5
اروند گوکلي
منجولا
گاڏي اوچتو بيٺي پئي، لڏي لمي پئي ۽ سهڪندي ڊوڙي پئي. هر هڪ
گاڏو ماڻهن سان ٺونسي ڀريل هئو، ويهڻ جون بينچون ۽
وچ واريون کلل واٽون گرديءَ سبب گهٽجي ويون هيون.
در ۽ دريون بشرٽن، ساڙهين جي پلاندن، بُجر مٿن ۽
سسيل عضون سان گويا لنبيل هيون. گاڏي ٻاهران به
ماڻهو لٽڪيا پئي. جيئن ڪئلين سان ڀريل نانگ تڙڦندي
رڙهندو آهي، تيئن ويئي پئي گاڏي. هيءُ ٻن منهن
وارو ساپو ذرا بيهندو ته انڊريون گند ٻاهر اوتيو
ويندو ۽ اُن کان وڌيڪ گند اَندر ڀريو ويندو.
ماڻهو .... ماڻهو! چال، چال مان فٽ پاٿ ـــ پلئٽفارم تي ۽ اُتان
ٽرام ـــ لوڪل ۾! لوڪل ۾ گردي ته اَصل چوٽ تي هئي
۽ ڏينهن ۾ ٻه دفعا مسافري ڪرڻي پوندي آهي. صبح جو
آفيس وڃڻ لاءِ ۽ شام جو گهر موٽڻ لاءِ. ٻه دفعا
نرڪ جي پيڙا ڀوڳڻي پوندي آهي! گاڏي ۾ جيئن تيئن
ڪري جڳهه ملندي آهي. بدن کي ڪيترو به سڪوڙيو، ته
به ڪنهنجو نه ڪنهنجو ڌڪو لڳندو ئي آهي. مٿي کي
ڪنهن هئٽ جي ڪناري لڳندي آهي، ڪوئي ڪلها گسائي
نڪرندو آهي، سٿرن کي اَڻ واقف آڱريون چهٽنديون،
پيرن تي بوٽ جي ڇاپ چپبي ۽ سموري بدن تي گويا مالش
ٿي ويندي. هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرڻ جي به سهوليت
ڪانه هوندي آهي. ڪنهنجي گنجي ٽڪڻ تي پسينو، ڪنهنجي
ڏاڙهيءَ جون کُتيون، ڪنهنجي گردن تي پائوڊر جي چڳه
چڳه ڪندڙ تهه نظرن کي کائي رهيا هئا. ۽ سوَلو ٿي
بيهڻ تي به، هڪ ٻئي جا ساهه ۽ بانس نڪ ـــ وات ۾
گهُسي اَچڻ تي بُڇان ايندي آهي. اَکين جي تارن
سامهون، نڪ جي ناسن اَڳيان، بدن جي هر سوراخ
اَڳيان، مردار من وارا ۽ بڇان ڏاريندڙ بدن وارا
بيشمار ماڻهو!
پر شام واري مسافري ذرا آرام واري لڳندي آهي، صبح جو جيئن تيئن
ڪري ماني کائي، گاڏي پڪڙڻي. گاڏيءَ ۾ ڌڪا کائيندي،
ٿڪجي ٽٽجي بيهڻ، وري اسٽيشن کان آفيس تائين پير
پٽيندي وڃڻ. اِن خرخسي ۾ صبح جو ڪيل سنان ۽ سندرتا
وڌائڻ لاءِ ڪيل ’ميڪ اَپ‘ هڪدم ڌوپجي ويندو آهي.
اَڌ ـــ چٻاڙيل مانيون پيٽ ۾ چڀڻ لڳنديون آهن. ۽
پوءِ هُل بکڙيو هوندي به، گهر وڃي منهن ڌوئي اَڇو
اُجرو ٿي، آرام سان کائي، سمهي سگهبو. اِها آس
هوندي آهي.
سوا ڇهين جي لوڪل ۾ ٿڪجي ڦان ٿيل ماڻهو پنهنجن پنهنجن ’ڪبوتر
خانن‘ ڏانهن روانا ٿي رهيا هئا. ’ٽاءِ‘ ڍلي ڪري،
هٿ ۾ شام جي اَخبار جهليندڙ مرد هئا. گندي رومال
سان ڪي عورتون پڇاڙيءَ جو پگهر اُگهي رهيون هيون ۽
هٿ مان گهِر ڪندڙ ’پرس‘ جيئن تيئن ڪري سنڀالي
رهيون هيون. ٿڌا شوڪارا ڀرجي رهيا هئا، اُٻاسيون
ڏنيون پئي ويون ۽ پنهنجي پنهنجي اسٽيشن جلد اچي
اِن لاءِ ٿڪل نيڻ اُٻهرائيءَ وچان واٽ نهاري رهيا
هئا ۽ گاڏي بيهڻ تي آخرين شوڪارو ڀري، ٻاهر نڪرڻ
جي ڪوشش شروع پئي ٿي.
اَنڌيري اِسٽيشن اَچڻ تي، منجلا گاڏيءَ مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش
ڪرڻ لڳي. چرچگيٽ کان وٺي هوُءِ هڪ ’سيٽ‘ جي ڀرسان
بيٺي هئي، سو ويندي اَنڌيري تائين بيٺي ئي رهي.
