيو هئو، ته کيس غصو لڳو آهي. هن مون کي مغروريءَ وچان چيو، ”ڇو؟ اِئين کلو ڇو پيا؟“

”ڪجهه به نه، مون کي اَسانجين زالن جي ياد ۾ اَچي ويئي. پيٽ ڏيکارجي يا نه، جي ڏيکارجي ته ڪيترو، اِن تي اَسانجين زالن جي فئشن جو دارو مدار هوندو آهي.“

”اَئين؟ مون سمجهيو ته توهان منهنجو پيٽ ڏسي ئي کليا.“

”ڇي، ڇي! مون کي تنهنجو پيٽ ڏاڍو وڻيو.“

”هه ... هڪ ڪم ڪندا؟“

”ڪهڙو؟...“

”مون کي پنهنجو پيٽ ڏيکاريو نه.“

سندس اِن گهُر سبب مان منجهي پيس، منهنجي مونجهاري واري حالت، سندس ڌيان ۾ آئي، ۽ اَلبيلائي وچان چيائين ”رهڻ ڏيو، اُهين ئي چيم، توهانجو پيٽ ڇا لاءِ ڏسان؟ مون هاٿيءَ جو پيٽ ڪونه ڏٺو آهي ڇا؟ ڇا به هجي، توهانجو پيٽ، هاٿيءَ جي پيٽ جيترو ڪونهي برابر؟“

مون ڪجهه به ڪونه چيو، ڇا چوان، ڪجهه سجهيوئي نٿي، ڪجهه چوڻ تي دل ئي نٿي ٿي.

هيل تائين کيسن ۾ ٺونسيل منهنجا هٿ، کيس پڪڙڻ لاءِ وري سرسر ڪرڻ لڳا، هن ئي ڳالهه اَڳتي وڌائي.

”چيم پئي ته مون توهان جي شاعري ايتري ۾ ڏسي ورتي.“ ڪنهن کي آلو بڻائڻ جي اَنداز ۾ اِهو جملو چيائين.

”منهنجي شاعري؟“ مون اُتاولو ٿي پڇيو.

”ها، ها، ها. توهانجي شاعري.“

”پر ايتري به مون ته شاعري ڪئي ئي ڪانه!“

”وري ساڳي ڳالهه. چيم نه، ته ايتري ٻيتري ۾ ڪجهه نه. مون توهان جي شاعري ڏٺي.“

پوءِ وڻ جي ٿڙ جي چوڌاري ڦيريون پائيندي ڪيتري دير تائين ته هن ٺينگ ٽپا ڏنا پئي ۽ وَر وَر پئي چيائين، ”مون توهانجي ڪوٽا ڏٺي. “ هڪ دفعو ته هوءَ منهنجن پيرن کي چَٽي ويئي. اَڳي جيان، ٿر مٿان، اسٿر ٿي ته پڇيومانس، ”ڪٿي ڏٺئه منهنجي شاعري؟“

”رديءَ جي ڍير ۾، ٿيو ڇا، جو هڪ ڏينهن مان رديءَ جي ڍير تي ويٺي هيس.“

”رديءَ جو ڍير“ ـــ سندس اِهي لفظ ٻڌي مان ڳوڙهو ڳيهي ويس. ڳوڙهو ڳيهڻ سان به مون کي سنتوش ڪونه مليو، اِنڪري ٽي چار اُڀا ساهه کنيم.

”اِئين اُڀا ساهه ڇو پيا کڻو، پهرين ٻڌو ته سهي!“

”ٻڌان ئي ته پيو.“ مون نراسائيءَ سان چيو.

”سو، ٿيو ڇا، اُن رديءَ ۾ مون کي پنهنجي تصوير ڏسڻ ۾ آئي.“

”تنهنجي تصوير؟“

”ها. منهنجي تصوير، پر اُها مون کي ڪانه وڻي، ڇا ته مئا تصوير ٿا ڪڍن!“

”ڇو ايتري خراب هئي ڇا؟“

”بلڪل خراب، مون اُها ڦاڙي ڇڏي.“

”چ ... چ.... چ!“

”چ ... چ ڇا؟ منهنجو مذاق ٿا اُڏايو؟ سائين منهنجا، اُن تصوير جي ٻئي پاسي توهان جو شعر هئو.“

مون کي ياد آيو. گهڻا ورهيه اَڳ لکيل پنهنجو شعر ياد آيم. اُن شعر جي پهرين مصرع منهنجي زبان تي آئي ـــ ”لفظ منهنجا، رد عمل تنهنجو.“

”اُهوئي، اُهوئي.“

”ڪيئن لڳو توکي؟“

”سمجهه ۾ ڪونه آيو.“

”سمجهه ۾ ڪونه آيئه؟ اُهو شعر توتي ته لکيو هئم.“

”مون تي؟ مون تي نه، چڱي خاصي ڪاغذ تي لکيل هئو.“

”هلڪڙائي ڇڏ. ڌيان سان ٻڌ، اُن شعر جو موضوع تون ئي هئين.“

”تو پوءِ سڃاڻي ڇو ڪانه سگهيس؟“

”ڳالهه هيئن آهي، ته ڪلا جڏهين اَثر ڏيکاريندي آهي، تڏهين هر چيز جي ڪايا پلٽجي ويندي آهي.“

”باپ ڙي! ڪيترو نه گول گول ٿا ڳالهايو! سڌو سؤلو ڇو نٿا ڳالهايو؟“

”مشڪل ڳالهيون آسان نٿيون ڪري سگهجن.“

”ته ڇا آسان ڳالهيون مشڪل ڪرڻ اَچنوَ ٿيون؟“

”اِئين ناهي، شاعريءَ ۾ اِها تبديلي ڪرڻي ئي پوندي آهي.“

”پر ايتري ڦير ڦار ته نه ڪريو، جو جنهن تي شعر لکو، اُن کي به اُهو سمجهه ۾ نه اَچي.“

”اِن کانسواءِ، وقت لڳاتار ڊوڙي پيو، بدلجي پيو، ان کي ڪلا به پڪڙڻ ۾ چڱيءَ طرح ڪامياب نه ٿي آهي.“

”چئو ڇا پيا؟ وقت ڊوڙي پيو؟ ڇا مون کان به تيز ڊوڙندو آهي؟“

”ها ـــ ها. توکان به تيز.

”ڪوڙ. نسورو ڪوڙ.“ هوءَ رسي ويهي رهي.

”ڪاوڙ نه ڪر، سکي، منهنجي چوڻ جو مطلب هئو ته اَسان سڀ بدلجون پيا. مان بدليو آهيان. تون بدلي آهين، سڀ بدليا آهن ۽ بدلجندا رهندا.“

”اون هون! مان ته بنهه ڪانه بدلي آهيان، مان جهڙي جي تهڙي آهيان، بلڪل تهڙي ئي آهيان. کپيوَ ته جاچي ڏسو. هوُ منهنجي ويجهو آئي ـــ بلڪل ويجهو - ۽ مغروريءَ وچان چيائين، ”ڏسو. چڱيءَ طرح ڏسو.“

مون کيس ايترو ويجهائيءَ تان ڪڏهين به ڪونه ڏٺو هئو. سندس ڳالهه گهڻي ڀاڱي ٺيڪ ئي هئي. مون به سراسر ڀل ڪانه ڪئي هئي. سندس وار ٿورا اَڇا پئي لڳا. اَنڪري چيومانس، ”تنهنجا وار اَڇا ٿي رهيا آهن.“

”هٽو، هٽو! توهان کي ته ڪجهه سمجهه ۾ ئي نٿو اَچي. منهنجا وار اَڇا پيا ٿين، اُهي ته پاڻ خوب جرڪي رهيا آهن. واهه ڙي شاعر صاحب! ايترو به سمجهو نٿا؟ نه. توهان شاعر ناهيو، جي شاعر هجو ها ته شاعري ڇو ڇڏيو ها؟ توهان شاعر آهيو ئي ڪونه!“

هن جي ڳالهائڻ جو نوع مون کي ٽؤڪ هڻڻ جو هئو، مونکي اُهو ڪونه وڻيو.

ڏاڍيان چيم، ”مان شاعر آهيان، مان شاعر آهيان. تون ڇا ٿي سمجهين؟“

”ٻيو وري ڇا سمجهنديس؟ اِهوئي ته توهان شاعر ناهيو.“

”مان توکي ٽي دفعا ٿو چوان ته مان شاعر آهيان.“

”ثابت ڪريو“

”قبول.“

”ته پوءِ ’ڪريو‘ مون تي شاعري.“

”هينئر جو هينئر ٿو ڪريان.“

”اهڙي ڪريو جيڪا مان سڃاڻي سگهان.“

”ضرور سڃاڻي سگهندينءَ، پر ان وچ ۾ بدلجانءِ نه.“

”مان بدلجان ئي ڪانه، مان ڪڏهين بدلي به ناهيان، چيومانوَ ته سهي؟“

”منهنجو مطلب آهي، مان تنهنجي اَڄوڪي جوانيءَ جي باري ۾ لکندس ۽ جيسين شعر پورو ٿئي تيسين اُها جواني رهندي ڪانه.“

”چيومانوَ ته سهي ته اهڙو ڪجهه ٿيڻو ناهي؟ لکڻ اَچي ڪونه، ۽ چون ڇا ٿا تون بدلجانءِ نه!“

”مون کي لکڻ ايندو آهي، مون لکڻ ايندو آهي.

