7
ونڪٽيش ماڊگُلڪر
هنومان
جون مهيني جي برساتي صبح جو، ڳوٺ ۾ هڪ وڏو شاهي باندر آيو.
اَڪيلو، سندس پٺيان باندرن جو جهنڊ ڪونه هئو.
اَسانجي پاسي، باندر بلڪل ورلي ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
اِنڪري ئي سڀ هن سان لاڏ ڪوڏ ڪندا آهن، هن جو
آدرستڪار ڪندا آهن. اَٽڪل ڏهن ٻارهن سالن کانپوءِ
هوُ ڳوٺ ۾ نظر آيو هئو. ڪٿان آيو ۽ ڪيئن آيو، ڪير
ڄاڻي! پر آيو ته پنهنجي پڇ جي چنور جي نمائش ڪندي،
ڳوٺ جي هنومان جي مندر ۾ گهسي ويو، پوڄا جي آستان
تي ويو ۽ پل ڀر ٻاهر اَچي، مندر جي چوٽيءَ تي
ويٺو. لنبو پڇ لوڏيندو، اُس ۾ ويهي رهيو.
اِهو عجيب واقعو، ’پانڊوگرُو‘ جي زال ڏٺو ۽ ڌيءَ ڪڇ ۾ کڻي، ٻاهر
ڊوڙي، چراگاهه ۾ گهوڙا چارڻ لاءِ ويل پنهنجي گهوٽ
کي اِها حقيقت ٻڌائڻ هن بلڪل ضروري سمجهي، ڇو ته
هن سمجهيو ’هنومان‘ ڳوٺ ۾ آيو هئو. مندر مان به ٿي
آيو هئو!
مندر جي ويجهو جيڪو اسڪول هئو، اُن ۾ ڳوٺ جا لچ ڇوڪرا، سليٽون
ـــ ڦوٽڙيون لوڏيندا آيا، ۽ اسڪول جي ڏاڪن تي اَچي
ويٺا، ڇو ته اسڪول اَڃا کليو ئي ڪونه هئو. ماسترن
کي اَڃا چانهه پيئڻي هئي.
جيئن بجليءَ جي تارن تي جهرڪيون اَچي ويهنديون آهن. تيئن، اُهي
ڇوڪرا ڏاڪن تي، سوڙها سنگهوڙا ٿي ويٺا ۽ پنهنجيون
اَکيون ڇنڀيندي، اُڀرندڙ سج جي چمڪندڙ روشني ڏسڻ
لڳا، تڏهين هنومان جي مندر جي چوٽيءَ تي اُهو
’جانور‘ ڏٺائون. خوشي، عجب ۽ ڊپ وچان سندن دليون
ٽپ ڏيڻ لڳيون.
پوءِ ڪي مسلمان بي ڊپا ڇوڪرا اَڳيان وڌيا ۽ پنهنجا بوگر نڪ
گنهندي چيائون:
”اَڙي باندر، باندر بيهه، تنهنجي پڇ ۾ سير گيهه!“ ٻين ڇوڪرن به
کين سر وَٺايو، تڏهين باندر پنهنجو ڪارو منهن شوخ
بڻائي، ڇوڪرن کي ڊيڄارڻ لڳو، جتي ويٺو هئو، اُتي
ئي نچڻ به لڳو.
پوءِ هڪ مسلمان ڇوڪري هڪ پٿر کنيو نشان چٽي باندر جي پٺ ۾
هنائين، پٿر جو ڌڪ کائي، باندر ٿورو مٿي ٽپو ڏنو.
پيڙا وچان ڪيڪون به ڪيائين. ڪيڪڙاٽ ڪندي اُتان ڀڳو
۽ پپر جي وڻ جي چوٽيءَ تي پنن ۾ لڪي ويٺو ڇوڪرا وڻ
هيٺ جمع ٿيا ته کين ڌمڪائڻ لڳو. اِنڪري ڇوڪرا وڌيڪ
جوش ۾ آيا ڌڙا ڌڙ پٿر اُڇلڻ لڳا، پر باندر تمام
گهڻو مٿي ويٺو هئو، پٿر هن تائين پهتا ئي نٿي.
اِها ڳالهه هن حرفت باز جانور جي ڌيان ۾ به آئي.
اِنڪري پپر جا نرم پن آرام سان ويهي کائڻ لڳو.
اِن درميان، اِها خبر پانڊو گروَ کي ملي چڪي هئي، هُو تڙ تڪڙ ۾
گهر آيو، ڍاڪونءَ ۾ رکيل مانيءَ جو ٽڪرو کڻي، پپر
جي وڻ هيٺ ويو. ٿڦڙون هڻي، ڇوڪرن کي اتان هڪالڻ
لڳو. رڙيون واڪا ڪندي چيائين، ”هيءُ پاپ جو ڪيتو
ڪٿي لوڙيندؤ؟ ٻارهن گهرن مان ٻارهن ڄڻا اَچي ڪٺا
ٿيا آهيو، ۽ کيس پٿر ويٺا هڻو! ڇا بگاڙيو اَٿائين
توهانجو؟“
گروَ جي ڦٽڪارڻ تي، هوُ چلولا ڇورا، گروَ کي گاريون ڏيندا، سندس
سست زال کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا ڀڄي ويا.
هٿ ۾ مانيءَ جو ٽڪرو مٿي جهلي، پانڊو، باندر کي سڏڻ لڳو، ”آچو،
اَچو، هنومان جي! هيءُ وٺو!“
پر باندر پن ئي کائيندور هيو، هن گروَ ڏانهن ڏٺو به ڪونه.