’سيٽ‘ تي ويٺل ٿلهي متاري گجراتي گهر ٻار واري شخص
هن ڏانهن ڏٺو پئي ۽ هن طرف سرڪيو به پئي. کيس ٿوري
جڳهه به ڪري ڏني هئائين، پر هوءَ ’سيٽ‘ جي پٺ جو
سهارو وٺي اُتي ئي بيٺي هئي ۽ سندس سهارو وٺي ٻي
هڪ نوڪري ڪندڙ جوانڙي بيٺي هئي، سامهون کير جا
برتڻ کڻي ڀئيو ويٺو هئو. ۽ باقي ٻنهي پاسي ڪيترائي
ماڻهو گردي لائي بيٺا هئا. گردي هيٺ لهي رهي هئي،
پر پوءِ به جيئن جو تيئن قائم هئي. اَنڌيري جي
پلئٽفارم تي گاڏي آئي ته به گاڏي مان لهڻ لاءِ
رستو ملڻ مشڪل هو. ڀئيو، گجراتي، لڳو لڳ بيٺل
جوانڙي ۽ ٻنهي طرف ماڻهن جون ديوارون، آخر منجلا
ساڙهيءَ جو پلانگ پختو پڪڙيو، پرس به پختي
پڪڙيائين ۽ اَکيون ٻوٽي در طرف وڌڻ لڳي. ڪيترائي
ڌڪا، ڪلها گسڻ، ٻانهن ۾ چهنڊڙيون، چوٽي کي جهوٻو -
۽ منجلا ٻاهر آئي.
منجلا پلئٽفارم کان ٻاهر نڪتي ۽ رستي تان ڦڙتيءَ سان هلڻ لڳي،
وار ڪورا ۽ اَڀوڳا پئي لڳس ۽ اُهي چؤطرف اُڏري
رهيا هئا. چپ سڪي ٺوٺ ٿي ويا هئس ۽ نيڻ ٿڪل هئس.
ڪڇُون ۽ پيٽ پگهر سبب لڳ لڳ جيان ٿي ويا هئس، سڄو
ڏينهن ’ٽائيپ رائٽر‘ کي ڪٽي آڱريون ڏکي رهيون
هيون. ۽ هاڻ هلڻ کان اڳ ئي پير ڏکڻ لڳا هئا.
”منجلا... مسز کاسڪر!...“
منجلا پٺيان مڙي ڏٺو ۽ ڇرڪ ڀريائين. ڪاشي ڪلڪرڻي ’پرس‘نچائيندي
آئي پئي. منجلا جي آفيس جي ڀرواريءَ آفيس ۾ هوءَ
نوڪري ڪندي هئي. ٻئي صبح جو ساڳئي گايءَ ۾ وينديون
هيون، پر موٽڻ وقت هوءَ ڪڏهين به منجلا کي گڏيي
ڪانه هئي.
ٻئي پاسي پاسي ۾ هلڻ لڳيون، منجلا پڇيو، ”روز هن گاڏيءَ ۾ ايندي
آهين؟“
”نه، ڙي! اَڄ ئي آئي آهيان، روز ساڍي ستين جي ملندي آهي.“
”ايتري دير ٿيندي اَٿيئي، آفيس ۾؟“
”نه ڇٽندي ته ڇهين آئي آهيان، پر پوءِ جڳهه جي ڳولا ۾ رلندي
آهيان، ڪوئي ڪنهن جڳهه جو ڏس ڏيندو آهي، ويندي
آهيان، نراس ٿي موٽندي آهيان. ڪائي...“
جڳهه جي تڪليف جي باري ۾ وستار شروع ٿيندي ئي، منجلا بَر ٿيڻ
لڳي. سال اَڳ هوُءَ به اِنهن مڙن ئي مصيبتن مان
گذري چڪي هئي ۽ روز صبح ـــ شام ان جڳهه جي تنگيءَ
بنسبت کٽ پٽ هتي هتي ٻڌي بيحد بر ٿي چڪي هئي.
ٿوريءَ دير بعد هوءَ چوڻ لڳي، ’تون شادي ڪر، ڪلڪرڻي، پوءِ
پاڻيهي....“
”منهنجي شادي ته طئه ٿي چڪي آهي، اِنڪري ئي ته جڳهه پيئي
ڳوليان. شادي پڪي ٿئي ڏيڍ سال ٿي چڪو آهي، اَسان
ٻئي ڇهه ڏينهن سڄي بمبئيءَ ۾ جڳهه ڳوليندا آهيون ۽
ستين ڏينهن بمبئيءَکان ٻاهر وڃي جڳهه خالي نه هئڻ
ڪري منهن ڪوڙا ڪري، پريم جو اِظهار ڪندا آهيون.
منجلا جي منهن جو پنو هڪدم لهي ويو، ڪاشيءَ جي ڪهاڻي ٻڌي کيس
پنهنجي ڳالهه ياد آئي، هن جو پيار ٿيو ۽ پوءِ جڳهه
ڳولي شادي ڪئي هئائين، پر....
”مان ڀاڄي وٽان ٿي، تون بيهين ٿي ڇا؟“منجلا چيو ۽ رستي جي هڪ
طرف بيٺل ڀاڄي جي ٺيلهي ڀرسان بيٺي، رومال ۾ بصر
ورتائين ۽ هٿ ۾ ناريل جهلي هوءَ اَڳتي وڌڻ لڳي.
ڪلڪرڻي حسد وچان هن ڏانهن ڏسي رهي هئي، جڏهن کانئس
رهيو نه ٿيو تڏهين چوڻ لڳي، ”’لڪي‘ آهين، مسز
کارڪر‘“
”توکي به مڪان ملندو، مان تولاءِ پڇا ڳاڇا ڪريان ٿي. اَسان جي
آفيس ۾ سبرهمڻيم کي اِن جي چڱي خبر چار هوندي
آهي.“
ٻئي من ـــ مٿان کليون ۽ ڪلڪرڻي ٻئي رستي ڏانهن مڙي ويئي. منجلا
تيزيءَ سان اَڳتي وڌي. اَڃا ڪافي پنڌ ڪرڻو هئس،
گهر وڃي روٽي ٺاهڻي هيس، پاڻي ڀرڻو هئس، سنان تي
دل پئي ٿيس ۽ بک به لڳي هيس، شرد آيو هوندو ته کيس
چانهه به ٺاهي ڏيڻي پوندي! شرد جي ياد پوندي ئي
منجلا ڇرڪ ڀريو. منجلا گر مان ٻاهر نڪرڻ کاپوءِ
’ٽڪيٽ چيڪر‘، گاڏيءَ ۾ آيل اَنڌو فقير، آفيس جو
’باس‘، سبرهمڻيم، اَڪائونٽنٽ’ ڪاولي، ميري ڊسوزا،
سرل ساٺي، چانهه وارو ڀٽ، چرچگيٽ تي اَک ڀڃندڙ
ٻڍو، گاڏيءَ وارو ٿلهو گجراتي، ڪاشي ڪلڪرڻي،
ڀاڄيءَ وارو ڀئيو... انهن وچ ۾ ڪٿي به شرد ڪونه
هئو، جنهن سان اَٿاهه پريم هوس ۽ جنهن سان گڏ نئون
گهر وسايائين ـــ اُن جي کيس ڏاڍي ڇڪ محسوس ٿيڻ
لڳي، پر ٻئين کن سندس من ڄمي برف ٿي ويو ۽ قدم
آهستي آهستي کڄڻ لڳس.