سمجهيهءِ؟“

”سمجهيم، ته پوءِ لکي ڏيکاريو.“

”هينئر جو هينئر ٿو لکان.

”هينئر جو هينئر نه لکو، اَجائي تڪڙ نه ڪريو. مون جهڙي تڪڙ سڀني کي راس نه ايندي آهي، سونهندي به ڪانهي.“

”سمجهيم، سمجهيم، پر مان توتي شاعري ڪريان ته تون مون کي ڇا ڏيندينءَ؟“

”مان وري ڇا ڏينديس؟“

”ڪجهه نه ڪجهه ته ڏيڻ ئي کپي.“

”لڳي ٿو، ڪجهه ڏيڻ ـــ وٺڻ لاءِ ئي شاعري ڪندا آهيو.“

”اِئين ڪانهي، پر توکي مون کي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏيڻ کپي.“

”ڇا ڏيان؟“

”هڪ دفعو پاڻ کي پڪڙڻ ڏي.“

”اون هون.“

؟چڱو، رڳو ڇهڻ ڏي.“

هوءَ ڪنهن تتو گيانيءَ جيان سوچڻ لڳي، کن لاءِ هوءَ ڪنهن تصوير جيان اسٿر ۽ اَچل ٿي ويئي. ٻئي کن، پنهنجي سموري سرير کي ڄڻ ولوڙيائين ۽ پوءِ سيتجي چيائين، ”رڳو ڇهاءُ؟ قبول، پر ڇهاءُ اَهڙو هجي، جو اُن جو ٽپو رهجي نه وڃي.“

”ڇا مطلب؟“

”مطلب اِهو ته هڪ دفعو پرڀو رامچندر منهنجي پٺي ٺپري، بس، سندن آڱرين جا نشان منهنجيءَ پٺيءَ تي هميشه لاءِ ڇپجي ويا. اِئين نه ٿيڻ کپي. ڇهاءُ اَهڙو هجي جو جنهن کي ڇهجي صرف اُن کي اُن جو پتو پوي.“

”منظور.“

”منظور...“ چئي، ڏسندي ڏسندي، هوءَ منهنجين اَکين کان اوجهل ٿي ويئي. مون ٿر ڏانهن، ڏارن ڏانهن ڏٺو، چوٽيءَ ڏانهن ڏٺم. هوءَ غائب ٿي ويئي هئي.

اوچتو منهنجا پير ڌڏڻ لڳا، مان زور زور سان، تيز ڊڪندو ويس. پنهنجي گهر ڏانهن ڊوڙڻ لڳس. بلڪل تيز ـــ هوا جيان تکو ڊوڙڻ لڳس. هوا سان گڏ اُڏرندڙ دونهين جيان هوش وڃائي، ڊوڙڻ لڳس، پر سهڪندي سهڪندي، گهر اَچي، ڏاڍي ڪوشش سان شاعريءَ جي چونپڙي ڪڍيم ۽ منهنجي قلم مان هڪ مصرع نڪتي:

”چنچل روپ، اَچنچل ڀاوَ“

منهنجي شعر جي اَڃا پهرين مصرع به پوري ڪانه ٿي هئي ته منهنجي زال گهر اَندران، منهنجي ويجهو آئي ۽ غصي وچان چيائين، ”توهان جو ڌيان ڪٿي هوندو آهي.؟“

مون کي سندس سوال سمجهه ۾ ئي ڪونه آيو. ڄڻ ’شوُنيه‘ ۾ ڏسندو هجان ـــ اِئين هن ڏانهن نهارڻ لڳس.

”ڏسو ڇا پيا؟.... ٻڌو ٿا؟ اَڄڪلهه مون ڏانهن توهانجو ڌيان هوندو آهي ڇا؟“

”مون سمجهيو ڪونه، توڏانهن نه هوندو آهي ته ڪنهن ڏانهن هوندو آهي؟“

”اِهوئي ته پڇان پيئي، اَڳهڻو، رستي تي بيهي ڪنهن ڏانهن ڏسي رهيا هئا؟“

”ڪڏهين؟“

”چيم ته سهي، اَڳهڻو.“

”اڳهڻو، ڪڏهين؟“

”مان بازار مان ڀاڄي وٺي پئي آيس، توهان مون ڏانهن ڏٺو، مون توهان ڏانهن ڏٺو. مون سمجهيو، توهان ڪجهه ڳالهائيندا، پر توهان ڪنڌ ئي ڦيري ڇڏيو.“

”سچ؟“

”ڪوڙ ڇو ڳالهايان؟“

”ته اُها تون هئينءِ ڇا؟“

”نه ته ڪير هئي؟“

”ڪابه نه.“ مان پنهنجو پاڻ تي کلڻ لڳس.

”ٻڌايو. ڪير هئي هوُءَ؟“

”سچ؛ ڪابه ڪانه هئي.“ چوندي کيس پنهنجي ويجهو ڇڪيم. هن منهنجي گلي کي ڀاڪر پاتو. منهنجي دل هڪدم پاڻ کي هلڪو ۽ خوش محسوس ڪرڻ لڳي. مون کي اِئين لڳو ته منهنجون سڀ بيماريون ڳري وييون آهن. گهر ڏانهن ڊوڙي ايندي، منهنجي بدن ۾ ڀريل هوا، وري منهنجي بدن ۾ سرسر ڪرڻ لڳي. پنهنجيءَ زال جي ڀاڪر ۾ مان ماپيس ئي نٿي.

منهنجيءَ زال جو ڌيان، منهنجي چونپڙيءَ ڏانهن ويو ۽ عجب وچان مون کان پڇيائين، ”هيءُ ڇاهي؟“

”توتي شعر لکڻ شروع ڪيو اَٿم.“

”ضرور لکو، مٺا! مون تي شعر لکڻ ڇڏي ڇو ڏنو اَٿوَ، مٺا؟“

”شاعري ڪرڻ ئي ڇڏي ڪانه ڏني اَٿم؟“

”اِئين ناهي، مٺا! توهان لکو، مان سٺي چانهه ٺاهي ٿي اَچان.“ مون لاءِ چانهه ٺاهڻ لاءِ، هوءَ اَندر هلي ويئي.

مان پنهنجي شعر کي اڳيان ريڙهڻ لڳس، پر هڪ لفظ به نه ٿي لکي سگهيس. ڪافي سوچ. ويچار ڪيم. مٿو کنهي ڏٺم، پر منهنجي اُها پهرين مصرع اَڳتي وڌي ئي نه، اُن شعر کي اَڳيان ڇڪڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪيم، مگر سڀ بيسود، اُها مصرع ڪاغذ تي ڄڻ ته ڪنهن ڳوهه جيان چنبڙيل هئي. اُن کي اَڳيان ڌڪڻ منهنجي لاءِ ممڪن ڪونه هئو. مون کي محسوس ٿيڻ لڳو ته منهنجو مٿو ڏکي رهيو آهي، منهنجا هٿ ڏکي رهيا آهن، پيرڏکي رهيا آهن. سمورو بدن ڏکي رهيو آهي، پر پيڙا ڪٿي آهي، اِن جو صحيح صحيح پتو نٿي پيو. اَهڙي پيڙا، جا آهي پر ڏسڻ ۾ نٿي اَچي، اَهڙو دک برداشت ته ڪرڻو پوي ٿو، پر ٻڌائي نٿو سگهجي....

 

 

10

مهاديو شاستري جوشي

 

شرڻ ۾ آيل

اَسوءَ جو مهينو هئو، ڏينهن جو چوٿون پهر هئو، اَچانڪ آسمان ڪڪرن سان ڀرجي ويو هئو. سج ڍڪجي ويو هئو. اَنڌڪار سبب ڏسائون ڄڻ ته سسي ويون هيون، سرءُ جو ’پوروَ‘ نکٽ کانپوءِ جو مينهن، ڌڙا ڌڙا زمين تي وسي رهيو هئو. سامهون واري سارين جي فصل، جيڪو پچي پيلو ٿيڻ لڳو هئو، اُن کي اَڌ ڪلاڪ جي سٽ ۾ ليٽائي ڇڏيو هئائين، چراگاهن مان ڍور پڇ اُڀا ڪري گهرن ڏانهن موٽي رهيا هئا. ٻاهر تورين جون وَليون جهڪي ويون هيون. اَڱڻ ۾، چوڌاري وڌيل ڪريلن جي حالت به قياس جوڳي هئي. جتان ڪٿان برساتي نيون اُتر طرف ڊوڙي رهيون هيون. ٻار وڃڻ ممڪن ڪونه هئو، اِنڪري مان گهر جي پٺئين ورانڊي ۾ واندو ويٺو هوس ۽ ڪجهه آڏين، برسات جي ڌارائن جو ناچ ڏسي رهيو هوس. ڏسندي ڏسندي خيالن ۾ گم ٿي ويو هوس.