ٻنيءَ ڏانهن ويندي ويندي، اِهو تماشو ڏسندي اَبا نانا بيٺو هئو،
تنهن گروَ کي ويچارا ڏنا ۽ کاڏيءَ کي جهوٻو ڏيندي
چيائين،
”پٽ پانڊو! اَڄ وار ڪهڙو آهي؟“
”شني وار، نانا!“
”ته پوءِ ماني ڪيئن وٺندو، هنومان؟“
”ته پوءِ؟“
”ڪو سٺو ناشتو ٻاشتو کڻي اَچ، گڏهه!“
’نانا‘ ڀڄن ڳائيندو هئو. ڏاڍو شرڌالو هئو. ڳوٺ جا چار ڄڻا ڪٺا
ڪري، هوُ ڀڄن ڀاو ڪندو هئو. ڀڄن ڀاوَ لاءِ
جهانجهه، مردنگ وغيره سمورو ساز سامان سندس گهر ۾
هئو. رام ـــ هنم، هنومان ـــ جنم جهڙا پرڀ ڏاڍي
شؤق وچان ملهائيندو هئو. ٻڍي جي ڳالهه کي ڳوٺ مان
چڱو مان ملندو هئو.
’نانا‘ جي اِها ڳالهه گروَ کي دل سان لڳي. تڙ تڪڙ ۾ گهر وڃي،
ٿورا بوهي مڱ کڻي آيو. اُهي ڏيکاري باندر کي وينتي
ڪرڻ لڳو، ”ديوتا! اَچو. هيءُ وٺو. ديوتا! هيٺ
لهو!“
پر باندر رڳو نئڙي هيٺ ڏٺو ٿي. سفيد ڇپرن کي رڳو کوليائين ۽
ٻوُٽيائين پئي. پنهنجن ڪارن، لنبين آڱرين سان ڪڇ ۾
کنهيائين پئي ۽ نرم نرم پن مزي سان کائيندو رهيو.
جڏهين باندر هيٺ نه لٿو، تڏهين گروَ ’نانا‘ کي چيو، ”’نانا‘ لڳي
ٿو مون پاپي جي هٿ جو ناشتو وٺڻ به ديوتا کي پسند
ڪونهي، توهان ڏسو.“
تڏهين ’نانا‘ اَڳيان وڌيو ۽ بوهي مڱ هٿ ۾ کڻي آزي نيزاري ڪرڻ
لڳو، ”ديوتا‘ مان تنهنجن داسن جو داس آهيان. پرساد
وَرتايو، ٻڍي جي ست ـــ پريکيا نه وٺو!“
’نانا‘، گهڻن ئي قسمن سان منٿون ڪيون، پوٿين ۾ پڙهيل ـــ ٻڌل
سڏن سان کيس سڏيائين، تڏهين مسين مسين باندر هيٺ
لهڻ لڳو.
هيل تائين ڪيترائي ڳوٺاڻا جمع ٿي ويا هئا، جيئن ئي ’هنومان‘ هيٺ
لهڻ لڳو تيئن سندن من اَڌير ٿيڻ لڳا.
باندر هيٺ لٿو، پپر جي وڻ جي ٻن ڏارن وچ ۾ ويٺو ’نانا‘ جي ويجهو
ويو ۽ هن هٿ مٿي ڪيو. باندر ٿورو جهڪيو ۽ پنهنجي
ڪار پنجي سان ٻڍي جو هٿ پڪڙيائين ۽ مزيدار نموني
هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين.
’نانا‘ چوڻ لڳو، ”وٺو، وٺو! هاڻ نرادر نه ڪريو!“
پوءِ اوچتو باندر پنهنجو وات اَڳيان ڪيو ۽ جئن مڪائيءَجي سنگهه
کي چڪ هڻبو آهي، تيئن ’نانا‘ جي هٿ ۾ چڪ پاتائين،
۽ پوءِ ٽپ ڏيئي، پڇ لوڏيندو وري وڻ جي چوٽيءَ تي
وڃي ويٺو.
اُن چڪ سبب، ’نانا‘ سخت پيڙا وچان ڪراهيو، چڪر کائي ويهي رهيو‘
ماڻهو ڊوڙايا، ٻڍڙي کي کڻي، سندس گهر وڃي
ليٽايائون ۽ هٿ تي گهرو نسخا ڪيائون. پيءُ جو هٿ
ٻڌل ڏسي، وڏو پٽ بيحد دکي ٿيو. ٻج ڇٽڻ جي ڪم لاءِ
به هاڻ ٻڍو نڪمو بڻجي چڪو هئو. هاڻ ڪو نوڪر روز تي
رکڻ لاءِ ڏسڻو پوندو، اِن خيال کان ڏاڍو غمگين ٿي
ويو.
پوءِ ڳوٺ جي ماڻهن ڀڻ ڀڻ ڪرڻ شروع ڪئي ته اِها ڳالهه سچي هئڻ
کپي ته ’نانا‘ جو پنهنجيءَ ننهن سان ناجائز
رشتوآهي،نه ته باندر کيس چڪ ڪونه پائي ها! ۽ اُن
بعد، ’هنومان‘کي بوهي مڱ ڏيڻ لاءِ ڪوبه تيار ڪونه
ٿيو. ڪنهن کي همٿ ئي ڪانه ٿي. ڪير ڄاڻي واڻي زهر
جي پريکيا ڏئي! پر، ڳوٺ ۾ آيل ’ديوتا‘ کي بکيو
ڪيئن رکبو؟ گروَ جي دل سان، اِها ڳالهه نه لڳي.
پنهنجي اَٺن سالن جي ڌيءَ جي هٿ ۾ بوهي مڱ ڏيئي،
باندر کي چوڻ لڳو، ”ديوتا! هيءُ ٻار معصوم آهي،
گهٽ ۾ گهٽ هن جي هٿ مان ته کائو.“
هوُءَ اَڻ ڄاڻ ڇوڪري، هٿ ۾ بوهي مڱ جهلي، بيٺي، ته اُهو باندر
وري هيٺ لٿو ۽ ڇوڪريءَ جي پٺيءَ ۾ چڪ پائي، ڀڄي
ويو ۽ وڃي سوناري جي گهر ڀرسا ليمي جي وڻ تي ويٺو.