پاسي مان وَٽائيندڙ موٽر مان اَلوُ بليموريا کيس ڏٺو. موٽر جي
رفتار ڍري ڪري منجلا کان پڇيائين، ’لفٽ؟‘
’نه. گهر اَچي پهتو آهي.‘ اڳتي وڌڻ لڳي، اَلوُ جي باري ۾ ويچار
سندس من ۾ ڦرڻ لڳو. آَلوُ به نوڪري ڪندي هئي، ڪنهن
’ايئر لائينس‘ جي آفيس ۾، پر بيد خوش هئي. گهوٽ کي
ڪڏهين جو ڇڏي ڏنو هئائين، روز نئين دوست سان گڏ
گهمندي هئي. سندس دوست جي ئي موٽر، سندس ئي پيسا،
اَلوُ جي بدن تي پيل ’فراڪ‘ ۽ لبن تي لڳل ’لپسٽڪ‘
به سندس ئي ڏنل هئا. سڀ ماڻهو سندس گلا ڪندا هئا،
پر اَلوُ کي پرواهه ڪانه هئي. ڪاليج جي جهونين
ساهيڙين ’گهور بندر‘ تي ’پڪنڪ‘ ڪئي هئي. تڏهين
اَلوُءَ، منجلا اَڳيان پنهنجي دل کولي رکي هئي.
چيائنس ’مان شاديءَ جي ٻنڌنن سان پاڻ کي ٺهڪائي
ڪانه سگهيس. منهنجو گهوٽ ڪمائي ڪونه ۽ منهنجي عيش
ڪرڻ جي علت پَلجي ئي نٿي، منهنجي گهوٽ جي مٽن
مائٽن جي گردي گهٽ ئي نٿي ٿئي، ۽ منهنجو ڪو ننڍي
هوندي جو دوست اچي ته منجهس شڪ ڪرڻ لڳن...‘
اَلو بليموريا بغاوت ڪئي. ڇٽي پيئي! ڇٽل جيان لڳي پر سروناش ٿي
ويو هجيس اِئين هلڻ لڳي. اَلوُ جون يادگيريون وڌڻ
لڳيون ته منجلا ڊڄڻ لڳي. سندس شرد ڪمائيندو هئو ۽
مٽن مائٽن کي پڪڙي وٺي ڪونه ايندو هئو. خود کيس ته
دوستن جي ضرورت ڪانه هئي ۽ عيش عشرت جي به ضرورت
ڪانه هيس. اَلوُ به کيس ’هئپي هائوس وائيف‘ ڪري
سڏيندي هئي، ۽ پوءِ به....
منجلا ’چال‘ وٽ پهتي تڏهين اوندهه ٿي چڪي هئي ۽ بتيون ٻري چڪيون
هيون. ڏينهن پورو ٿيل ڏسي، سندس پيشانيءَ تي ليڪون
اُڀري آيون. پنهنجي پنهنجي گهر ٻاهر مرد ماڻهو
اُگهاڙي بدن سان ويٺا هئا، گپ شپ هڻي رهيا هئا،
ٻارن کي ڪڏائي رهيا هئا. سندن اُگهاڙا بدن ۽
بيشمار ٻار ڏسي کيس بڇان اَچڻ لڳي. مٿو ڦيريندڙ
فونا ۽ ريڊيا زور شور سان چالو هئا، سئنيما جي
سنگيت جي فرمائش! پنهنجيءَ پسنديءَ جي سنگيت جي
پشتي ڪرڻ لاءِ، آواز جو وڏو ’واليوم‘ ڪيل هئو ۽
اِهو شور ـــ غل ٻڌي هوءَ وڌيڪ اُکڙجي ويئي.
سيڙهي چڙهي، هوُءَ گهر آئي، شرد اڳيئي اچي چڪو هئو ۽ آرام
ڪرسيءَ تي ليٽي رهيو هئو، چمپل لاهيندي چيائين،
”ڪڏهين آئين؟“
”هينئر ئي!“
”منهنجي ڇهين پنجين جي ’ٽرين‘ ذرا گسي ويئي...“ ميز تي پرس ۽
ڀاڄي ڦٽي ڪري، هوُءَ اَندرئين ڪمري ۾ ويئي. ڏول ۾
پاڻي ڪونه هئو. هوُءُ وڃڻ وقت ڏول ڀري رکي ويئي
هئي. شرد ئي سڄو ڏول خلاص ڪيو هوندو. منجلا کي
ڏاڍي چڙ لڳي، گهٽ ۾ گهٽ واپس ڀري ته رکڻ کپي نه!
صبح جو آفيس ۾ ويندي وقت، لاٿل پائجامو اُتي ئي
پيو هئو. سندس ساڙهي به اُتي ئي بازوليون کائي رهي
هئي! منجلا پير سائي پائجامي ۽ ساڙهيءَ کي پاسيرو
ڪيو.