”ٻڌو ٿا؟ ذرا پٺئين دروازي تي نه اَچو. ٻاهر ڪنهن جي ڇوڪري، ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيٺي آهي.“ پنهنجيءَ زال جي اِنهن اوچتو ڦٽي ڪيل لفظن مون کي هوش ۾ آندو. ڪنڌ ورائي پڇيومانس ”ڇوڪري؟ ڪنهنجي؟“

”منهنجي سڃاتل ته ڪانهي، پر ڪنهن برهمڻ جي ئي ڌيءَ ٿي لڳي، توهان ئي اَچي ذرا ڏسو نه.“

منهنجي زال اَڳيان ۽ مان پٺيان ـــ اِئين ٻئي ڄڻا حاطي جي ديوار واري دروازي نزديڪ وياسين. ڇا ڏسان ته سچ پچ هڪ ڇوڪري ڀت کي چنبڙي بيٺي آهي، سندس سامهون نرن واري، لاهيءَ واري ڇڄهريءَ مان پاڻيءَ جون ڌارائون وهن پيون ۽ سينور ـــ ڀريل اَڱڻ ۾ جل جي ڌارائن ۽ ڦوٽن جو ناچ جاري آهي.

اَسان ٻنهي پنهنجيون چار اَکيون هن ۾ کپايون. هن پنهنجين بادامي اَکين سان اَسانجو جائزو ورتو. هڪ ٻئي کي ڏسڻ شرط هوءَ به خاموش ته اسان به خاموش رهياسين. ٻاهر پاڻيءَ جي پلٽ پلٽان هئي، ۽ اسان جي اندر ۾ حيرت جي پلٽ پلٽان هئي. هوءَ ڇوڪري چوهن پندرهن سالن جي هوندي ـــ اِئين سندس هاٺيءَ مان لڳي رهيو هئو، برسات کان بچڻ لاءِ ڪوبه ڪپڙو ڪونه کنيو هئائين، اِنڪري نهن کان چوٽيءَ تائين ڀڄي ڀت ٿي ويئي هئي. هن جيڪا جهوني پراڻي ساڙهي پاتي هئي، اُها سندس سانوري بدن کي ڄڻ چنبڙي پيئي هئي. سندس وارن مان ڳرندڙ پاڻيءَ جي ڌارا، سندس ٿرن تي پئجي رهي هئي. اَڳيان لٽڪندڙ چڳون سندس ڳلن ۽ ڳچيءَ تي ڇڻڪار ڪري رهيون هيون. سندس چوليءَ کي پڪي ڳنڍ ٻڌل هئي. اھتي اونهي جڳهه تي ڳچيءَ تان ڪريل پاڻي ٿوري دير رڪيو ٿي ۽ پوءِ سندس نفيس ۽ چمڪندڙ پيٽ تان ٿيندو ساڙهيءَ جي هيٺئين وَر ۾ جذب ٿي ٿي ويو. کيتن جي پاسي کان، ڪيلن ۽ سوپارين جي وڻن کي ڪنبائيندو، اولهه جو واءُ نچندو ڪڏندو آيو ٿي ته اُن جي زور سان، ڇڄهريءَ تان ڳرندڙ برساتي پاڻيءَ جون ڌارائون اَندرئين پاسي ٿي مڙيون ۽ ان ڇوڪريءَ ڏانهن رخ ٿي ڪيائون ۽ اِن واءُ جي جهوٽي سان سندس سرير ۾ سيسڙاٽ ٿي اُڀريا. اَسان هن ڏانهن يڪ ٽڪ ڏسي رهيا هئاسين. پر هوءَ اسان جي ڪنهن ڳوٺاڻيءَ جي ڇوڪري نه هئڻ سبب، منهنجي زال به کيس سڃاڻي ڪانه سگهي ۽ مان ته اصل ڪونه سڃاڻي سگهيومانس.

”ڪنهن جي ڌيءَ آهين؟ ڪٿان آئي آهين؟“ منهنجي زال کانئس پڇيو، هڪدم هن اسان تان نظرون هٽائي ورتيون ۽ پنهنجن پيرن جي نهن ۾ کڻي کپايائين. هن ٻي ڪابه هلچل ڪانه ڪئي. ۾ ان سيءَ ۾ ڏڪي رهي آهيان. مون کي پنهنجي گهر ۾ جڳهه ڏيو.“ اهڙي اوکيا پوکيا به هن ڪانه ڏيکاري. منهنجي زال روي وري ساڳيوئي سوال کانئس پئي پڇيو. انڪري چيومانس، ”پهرين کيس گهر اندر ته وٺي هل، هوءَ ٺري يخ ٿي ويئي آهي ۽ گهٻرايل به ٿي لڳي.“

”هيڏانهن اَچ گهر اندر هل ـــ “ اِيئين چيائين مس ته هوءَ چپ چاپ اندر آئي ـــ ورانڊي ۾ بيٺي ته اُتان جو فرش ڀڄي پيو ۽ ۽ پاڻي وَهڻ لڳو. منهنجي زال هڪ جهوني ساڙهي کيس پائڻ لاءِ آڻي ڏني. ڪليءَ تي ٽنگيل چولي ڇڪ کيس هٿ ۾ ڏنائين. پر جيسين سندس وار سڪا نٿي تيسين کيس سڪل ڪپڙا ڏيڻ کي ڪا معنى ئي ڪانه هئي. منهنجيءَ زال ڪام تي پيل هڪ چڻچڻدار انگوڇو سندس بدن مٿان کڻي ڦٽو ڪيو. کيس وار سڪائڻ لاءِ چيائين، سندس چوڻ موجب، هن سڀ ڪجهه چپ چاپ ڪيو. ان وچ ۾ هن هڪ ڀيرو به پنهنجي زبان ڪانه هلائي. ”پهرين کيس چانهه ڍڪ ٺاهي پيئار، پوءِ ويهي چڪاس ڪر-“ اِئين زال کي چئي مان وري اَچي گهر پٺئين ورانڊي ۾ ويٺس. هوءَ ڇوڪري جيتوڻيڪ منهنجين نظرن کان دور ٿي ويئي، پوءِ به سندس باري ۾ ويچار منهنجي من مان دور نه ٿيا.

اِن وچ ۾ برسات گهٽجي بند ٿي ويئي. آسمان صاف ٿي ويو. مَنههَ ۾ لٽڪندڙ تورين جي وَلين جي گلن، برسات سبب نميل پنهنجا ڪنڌ مٿي کنيا. مان ٻاهر نڪري ذرا کيتن تي هڪ نظر وجهي اَچڻ جو سوچڻ لڳس. ڪنهن کيت ۾ اَگر گهڻو پاڻي جمع ٿي ويو هوندو ته اُن جي ٻنن ۾ گهارو وجهي پاڻي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ رستو ڪرڻو پوندو. ايتري ۾ ٻه ڄڻا اسان جي ورانڊي ۾ آيا. اُنهن مان هڪ اَسان جي ڳوٺ جو ئي هئو ۽ ٻيو هئو پاسي واري ڳوٺ جو ”گجا جوشي“ هن ويهڻ کان اَڳ ئي مون کان سوال پڇيو، ”هتي ڪا ڇوڪري آئي آهي ڇا؟ اَٽڪل چوڏهن ـــ پندرهن سالن جي، سانوري رنگ جي، مني نڪ واري، بادامي اَکين واري، جهونا پراڻا ڪپڙا پاتل...“

”هائو، هائو، پر پهرين ويهه ته سهي! ڇوڪري آئي آهي، گهر ۾ ويٺي آهي. اَڳهڻو مينهن ۾ ڀڄندي سيءَ ۾ ڏڪندي آئي ۽ احاطي جي ديوار کي ٽيڪ ڏيئي بيٺي هئي. پڇيوسينس ته ڳالهائي ئي نه. ’ڪنهن جي ڌي آهين‘ پڇيوسينس ته اُهو به نه پيئي ٻڌائي.“

”تون هن ‘ناچڻ واڙي‘ واري ’شورام ڀاٽي ڪر‘ کي سڃاڻين؟“

”ڇو نه؟ اَڃا گذريل مهيني اَسان وٽ آيو هئو، چانور وڪڻڻا اَٿو ڇا؟ - اِئين پڇيائين پئي.“

”سندس ئي ڌيءَ آهي، نالو اَٿس چما، هوُ رَنَ جو سير ته هوءِ سوا سير. باقي ٻارن جو ٽلو ڄڻي رکيو اٿن، پالڻ نپائڻ جي طاقت ئي ڪانه اَٿن ۽ نه وري سنڀالن جو عقل اَٿنَ“

”پر، تو کيس ڪٿي لڌو؟“

”ڪٿي ۽ ڪيئن لڌم، اِهو هڪ وڏو داستان ئي آهي، گذريل پندرهن ڏيهن کان گهر ڇڏي، جتي وڻيس، اُتي پيئي ڀٽڪي، اَڄ هن ڳوٺ ۾، ته سڀان هن ڳوٺ ۾، منجهند جو ماني هڪ جي گهر ۾، ته سمهي وري ٻئي جي گهر ۾، وَڏور ڇوڪري هوندي به، پيءُ مزي سان گونگهرا پيو هڻي...“

”ڪمال جي ڇوڪري چئبي!“ مون چيو.