گروَ جي زال ڇاتي پٽي روئڻ لڳي، ۽ باندر جو نالو
کڻي پنهنجيون ’آڱريون موڙيائين.‘[1]سرڪاري
دواخاني ۾ پنهنجي ڌيءَ کي ڏيکارڻ لاءِ گوروَ کيس
پٺيءَ تي کڻي هلي ويو.
اِن تي ماڻهو ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳا، ”گروَ ۽ سندس زال جي چال چلگت ٺيڪ
ناهي، انڪري هيئن ٿيو.“
باندر ڪنهن جي به هٿ جو نٿي کاڌو، انڪري سڀني لاءِ هڪ مصيبت
پيدا ٿي ويئي. پان، سوپاري، تماڪ وغيره جي ڳوٿڙي
ڇڏي، ننڍڙا ننڍڙا ميڙاڪا ڪري، بيٺي بيٺي، ان ڳالهه
تي بحث مباحثا ٿيڻ لڳا.
ان وچ۾، باندر، سوناري جي ليمي جي وڻ تان لوهار جي گهرنزديڪ
ڪارن ڄمن جي وڻ تي وڃي ويٺو. تڏهين هيٺ ڏسندي، چپ
چاپ سانڌاڻ تي هٿوڙو هڻندڙ لوهار، وات ۾ پيل تماڪ
جي پِڪ ڦٽي ڪري اُٿيو ۽ ٻار کي ٿڃ پيئاريندڙ
پنهنجيءَ زال کي چيائين، ”ٿوريون سڱيون ته ڏي.
باندر آيو آهي، پنهنجي در تي!“
”چريا ته ڪونه ٿيا آهيو! مرڻ ڏيو اُن باندر کي! توهان پنهنجو ڪم
ڪريو!“
”چري! پنهنجو پاڻهيءَ اسان جي در تي آيو آهي، کيس ڪجهه ته ڏيڻ
ئي کپي!“
زال جي جواب جو اِنتظار ڪرڻ کانسواءِ ئي، هوُ گهر ۾ رکيل سڱين
مان ٿوريون کڻي ٻاهر آيو ۽ باندر کي ڏيکاري، سڏڻ
لڳس، آسپاس ڪوئي ڪونهي، اِهو ڏسي باندر هيٺ لٿو ۽
لوهار جي ٽنگ ۾ چڪ پائي، زوم سان وٺي ڀڳو. ڳوٺ ۾
هڪ ئي لوهار هئو، اُهو به سخت زخمي ٿي پيو. هاڻ
کيتيءَ جا اوزار ڪير ٺاهيندو؟
اُن ٿلهي متاري باندر، صبح کان ٽئين پهر تائين اَهڙيءَ طرح ڌمچر
لائي ڏنو. پاڳل ڪتي جيان جيڪو ماڻهو سامهون ڏٺائين
ٿي، اُن کي چڪ پاتائين ٿي. ’نانا‘ جي وڏي پٽ کي
ڏاچو غصو لڳو. گرانٺ جيڏا وڏا پٿر هٿ ۾ کڻي، ڪارن
ڄمن جي وڻ هيٺ آيو. ڪاوڙ وچان باندر کي چيائين،
”راجا‘ تو ڪافي نقصان ڪيو آهي!“ ۽ نشان چٽي، پٿر
ڦٽو ڪيائين، چالاڪيءَ سان باندر ٿورو هٽي، اُهو
پٿر گسائي ويو ۽ ڏاند شيڪي ’نانا‘ جي مربي پٽ مٿان
حملو ڪيائين، پر اِن وچ ۾ اُهو ڇوڪر، ٻيو پٿر کڻي
تيار ٿي بيٺو هئو. اِنڪري باندر چئن ئي پيرن تي ٽپ
ڏيندو، ”آڻڻا جرگا“ جي ميون جي باغ ۾ گهسي ويو.
هٿ ۾ پٿر کڻي، ’نانا‘ جو پٽ، اُن پٺيان ڪال جيان ڪاهي پيو. سندس
جوش ڏسي، ڳوٺ جا ٻيا نوجوان، هن سان گڏ ڊوڙيا-
ڪاٺيون، پٿر ساڻ کڻي، ڊوڙيا.
ٻه چار ميل ڊوڙڻ بعد، باندر ٿڪجي پيو. سندس بدن تي وَسندڙ پٿر
گسائڻ ۾ هن کان ڪچائي ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ ڏهه ٻارهن
پٿر کائي هوُ ڪري پيو. ڍيري ٿي پيو ته ڇوڪرن کيس
گهيرو ڪيو. هاڻ بچڻ ناممڪن آهي، اِهو ڄاڻ اُهو
سياڻو جانور، قياس جوڳي نموني هٿ مٿي ڪري، پنهنجي
چوڌاري ڦيريون پائڻ لڳو، تڏهين واڻئي جو ڇوڪرو،
پنهنجو هٿ روڪي، ’نانا‘ جي ڇوڪري کي چوڻ لڳو،
”اَڙي، اَڙي! هاڻ هٿ ٿو جوڙي، پيرين ٿو پوي. چوي
ٿو مون کي ماريو نه!“
پر ’نانا‘ جو ڇوڪرو پنهنجي غصي کي روڪي نه سگهيو. جوش وچان
اَڳيان وڌي، هوُ باندر کي ڪاٺين سان ڪٽڻ لڳو. باقي
ڇوڪرن بي رحميءَ سان مٿس پٿر بازي ڪئي. نڪ ۽ وات
مان رت جا بديدا نڪرڻ لڳس ۽ هٿ پير زمين تي سٽي
مري ويو. اُن وقت سندس ٻئي پنجا هڪ ٻئي ۾ اٽڪيل
هئا ۽ سندس گهاٽن وارن وارو مٿو، مٽيءَ سان ڀريل
هئو.
باندر جي هيءَ دشا ڏسي، ’نانا‘ جي ڇوڪري کي قياس اَچي ويو. هن
ذرا سوچي چيو، ”توهان مان هڪ ڄڻو هتي بيهي، اَسان
وڃي جهانجهه ـــ مردنگ کڻي ٿا اَچون.
