موپاسان
مترجم: غلام نبي ميمڻ
نوڙيءَ جو ٽڪر
انهيءَ ڏينهن ڳوٺ ۾ ساليانو ميلو لڳو هو. پري اوري جي
واهڻن مان هاري ناري، مزور مڙا، ڪمي ڪاسبي، چاڪي ۽
لوهار وغيره ڌڙا ڌڙ ميلي تي پنڌ ويندي نظر پئي
آيا. زميندار ۽ ڳوٺ جا سکيا آسودا ماڻهو پنهنجين
پنهنجين گاڏين ۾ وڃي رهيا هئا، ۽ غريب هاري پنڌ.
مردن سان گڏ زالون ۽ ٻار به هئا. مردن جا قدم ڪجهه
سست هئا. سڄو ڏينهن پورهيي ڪرڻ سبب سندن چيلهه ۾
معمولي ڪُٻ ٿي پيو هو. هو هينئر به ميلي ۾ ڪجهه
وٺڻ – وڪڻڻ جي خيال سان وڃي رهيا هئا. ڪي ماڻهو
پنهنجو چوپايو مال به ڪاهيو پئي ويا. زالون هٿن ۾
لڪڻ کنيو، مال کي هونگارينديون پئي ويون، ۽ سندن
هٿن ۾ کاريون هيون، جن مان ڪڏهن ڪڪڙين ۽ ڪڏهن بدڪن
ڳچي ڪڍي ٽان ٽان جو آواز ڪري، وري پنهنجي منڍي
اندر ڪري ٿي ڇڏي. زالن جي وک مردن کان وڌيڪ تيز
ٿيندي ٿي ويئي، انهن جي چال مان وڌيڪ خوشي ظاهر ٿي
رهي هئي. ٻارڙا انهن سان گڏ ڊوڙندا ٿي هليا، ڪڏهن
انهن کان اڳ نڪري ٿي ويا، ته ڪڏهن پوئتي رهجي ٿي
ويا.
ڳوٺ جون الهڙ نوجوان ڇوڪريون، کل مسخري ڪنديون، ٽن ٽن ۽
چئن چئن جي ٽولن ۾ هلي رهيون هيون، ۽ نوجوان ڇوڪرا
گهڻو ڪري پنهنجي پيئرن سان گڏ هئا، ڇو ته انهن کي
رستي ۾ ساڻن گڏ رهڻو هو. پر ميلي جي ڏيک ويک ۾
هونئن ئي هنن کي پيئرن کان الڳ ٿي گهمڻو هو.
ميلي جي وڏي چونڪ ۾ هڪڙو انبوهه هو. ماڻهن ۽ جانورن جي
هڪڙي اَڻ کٽ فوج هئي، جا آهستي چرپر ڪري رهي هئي.
صرف رڳو هارين نارين جا وڏا وڏا پٽڪا ۽ جانورن جا
ڊگها ڊگها سڱ، ۽ زالن جا رنگ برنگي روا ميلي ۾
ظاهر پئي ڏسڻ ۾ آيا. چونڪ ۾ ماڻهن ۽ جانورن جي
گڏيل بدبوءِ چوڌاري پکڙيل هئي.
پوڙهو ”هچڪورن“ اڃا هينئر ميلي ۾ پهتو هو. هو اڃا چونڪ
ڏانهن وڃي رهيو هو، ته کيس رستي ويندي، هڪڙو ننڍڙو
نوڙيءَ جو ٽڪر هيٺ پيل نظر آيو، جيئن پوڙهن جي
عادت هوندي آهي ته جيڪا به شئي ڪم جي لڀندي اٿن،
سا کڻي وٺندا آهن. هو به انهيءَ کي کڻڻ لاءِ ڏاڍي
مشڪل سان هيٺ نوڙيو، ڇو ته هو سنڌن جو مريض هو. هن
اهو ننڍڙو نوڙيءَ جو ٽڪر زمين تان کڻي، ڏاڍي خيال
سان ويڙهڻ لڳو، ته هن جي نظر وڃي ”ميلانڊائن“ نعل
ساز تي پيئي، جيڪو ڏانهنس نهاري رهيو هو.
