رابندر ناٿ ٽيگور
مترجم: غلام نبي ميمڻ
زندگيءَ جو رانديڪو
هو پنهنجي ڏڪندڙ هٿن سان هر روز نوان نوان رانديڪا ٺاهيندو هو،
۽ راجڪماريون انهن رانديڪن سان راند ڪري، پنهنجي
دل خوش ڪنديون هيون. هر سال بهار جي موسم ۾ محلات
جي وڏي اڱڻ ۾ هڪڙو عاليشان ميلو لڳندو هو. رانديڪن
جو ميلو. هن ميلي ۾ ملڪ جا وڏا وڏا ماهر ڪاريگر
پنهنجا رنگ برنگي ۽ خوبصورت رانديڪا پيش ڪندا هئا؛
مگر هن جي رانديڪن اڳيان سڀ تڇ لڳندا هئا. سڀني
کان وڌيڪ هن جا ئي رانديڪا پسند ڪيا ويندا هئا، ۽
انهن کي ئي ساراهيو ويندو هو. جيڪو به ڏسندو هو ته
عجب ۾ پئجي ويندو هو، ۽ ساراهه ڪرڻ کان سواءِ رهي
نه سگهندو هو.
اتفاق جي ڳالهه آهي، دستور موجب انهيءَ سال به ميلو لڳو ۽
انهيءَ ۾ هڪڙي نئين ڪاريگر ڪشن لال به پنهنجا تيار
ڪيل رانديڪا پيش ڪيا. ڪشن لال هڪ سهڻو نوجوان هو.
جهڙي سندس جواني نئين هئي؛ اهڙوئي سندس فن به نئون
هو. روزانو هو رانديڪا تيار ڪندو هو، پر انهن ۾
ڪانه ڪا خامي ضرور ڇڏي ڏيندو هو. ڪنهن کي اڻپورو
ڇڏي ڏيندو هو، ته ڪنهن کي حد کان وڌيڪ رنگ برنگي
بنائي ڇڏيندو هو، ته ڪنهن کي وري رنگ ئي ڪونه
ڏيندو هو. هر رانديڪي ۾ هڪ نئين ڳالهه هئي. ماڻهو
سندس رانديڪن کي ڏسندا هئا ۽ جدا جدا رايا ڏيندا
هئا. ڪو چوندو هو، ”اڙي، ڪشن لال جو فن تمام اوچو
آهي.“ ڪو چوندو هو ته” هن جي فن ۾ صفائي ڪانهي. “
ته ڪو وري چوندو هو ته ”اڙي، هن جا اڌورا رانديڪا
ئي ته هن جو صحيح فن آهن.“ مطلب ته جيترا هئا وات
اوتريون هيون ڳالهيون.
زمانو هر نئين شئي کي پسند ڪندو آهي، ۽ راجڪماريون جن جي نئين
جواني هئي، نئين نموني جا رانديڪا پسند ڪرڻ لڳيون.
انهن ڪشن لال جي رانديڪن کي پسند ڪيو. هاڻي پراڻي
ڪاريگر جي ڏڪندڙ هٿن جا ٺاهيل رانديڪا سندن نظرن
تان ڪِرڻ لڳا. اهي دڪانن تي ائين پيا هوندا هئا،
جيئن درياهه جي هن پار، ٻيڙيءَ جي انتظار ۾ مسافر
ويٺا راهه تڪيندا آهن. هن جي دڪان تي اڳئين وانگر
ڀيڙ ۽ گپاگيهه نه هئي. سندس فن جي اوج جو سج لهي
چڪو هو، ۽ افق تي هڪ نئون سج اڀري رهيو هو، اُهو
هو ڪشن لال. هو هاڻي عوام جو محبوب فنڪار هو.
رانديڪن جي بازار ۾ سندس قسمت جو تارو چوٽ چڙهيل
هو، ۽ سڀني رانديڪن ٺاهڻ وارن کيس استاد ڪري مڃيو
هو.