’هنومان‘ جو اَنتم ڪريا ڪرم، خوب ڳائي وڄائي ڪنداسين.“
سندس آواز نهايت ئي نرم ٿي ويو هئو.
مئل باندر ڏانهن ديا وچان ڏسندي ’سدا‘ چيو، ”غريب ويچارو اَسان
جي هٿان مري ويو. ڏاڍي ڳري ڳالهه ٿي‘“
پوءِ سڀني جو چيو مڃي، هوُ ڳجهن کي هڪلڻ لاءِ اُتي بيٺو ۽ باقي
ٻيا ڇوڪرا ڳوٺ ويا. باندر کي مارڻ جي حقيقت ماڻهن
تائين پهتي. تڏهين هنن هٿ جوڙيا ۽ ڳوٺ ۾ ٿيل اِن
اَپراڌ لاءِ کميا مڱڻ لاءِ ’هنومان‘ کي منٿ ميڙ
ڪرڻ لڳا.
ڀڄن ـــ منڊليءَ سميت، ڇوڪرا کيت ڏانهن ويا، زور زور سان رام
ـــ نام اوچاريندي، وڏي سنمان سان کيس نديءَ ڪناري
اندو ويو ۽ کيس ڪنهن ماڻهوءَ جيان ساڙيو ويو!
’نانا‘ کي اِها ڳالهه ڏاڍي دل ۾ ٿي، هٿ ٺيڪ ٿيندي ئي، جنهن هنڌ
باندر ماريو ويو هئو، اُن هنڌ هڪ، پٿرن جي ’ڏيوڙي‘
جوڙيائين.
هاڻ شرڌالو ماڻهو ايندي ويندي اُن کي پيرين پوندا آهن!
8
گنگاڌر گاڊگِيل
بنا چهري واري شام
هميشہ جيان، بمبئيءَ جي اُها شام ملوُل هئي، اُن جي ڀورن وارن
تي سورج جي ڪرڻن جي ڌوُڙ اُڏاڻي هئي، ۽ اُن کي
اَصل چهرو ئي ڪونه هئو. سچ پچ ڪيتري نه خوفناڪ
ڳالهه هئي اِها! بنا چهري واري شام! پر ان لاءِ
ڪنهن کي به ڪجهه به محسوس نٿي ٿيو. مون کي به ڪجهه
محسوس نٿي ٿيو. آرام سان، پيرن جي قئنچيءَ سان
رستو ڪپيندي، مان گهر وڃي رهيو هوس. ٻيون بي شمار
پيرن جون قئنچيون به اِهوئي ڪري رهيون هيون. ڪيترو
نه مزيدار! پر اِن تي ڪنهن کي کل ڪانه ٿي آئي.
گهوڙي جي ٽاپ ٽاپ سان هڪ چڻنگ اُڏاڻي ڳاڙهي ـــ پيلي! اُها اُڏي
مٿي ڊوڙي ويئي ۽ غائب ٿي ويئي. هڪ سيڪنڊ جي هستي!
سميه جو هڪ ڪڻو ۽ روشنيءَ جو به هڪ ڪڻو! اِتفاق
سان ٻنهي جو ميلاپ ـــ نظرن کان دور.
۽ اَکيون چڪا چؤنڌ ڪندڙ وڏا شاهي روشنيءَ جا اَکر ـــ قطار ۾
بيٺل، ڪي هڪ پير تي بيٺا هئا، ڪي ’ڪانا‘[2]جو
آڌاروٺي ۽ ’ويلانٽي‘
[3] مٿي تي پائي!
معنى ۽ اَکرن جي آڪار جو ميلاپ حاصل ڪرڻ لاءِ
ڪوشش، اُن تي چڪجي آيل گردي!
هڪ ننڍڙي ٻار جي هٿ ۾، سندس ماءُ هڪ ”آنڪ“ ڏني، اُها اَنڪ
پنهنجين آڱرين وچ ۾ پڪڙي، هوُ اَوشواس ۽ عجب وچان
اُن ’آنڪ‘ ڏانهن ڏسڻ لڳو. اُهو چمڪندڙ ’ٽڪو‘ سندس
هٿ ۾ آهي، شايد اِن جي خاطري ڪرڻ لاءِ، هن پنهنجو
هٿ لوڏيو، ۽ پوءِ پنهنجو بنا ڏندن وات کولي،
کليائين، سندس ڪنڌ توازن وڃائي ويٺو. سندس پتڪڙيون
اَکيون ذري گهٽ ٻوٽجي ويون. سندس وات جي هڪ ڪنڊ
مان گگ جي لار ٽپڪڻ لڳي ۽ پوءِ اوچتو ڇرڪ ڀري،
ڀڀڪيدار رنگين، وڏو شاهي پوسٽر ڏٺائين، پوسٽر تي
ماڻهن جي دلپسند نٽي، لڳاتار مرڪيو بيٺي!
A Million Doliar Smiles!
رستي تان ويندڙ موٽرن جي ڪراڙين سڱرين جي ’پؤن پؤن‘ خاموشي ٽوڙي
رهي هئي، ڪنن کي ڏنگي رهي هئي. وَردي پاتل
ڊرائيور، نفيس لال لبن واريون پلاسٽڪ جون زالون،
ٺوڙهي مٿي وارا، ميڻ جا نازڪ سرڪاري آفيسر،
جوانيءَ جي مستيءَ ۾ ٻڏل ڊگهن وارن وارا نوجوان
ـــ سڀ اِطلاع ڏيئي رهيا هئا ته ”پاسي ٿيو!“ ۽
سڀني جي اِطلاع جو آواز سريکو ئي پئي لڳو. وَردي
پاتل ڊرائيور ۽ نفيس لال لبن واريون عورتون هڪ تي
آواز ۾ ۽ هڪ ئي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي رهيون هيون. ميڻ
جا سرڪاري آفيسر ڪڏهين سڌو ته ڪڏهين آڪڙ وچان
ڳالهائي رهيا هئا، اِن تي ڪنهن به عجب نٿي کاڌو،
اِن جو ڪنهن کي به ڊپ نٿي لڳو.