”ڪمال جي ڳالهه ته اَڃا ٻي آهي، اڄ صبح جو ئي ڳالهه آهي. مان والپئيءَ مان واپس اچي رهيو هوس. ويلسئي جي لاهي جلد لٿس، مٿين چاڙهي چڙهيس، ۽ اُتان هيٺئين لاهه تي نظر اُڇليم، اُتي هيٺ هڪ نالي مٿان پل آهي،اُن جي ڪٽهڙيء تي به ويهن ـــ پنجويهن سالن جا ڇوڪرا ۽ سندن وچ ۾ هڪ ڇوڪري کلندا، ٽهڪ ڏيندا نظر آيم، ڇوڪر اُن ڇوڪريءَ سان مسخري ڪري رهيا هئا، ڇوڪري کلي کلي اونڌي ٿي رهي هئي ۽ اُنهن ڇوڪرن کي هرکائي رهي هئي، اِهو هئو سڄو نظارو!

اِهو ڏسي منهنجيون ڏندين آڱريون لڳي ويون، سوچيم هيءُ ڪهڙو واهياتپڻو آهي. هوُ کيس لالچائي ڪٿي وٺي وڃڻ جي سوچي رهيا هئا، کيس ڪو پرلوڀن ڏيئي رهيا هئا ۽ هوءَ ڇوڪري سندن تجويز لاءِ، ڪنڌ ڌوڻي ’هائو‘ ڪرڻ جي ويچار ۾ هئي- اِئين مون کي نظر آيو. مان کڙائيءَ سان وکون کڻندو، اُهو لاهه لهي، پل تي آيس. مون کي هنن پري کان ئي ڏسي ورتو. هوُ ذرا اُن ڇوڪريءَ کان هٽي بيٺا. مون ويجهو وڃي کين هڪل ڪئي، ’ڇو ڙي؟ هيءَ ڇوڪر ڪنهنجي آهي؟‘

”منهنجي لفظن ۾ تکاڻ ڄاڻيءَ هوَ ذرا سمجهي ويا، انهن مان هڪ ڄڻي چيو، اَسان کي ڪهڙي خبر؟ رستي تان ويئي پئي اڪيلي ئي، اسان کانئس پڇي رهيا هئاسين، ته توکي ڪٿي وڃڻو آهي. هن چيو ته ’والپئي‘ تنهن تي اسان چيوس، اڪيلي پئي وڃين، اِن کان ته اسان سان گڏ هل.“

”’اَڇا! ته گڏ هلڻ لاءِ ايتري ويجهائيءَ جي ضرورت پوندي آهي ڇا؟‘ هوءَ ذرا ککا وکا ٿي ويا. تنهن تي چيومان، ‘پنهنجو رستو وٺي هلندا ٿيو.‘ هُو هلڻ لڳا ته هيءَ ڇوري به سندن پٺيان هلڻ لڳي! مون اڳيان وڏي کيس روڪيو. مون اڳي کيس هڪ دفعو ڏٺوهئو. اِنڪري مون اندازو لڳايو ته هوءَ شورام ڀاٽيڪر جي ڌيءَ ئي آهي. کانئس پڇي، اِن ڳالهه جي پڪ ڪيم.”هلينءَ ڪيڏانهن؟“ چئي ڌمڪايومانس ته ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳي، دل ۾ آيم، ته وَڄائي ڪڍانس ٻه چماٽون، پر، سوچيم ڌيءَ آهي ٻئي جي، پاڻ کي ڪهڙو حق آهي کيس هٿ لڳائڻ جو؟

”’هل مون سان گڏ!‘ چيومانس ته پهرين ته اَناڪاني ڪرڻ لڳي، پوءِ البت کيس ڳٿڙ کان پڪڙڻو ئي پيو. پوءِ منهنجيون ڦاٽل اکيون ڏسي، سڌو هلڻ لڳي. کيس گهر وٺي ويس، ماني کارائي مانس، پر ايتري ۾ جوابداري ڪٿي ٿي پوري ٿئي؟ سندس گر وڃي، کيس پڻس جي حوالي ڪجي ته جوابداري لهي، اِهو سوچي کيس وٺي ٻاهر نڪتس، رستي ۾ هن گوپال جي گهر ويس، کيس هڪ نياپو ڏيڻو هئو، اُهو ڏنم، هن تماڪ جي دٻي اڳيان ڪئي، اِنڪري تماڪ کائڻو ئي پيم. هاڻ هلڻ گهرجي، اِئين سوچي ٻاهر جو اَچان ته ڇوڪري ندارد! منهنجين اکين ۾ سرمو پائي پسار ٿي ويئي! اِنڪري گوپال کي چيم، .هل بابا، ذرا مون سان، ته هلي هن چنڊيءَ کي ڳولي ڪڍون.‘ ايتري ۾ برسات زور زور سان وسڻ لڳي، اؤڙڪ گهٽجڻ تائين ترسڻو ئي پيو، پوءِ نڪتاسين، واٽ تي ملي هڪ هارياڻي، هن ٻڌايو ته هڪ اَڻ سڃاتل ڇوڪري توهان جي گهر طرف ڊوڙندي ويئي آهي. اِنڪري هتي آياسين...“

’چما‘ جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻڻ جي مون کي جيڪا اُڻ تڻ هئي، اُها اميدن کان به وڌيڪ پوري ٿي ويئي. سوچيم ته ڇوڪري شايد واهيات آهي، کيس ڪنهن روڪيو ڪونهي، سنئين دڳ لاتو ڪونهي، شايد اڳتي هلي پنهنجي ماءُ پيءُ جي نالن کي ڪارنهن جو ٽڪو هڻي ۽ پنهنجي جيون جي ستيانس ڪري ڇڏيندي. مون گوپال جوشيءَ کي چيو، ”اڳتي ڇا ڪرڻ جو سوچيو اٿؤ؟“

”کيس ٻاهر سڏيو، مان کيس وٺي وڃي پڻس جي هٿن ۾ سونپڻ ٿو چاهيان، ۽ پڻس کي به ٻه لفظ ٻڌائڻ ٿو چاهيان“

مان اٿيس ۽ اندر ويس. منهنجي زال چلهه تي چانهه جو پاڻي رکيو هئو، ۽ چما چلهه اڳيان ويهي، هٿ پير سيڪي رهي هئي.

”ٻڌ ته! تنهنجو نالو ’چما‘ آهي نه؟“

هن ڪنڌ ڌوڻي’ها‘ ڪئي.

”هوُ گوپان جوشي ٻاهر آيو آهي، توکي ڏينهن ڏٺي جو گهر پهچائڻ ٿو چاهي، چانهه پي، ٻاهر اَچ.“

هن هڪدم پنهنجيون نظرون مون تان هٽايون، ۽ منهنجي زال، جيڪا وڏي دٻي مان کنڊ ڪڍي ننڊي دٻي ۾ وجهي رهي هئي، اُن ڏانهن ڏسڻ لڳي.

”ڪاڪي! مون کان ته اُٿڻ ئي نٿو پڄي، سيءَ کان منهنجو سڄو بدن پيو ڏڪي، مان اَڄ رات توهان وٽ ٿي رهان. سڀان وينديس. هان؟ رهان نه؟ رهان نه، ڪاڪي؟ سڀان پڪ وينديس.

سندس اِهو ’پئنترو‘ بلڪل نرالو هئو. هن پنهنجي استري ذات کي سڏ ڏنو هئو. منهنجي زال کي ’ڪاڪي‘ سڏيو هئائين، آزي نيزاري ڪئي هئائين. اڃا ٻيو ڇا کپي؟ منهنجيءَ زال مون کي چيو، ”ڌيءَ ڪنهنجي آهي، اِها سڌ ته پئجي ويئي نه؟ ته پوءِ هيڏي آزي نيزاري ٿي ڪري، ته کڻي رهڻ ڏيوس اَڄوڪي رات، سڀاڻي وڃي ڇڏي اَچجوس. نه ته پڻهس کي ئي کڻي نياپو موڪليو. پاڻهي ايندو ۽ وٺي ويندس.“

جڏهين منهنجي زال ئي کيس آسرو ڏنو، ته پوءِ اَڳتي ڇا چئجي. مون ٻاهر اَچي گوپال جوشيءَ کي چيو، ”تون ڀلي گهر وڃ. مان کيس سڀاڻي ڇڏي ايندس. ويچاري برسات ۾ ڀڄي يخ ٿي ويئي آهي، چوي ٿي ته هوءَ اُٿي ئي ڪانه ٿي سگهي.“ گوپال جوشي، ”ٺيڪ آهي“ چئي هلي ويو. مان اُٿي پنهنجي ڪم ڪار کي لڳي ويس. وٿاڻ ۾ وڃي، ڍورن کي ڏٺم، ماڙي تي رکيل سڪل گاهه ڪڍي، سندن اَڳيان رکيم. پوءِ واهه تي وڃي هٿ پير ڌوتم. موٽندي ’گل باشي‘ جا گل[1] ڌوپ ـــ آرتيءَ لاءِ آندم ۽ سنجها ٽاڻي، ڌوتي پائي، ٺاڪرن اَڳيان، ’سنڌيا پوڄا‘ لاءِ ويٺس. ٻارن ”شڀ ڪروتي“[2] شروع ڪيو ۽ هڪ ئي ساهيءَ ۾ اُهو پورو ڪري، گهر اندر ڀڄي ويا. منهنجي زال، چلهه ڀرسان ويهي، ڪجهه رڌي رهي هئي، ۽ چما اُتي ئي کپ کوڙي ويٺي هئي. ٻنهي جي وچ ۾ ٿيل گفتگو، مان پنهنجي جڳهه تي ويهي، ٻڌي رهيو هوس.