”ميلانڊائن“ سان هن جا لاڳاپا تازو ئي خراب ٿي ويا
هئا، ڇو ته سندن هڪڙي سودي ۾ جهيڙو ٿي پيو هو.
”هچڪورن“ يڪدم جهڪيو، ڇو ته هن نٿي چاهيو ته سندس
دشمن کيس زمين تان هڪ ننڍڙو معمولي نوڙيءَ جو ٽڪر
کڻندي ڏسي وٺي. هن يڪدم نوڙيءَ کي واسڪوٽ جي
اندرئين کيسي ۾ وڌو ۽ زمين تي جهڪي اهڙيءَ طرح
نهارڻ لڳو، ڄڻ ته ڪجهه ڳولي رهيو آهي. ٿوريءَ دير
کان پوءِ هو اٿيو ۽ چونڪ طرف روانو ٿي ويو. جلد ئي
ميلي جي گوڙ ۾ گم ٿي ويو.
عورتون پنهنجيون کاريون پنهنجن پيرن ۾ رکي، ميدان تي
نظارو ڏسي رهيون هيون، ۽ اچڻ وڃڻ وارن کي گهوري
رهيون هيون. هنن خريدارن کي اگهه پئي ٻڌايا ۽ انهن
طرفان ڏنل واڪ به پئي ٻڌا، ۽ پوءِ انڪار پئي
ڪيائون. جڏهن گراهڪ هليو ٿي ويو، تڏهن يڪدم فيصلو
ڪري آواز پئي ڏنائون.”اچو، اچو، وٺي وڃو، ايتري ۾
ئي وٺي وڃو.“ اهڙيءَ طرح هو پنهنجن مڙسن کان وڌيڪ
وڪري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿي ويون.
چونڪ آهستي آهستي خالي ٿيندو ٿي ويو. جيڪي ماڻهو سوير آيا هئا،
سي وڪرو ڪري هينئر واپس وڃي رهيا هئا. هاڻي ميلي
جي انهيءَ حصي ۾ ڀيڙ هئي، جتي کيل ۽ تماشا ٿي رهيا
هئا ۽ کاڌي پيتي جا دڪان هئا.
اوچتو ئي اوچتو چونڪ ۾ دهل وڄڻ جو آواز آيو. آواز آهستي آهستي
ويجهو ٿيندو ٿي ويو. دهل جو آواز بند ٿيو، ته ڪو
ماڻهو پڙهو ڏيئي رهيو هو:
”سڀني ماڻهن کي آگاهه ٿو ڪجي ته اڄ صبح جو نوين ۽ ڏهين بجي جي
وچ ڌاري، چونڪ جي رستي ۾ ڳوٺ جي ميئر جو ڪاري چمڙي
جو ٻٽون گم ٿي ويو آهي. ٻٽونءَ ۾ پنج سؤ رپين جا
نوٽ ۽ ڪجهه ضروري ڪاغذ آهن. جنهن کي به هٿ آيو
هجي، تنهن کي گهرجي ته اهو يڪدم واپس ڪري؛ انهيءَ
کي پنجاهه رپيا انعام ڏنو ويندو.“
پڙهي وارو دهل وڄائيندو هليو ويو. پري تائين اُن جو آواز ٻڌڻ ۾
پئي آيو. ماڻهن کي هڪ ڳالهه ملي ويئي، جو ٻٽونءَ
جي ملڻ يا نه ملڻ جي واقعي تي بحث ڪرڻ لڳا. هو
ماني کائڻ کان پوءِ چانهه پيئڻ لڳا. اهو ساڳيو پير
مرد ”هچڪورن“ به چانهه پِي رهيو هو، ته کيس ڪنهن
جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. اهو سڏ وارو بلند آواز سان
پڪاري رهيو هو ته ”هتي ڪو ’هچڪورن‘ آهي؟“
هچڪورن يڪدم جواب ڏنو، ”ها، مان هتي ويٺو آهيان.“ اُهو هڪڙو
سپاهي هو. هن پڇيو، ”هچڪورن، تنهنجو ئي نالو آهي؟“
”ها، اِهو منهنجو ئي نالو آهي، ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
”مون سان گڏجي ميئر وٽ هل، هو توسان ڪجهه ڳالهائڻ
ٿو گهري.“ ويچارو هاري حيران ۽ ششدر ٿي ويو، جلدي
جلدي هن چانهه پِي ورتي، ۽ سپاهيءَ سان گڏجي، ميئر
ڏانهن وڃڻ لڳو. هن جون وکون سست ۽ ڳريون ٿينديون
ٿي ويون. سندس چيلهه صبح کان وڌيڪ جهڪيل هئي، ۽
گوڏن ۾ سور محسوس ڪري رهيو هو. هو ڀڻ ڀڻ ڪندو ٿي
ويو، ”ميئر مون سان ڳالهائڻ ٿو گهري! ڪهڙيون
ڳالهيون ڪرڻ ٿو گهري؟ ڀلا، ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي
ٿي!“
ميئر صاحب پنهنجي آفيس ۾ هڪڙيءَ آرام ڪرسيءَ تي ويهي، هن جو
انتظار ڪري رهيو هو. هو طاقتور ۽ ڳنڀير طبيعت جو
هو. هن هچڪورن کي ڏسندي ئي سوال ڪيو:
”هچڪورن، اڄ صبح جو توکي ٻٽون کڻندي ڏٺو ويو آهي. ڇا، اهو ٻٽون
تو وٽ آهي؟“
هڪڙو ٻالو ڀولو هاري، جو پهرين ئي ڊنل هو، عجيب پريشانيءَ جي
عالم ۾ ميئر صاحب کي تڪي رهيو هو.
”ڇا، ٻٽون؟ مون کنيو آهي؟“
”ها، توکي کڻندي ڏٺو ويو آهي.“
”مان قسم ٿو کڻان ته مون اهو ڏٺو به ڪونهي.“
”مگر توکي ته کڻندي ڏٺو ويو آهي.“
”ڪنهن ڏٺو آهي، ڪير ٿو چوي ته مون کنيو آهي؟“
”ميلانڊائن نعل ساز توکي ٻٽون کڻندي ڏٺو آهي.“
پوڙهي هاريءَ کي ياد اچي ويو، هو سڀڪجهه سمجهي ويو. ڪاوڙ ۾ ان
جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. ”هن مون کي کڻندي ڏٺو آهي؟
هن نعل ساز! سرڪار، هو ڪوڙو آهي. هن مون کي هيءُ
کڻندي ڏٺو آهي.“ هن واسڪوٽ جي کيسي مان نوڙيءَ جو
ننڍڙو ٽڪر ڪڍي ڏيکاريو.
”هي نوڙيءَ جو ٽڪر، سرڪار! هي نوڙيءَ جو ٽڪر!“
مگر ميئر ڏاڍيءَ بي اعتباريءَ سان ڪنڌ لوڏيو.