رستي جي هڪ پاسي، هڪ دڪان مان ’لائوڊ اسپيڪر‘ ڪو گانو اوڪي رهيو
هئو. اُن جو وات هميشه کليل هئو. اُن کي چهرو ڪونه
هئو. وات هلائڻ کانسواءِ، اُهو گانو اوڪي رهيو هئو
۽ چئوگرد جمع ٿيل ننڍڙو ميڙاڪو اُهو گانو ڄڻ پي
رهيو هئو. ٽن منٽن جي ڀڳتي! ٽن منٽن جو پيار! ٽن
منٽن جو وڇوڙو!
نيلام جو مال! ٽين ٽين آني! ’ڪمپني ڪا ديوالا نڪل گيا!‘ نيلام
جو مال! ٽين ٽين آني! ڪمپني ڏيوالي ۾! ڪهڙي ڪمپني؟
“Peace
in Korea!”… …. Appeal for peace~”
توبن جيان چؤطرف لائوڊ ـــ اسپيڪرس تان اهوئي اعلان ٿيو پئي،
اُنهن مشينن مان نڪرندڙ مشيني آواز اِهائي گهر ڪري
رهيا هئا.
`Peace in Korea! Peace! Peace!”
سامهون ايندڙ هڪ واقف ماڻهو مون ڏانهن ڏسي کليو. هن جو کلڻ مون
ڏٺو، پر ٻڌو ڪونه.
Peace! Peace!
مان کليس، پر منهنجي کل هن به ڪونه ٻڌي. هن جو وات
هلندو ڏٺم، اسان جا لفظ اَلائي ڪٿي غائب ئي ٿي
ويا. انوکي آواز جي دنيا ۾ جڳهه ئي ڪانه هئي،
اَڳتي شايد ڪڏهين به جڳهه نه ملين، اَسان جي آواز
کلي، هڪ ٻئي کان موڪلايو.
سدائين پَٽيل وات مان لائوڊ اسپيڪر ڀؤنڪي رهيو هئو.
اِها ڀؤنڪندڙ ’خاموشي‘ مون کان دور هلي ويئي ۽ اُن جي زوم سان
گهُٽيل منهنجا ڪن وري ٻڌڻ لڳا، اَکيون وري ڏسڻ
لڳيون. پيرن جي قئنچين سان رستو ڪپيندي ماڻهو هلي
رهيا هئا. اُهي سڀ سرکا ئي هئا. اِئين ٿي لڳو ڄڻ
رستي جي موڙ جي پٺيان هڪ وڏي ٽنگ سال هئي، جنهن
مان هيءُ ماڻهو ٻاهر اَچي رهيا هئا. سندن دلپسند
ڪلاڪارن جي وارن جيان سندن وار سنواريل هئا. سندن
چهرا چمڪي رهيا هئا، ۽ جذبات؟ اُهي به چمڪندڙ
هونديون. ۽ سڀني عورتن جي چهرن تي، ڪنهن ٻار جي
معصوميت، کيس ننڍي ٿيندڙ ٽوپيءَ جيان، پيل هئي.
Baby ـــ
Faced
فلمي ٻالڪ!
اِنهن ’ٻالڪن‘ جا نرماتا، مقرر ڪيل نٽ ـــ نٿيون مٿاهين جڳهين
تي پوسٽرن تي لٽڪي، ڄڻ کيپ کٽي کلي رهيا هئا.
Million Dollar Smiles!
لکين رپين جي قيمت واري مسڪراهٽ، لکين لوڪن جون
مسڪراهٽون.
پنجن ـــ ڏهن نٽن ـــ نٽين کي هيترا ٻار ٿي سگهن ٿا ڇا؟نه؛ پر
اِهو ممڪن ٿيو آهي؛ ۽ سائنسدانن ٻيون ڪيتريون ئي
ڳالهيون ممڪن ڪري ڏيکاريون آهن. اَڻ واقف، اَڻ ڄاڻ
ماڻهوءَ مان، سنجوڳ ڪرڻ کانسواءِ، هاڻ عورت کي گرڀ
ٿي سگهي ٿو. هاڻ مرد جي ’ ويريه‘ سالن تائين سانڍي
سگهجي ٿي. اَڄ کان پنجاهه سال پوءِ ڄمندڙ ٻار جو
پيءُ هٽلر ٿي سگهي ٿو، آپريشن ڪري، ڄمڻ کان پهرين
ئي، ٻار جو سڀاءُ بدلائي سگهڻ ممڪن ٿي پيو آهي
”نئين دهلي، 19 مئي، 1991.
سائنس جي نئين کوجنا موجب، ٻارن ٺاهڻ جي سرڪاري ڪارخاني جو
مهورت اَڄ وزيراعظم فلاڻي ڊينگري جي شڀ هٿن سان،
هتي ڏاڍي ٺاٺ باٺ سان ٿي گذريو. ڪارخاني ۾ پيدا
ٿيل پهريون ٻار، وزيراعظم کي اَرپڻ ڪيو ويو.
وزيراعظم جو چوڻ هئو، ته ٻار ۾ حب الوطني ڪوٽان
ڪوٽ ڀرڻ لاءِ رٿا رٿي ويئي آهي. مهورت ڪندي
وزيراعظم فرمايو، ’ملڪ جي ترقي جي راهه تي اِهو
اَڳتي قدم آهي. هن سان ملڪ جي جيون کي نئون موڙ
ڏيڻ جي رستي جو وڏو روڙو دور ٿي ويندو، اَهڙو
وشواس اَٿم.‘ اَسانجي خاص خاطوءَ وٽان اِها خبر
آئي آهي ته جهڙا کپن اَهڙا سپنا لهڻ لاءِ گورين
تيار ڪرڻ ۾ به کوجنيڪن کي جس پراپت ٿيو آهي ۽
جلدئي اُنهن گورين جو واپار ڪرڻ لاءِ پيداوار جي
شروعات ٿيڻ ممڪن پيئي لڳي. خوفناڪ خواب لهڻ جي
ڪارين گورين جي خاص گهر ٿيندي، اَهڙي اُميد هتان
جي معتبر مرڪزن ظاهر ڪئي آهي.“
۽ پٽ شيڪسپيئر ٿو پوي.