”من! توکي ڀائر گهڻا؟“

”ڀائر؟ ڳڻڻا پوندا، ترسو، هان! سڀني کان وڏي مان، منهنجيءَ پٺ جو پرڀيا، سندس پٽ جو دنوُ. سندس پٺ جي گنگا، سندس پٺ جو دامو، ٻن سالن جي سندري، ۽ ڇهن مهينن جي ننڍڙي گودي. گهڻا ٿيا؟...“

چما کلڻ لڳي ۽ ساڻس گڏ منهنجي زال به کلڻ لڳي، مان جل جي آنچلي پي رهيو هوس، پر هٿ روڪي مان به کلي ويٺس.

”ڀلا تنهنجي ماءُ، هيترن ٻارن کي سنڀالي ڪيئن؟“ ”ڪاڪي! هوءَ ڇا سنڀاليندي؟ مون کي ويهي کائڻو ٿورو ئي آهي، سڄو ڏينهن سڏ پيئي ڪندي، چما! داموءَ جي چڍي ڌوءَ، چما ذرا سنڌريءَ کي ته گهمائي اُچ. چما، ذرا گوديءَ کي ته کارائي وٺ، ۽ هوءَ ماني کائڻ کانپوءِ کيس اُٿڻ پڄي ئي ڪونه. اُتي ئي هٿ تي پاڻي وجهي، گوديءَ کي انچل ۾ لڪائي، ليٽي پوندي، بس کن ۾ کونگهرا هڻڻ لڳندي، جوُٺ اُتي ئي پيئي هوندي. پٺئين دروازي مان ڪانگ اَندر اچي، جوٺيون پاتلون هيٺ مٿي ڪندا آهن... اِها آهي سڄي حقيقت! ڳوٺ جا ماڻهو کيس ڇا چوندا آهن، خبر اَٿوَ؟... سوُئر!“

”تنهنجي پيءُ کي هيءُ سڀ وڻي؟“

”هوُ ته منهنجي ماءُ جو مڙس لڳي!“

مان جتي ويڍو هوس اُتان ئي اُن ڇوڪريءَ کي هٿ جوڙيم! ڇوري نه هئي، وڄ هئي وڄ! ماءُ لاءِ پيار ڪونهيس. پيءَ لاءِ ذرو به آدر ڪونهيس. ڀائر ڳڻڻ لاءِ، اڱريون ٿي موڙي! ايتري ۾ منهنجي زال جي ڪيوي، ديڳڙيءَ سان زور سان لڳڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. وگار ڏنو هئائين. ٿوري دير لاءِ رُڪيل، چما جي زبان وري چالو ٿي ويئي.

”واه! وگار جي سڳنڌ ڪيتري نه سٺي هئي! ڪيلن جي ڀاڄي ٺاهي اَٿوَ نه؟“

”ها، شايد توهان جي گهر ۾ اِها ڀاڄي ڪانه ڪندا هوندا.“

”اَسان جي گهر ۾ ڀاڄيون وري ڇاجيون! گهر پٺيان ڪيلن جا وڻ هئا، اُهي به سڙي ويا. سوپاريءَ جا وڻ به سڙڻ لڳا آهن، اَسانجو پيءُ ڪڏهين وڻن کي پاڻي ڏي ئي ڪونه. سندس بدن سدائين سوُر کان پيو ٽٽندو آهي، اسان کي چوندو، ”ٻارو! وڃو پاڻي ڇٽڪائي اَچو.“ اسان ٻار ڇا پاڻي ڇڻڪائينداسين ـــ پنهنجو مٿو؟ پاڻ ورانڊي ۾ ويٺو ٻيڙيون ڇڪيندو. سامهون هوندس ٻيڙي جي ٽوٽن جو ڍڳ. هڪ ٻيڙي وسامندي ته ٻي ٻاريندو. ڳوٺ جا ماڻهو اسان جي منهن تي چوندا آهن، ”گڏهه، سون جهڙي زمين آلس ڪري، چٽ ڪري ڇڏي!“

”من! ماڻهن اِئين چيو، انڪري پاڻ کي اِئين چوڻ نه کپي!“ منهنجي زال کيس اُپديش ڏيندي چيو.

هونئن ته نه چوان ها، پر هو مهل ڪمهل اسان جي لاک لاهيندو آهي، کيس ته رڳو هڪ ئي ڳالهه چڱيءَ طرح ايندي آهي، کڻ کلو ته ٿيئي ڀلو!“

”توهانجي زمين ۾ پيدائش ئي ڪانه ٿئي ته هيترا ڄڻا کائو ڪٿان؟“

”کاڌو وري ڇاجو، ڪاڪي! اَٺ اَٺ ڏينهن رڳو پيڄ پي گذاريندا آهيون، پيٽ ۾ ڇا ته باهه ٻرندي آهي! دل ۾ ته ايندو آهي، ماءُ کي ئي چٻاڙي کائجي، پيءُ کي به ڳڙڪائي ڇڏجي!“

”ڇي ڇي!“

”ڇي ڇي ڇا؟ توهان کي هڪ اَندروني ڳالهه ٿي ٻڌايان. چئن اَٺن ڏينهن کانپوءِ ڪڏهين ڪڏهين اَسانجي گهر ۾ چانور رڌبا آهن، پر اهي اسان لاءِ ڪونه هوندا آهن. اَسان کي ملي ’ناچڻي‘[3] جي ماني، ڪڏهين رئين جهڙا چانور ۽ مٿان، ٻڪ چانور وجهي ٺاهيل ديڳڙي ڀريل پڇ، کاڌو جهڙو منجهند جو تهڙو رات جو. اسان کي سمهاري پوءِ ئي اَمان چانور رڌي ۽ ٻئي ويهي اَڌ رات جو اُهي چانور کائن. مان سڀ ڪجهه ڏسندي آهيان. پوءِ چڱيون اوگرايون ڏيئي اُٿن، ته هڪ ئي بستري تي ليٽيون پون، پاسي پاسي ۾!“

”هل، بيهودي ڪٿان جي! اِئين ڪونه چئبو آهي.“

”ائين چيم ته ڇا ٿي پيو؟ مون کي سڀ خبر آهي، مان ته زندگيءَ مان ڪڪ ٿي پيئي آهيان. سڄو ڏينهن ڪم ۾ ڳهندي رهان، پوءِ به کائڻ لاءِ ڇا مليم؟ ماءُ جون گاريون ۽ پيءُ جي مار. هڪ ڏينهن گهر مان ئي ڀڄي نڪتيس، گذريل پندرهن ڏينهن کان پيئي ڀٽڪان، پوءِ به ڏسو ته ڪيئن نه منهنجي صحت سڌري پيئي آهي. جتي ويس اُتي ڀل ته پاروٿي روٽي مليم،پر پيٽ ڀري کاڌم. پر ڪوئي ٽڪڻ به ڏئي نه! جيڪو تيڪو چوي، ”گهر وڃ، اسان وٽ نه رهه، هل مان ئي توکي گهر پهچائي اَچان!“ سڀ مئا مون کي اُن گهر جي گند ۾ ڦٽي ڪرڻ ٿا چاهي، ڇا کٽي پوين ها، جي مون کي چار ڏينهن روٽي کارائن ها؟

”ماڻهو اِئين ٿا سوچين ته تون اَڪيلي ڀٽڪندي رهندينءَ ته بگڙجي ويندينءَ، اَڄ صبح جو به ڪن جوان جماڻ ڇورن سان گڏ ڪٿي وڃي رهي هئينءَ نه؟

”مان ڪٿي هنن سان گڏ وڃي رهي هيس، هوءَ ئي منهنجي پٺيان پيا هئا. هنن چيو، ”اَسان توکي سنگت ڏيون؟“ مون چيو، ”ڀلي“ هنن سان گڏ هلندي مون کي مزو پئي آيو، کين مون تي ڪيتري نه ديا اَچي ويئي! ٻين سڀني مون تي چٿر بازي ڪئي، پر هنن ڇوڪرن ڪيترو نه مٺو مٺو پئي ڳالهايو!..“

”چما! تون ته نسوري نادان آهين، پوءِ به ڳالهيون سياڻپ جون ٿي ڪرين! اَڄ گجا جوشي نه مليئي ها ته؟ ايئين نه ‘ناموس‘ ڪڍيه ته سڀان ڪوئي توکي سويڪار ڪرڻ لاءِ به تيار ڪونه ٿيندو!“

”ته پوءِ ڇا ڪريان؟ تون کارائين ٿي مون کي ٻئي ويلا“ تنهنجي گهر ۾ ته سڀ ڪجهه آهي، چانورن جون ڳوڻيون ڀريون پيون اَٿيئي. ’ناچڻي‘ جا ڪابڪ ڀريل آهن. ڀاڄي ڀڪو به جام اَٿيئي. هو ڏس، ڏنڊي مان ڪيئن نه بصرن جون مالهائون لٽڪي رهيون آهن. اسان وٽ ڪنهن کي چڪر اچي ته نڪ اَڳيان جهلڻ لاءِ به بصر ڪونه ملندو‘ تون مون کي روٽي کاراءِ، پوءِ ڏس تنهنجي چئي اندر رهان ٿي يا نه. ڪنهن ڏانهن اَک کڻي نهاريان ته ڀل چماٽ وهائي ڪڍجانءِ.“