شرد ٻاهران رڙ ڪئي، ”ڇا پيئي ڪرين؟ هل ته ذرا ٻاهران ٿي اچون!“
”ها، ها. پر اڃا هاڻ ئي ته آئي آهيان.“ هن ڏول کنيو ۽ ٻاهر آئي،
”ذرا هٿ منهن ڌوئي وٺان، پوءِ هلون ٿا.“ شرد طرف
ڏسي هن چيو ۽ ورانڊي مان ٽانڪيءَ طرف ويئي. پاڻي
آڻي ڏيڻ لاءِ شرد اڳتي وڌي ڪونه آيو، اِن جو کيس
ڏاڍو ڏک ٿيو. نل وٽ لاچاريءَ وچان بيٺي رهي،
ڪنهنجا ڏول ۽ ڪير پيا منهن ڌوئن! هن پنهنجو ڏول
اَڌ ئي ڀريو. سڄو ڀريل ڏول کڻڻ جي منجهس طاقت ئي
ڪٿي بچي هئي!
البت منهن ڌوئڻ ۽ ڪپڙن مٽائڻ بعد پاڻ کي ڪافي تازو محسوس ڪرڻ
لڳي ـــ هلڪي هلڪي، تازي تازي! آرسيءَ ۾ دل کولي
پنهنجو چهرو ڏٺائين، ۽ خوش ٿي شرد کي چيائين،
”هل!...“
شرد ڪرسيءَ تي اِئين ئي ويٺو رهيو، ۽ رکائيءَ سان چيائين، ”هاڻ
هلي ڇا ڪنداسين؟ اَٺ وڄي ويا. ڪلاڪ سڄو ته تنهنجو
نٺ شٽ پئي هليو!“
منجلا ڀڙڪي، چڙ وچان ڪجهه چوڻ واري هئي، ايتري ۾ شرد چوڻ لڳو،
’پاڻ کانسواءِ ٻيو ڪٿي تنهنجو ڌيان آهي سهين؟
چانهه لاءِ به ڪونه پڇيئه، ته پيتي اَٿم يا نه!“
منجلا جي منهن جو پنو هڪدم لهي ويو، کيس ڪيتري دير تائين ته
سمجهيو ئي ڪونه ته ڇا چوي. نيٺ جيئن تيئن ڪري چوڻ
لڳي، ”’ساري‘، هان! ذرا هيڏانهن ته ڏس نه! مان
بيحد ٿڪجي پيئي هئس. ۽ تو به چيو ڪونه! ترس، چانهه
جو پاڻي رکان ٿي، ڏس، غصي نه ٿي!“
شرد اُداس ٿي ويو، منجلا کي پري ڪندي چيائين، ”رهڻ ڏي، مان هوٽل
۾ ئي ٿو وڃي پيئان. اَجايو چانهه نه ٺاهه.“
کيس بيٺل ڏسي، چوڻ لڳي، ”ته پوءِ پاڻ ٻاهر هلون ٿا نه؟“
”نه. هاڻ ٿڪجي پيو آهيان، ۽ ٿورو هلنداسين مس ته تون واپس هلڻ
لاءِ تڪڙ ڪندينءَ، ماني ٺاهڻي آهي، پاڻي ڀرڻو
آهي!“
”ته پوءِ اَڄ اسان ٻاهر ئي کڻي کائينداسين! ۽ پاڻي ڀرينداسين
صبح جو.“
”ٻاهر کائڻ لاءِ ته ڄڻ سڪين پيئي! پر پئسا ڪٿي آهن؟ مون وٽ ته
رڳو چانهه لاءِ ٻه آنا بچيا آهن.“
منجلا ڀڙڪي ويئي، ميزا مٿان ناريل زور سان ٺڪاءُ ڪري ڀڃيائين.
ناريل جو پاڻي پيئڻ لاءِ دل ٿيس. پر غصي وچان هن
اُهو پاڻي اِئين ئي ڪرڻ ڏنو. رومال مان بصر کڻي ۽
’پرس‘ مان مرچ ـــ ڌاڻا کڻي، هوُءَ ڪاوڙ وچان اندر
ويئي.
شرد وري ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ سگريٽ ڇڪڻ لڳو.منجلا سگڙي دکائي، بصر
ـــ ڌاڻا ڪٽيائين. ڀاڄيءَ جو ديڳڙو سگڙيءَ مٿان
رکيائين، لاٿائين، چانهه جو پاڻي چاڙهيائين، ۽ اُن
۾ وري بصر وڌائين. وري اُهو لاهي، چانهه جو ٻيو
پاڻي چاڙهيائين...
شرد هن جي پٺيان اَچي بيٺو ۽ نرمائيءَ سان چائين،
”منجوُ!“
منجلا جون اَکيون ڀرجي آيون. ڪلهي تي رکيل شرد جو هٿ، پنهنجي هٿ
۾ جهليندي چيائين، ”چانهه تيار آهي!“
”سچ! مون کي چانهه نه کپي، ۽ پاڻ اَڄ ٻاهر ئي کائينداسين!“
”ڏس! چانهه تيار ئي آهي.“ چانهه ڇاڻيندي منجوءَ چيو. هن پوءِ
ڀاڄيءَ ۾ وگار وڌو چيائين، ”ٻاهر ڇا لاءِ؟ تنهنجو
دلپسند ’رس‘ ٺاهيو اَٿم. ڏس نه!“
شرد پيار وچان سندس ڪلها دٻايا، پوءِ چانهه پي چيائين، ”وڌيڪ
ٻيو ڪجهه به نه ٺاهه.“
”پوريون تري ٿي وٺان.“
”نه، نه، تنهنجا هٿ ڏکندا هوندا، مان ’بريڊ‘ آڻيان ٿو.“
”اِئين ٿوري ’بريڊ‘ ۽ ڏيڍ پوري آهي، جي آڻين ئي ٿو ته سامهون
جيڪو نئون سنڌي هوٽل کليو آهي، اُتان مٺائي آڻ.“
منجلا جي ڦنڊيل چهري ڏانهن ڏسندي شرد چيو، ”ڇو؟
’ڊوهالا‘[1]
آهي ڇا؟“
اِن تي منجلا جو چهرو ڪاراٽجي ويو. هن ڀاڄيءَ کي هلائڻ شروع
ڪيو. خالي خالي نظرن سان شرد اُن ڪمري کان ٻاهر ۽
گهر کان به ٻاهر هلي ويو.