“Life is a tale told by an idiot, signigfying
nothing”
بيوقوف ڪٿي جو!
بنا چهري واري شام کلي ڇا؟ ڪين سڏڪو ڀريائين؟ اون هون! هڪ بنا
چهري واري، نه، ٻالڪ جهڙي چهري واري ڇوڪري مشڪندي
مون ڏانهن ڏسي رهي هئي. مون به هوش ۾ اَچي هن
ڏانهن ڏٺو. هن چيو، ”اَلا! توهانجو ڌيان ڪٿي آهي؟“
”سندس ’آٽومئٽڪ‘ هٿن ’پرس‘ کوليو، رومال ڪڍيائون، ’پرس‘ بند
ڪيائون، رومال سان منهن اُگهيائون، وري ’پرس‘
کوليائون...
مون چيو، ”نه. ڪنهن خيال ۾ محو هوس!“
هن اَکيون مچڪائيندي چيو، ”خيال؟ ڪنهن جو؟“ هن پلئو ٺيڪ ڪيو ۽
ڏاڍي ناز سان قدم کڻندي سڪائڻ لڳي، مان مرڪيس.
هوُءَ به مرڪي.
هن پڇيو، ”هوُءَ فلاڻي پڪچر ڏٺي اَٿوَ؟“
هتي، هن نظر جهڪائڻ جو تجربو ڪيو. اِهو اَنداز شايد نئون نئون
سکي هئي.
پڇيو مانس، ”سڀاڻي مئچ ڏسندينءَ ڇا؟“
اَسان هڪ ٻئي کان موڪلايو. پنهنجي شخصي ويچار جو ٽن منٽن جو
رڪارڊ وَڄائي، هوءَ اڳيان وڌي ويئي، اَڳيان وڌڻ
تي، وري اَڳي وانگر رڪارڊ شروع ٿيو هوندو. هن
’پرس‘ کوليو هوندو. اَندران رومال ڪڍيو هوندائين،
’پرس‘ بند ڪيو هوندائين. ....
ٽي منٽ لڳاتار وڄندڙ رڪارڊ!
”آڻي ڏيو هڪ توُتڙي مونکي،
آڻي ڏيو هڪ توُتڙي مون کي!“
اَڳتي؟ اَڳتي ڇا؟ رڪارڊ اَٽڪي پيو. اُهي لفظ وري وري اَچارڻ
لڳو.
موٽر جي ’بريڪ‘ ڪراڙو آواز ڪيو. هڪ ڀيانڪ ڪيڪ ٻڌڻ ۾ آئي. ماڻهن
جا جهنڊ ڊوڙڻ لڳا. گرديءَ جو هڪ گهيرو تيار ٿي
ويو. هڪ ماڻهو مري ويو هئو. سڀ ماڻهو سُونجهه وچان
ڏسي رهيا هئا. هرهڪ جي نظرن ۾ سُونجهه سوُنجهه
هئي. کين ڊپ ٿيڻ گهريو هئو، پر اُهو ڪونه ٿيو. کين
ٽٽل پير ڏسڻو هئو. فوتيءَ جي چهري مان، سندس کيسي
۾ پيل ڪاغذ ـــ پٽ ذريعي، هوُ ڪير آهي، اِهو ڏسڻو
هئو.
اِئين ناهي ته هوُ ماڻهو بلڪل ظالم هئا. هوُ اَگر جيئرو هجي ها،
ته ماڻهو سندس وات تي پاڻيءَ جو گلاس رکن ها.
’ائمبيولينس‘ گهرائين ها. پر منجهن اِها سوُنجهه
سوُنجهه به هئي۽ اَها ظالم هئي، اَنيڪ بي نسبت
لاڙا سندن دماغ ۾ هئا. جارجيٽ جي ساڙهي ـــ پاتل
نٽيءَ جي سئنيما ۾ ناڪام محبت ٿيڻ تي، هوءَ رني
هوندي. ديش ـــ ڀڳتن جون تقريرون ٻڌي، جوش وچان
لڙائي ڪرڻ لاءِ اُٿي هوندي ۽ پوليس جا مدگر ڏسي
ڀڄي به ويئي هوندي، ۽ پاڻ ڪيئن ڇٽي ويئي، اهو ياد
ڪري ٽهه ٽهه ڪري کلي هوندي، ڪنهن ٻئي ڄڻي سئنيما ۾
پيار ڪرڻ جو واقعو ڏسي، سيٽيون وڄايون هونديو، ۽
پوءِ گهر وڃي، ڀڳتي ـــ ڀاونا وچان اُهو واقعو عين
بين دهرائڻ جي ڪوشش ڪئي هوندائين. اِهي لاڙا سندن
منن ۾ هئا ۽ اُهي ڪڏهين ڀڙڪو کائي اُٿندا، اِهو
چوڻ مشڪل هئو، اُن وقت کين ڊپ ٿيڻ گهربو هئو ۽ ڊپ
ٿيڻ جهڙو اُهو نظارو به هئو.
اُن ماڻهوءَ جي رت جي نئن ٿورو وهي، اوچتو بند ٿي ويئي هئي، ۽
اُها ڪيڏانهن وهي ٿي، اِن ڏانهن سڀني جو ڌيان هئو.