وقت گذرندو ويو. ڪشن لال جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ناموس ۽
هنرمنديءَ پوڙهي ڪاريگر جي رهيءَ کهيءَ ساک پت ۽
همٿ کي ختم ڪري ڇڏيو هو. هاڻي هن رانديڪا ٺاهڻ
گهٽائي ڇڏيا. هو سڄو ڏينهن بڙ جي هڪ وڻ هيٺان
ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ ويٺو هوندو هو. سامهون سندس ٻني
هئي. سونهري رنگ جي سنگن وارو فصل. هو سڄو ڏينهن
انهيءَ جي سنڀال سڙي ڪندو هو. جڏهن ڪنهن وقت ويهي
ويهي، ڪڪ ٿي پوندو هو، تڏهن پنهنجا اوزار ڪڍي،
رانديڪا ٺاهيندو هو. پر وري کيس خيال ايندو هو ته
”منهنجا رانديڪا ته پراڻا آهن. مان پاڻ به پراڻو
آهيان. منهنجي دل به پراڻي آهي. هاڻي ماڻهو نيون
شيون گهرن ٿا. هو نئينءَ پسند وارا ٿي پيا آهن.
ڀلا، انهن پراڻن رانديڪن کي ڪير خريد ڪندو؟“
هن کان دانهن نڪري ويندي هئي. هو اوزار ڦٽا ڪري، اٿي کڙو ٿيندو
هو. هڪ نظر پنهنجن اڌورن رانديڪن تي وجهندو هو، ۽
پوءِ زور زرو سان هاهاڪار ڪري، پنهنجي سونهري سنگن
واري فصل تان جهار هڪلڻ ۾ مشغول ٿي ويندو هو.
پوڙهي ڪاريگر جي اداسي وڌندي ويئي. هاڻي ته هن جي
چيلهه به چٻي ٿي ويئي هئي، ۽ ها، هن کي وقتي کنگهه
جا دورا به پوڻ لڳا آهن. اها حالت ڏسي، سندس
نوجوان ڏوهٽيءَ کان رهيو نه ٿيو. پيءُ جي مرڻ کان
پوءِ هوءَ پنهنجي پوڙهي ناني کي پيءُ جي جاءِ تي
سمجهندي هئي. هو هڪ ڏينهن نچندي ڪڏندي آئي ۽ يڪدم
ناني جي هنج ۾ ويهي رهي ۽ ڏاڍي پاٻوهه ۽ پيار سان
پڇيائين:
”نانا، تون هر وقت اداس ۽ مايوس ڇو ٿو رهين؟“
”نه ٻچا، نه! مان اداس ڪٿي ٿو رهان.“
پوڙهو نانو ڏوهٽيءَ جي انهيءَ اوچتي سوال تي گهٻرائجي ويو.
”نه، نانا تون مون کان لڪائين ٿو. جيڪڏهن تون نه ٻڌائيندين، ته
مان توسان رسي وينديس! تون هميشہ مايوس، ڏک ۽ ماٺ
۾ رهين ٿو ۽ تو رانديڪا ٺاهڻ ڇڏي ڏنا آهن؛ آخر
ڇو؟“
”ڌيءَ! ڳالهه هيءَ آهي ته هاڻي منهنجي رانديڪن کي ڪوبه خريد نه
ٿو ڪري. ماڻهو نيون نيون شيون پسند ڪن ٿا نه! ڪشن
لال نوان رانديڪا ٺاهيندو آهي. راجڪمارين کي اهي
نئين نموني جا رانديڪا وڌيڪ پسند آهن. محلات ۾
هاڻي ڪشن لال جا رانديڪا کپن ٿا، ۽ منهنجا نه!“
پوڙهو سڀڪجهه ٻڌائڻ لاءِ مجبور ٿي پيو.
”نانا، تون رانديڪا ٺاهه، مان انهن کي وڪڻڻ وينديس، ڏسان ته ڪير
نه ٿو وٺي اُهي!“ شوڀا جي لهجي ۾ هڪ چئلينج هئو.
انهيءَ ڏينهن پوڙهي جي ڏوهٽي شوڀا منجهند تائين پوک جي سنڀال
ڪندي رهي ۽ پوڙهو ڪاريگر، ٿلهن شيشن واري عينڪ
چاڙهي، سڄو ڏينهن رانديڪا ٺاهيندو رهيو. ٻئي ڏينهن
شوڀا انهن رانديڪن کي وڪڻڻ لاءِ کڻي ويئي. جڏهن
ڪافي دير کان پوءِ موٽي، ته سندس هٿ ۾ چمڪندڙ
اشرفي هئي.