اَکين ۾ ڀرجي آيل آنسوُ هن چپ چاپ وهڻ ڏنا، اَکين جي سنڀال ڪرڻ
لاءِ ڏنل، ڊاڪٽر جي صلاح کيس ياد آئي، پر، اُٽلندو
وڌيڪ آنسوُ ڀرجي آيس. ڊاڪٽر کيس آبهوا بدلائڻ جي
به صلاح ڏني هئي. منجلا جي هٿن ـــ پيرن جون
اڱريون مڙڻ لڳيون. هلي هلي، بيهي ٽنگون ڏکي رهيون
هيس. ۽ وري چار پنج ڪلاڪ لڳاتار ’ٽائيپرائيٽر‘ کي
ڪٽيو هئائين. ٽائيپ رائٽر جي ٺڪ ٺڪ ڪنن ۾ ٻرڻ
لڳيس، وڌڻ لڳي ۽ هيل تائين جيڪو مٿو ٺڪاڻي تي هوس،
اُهو به هاڻ ڏکڻ لڳس.
ماني ٺاهي ٻاهرئين ڪمري ۾ اچي ڇا ڏسي ته در بلڪل کليل آهي، ڪنڊ
۾ پيل آرام ڪرسي، ميز، پلنگ، ڪتابن ـــ پنهنجي
سموري گهر، سنسار ڏانهن مجلا خالي خالي نظرن سان
ڏٺو. هڪ هڪ چيز گڏ ڪرڻ وقت کيس ڪيتري نه خوشي حاصل
ٿي هئي. ڏيڍ سال اڳ جي ئي ڳالهه هئي، پر، اڄ هيئن
ڇو ٿيو؟ ايترو جلد سمورو اُتساهه ڇو ڪافور ٿي ويو؟
اڳي به تڪليفون هيون. ۽ ٻين جي ڀيٽ ۾ اسان ڪيترا
نه قسمت وارا اآهيون! ڪا شي ڪلڪرڻيءَ کي مڪان ملي
نٿو. آَلوُ بليموريا جو گهوٽ پئسا ڪمائي نٿو. اسان
وٽ ٻن ڪمرن وارو گهر ـــ ٻئي نوڪريون ڪريون ٿا!
پوءِ به جهڳڙو ـــ مونجهارو! ڇا بگڙيو آهي؟ ڇا آڏو
ـــ اُبتو ٿيو آهي؟
هوءَ ڪمري ۾ خواه مخواه بيٺي ئي رهي، پوءِ ورانڊي ۾ ويئي، وري
واپس ڪمري ۾ آئي، ورانڊي ۾ سانت سان بيهي نه پئي
سگهي ـــ ايترا جهيڙا جهٽا ۽ گوڙ گهمسان هئو اُتي.
اِن کانسواءِ اُتي بيهي ڏسڻ جهڙو ڪجهه هئو ئي
ڪونه.
رنڌڻي مان نڪرندڙ دونهون ۽ سئنيما جا گانا! اوڙي پاڙي وارن سان
ڳالهائڻ تي به سندس دل نه پئي ٿي. جنهن کي ڏس اُهو
ڊڪ ـــ ڊوڙ ڪري رهيو هئو، ڪمري ۾ کيس ٿورو بهتر
لڳي به رهيو هئو، نه به لڳي رهيو هئو، ساڍا نوَ
لڳي چڪا هئا، پوءِ به شرد اڃا موٽيو ڪونه هئو. هوُ
اچي، يا نه به اي اِئين سوچي رهي هئي! هوُ ايندو
ته ماني کائي خلاص ڪري سگهبي، پر هن جي اچڻ
کانپوءِ، ماني کائي خلاص ڪري.... منجلا بيحد
گهوماٽجي ويئي.
پر شرد جي اچڻ تي هوءَ پاڻ کي بهتر ڀانئڻ لڳي. هن مٺائي آندي
آهي، اِهو ڏسي هوُءَ بلڪل خوش ٿي ويئي، هڪدم هن
پاٽلن ۾ ماني پاتي. مٺائي ۽ ’رس‘ ورهائي کنيائين.
شرد کي ٿورو وڌيڪ ڏنائين؛ پوءِ شرد جي پاتل مان به
خود کڻي کاڌائين، آفيس واري سبرهمڻيم جا چرچا گهٻا
شرد کي ٻڌايائين ۽ شرد سان گڏ پاڻ به کلي، پوءِ
ماني کائي خلاص ڪرڻ تي، شرد کي ٻاهرئين ڪمري ۾
موڪلي، جوُٺ ميڙيائين ۽ پٽ اُگهيائين.