آخر اُن رت جي نئن، هڪ پاسي ڦاٽ کاڌو ۽ اُن پاسي
بيٺل ماڻهن جي پيرن طرف وڃڻ لڳي. هڪدم رڙ ڪري، اُن
پاسي بيٺل ماڻهو پٺيان سرڪي ويا ۽ پوءِ سڀ کلڻ
لڳا. مون سندن کل ٻڌي، مون کي اُن مري ويل ماڻهوءَ
کان، اُنهن جيئرن ماڻهن مان وڌيڪ ڊپ ٿيڻ لڳو،
منجهن جيڪي اَڻ ـــ ڄاتل هئو، جيڪو حساب ۾ سمائجڻ
جهڙو نه هئو، اُن مان ڊپ ٿيڻ لڳو. سندن اُن کل مان
ڊپ ٿيڻ لڳو. مئل ماڻهوءَ جون اُڏري ويل چمپلون،
جنهن گنڀيرتا سان، هنن سندس (فوتيءَ جي) لاش ڀرسان
آڻي رکيون هيون، انهن مان به ڊپ لڳي رهيو هئو ۽
پوءِ اِنسان جي حياتيءَ جو راز ڦولهيندو وگيان ۽
اِنسان جي زندگيءَ کي مقرر ڪيل صورت بخشڻ جي سندس
شڪتيءَ مان گهڻو ڊپ ٿيڻ لڳو.
مون کي اِئين لڳو ته شايد ڪو سائنسدان ايندو ۽ ان فوتيءَ جي
پيرن تي ڪا ڪيميا لڳائي، اُهو سندس بدن سان
چنبڙائيندو، کيس ڪائي ’انجيڪشن‘ هڻي جيئرو ڪندو.
پوءِ ماڻهن جيڪي چپلون سندس ڀرسان رکيون آهن، اُهي
سچ پچ هوُ پائيندو ۽ آخر سندس سرير مٿان موٽر
هلائيندڙ ڊرائيور سان هٿ ملائي چوندو، ”دوست‘ چوين
ٿو ته اَلاهي ڊپ لڳو اَٿيئي؟ مرڻ ۾ خوب مزو آهي،
دوست!
Thanks
“
اُن بعد بي شمار ماڻهو، مزي جي لحاظ کان پاڻ کي مارڻ لڳندا.
ماڻهن کي ماريندڙ ۽ جيئاريندڙ ڪمپنيون نڪرنديون.
ماڻهن اُنهن جا شيئر خريد ڪندا. مؤت بنسبت سمورا
قاعدا، سموريون ڪلپنائون ۽ سمورا اِنساني رد عمل
بدلجي ويندا. سائنس جي لڳايل هڪ لت سان اِنساني
حياتيءَ ۾ اُٿل پٿل مچي ويندي ۽ جيسين اِنسان اُهو
ڌڪ کائي پاڻ سنڀالي، تيسين سندس چيلهه تي ٻي لت
ٺڪاءُ ٿيندي ۽ آّخر لتن جون مارون برداشت نه ڪري،
هوُ نيست نابود ٿي ويندو ۽ اُن بعد اِنسانن کان
خالي ڌرتيءَ تي ماکيءَ جي مکين جي تهذيب اُسرندي.
خؤفناڪ! اِن جو اِمڪان ڏاڍو خوفناڪ هئو! ۽ هيءُ
جيئرا جاڳندا اِنسان! اهي به ڏاڍا خوفناڪ هئا.
اِنساني زندگيءَ جو ميلو! ان ۾ مکيه ڪشش ـــ گول گول ڦرندڙ
پينگهه ـــ ڊپ جي پينگهه ! ڀڳوان جو درشن ڪرڻ لاءِ
هڪ پئسو خرچ ٿئي ٿو، ۽ پينگهه ۾ ويهڻ لاءِ به هڪ
پيسوئي ڏيڻو پوي ٿو. مندر ۾ وڃڻ تي، شرڌا وچان
اَکيون ٻوٽجي وينديون آهن. پينگهه ۾ ويهڻ تي خؤف
وچان اَچانڪ ٻُوٽبيون آهن. پوءِ باقي اَنڌيري ۾
هٿوراڙيون هڻڻ تي، رهندو، عقل روپي ٽامي جو پئسو
کڻي، اَسان هن ميلي ۾ اَچون ٿا ۽ اُن جي هن ريت
اِستعمال ڪريون ٿا!
اِن کان ريوڙيون ڇو نه کائون؟ چنبرندڙ ۽ مٺيون ريوڙيون.
پر ريوڙيون کائيندڙ ماڻهن کي وچ ۾ ئي هري هري کڻي خؤف جي پينگهه
۾ ويهاريو ويندوآهي، ۽ کين گول گول ڦيرايو ويندو
آهي.
خوف ! اَخبارن جي نمايان ڪارن سرن وارن خؤف! قطار ۾ بيٺل ٿلهن
ڪارن اَکرن روپي بي شمار خؤف! بناچهري وارا!
مهانتا جو ڊپ ۽ ڪميڻائيءَ جو به ڊپ! گيان جو ۽
اَگيان جو به! غلاميءَ جو ۽ آزاديءَ جو به! ٻين
کان ۽ پنهنجو پاڻ کان به ڊپ!
خؤف جو وڏو شاهي وَروڪڙ نانگ! ۽ سيڙهيون! زندگي نانگ ۽ سيڙهين
جي راند آهي ـــ ’لڊيو‘ راند!‘! سيڙهين ذريعي مٿي
وڃڻ ۽ نانگ جي ڳرڪائڻ تي هيٺ اَچڻ. وڏين وڏين
سيڙهين جي ويجهو وڏا نانگ! تمام مٿي ۽ تمام هيٺ،
هٿ ۾ وڄندڙ جهنجهڻي جهڙو، ليڪن اَڻ ڄاتل آئيندو!
خؤف جي گول گول ڦرندڙ پينگهه!
بمبئيءَ جي اُها شام ملول هئي. ۽ مان پيرن جي قئنچيءَ سان رستو
ڪپيندو، گهر وڃي رهيو هوس.