”نانا! هي ڏس مان تنهنجا سڀئي رانديڪا وڪڻي آيس.“ شوڀا هن کي
اشرفي هٿ ۾ ڏيندي چيو.
”تو ته ڪمال ڪري ڇڏيو ڌيءَ“ پوڙهي، ڏوهٽيءَ کي سيني سان
لڳائيندي چيو، ۽ پوءِ هن جي مٿي تي هٿ ڦيري
چيائين، ”تون ڪيڏي نه وڏي ٿي ويئي آهين ڌيءَ!
جيڪڏهن اهڙيءَ طرح سورهن اشرفيون گڏ ٿي وڃن ته
انهن مان تنهنجي شادي ڪندس.“ پوءِ شوڀا شرمائجي،
ناني جي ٻانهن مان نڪري ڀڄي وئي.
اهڙيءَ طرح ڏينهن گذرندا ويا. پوڙهو ڪاريگر رانديڪا ٺاهيندو هو،
شوڀا اهي وڪڻي ايندي هئي، ۽ جڏهن سورهن اشرفيون گڏ
ٿي ويون، تڏهن پوڙهي چيو، ”اڄ مان ڪيڏو نه خوش
آهيان. شاديءَ جو بندوبست ته ٿي ويو، ها، هاڻي رڳو
گهوٽ ڳولڻو اهي!“
”مون پنهنجو گهوٽ ڳولي ڇڏيو آهي، نانا!“ شوڀا شرمائيندي چيو.
”هان!“ پوڙهي جون اکيون ڦاٽي ويون. ”ڪير آهي اهو؟“
”جڏهن مان توهان جا تيار ڪيل رانديڪا محلات ۾ کڻي ويئي هُيس، ته
دربان دروازي تي ئي روڪي ڇڏيو، چيائين، انهن
رانديڪن کي ڪير خريد ڪندو؟ هي ته پراڻي قسم جا
آهن. نانا، مان مايوس ٿي واپس موٽڻ واري هُيس ته
هڪڙي نوجوان، جو ڀرسان ئي بيٺل هو، مون کي چيو،
’مون کي ڏي اهي رانديڪا، مان انهن کي رنگ ٿو ڏيان،
پوءِ هي سڀ وڪامي ويندا.‘ پوءِ مان هر روز محل ۾
ويندي هُيس. اهو نوجوان مون کي اتي ملندو هو. اسان
ٻيئي انهن رانديڪن کي نيئن نموني تي رنڱيندا
هئاسون ۽ پوءِ اهي وڪامي ويندا هئا. مان شاديءَ جو
هار انهيءَ نوجوان جي ڳچيءَ ۾ وجهڻ ٿي چاهيان؟“
شوڀا سڄي ڳالهه ٻڌائي ڇڏي.
”پر اهو آهي ڪٿي ڌيءَ؟“ پوڙهي حيران ٿي پڇيو.
”هو ٻاهر بيٺو آهي. مان انهيءَ کي سڏي ٿي اچان نانا!“ شوڀا هڪدم
ٻاهر وئي، ۽ وري هڪدم هڪ نوجوان اندر داخل ٿيو. هو
ايندي ئي هڪدم پوڙهي جي پيرن تي ڪِري پيو. پوڙهي
ڪاريگر سندس مٿي تي هٿ گهمايو ۽ پوءِ کيس پنهنجي
ڏڪندڙ هٿن سان وٺي مٿي اٿاريو.
اتي پوڙهي ڪاريگر جو حيرت مان وات ۽ اکيون ڦاٽي ويون، ”ڪشن
لال!“ هن کان دانهن نڪري ويئي.
هن اڳتي وڌي، ڪشن لال کي پنهنجين ٻانهن ۾ آڻي زور ڏنو، ۽ پنهنجي
چپن سان سندس پيشانيءَ کي چميو.
”پٽ! تون هڪ ڏينهن طوفان وانگر منهنجي ماٺ ڀري زندگيءَ ۾ آئين ۽
منهنجي ڪاٺ جي رانديڪن کي مون کان کسي وئين، پر اڄ
...... اڄ زندگيءَ جو رانديڪو به جهپو هڻي کسي
وئين!“
پوڙهي ڪاريگر جو آواز گلي ڀريل هو، پر سندس چهري تي هڪ عجيب مرڪ
کيڏي رهي هئي. |