اِن تي منهنجي زال ڀلا ڇا چوندي! چما جو سوال سڌو سنواٽو هئو، کيس ڪورو اُپديش نٿي کپيو. هوءَ سندس اڳ وٺي ڳالهائي رهي هئي. سندس نظر پري نٿي ويئي. هن کي بيماريءَ مان هڪدم ڇوٽڪارو گهربو هو. اَندر بک ڀڙڪي رهي هئي. مٿان ماءُ پيءُ جون جٺون. اِهي ٻئي آفتون هوءَ برداشت نه پئي ڪري سگهي. پيءُ جي هميشه واري ماندگي ڏسي رهي هئي. ماءُ جي بيهودگي کيس کائي رهي هئي. ۽ ٻنهي جي خود مطلبي ۽ ڪوُڙ مان هوءَ آزمودو پائي رهي هئي. کيس ڪنهن به ممتا جو اُهاءُ ڏيکاريو ڪونه هئو. پنهنجي وات مان گرهه ڪڍي، ڪنهن به سندس وات ۾ ڪونه وڌو هئو. هن کي ڪنهن ڀڳتي پيار جي جي ڄار ۾ ٻڌو ئي ڪونه هئو. انڪري، بنيادي چنچل، هوڏي چما، اُن پوري، جهريل گهر مان ڀڄي نڪتي هئي. آزاد ته هئي، پر هاڻ ڇڙواڳ ٿي چڪي هئي. ان لاءِ کيس شرم نٿي آيو، کيس ڪنهنجو ڊپ ڊاءُ ڪونه هئو، جيڪي ڏٺائين، جنهنجو آزمودو پرايائين، اُن بابت بنا لليءَ چپيءَ جي چئي رهي هئي.

مون دل ۾ چيو، هيءَ ڇوڪري آهي يا ٻرندڙ مشعال! اڄوڪو ڏينهن هتي رهي آهي، اُهوئي ڪافي آهي. صبح جو اُٿڻ شرط مون پنهنجي نوڪر کي، سندس پيءُ ڏانهن موڪليو. ٻپهريءَ جو سندس پيءُ آيو ۽ ورانڊي ۾ اچي ويٺو. سندس غريبي سندس چهري مان بکي رهي هئي. سندس آلس، سندس بيهودگي، سندس ڌوتي، ٻنڊي، مٿي ٿي پٽڪي جيان ٻڌل آنگوڇي مان ظاهر هيون. مورکتا ۽ اَهتڪار جي عجيب ملاوٽ سندس اَکين مان جهلڪا ڏيئي رهي هئي. پيشانيءَ اوچي ۽ اَکيون گهريون، هاٺي سخت، ڊگهي گردن، گوري چهري تي باريڪ ڪارا، ڳاڙهسرا نشان ـــ اِها سندس بدني بناوت مون کي نه وڻي، ٿي سگهي ٿو، ڪالهه رات چما سندس سڀاءُ جو جيڪو بيان ڪيو هئو، انڪري اِها ناپسندگي پيدا ٿي هجي.

اُن ڏينهن اَسان وٽ ”للتا پنچمي“ جي پوڄا هئي. ٻانڀڻ کائڻ لاءِ اَچڻو هئو. منهنجي زال اَسر جو ئي سنان ڪري، رنڌڻي ۾ ويئي هئي. مڱن جا ”پرڻ“ تيار ڪري، اُنهن جا چاڻا ٺاهي رکيا هئائين ۽ اُهي چانورن جي باريڪ اَٽي ۾ ٻوڙي، ترڻ واري هئي. چما اِهو سڀ ڪجهه ڏٺو پئي، سندس وات ڪڏهوڪو پاڻي پاڻي ٿي چڪو هئو. اُهي ترجي نڪرندي نڪرندي، مانسڪ ڪريا سان سڌو سندس پيٽ ۾ وڃي رهيا هئا. هوءَ رنڌڻي مان چرڻ لاءِ تيار ڪانه هئي. ڄڻ سندس نصيب جي ڪري ئي اسان جي گهر ۾ مٺا مٺا طعام ٺهي رهيا هئا.

ايتري ۾ چما، ورانڊي ۾ ويٺل پنهنجي پيءُ جي کنگهڻ جو آواز ٻڌو. ”آيل ڪال،“ هن چيو؛ ”ڪير؟“ منهنجيءَ زال پڇيو. ”منهنجو پيءَ“ چما جواب ڏنو. ”اَچڻ ڏينس، سٺو ئي ٿيو،“ منهنجي زال چيو. ”يعنى ته چما جي پيڙا ٽري. ائين نه؟“ چما سوال پڇيو. ”ها، اِئين ئي“ منهنجي زال بيزاريءَ وچان چيو.

”ڪاڪي! تنهنجا نيوالا ڪيترا نه سٺا ٿيندا؟...

کارائڻ کانسواءِ مون کي پنهنجي گهرنه موڪلج. نه ته ڏسجو منهنجي آس رهجي ويندي.“

”ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي، ماني کائي پوءِ ئي وڃجانءِ بس.“

مان اِها سموري گفتگو ٻاهر ويهي ئي ٻڌي رهيو هوس. اِنڪري مون کي ڪجهه چوڻو ڪونه پيو. ٻاهر ويٺل شورام ڀاٽي ڪر کي چيم ”اَڄ اسان وٽ للتا پنچمي جي پوڄا آهي، ٺهيل ٺڪيل ٻانڀڻ اچڻو آهي، انڪري منجهند جي ماني اَسان وٽ کاءُ ۽ پوءِ ڌيءَ کي گهر وٺي وڃ.“

مون سمجهيو ته شورام آناڪاني ڪندو. پر هن اهڙو اهڙو ڪجهه ڪونه ڪيو. رڳو چمائي بکايل ڪانه هئي، هو به هئو. اَندر ترجندڙ طعامن جي خوشبوءَ هن جي نڪ تائين به پهچي چڪي هئي. مون کي شورام هڪ ڪري غريب، ٻالو ڀولو ئي لڳو، پر منجهند جو جڏهين پاتل اڳيان ويٺو تڏهين پنهنجي سڀاءءُ جي جهلڪ ڏيکاريائين، پنگت ۾ ويٺلن لاءِ پاڻيءَ جا کوٽا رکڻ لاءِ چما ٻاهر آئي، تڏهين اَکيون ڦاڙي کيس چيائين، ”ڀٽڪي لاٿهءِ؟ ترس، هل ته سهين. پوءِ تون آهين ۽ مان آهين.“

تنهن تي مون کيس چيو، ”مانيءَ وقت ڪجهه به نه ڳالهايو، بابا!“

هو هيسجي ويو. پوءِ ماني کائي پوري ڪرڻ تائين هن ڪجهه به ڪونه ڪڇيو. چما پهرين ته ٻارن جي پنگت ۾ ويهڻ واري هئي. پر پوءِ هن پنهنجي پاتل، رنڌڻي ۾ ئي رکي. سڀ طعام ڏاڍي چاهه وچان کاڌائين. سچ پچ اُن وقت سندس فوٽو ڪڍڻ گهربو هئو. چار پنج نيوالا گيهه ۾ ٻوڙي، ملائي، هن پهرين کيپ ۾ ئي خلاص ڪري ڇڏيا، وري منهنجي زال ٻه نيوالا وجهڻ لڳي ته کيس چوڻ لڳي، ”ٿالهه ۾ جيڪي ست اَٺ نيوالا آهن، اُهي مون کي ڏي.“

”هڪ ئي وقت نه، هي به ختم ڪر ته وري ڏيندي سانءِ. جيترو وڻيئي اوترو کاءُ، مون ڪافي ٺاهيا آهن.“

اُن ڏينهن چما کائڻ سان بنهه حد ڪري ڇڏي. جيئن اُٺ پاڻي هڪ ئي وقت ڀري ڇڏيندو آهي، تيئن هن اَن ڀري ورتو هئو. هوءَ هاڻ ڏڪار ۾ وڃڻ واري هئي. اِن ڪري ڄڻ ته ٻن ٽن ڏينهن جو هڪ ئي وقت کائي ڇڏيو هئائين، منهنجي زال کي لڳو ته هوءَ پاتل مٿان ئي الٽي ڪندي،هڪ طرف کيس بڇان به آئي، ته قياس به آيس، پاتل ڀرسان هٿ ڌوئيندي چما، منهنجي زال کي چيو، ”ڪاڪي! خوب کاڌو اَٿم- اَصل نڙيءَ تائين، تون مون هٻڇي سمجهندي هوندينءِ برابر نه؟“ ۽ هڪدم سندس اکين ۾ آنسون ڀرجي آيا. منهنجيءَ زال ڪجهه به ڪونه چيو، ڇو ته جيڪي هن چوڻ پئي چاهيو، اُهو چما خود چئي ڇڏيو هئو.