منجلا ٻاهرئين ڪمري ۾ آئي ته ڏٺيائين ته شرد گاديلا وڇائي ڇڏيا
هئا ۽ پاڻ آرام ڪرسيءَ تي ويهي، سگريٽ پئي
ڇڪيائين. وڇايل گاديلا ۽ دونهون ڏسي سندس تازيون
توانيون تمنائون ڄمي تخ ٿي ويون، کيس ڊپ لڳو، چڙ
آئي ته بچان به آيس. ذرا دير کانپوءِ چوڻ لڳي،
”سمهڻ جي مهل سگريٽ ڇو پيو ڇڪين؟“
”اڃا سمهڻ جو وقت ڪٿي ٿيو آهي؟“
”ڏهه وڄي ويا آهن....“
”توکي کپي ته تون سمهه ڀلي.“
”پر بتيءَ ۾ مون کي ننڊ اچي ئي ڪانه.“
شرد کي ڪاوڙ لڳي. سگريٽ مان لنبو ڪش ڪڍي، اُهو وسايائين ۽ پوءِ
چيائين، ”توکي بتيءَ تي چڙ ٿي لڳي، سگريٽ تي چڙ ٿي
لڳي...“
منجلا ماٺ رهي، گاديلي تي ويٺي ۽ اکين مٿان هٿ آڏا ڪري، رکي
ليٽي پئي، شرد غصي وچان اُٿيو، در بند ڪري، بتي
وسائي، پاسي ۾ پٿاريل گاديلي تي اچي ليٽيو ۽ پوءِ
ڪجهه دير سانت ٿي ويئي ڪمري ۾.
ٿوري دير کانپوءِ شرد چيو، ”اَچ!“
ڪنهن پيڙا جون هزارين سيون گويا منجلا جي عضوي عضوي ۾ ٽنبجي
ويون. هوُءَ جنهن کان ڊني پئي، اُهوئي جهڳڙو ڀوُت
جيان انڌڪار ۾ کڙو ٿي بيٺو هئو.
”نه“
”ڪاوڙجي ويئنءَ؟“
”اون هوُن.“
”اِئين ڇو ڪندي آهين؟ توکي ٿيو ڇا آهي؟.... اَچ، نه!“
”نه. مون کي سمهڻ ڏي.“
اوندهه هوندي به، منجلا پنهنجين اکين تان هٿ ڪونه هٽايا. هٿ
ڪڍي، شرد جي گلي ۾ وجهڻ تي به دل هيس، پر سندس
عضون ۾ سگهه ئي ڪانه بچي هئي. گاديلي کي سندس پٺ
ڄڻ چنبڙي پيئي هئي. ۽ اِئين لڳي رهيو هوس ته سندس
مٿو ڇت جي ڪام سان ڄاڻ ٽڪريو ڪ ٽڪريو.
”ننڊ ته اَصل تنهنجي ڪنڌ تي سوار آهي. اِن کان ته هميشه لاءِ
سمهي پؤ.“
شرد جا غصي ڀريا لفظ ٻڌندي ئي، منجلا اُٿي ويٺي، لرزندڙ آواز ۾
چيائين، ”ڪيترو ٿو چڙين! تون به ٿو چڙين، ته مان
به ٿي چڙان، چڱو، اَچ ته گپ شپ هڻون.... شطرنج
ڪندين؟ نه ته گهمڻ هلين ٿو؟“
”نه. تون سمهه، تون سمهه. اوجاڳي سان تنهنجي طبيعت بگڙندي.“
”مون کي ڇا ٿيو آهي؟“
”اهوئي ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اَچي.“
شرد جي لفظن ۾ نفرت منجلا محسوس ڪئي ۽ اُها سمجهيائين به.
لاچاري ۽ رنج سندس سيني کي گهٽڻ لڳا، سندس اکيون
ڀرجي آيون ۽ اَنگ اَنگ ڪانڊارجي ويس، عاجزيءَ وچان
چيائين، ”تون ڪاوڙيو آهين- مون کي سڌ آهي، پر قسم
کڻي ٿي چوان، مون کان ڪجهه اڄهي ئي نٿو. مون کي ڪا
اِڇا ئي نٿي ٿئي!“
”اَڳي ته اِڇا ٿيندي هيهءِ! تازو ئي ٿڌي ٺڪر ٿي ويئي آهين. لڳي
ٿو مون مان ئي دل کڻي ٿي ويئي اَٿيئي.“
اِن تي هوُءَ ڇا چوي، اهڙو منهن بڻايائين، پوءِ به کن رکي
چيائين، ”اجايو غصو نه ڪر، مون کي سمجهڻ جي ڪوشش
ڪر!“
”سڀ سمجهان....“
”مان ٿڪجي ٿي پوان! ماني ٺاهي ٿڪان ٿي، پاڻي ڀري ٿڪان ٿي، آفيس
وڃڻ ـــ اَچڻ جي کٽ پٽ ڪري ٿڪجان ٿي، آفيس جي
ٽا.ئيپ رائيٽر....“
”مان نٿو ٿڪجان ڇا؟ مان ڪم نٿو ڪريان ڇا؟ دنيا جون سڀ زالون ڪم
ٿيون ڪن، اجائي رٽ ڇو لڳائي اٿيئي؟ جي اِئين آهي
ته نوڪري نه ڪر. پر اِهو مان ڪيئن چوان؟ منهنجي ئي
غريبي، ڪمزوري ظاهر ٿي پوندي نه.“
منجلا جي بي آرامي وڌي ويئي، کيس ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي آيو ته
شرد کي هوُءَ ڪيئن سمجهائي، پنهنجي من کي ڪيئن
سمجهائي، نيٺ پڪو پهه پهچائي اُٿي.
اکيون کولي، چپن کي چڪ پائيندي.
”دري بند نه ڪر.“ شرد غصي وچان رڙ ڪئي.
”گهٽ سبب اڳيئي بيزار ويٺا آهيون.“
”پاسي وارن وٽ آيل مهمان پنهنجي دريءَ وٽ کٽ وجهي سمهندو آهي،
جاڳي ته ڪونه پيو، اِهو...“
”رهڻ ڏي، رهڻ ڏي! تون وڃي سمهه هميشه جيان...“
منجلا کي چڙ لڳي، آرام ڪرسيءَ تي ڌاڙام ڪري ويٺي. مايوُس ماٺ
هوُءَ برداشت ڪري ڪانه سگهي. نيٺ چيائين، ”ايندڙ
مهيني اَسان پهرين ’فئن‘ وٺنداسين.“ شرد ڀوائتي
نموني کليو. ”يعنى ته هڪ مهينو ڇٽي پيئينءِ!“
منجلا ڀڙڪي ويئي. ڪؤڙاڻ وچان چيائين، ”اِهو چئين ڇا پيو، شرد؟“
شرد ٻيڻي ڪؤڙاڻ وچان چيو، ”ڪوُڙ ٿو چوان ڇا؟ اَسان وچ ۾ زال ـــ
مڙس جو ناتو رهيو ئي ڪونهي، اِهو ڪوُڙ آهي ڇا؟“
”شرد، شرد!“ منجلا جوش وچان ڪنبڻ لڳي، پر، پوءِ ٿڌو شوڪارو ڀري،
لڙڪ لاڙڻ لڳي.