ڪٿان مڙيئي هوا جو جهوٽو آيو. مٿي اُڏامندڙلغر کڙکڙ ڪئي. ڪنهن
وڻ جي ننڍڙن نازڪ پنن سرسر ڪئي. هڪ ننڍڙي ٻار
’او!‘ چئي پنهنجو ننڍڙو هٿ مٿي ڪيو ۽ پوءِ ڊوڙندو
ويو. بوهي مڱن واري جي نينگر ڳڙ جو ٽڪر هڪدم وات ۾
وڌو. رستي جي ڌوڙ کي ڦوڪ ڏيندي، هوا جو جهوٽو هتان
هتي ويو.
منهنجن ويچارن ۾ هلچل مچي ويئي، من جي، پتن جي تاس پيسجي ويئي.
منهنجي هٿ ۾ پنج پتا ڏيئي، ڪنهن پڇيو، ”حڪم ڪهڙو؟“
مون ڪجهه سوچي چيو، ”آخرين پتو!“
ڪيترو به ورهائڻ تي پتا ختم ئي نه ٿي ٿيا ۽ منهنجو ’حڪم‘ مقرر
ئي نٿي ٿيو. ايتري ۾ ڪنهن جي ڌڪي لڳڻ تي، هڪ پتو
کلي پيو. لال جي راڻي!
ڪنهن ڌڪو ڏنو هئو؟ هُن؟ هوُءَ ڪير آهي؟ مون کي خود ئي ڪٿي خبر
هئي؟ مون کيس ٻه ٽي ڀيرا ئي ڏٺو هئو. هوءَ منهنجي
سامهون ئي پٺيري ٿي بيٺي هئي، ٺينگڙي ـــ دنبي ۽
لسين، متارين ٻانهن واري. ڪنڌ مٿي ڪري، هوءَ ڪنهن
سان مڙيئي ڳالهائي رهي هئي. سندس ڪن ڳاڙهسرا هئا.
سندس سنواريل وارن تي روشنيءَ جون لهرون جرڪي
رهيون هيون. ڪنڌ مٿي ڪري ڏسڻ سبب، سندس وارن جو
اَنبوڙو، سندس نفيس گوريءَ ڳچيءَ جو آڌار جهلي،
ٿورو مٿي کڄي ويو هئو، ۽ اِهو ڏسندي ڏسندي ئي،
منهنجي دل ڪنهن هوريان هوريان پنهنجي هٿ ۾ کڻي
ورتي ۽ ذرا مٿي ڪيائين. ڳالهائيندي ڳالهائيندي،
سندس ساڙهيءَ جو لپيٽيل پلؤ سرڪي ويو ۽ سندس پٺيءَ
تي لٽڪڻ لڳو. سندس ’بلائوز‘ جي گلي جي ’وي‘ ـــ ڪٽ
مان لڀائيندو، نازڪ، گورو ٽڪنڊو ڏسڻ ۾ آيو ۽ اُن
جي چهنب تان گسڪي، منهنجي نظر سندس ٿرن جي گولاءِ
تي ذرا رڪي ۽ پوءِ سندس گلابي پيرن تي پيئي.
اُن جڳهه تان هلڻ ئي نٿي ٿيو. هن مٿان نظرون هٽيون ئي نٿي. دماغ
۾ اَلائي ڪيترا ٺڪاءَ ٿي رهيا هئا. جسم تي تابع
ختم ٿي چڪو هئو. مون کي هوُءَ کپي ٿي.
اِئين ڇو ٿو ٿئي، مون کي ڪجهه به پتو نٿي پيو. اِئين ڏسجي ته
هوءَ، چهري تي ٻارن جهڙي ڀاوَ وارين ٻين جوانڙين
جهڙي ئي هئي. سندس شخصي رايي جو رڪارڊ ٽن منٽن ۾
ئي ختم ٿيڻ جو اِمڪان هئو. مون هن سان ڪڏهين به
ڳالهايو ڪونه هئو. ڳالهائڻ جو اِمڪان به نظر نٿي
آيو، پوءِ به منهنجو ساهه هن ۾ اَٽڪي پيو هئو.
پريم؟ ڪهڙو پريم صاحب؟ ”پهريون پيار“؟ ”گلابي پيار“؟ ”انقلابي
محبت“؟ سڀني جي قيمت ساڳئي ـــ ٽي روپيا آهي،
صاحب! سوکڙي ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قيمت وارا ڪتاب هلن ئي
نٿا...
ڪنهن مڙيئي، منهنجن ڪنن ۾ اِئين ڀڻ ڀڻ ڪئي، پر مون اُن ڏانهن
ڌيان ڪونه ڏنو.
”اِن جو ڪيميائي ڪارڻ هيءُ آهي...“ ٻار تيار ڪرڻ جي ڪارخاني جو
هڪ سائنسدان چوڻ لڳو، پر مون سندس ڳالهه ٻڌي ئي
ڪانه.
مون پنهنجي دل، سندس پيرن ۾ ڦٽي ڪئي ۽ اَڳتي وڌڻ لڳس، اُها
پنهنجن پيرن هيٺ چيڀاٽي، هوءَ اَلائي ڪيڏانهن نڪري
ويئي. منهنجي دل اُهين ئي زخمي ٿي اُتي مٽيءَ ۾
پيئي هئي ۽ پوءِ به چري خوش هئي! سندس زخمن مان رت
نه پئي وهيو، خوشي پئي وهي!
پنهنجي دل اُتي ئي ڇڏي، چپ چاپ، پنهنجن پيرن جي قئنچيءَ سان
رستو ڪپيندي اَڳيان وڌيس. سچ، جيڪي ٿيو هئو، اهو
ڪيترو نه عجيب ۽ خؤفناڪ هئو! پر مون کي ان بنسبت
ڪجهه به محسوس نٿي ٿيو. مان هڪ سگريٽ ڇڪڻ جو ويچار
ڪري رهيو هوس.
بمبئيءَ جي اُها شام ملول هئي، اُن جا وار ڀوُرا هئا، ۽ کيس اصل
چهرو ئي ڪونه هئو.
|