منهنجيءَپنگت ۾ ويٺل شورام ڀاٽي ڪر به ساڳي ڪار ڪئي. منهنجي زال ٻڪن جي حساب سان نه، مڻن جي حساب سان طعام تيار ڪندي آهي، اِنڪري ئي اُن ڏينهن پت رهجي آئي. کائڻ کانپوءِ هڪدم گهر روانو ٿيڻ، شورام لاءِ ممڪن ڪونه هئو. هٿ ڌوئي آيو ۽ ورانڊي ۾ ئي ٻه ڪلاڪ ليٽيو پيو هئو. جڏهين اُٿيو، تڏهين منهنجي زال چما کي پنهنجي ساڙهي ـــ چولي پائڻ لاءِ ڏني ۽ پوءِ چيائينس، ”اڄ ته سڌو گهر ويندينءَ نه؟“

”ڪاڪي! مان ڀاڄوڪڙ ۽ بي شرم ته ثابت ٿي ئي چڪي آهيان، وڄندڙ دهل به ٿي چڪي آهيان، جي ڀڄڻو هجيم ها ته هت هيتري دير توهان کي نظر ئي ڪانه اچان ها، پر گهٽ ۾ گهٽ اَڄ اِئين ڪانه ڪنديس. توهيترا مٺا مٺا طعام کارايا آهن. مان اَڄ ته اَصل رسي ٻڌل وَڇڙي وانگر گهر وينديس، تون ڪائي ڳڻتي نه ڪر.“

”هاڻي هن ڇوريءَ کي ڇا چئجي؟“ منهنجيءَ زال اَندر ئي اندر ڀڻ ڀڻ ڪئي. هن هڪ ڪپڙن جي هڙ کولي اُن مان چوليءَ جيترو ڪپڙو چما کي ڏيڻ لاءِ ڪڍيو.

”ڪاڪي ڇاجي لاءِ ٿي ڏين، هيءُ؟ اِهو مون کي ٿوري ئي ملڻو آهي؟ اِهو ته منهنجي ماءُ هڙپ ڪري ويندي!“

”ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي، گهڻي سياڻپ نه ڏيکار، جيڪي ملي، اُهو ماٺ ميٺ ۾ وٺڻ کپي.“ اِئين چئي، منهنجيءَ زال، اُهو ڪپڙي ٽڪر ويڙهي سيڙهي چما کي هٿ ۾ پڪڙايو، پوءِ ٻاهر اچي شورام کي چيائين، ”ڇوڪر ذرا نياري آهي. کيس سنڀال سان هلايو، ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ مانگهه ۾ سندس شادي ڪرائي ڇڏيو. اَجائي مارڪٽ نه ڪجو.“

”اهو سڀ مون کي نه چئو. سندس سمورو واهياتپڻو ڪڍي ڇڏيندس. موچيءَ جي اِشٽ ديو کي پوڄا کپي موچڙن جي.“

مون چما ڏانهن نهاريو، پر سندس اَکين ۾ ڊپ بدران بي شرمي ئي بکي رهي هئي. هوءَ پيءَ جي پٺيان پٺيان هلڻ لڳي، کيت جي ٻنڌ وٽان ساڄي طرف مڙندي هن هڪ نظر اسان ڏانهن اَڇلي. مون ڀانيو هئو ته وڃڻ وقت هوءَروئندي. جي روئي ها ته اسان جي ممتاز سبب رئي ها ۽ اَسان کي پنهنجي وڏ ماڻهپائي محسوس ٿئي ها، پر جيئن هوءَ اُداس اَسانجي ڇپر هيٺ بيٺي هئي، اُن ريت ئي اُداس نڪري ويئي.

اُن رات مون سندس ئي سپنو لڌو، چما جي پٺيءَ تي رانن تي مار جا نشان ٿي پيا آهن ۽ هوءَ اسان اڳيان پنهنجو انگ اگهاڙو ڪري، اسان کي چوي پيئي، ”ڏسو، ڏسو، هيءُ منهنجو حال ڏسو! مان گهر مان ڀڄي نڪتي هيس، اِن ڪري ئي مون کان نفرت ڪري رهيا هئا نه؟...“

اَسانجو سارو گهر پوءِ سارين ڪٽڻ جي ڪم ۾ مشغول ٿي ويو. سڀ چانور ڇڙي، گهر ۾ جمع ڪرڻ تائين ڏياري گذري ويئي ۽ ڪارتڪي گيارس اچي ويئي. پوءِ آيو سوپارين جي ڪيرڻ جو وارو. سوپاريون ڪيرڻ، گهر آڻڻ، ڇلڻ، ٻاڦڻ، سڪائڻ معنى ٻن مهينن جو اَکنڊ يگيه! اُن ڪم جي وهڪري ۾، اسان پاڻ کي ڀلجي وياسين، پوءِ به چما کي ڀلائي نه سگهياسين.

مانگهه مهيني جي پهرين پکه ۾، هڪ صبح جو، سج جي ڪرڻن سان گڏ ئي چما اسان جي گهر ۾ داخل ٿي، مان ورانڊي ۾، رات جي ڇليل سوپارين جون کلون ميڙي رهيو هوس ۽ منهنجي زال پاڻي ڇٽڪائي رهي هئي، سندس اڳيان بيهي، ڊڄندي ڊڄندي چيائين، ”ڪاڪي! مون کي پهرين ڪٿي لڪاءِ.“

اَسان ٻنهي جا هٿ هڪدم رڪجي ويا. هوءَ ڪافي سهڪي رهي هئي. عين سرديءَ ۾، پرڀات جي پهر ۾، هوءَ نهن کان چوٽيءَ تائين پگهر ۾ سنان ڪيل هئي. سندس منو، پر ڦڊيل نڪ لال ٿي ويو هئو، ڳل به لال ٿي ويا هئس. هوءَ هلندي ڪانه آئي هئي، اَصل ڊوڙندي ۽ ٽپ ڏيندي آئي هئي.  سندس اکين ۾ ڊپ ڀريل هئو ۽ هوءَ وَر وَر ڏيئي پٺيان مڙي ڏسي رهي هئي.

”وري ڀڄي آئينءِ نه؟“ منهنجي زال ناراض ٿيندي پڇيو.

ها، آئي آهيان،  پنهنجي جان بچائڻ لاءِ آئي آهيان، پر پهرين مون کي لڪاءِ، هو ڄاڻ آيو.“

”هو ڪير؟“

”منهنجو پيءُ.“

”ته اچڻ ڏينس، تنهنجو پيءَ ڪو شينهن ته ناهي نه؟“

”شينهن جو به بابو لڳي، مون کي وڪڻڻ هليو آهي، هن ڪاڪي جيڏي ماڻهوءَ وٽ، ڪارو ڪلوٽو آهي، اُهو ماڻهو، هڪ اک ۾ پتلي جيڏو ڦلو اٿس، زال گذاري ويئي اٿس ۽ ٻارن جي پلٽڻ اٿس. ساونت واڙي پاسي جو ڪو واڻيو آهي،نوٽن جي ٿهي کڻي آيو آهي. رات بابا اُهي ڳڻي ورتا. صبح جو نڪرڻ جو فيصلو ٿيو. سندس ڳوٺ ۾ وڃي  ”سمهو رت ساوڌان“[4] ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. سڄي رات منهنجي اَک نه لڳي، دل ۾ آيو، ته ورنڊي ۾ ستل ان ”شڪر آچاريه“[5] کي پنهنجن نهن سان چيري ڦاڙي ڇڏيان. پر.... پر اُهو ڪري نه سگهيس. پوءِ اَسرجو هوريان هوريان پٺئين دروازي مان نڪري وٺي ڊوڙ پاتم، نه واٽ ڏٺم، نه پچرو، سڌي هتي هلي آيس...“

”پر به، اسان جي پٺيان ڇو پيڙا ٿي پيئي آهين؟ هتي ڇا جي لاءِ آئي آهين؟ مرڻ لاءِ؟“ منهنجيءَ زال غصي وچان چيو.

”ڪاڪي! ڪاوڙ نه ڪر. توتي وشواس هئم ۽ ٻئي ڪنهن تي به ڪونه هئم، اِنڪري تو وٽ آئي آهيان. هن ڏينهن تو مون کي برسات کان بچڻ لاءِ پنهنجي گهر ۾ گهرايو، پنهنجا ڪپڙا مون کي پائڻ لاءِ ڏنهءِ چلهه وٽ ويهاري مون کي چانهه پيئاريهءِ. ٻين ڪيترن ئي گهرن ۾ وئي هئس، پر سڀني ”هٽ هٽ“ ڪري مون کي ڀڄائڻ چاهيو ۽ جڏهين ڏٺائون ته وڃان نٿي تڏهين چئن گرهن جيترو اَناج ڏنائون، رڳو اِن لاءِ، جيئن سندن کاڌي کي منهنجي نظر نه لڳي. تو اِئين ڪانه ڪيو. تنهنجا نيوالا مون کي اڃا تائين ياد آهن، ويندي وقت مون کي چوليءَ لاءِ ڪپڙو به ڏنيءِ، ڄڻ هيءَ منهنجو پيڪو گهر ئي هئو... اِنڪري ئي ڊوڙندي هتي آيس.“

”ته چئبو، در کولي، توکي گهر ۾ پناهه ڏيئي پاڻ سان ئي وڏي بي اِنصافي ڪيم.“

”توکي جيڪي چڻو هجي، ڀلي چئو، پر مان ته گهر ۾ وڃي لڪڻ واري ئي آهيان. منهنجي پيءُ کي چئو ته سهين ته مان هتي آئي آهيان، توتي هچا پوندي هچا!“

۽ هوءَ هڪدم گهر اَندر گهسي ويئي. اسان ٻئي ڏسندا ئي رهياسين. اُها ئي بيباڪي، اُهائي سرلتا، اُهوئي ڇوڪريءَکي نه سونهندڙ شوخ سڀاءُ. پر هن ڀيري مٿس چٿر بازيءَ ڪرڻ تي دل ئي نٿي ٿي. مٿس مشڪلات به اهڙي آئي هئي، هوءَ شينهن جي وات ۾ پئجي رهي هئي، اِنڪري جنهن ۾ گهڻي ۾ گهڻو وشواس هوس، اُن وٽ پاڻ لڪائڻ آئي هئي. اَڳتي سڀ ڪجهه اسان جي عقل تي ڇڏي، هوءَ گهر  اندر گهسي ويئي.