ڪمري ۾ هڪ دفعو وري ماٺ ٿي ويئي، ڪمري کان ٻاهر ته جهڳڙن ۽
باسڻن جو آواز ۽ سئنيما جي سنگيت جا واڪا چالو ئي
هئا، اُهي ڪمري واري سانت کي ساٿ ڏيئي رهيا هئا...
شرد گاديلي تان اُٿيو ۽ ڪرسيءَ جي پاين وٽ وڃي ويٺو. منجلا سندس
مٿي تان ممتا وچان هٿ گهمايو. شرد نرمائيءَ وچان
چيو، ”اِئين ڇو ڪندي آهين، منجو؟ اڳي ڪيئن نه مزي
۾ هوندي هئينءِ؟ سڀ ڪجهه وساري ڇڏيئه؟ شاديءَ
کانپوءِ تنهنجي ڳوٺ ۾ گهاريل هفتو ياد اَچيئي ٿو؟
سڄي سڄي رات جاڳندا هئاسين. صبح ٿي ويندو هئو، ته
به ڪمري کان ٻاهر نڪرڻ تي تنهنجي دل ئي ڪانه ٿيندي
هئي، ۽ هتي به شام جو گهر موٽڻ تي، تون مون کي
چهٽي پوندي هئينءَ...“
منجلا سڏڪا روڪي ڪانه سگهي، زارون زار روئندي چوڻ لڳي، ”ياد
آهي، سڀ ڪجهه ياد آهي! شرد منهنجو توسان بيحد پيار
آهي. تون مون کي گهرجين. منهنجو....“
شرد تيزيءَ سان ويجهو سرڪيو کيس سمجهائيندي چوڻ لڳو، ”مان
تنهنجو ئي آهيان، تون هيءَ چريائپ ڇڏ، ٻين کي ته
ايتري ايڪانت به نصيب ڪانه ٿئي ٿي. ٻين ماڻهن جي
گهر ۾ هڪ دفعو ڏس ته سهين! ۽ مزور ويچارا ته...
هيئن ڇو ڪندي آهين؟ نواڻ ختم ٿيڻ تي اڳي جهڙي ڇڪ
محسوس ڪانه ٿيندي آهي، مان مڃان ٿو، پر پوءِ
به...“
سندس هٿ سوگهو جهلي، منجلا روئندي چوڻ لڳي، ”نواڻ ختم ٿيڻ
کانپوءِ به مون کي تون ئي گهرجين، پر هيءَ گدلي ڊڪ
ڊوڙ، هيءَ ’مشين‘ جيان هلڻ، مان سهي نٿي سگهان،
شرد! هل ته پاڻ ٻئي ڪٿي هلي رهون. مون کي وٺي هل،
پهرين مون کي ٻئي ڪٿي وٺي هل.“
سندس لفظ ۽ سڏڪا هوا ۾ ڦيريون پائيندا رهيا، ڪافي دير کانپوءِ
شرد جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”تون شايد بيزار ٿي چڪي
آهين! ... مون کي لڳي ٿو، توکي ٻار کپي!“
”ممڪن آهي، پر جي ٻار ٿيڻو آهي ته هتي مان اَصل ڪانه رهنديس.
پنهنجي ٻار کي هن.... رهڻ ڏي. ڇاجي لاءِ اِن جي
پچار ويهي ڪريون.“
منجلا جا آنسوءَ سڪي ويا، شرد جو جوش به ڍرو ٿيو، رکائيءَ سان
چوڻ لڳو، ”جيڪي موجوده حالتون آهن، انهن سان
سمجهوتو نه ڪنداسين ته اسان ئي دکي ٿينداسين، مون
کي وري ڪٿي ٿي وڻي هيءَ ڇڪتاڻ! پر ڇا ڪجي؟ سڄي
ڏينهن جي مغز ماريءَ کان ٿڪجي ٽٽجي اَچڻ بعد،
ٿڪاوٽ لاهڻ جو هڪ ئي اُپاءُ آهي - ۽ اُهو به تون
ئي....“
شرد جا اِهي لفظ ٻڌندي ئي منجلا جي دل ۾ وَڍ پئجي ويا. کيس نفرت
ٿيڻ لڳي، چڙ لڳس. سندس شرد کي اِئين هلڻ نه کپندو
هئو، سمجهڻ نه کپندو هئو، سو چيائين اُٿي ڪٿي دور
هلي وڃان، بلڪل دور....
ايتري ۾ شرد کيس ڪرسيءَ تان ڇڪي هيٺ لاٿو، چڙ وچان چوڻ لڳو،
”مهني کن کان برداشت ڪندو اچان.... اڄ ڪلهه تنهنجي
هلت بلڪل عجيب ٿي پيئي آهي.“
منجلا ڌڙام سان هيٺ ڪري. شرد جي ڀاڪر ۾ کيس ڪو مزو ڪونه آيو.
ٻوساٽ سبب ساهه وڌيڪ گهٽجڻ لڳس، لوڪل گاڏيءَ ۾
چئني طرفن کان جهڙيءَ طرح ڌڪا کائيندي هئي، اهڙيءَ
طرح لڳي رهيو هئو، سندس ڀاڪر. ۽ گرديءَ ۾ ڪنهن
چهنڊڙي پاتي هجي، اهڙي لڳي رهي هئي سندس چمي!
شرد چڙي کيس پري هٽائيندي چيو، ”مر!“ منجلا سوچيو، ”سچ پچ اِهو
بهتر ئي ٿيندو. پنهنجي محبوب، پنهنجي پتيءَ سان
سم- رس ٿيڻ لاءِ به هاڻ اُتساهه رهيو ڪونهي!“ کيس
پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳي: هوءَ وري سوچڻ لڳي، ”اسان
جون پسنديون، اسان جون ڪلپنائون، ڀاونائون ٽٽي
ڪانه پييون آهن ڇا؟ پوءِ به بيشمار عورتون چپ چاپ
من نٿيون مارين ڇا؟ پوءِ ٻين جي مڙسن جيان شرد به
هلت هليو ته ڇا ٿي پيو؟“ وياڪل ٿي، واجهائيندي،
شرد کي چوڻ لڳي، ”اَچ نه، وٺ نه!“
”مردي سان محبت ڪرڻ کي ڪائي معنى ڪانهي!“ شرد چڙندي چيو ۽ اُٿي
کڙو ٿيو، ”اَڄ کان وٺي تنهنجو منهنجو رشتو ٽٽو. تو
خود ئي مون کي پاڻ کان پري ڪيو آهي. تون شايد رهي
سگهين. پر مون لاءِ اِهو ناممڪن آهي، مون کي
پنهنجي سک جي ڳولا ڪرڻي پوندي. تنهنجو مجاز توکي
مبارڪ! مان وڃان ٿو.“
منجلا جا ڳوڙها وهڻ گهٽيا ۽ پيشانيءَ تي گهنج اُڀري آيس. جوش
وچان رڙ ڪندي چيائين، ”وڃ، جتي کپيئي، اُتي وڃ.“
”مان ڪو ڊڄان ٿو ڇا، پڻهين کان؟“
”کڻ ـــ هن پرس مان کپيئي ته پئسا کڻ. وڃ!“
منجلا جو جوش ضابطي کان ٻاهر وڃي رهيو هئو. کيس اِئين محسوس ٿيڻ
لڳو ته سندس مٿو ڄاڻ ڦاٽو، سندس بدن کي ڄاڻ باهه
لڳي، پر ڪنهن نامعلوم خوف کيس اَچانڪ اچي گهيريو.
گهڻي مغز ماريءَ ۽ پيڙا سبب کيس چڪر اچڻ لڳا. جوش
۽ پيڙا جي ڇڪتاڻ ۾ هوءَ بيحال ٿي لڳي، بيحد ڪوشش
ڪري، هن پاڻ کي سنڀاليو. گسڪندي ويئي ۽ اوندهه ۾
هٿوراڙيون هڻندي، شرد جا پير پڪڙي چيائين، ”مون کي
معاف ڪر. مون کي پنهنجو سايي کان دور نه ڪر. مون
کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. تون مون کي گهرجين. پر....“
شرد، غصي وچان آرام ڪرسيءَ ڏانهن ويو. پٿر جيان ڌڙام سان ڪرسيءَ
تي ويٺو ۽ سگريٽ دکائڻ لڳو. منجلا بيحد پيڙا وچان
هن ڏانهن سرڪي ويئي ۽ آزي نيزاري ڪندي چوڻ لڳي،
”اَڃا ٻيو ڇا چوان؟ منهنجيون ڪلپنائون بلڪل
نياريون آهن، الڳ آهن، دل خوش هوندي آهي، بدن تازو
توانو هوندو آهي، صاف، سهڻو ماحول هوندو آهي ته
منهنجيون تمنائون ڦولاربيون آهن. هتي اوسي پاسي ۾
گڙ ٻڙ، جهيڙا جهٽا چالو ئي آهن، رڙيون واڪا، روئڻ
پٽڻ ۽ گاريون ٻڌي الائي ڇا ٿيندو آهي، ساندهه پگهر
پيو وهندو آهي، جيت پيا چڪ پائيندا آهن. بدن نستو
ٿي پيو آهي ۽ مٿو هميشه سور وچان ڦاٽندو پيو آهي ۽
ساندهه پاروٿي ڊبلروٽيءَ جا ٽڪرا، لوڪل گاڏيءَ ۾
لوڀي اکيون، ٽائيپ رائيٽر جا مترڪا تنگ پيا ڪن. ۽
پوءِ من ٿڪجيو پوي، شرير ۾ ڪوبه اُمنگ نٿو پيدا
ٿئي. اِن جيون وهنوار ۾ جٿي ڪٿي نفرت ۽ بڇان ڀرجي
ويئي آهي. زندگي جانورن جي زندگيءَ جهڙي ٿي ويئي
آهي، پر مون کي جانور ٿيڻو ناهي. پنهنجين ڀاونائن،
واسنائن جي مان خيال سان پرگهور ٿي لهان، اُنهن کي
پاڪ ٿي سمجهان، مون کي ايترو ته سنڀال. مون کي
هيئن شرمندو نه ڪر، شرد، شرمندو نه ڪر!“
منجلا کي خود خبر ڪانه پيئي ته سندس ڀڳل ٽٽل لفظ ڪيئن جڙي پيا.
سڏڪن جي وهڪري ۾ اُهي ڳري ويا. سندس ڪرنگهو ٽٽي
رهيو هئو ۽ اکيون ٻري رهيون هيون، لوڪل وارا ماڻهو
ڌڪا ڏيئي رهيا هئا ۽ واسنا ڀريل نظرن سان
نهاريائون پئي. رستي تان بيشمار فاحش لفظ ۽ ’چال‘
جا بيشمار ٻار نچي ٽپي رهيا هئا. جيتن چڪ پئي
پاتا، پگهر جمع پئي ٿيو ۽ شرد جي سترن تي متو ٽيڪي
هوُءَ سمهڻ لڳي هئي.....
|