”هاڻي ڇا ڪجي؟“ مون پنهنجيءَ زال کي چيو.“

”ٻيو ڪجهه به ڪرڻو ناهي. پڻهس اچي ته ڇوريءَ کي ٻانهن کان پڪڙيء، پڻس اڳيان ڪجي. پوءِ چئجيس هيءَ رهي تنهنجي ڌيءَ، کپيئي ته وڪڻيس وڃي، کپئي ته کوهه ۾ وڃي ڦٽي ڪرينس.

”ته هن جو وسواس گهات ڪجي؟“

”ته ڇا عمر ڀر لاءِ اِهو ڳٽ ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيندا؟ ۽ ڇوري آهه اؤباش! سڀاڻي هتان به ڀڄي وڃي ته پوءِ بدنامي ڪنهن جي ٿيندي؟“

”هوُن!.... چئين ته سچ ٿي.“

”ٿوري دير لڪائي، ڇا هميشه لاءِ لڪائي سگهبس؟ اَڄ نه سڀان، پڻهس کي خبر ته پوڻي ئي آهي، پوءِ جي هوُ فرياد وڃي داخل ڪري ته فلاڻي ڊينگري منهنجي ڌيءَ ڀڄائي آهي، پوءِ؟

”ڪهڙي منهن سان فرياد داخل ڪرڻ ويندو؟ هو ته اُٽلو ايئين سوچيندو ته هڪ ڇوڪريءَ جي ڀري گهٽ ٿي!“

”ته ڇا هن ڇوري لاءِ گهوٽ ڳولهڻ لاءِ جتيون گسائيندءُ؟ اسان کي پنهنجا ٻار ڪونهن ڇا؟ ۽ سڀاڻي جي پڻهس اچي پيسا گهري ته؟ ’هو اَمڪو ڊمڪو هيتري رقم ڏيئي، منهنجي ڌيءَ وٺي وڃي رهيو هئو. توهان اُن جي آڏو آيا آهيو. اِنڪري هاڻ توهين ئي ڏيو اوترا روپيا.‘

سندس نقصان ٿيندو اِن وهنوار ۾. ته پوءِ ڇا هو ماٺ ڪري ويهندو؟ ڄاڻي واڻي هيءَ مصيبت خريد ڪرڻ لاءِ چيو ڪنهن اَٿؤ؟“

”جيڪي تون چوين ٿي، اُهو به سچ آهي.“

هيءُ به سچ آهي، هوُ به سچ آهي، اِئين ٻڏتر ۾ هئاسين، من چئي رهيو هئو، ”متان ڇڏينس.“ عقل چئي رهيو هيو هئو، ”اِها مصيبت تنهنجي گلي پئجي ويندي.“ هڪ اَهڙي ڇوڪري، جا نه اَسانجي ڪا رشتيدار هئي. اسان جي نيات جي هئي، اُن خواه مخواه اَسان جي اَندر ۾ طوفان برپا ڪري ڇڏيو هئو. منهنجي زال جيڪي چئي رهي هئي، اُهو وهنوار اَنوسار هئو. اجايون مصيبتون گلي ۾ وجهڻ لاءِ مون کي فرصت ئي ڪٿي هئي؟ ۽ ڇا لاءِ اهي مصيبتون خريد ڪريان.؟

ايتري ۾ شورام ڀاٽي ڪر اچي سهڙيو. هن جو منهن ٽامڻي هڻي ويو هئو. اکين مان رت ڇڻي رهيو هئس. هٿ ۾ بيد جو لچڪندڙ لڪڻ کڻي آيو هئو. اُن وقت اگر چما کيس ملي وڃي ها، ته اَسان جي ڏسندي ڏسندي سندس لاکه لاهي ڇڏي ها. سندس بدن ۾ ”ڪانچن ڀٽ“[6] گهسي ويو هئو.

”چما آئي آهي ڇا هتي؟“ هن اَڱڻ مان ئي پڇيو. ”چما؟.... نه.... هتي آئي ڪانهي.“ مون هڪدم وراڻيو.

”نه وري ڪيئن؟ هتي ئي اچڻ کپي، توهان مون سان ڪوڙو ڳالهائي رهيا آهيو. گذريل ٻه مهينا توهان جي گهر جائي گڻ ڳائي رهي هئي.“

”ڀاٽي ڪر! تنهنجي ڳالهائڻ جو اِهو نوع پاڻ کي پسند ڪونهي، اڳي جڏهن هوءَ هتي آئي هئي تڏهن مون ئي توڏانهن نياپو موڪلي، هتي گهرايو هئو نه؟“

منهنجو گفتو، ٻڌي هو شرمائجي ويو. ڪجهه مڙيئي ڀڻڪندو، پويان پير ڪري هلي ويو.

هيتري دير سانت ۾ ويٺل منهنجيءَ زال هاڻ مون کان پڇيو، ”هيءُ ڇا ڪيؤ؟“

”مون ڪيو ڪونه، پنهنجو پاڻهي اِئين ٿي ويو. چوڻو هو ’آهي‘ ته وات مان از خود نڪري ويو ’ناهي‘.“

ايتري ۾ چما ٻاهر آئي. هن، سندس پيءُ جي اچڻ کان پهرين، اسان ٻنهي جي گفتگو ٻڌي هئي. منهنجي زال اڳيان بيهي چوڻ لڳي، ”ڪاڪي! مان تولاءِ بار ٿي پيئي آهيان؟ ته پوءِ ڇا لاءِ اُن ڏينهن مون کي گهر ۾  آسرو ڏنه ءِ؟ ڇا لاءِ سنيهه ڏنه ءِ؟ مون سٺي هلت چلت جو فيصلو ڪيو هئو، پر اِن جو مطلب اِهو آهي ڇا ته مان پاڻ کي وڪڻي ڇڏيان؟ ڪاڪي! مون کي خبر پئجي ويئي آهي. ڀل ته مان سٺي هلت هلڻ چاهيان، پر ماڻهو مون کي اِئين ڪرڻ ئي ڪونه ڏيندا. ۽ اُنهن ۾ هڪ تون به آهين، مون کي ناهي رهڻو تو وٽ. پوءِ مون کي نه چئجانءِ ته هن سان گڏ ڇو ويئنءُ ۽ هن سان گڏ ڇو نچينءَ...؟

۽ چما هڪدم گهر کان ٻاهر هلي ويئي. مان سمجهي ويس ته هوءَ سڄي سنسار وٽان ٿيل اَپمان سهي ويندي پر ’ڪاڪيءَ‘ وٽان اَپمان برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ڪانه ٿيندي. اسان بت بڻجي هن کي ڏسي رهيا هئاسين. نيٺ مان وڌيڪ سهي نه سگهيس. للي چپي نه ڪندڙ سندس سڀاءَ سبب ئي هوءَ مون کي پنهنجي لڳي رهي هئي، مون کيس رڙ ڪري چيو، ”چما! واپس اَچ.“

هن هڪدم منهن ورايو. اِئين پئي لڳو ڄڻ سندس سرخ چهري مان وڄ جون نوڪون ٻاهر اُڇل ڏيئي نڪري رهيون هيون. اُتي ئي ڪلي جيان کپجي چوڻ لڳي، ”اون هون! توهان نه ڪاڪي سڏ ڪندي ته ئي ايندس.“

مان پنهنجي زال کي چوڻ وارو هوس، ”جيڪي ٿيڻو هجي وڃي ٿيئي. سڏي وٺينس.“ پر اُن کان پهرين ئي، منهنجي زال چيو، ”اَچ، واپس اَچ. تون ته چکي مڇڏو ملي آهين مون کي....“


[1]  هڪ قسم جا گل جيڪي سنجها ٽاڻي ٽڙندا آهن.

[2]  ايشور جي اُستتي جو شلوڪ.

[3]  هڪ قسم جو سادو اَن، جنهنجو داڻو ٻاجهري جي داڻي کان به ننڍو ٿيندو آهي. انگريزيءَ ۾ اُن کي Raggy چوندا آهن. - اَنوادڪ

[4]  شاديءَ وقت جيڪو سلوڪ چئبو آهي، اُن جو هڪ حصو.

[5]  راڪاسن جو گرو، جيڪو هڪ اَک کان ڪاڻو هئو. - اَنوادڪ

[6]  مشهور مراٺي ناول ”شاردا“ جو ڪردار، جو شاردا جو پيءُ آهي، جو پيسن خاطر، شاردا کي هڪ شاهوڪار ٻڍي کي وڪڻي ٿو ڇڏي. - انوادڪ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com