”ڀلا، ڪنهن کي يقين ايندو ته هڪڙو ماڻهو انهيءَ نوڙيءَ جي ٽڪر
کي ٻٽون سمجهندو! ميلانڊائن هڪڙو هوشيان نعل ساز
آهي، ۽ هو ڀروسي جوڳو به آهي. نوڙيءَ جي هن ننڍڙي
ٽڪر ۽ ٻٽونءَ ۾ وڏو فرق آهي.“
پوڙهو هاري بيعزتيءَ ۽ ڪاوڙ جي مليل جليل جذبات ۾ ٿڙڪڻ
لڳو.”سرڪار، مان وري به ٿو چوان ته مون جيڪي ڪجهه
ٻڌايو آهي، اهو سؤ پئسا سچ آهي. مان پنهنجي سر جو
قسم کڻي ٿو چوان ته اهو بلڪل سچ آهي.“
ميئر صاحب ٻڌي اڻٻڌي ڪري چيو،”تون ٻٽون کڻي، وري نوڙئين ۽ زمين
تي رپيا ڳولڻ لڳين، ته شايد ڪي رپيا ٻٽونءَ مان
ڪِري پيا هجن؟“
هاريءَ کي هاڻي جواب لاءِ به لفظ نه ٿي لڌا. هن جي خشڪ نِڙيءَ ۾
لفظ اٽڪي رهيا هئا.
”ڪير يقين ڪري سگهي ٿو! ڀلا، ڪير مڃي سگهي ٿو! ڪهڙا ڪهڙا ڪوڙ
ڳالهايا وڃن ٿا. رڳو ڪنهن جي عزت وٺڻ خاطر – ڪير
ڀلا، ڪير.....“
هن جي دانهن جو ڪو فائدو نه ٿيو، ڇو ته ڪنهن کي به يقين ڪونه
آيو. خود سندس چوڻ تي سندس جهاڙو به ورتو ويو، پر
ڪجهه به هٿ نه آيو. ميئر ڏاڍو حيران هو، هن پنهنجن
ماڻهن کي وڌيڪ تاڪيد ڪيو ته هو تلاش جاري رکن، ۽
پوڙهي هچڪورن جي معاملي ۾ قانوني صلاح به ڪن ۽
ضرورت سمجهي وڃي ته ڪيس ڪرڻ کان به نه ڪيٻائين.
چئن ئي طرفن انهيءَ واقعي جي خبر باهه وانگر پکڙجي ويئي هئي، ۽
جيئن ئي هو ٻاهر نڪتو ته ماڻهو هن کي گهيري ويا، ۽
هن کان سوالن مٿان سوال پڇڻ لڳا. سڀ کيس شڪي نظرن
سان ڏسي رهيا هئا. هچڪورن نوڙيءَ جي ٽڪر جو سڄو
قصو سڀني کي ڪري پئي ٻڌايو؛ مگر ڪنهن کي يقين نٿي
آيو، اٽلندو هو مٿس چٿرون ڪرڻ لڳا.
شام ٿي وئي، ۽ هو پنهنجن ٽن پاڙيسرين سان گڏجي پنهنجي گهر
موٽيو. موٽڻ وقت رستي ۾ هن انهن کي اُها جاءِ
ڏيکاري، جتان هن نوڙيءَ جو ٽڪر کنيو هو، ۽ سڄي واٽ
هو انهيءَ بابت کين ٻڌائيندو رهيو. ڳوٺ پهچي به هن
شروع کان آخر تائين سڄي ڳالهه ٻڌائي، پر ڪنهن کي
به اعتبار نه آيو. هرهڪ کيس شڪي نگاهه سان ڏسندو
رهيو.
هن جي ننڊ حرام ٿي وئي. رات جو آرام سان سمهي نه سگهيو. ٻئي
ڏينهن کيس اطلاع مليو ته هڪڙي ڌنار ٻٽون لڌو هو ۽
ان ميئر کي موٽائي ڏنو آهي. سندس هڪڙي پاڙيسريءَ
کيس اچي گهر ٻڌايو. هچڪورن پاڻ صبح کان وٺي گهر
کان ٻاهر ڪونه نڪتو هو. انهيءَ ڪري هو انهيءَ وقت
چونڪ ۾ پهتو ۽ ٽهڪ ڏيئي، ماڻهن کي سڄي ڳالهه
ٻڌايائين، جنهن جو خاتمو سندس سچائيءَ ۽
ايمانداريءَ جو ثبوت هو. هن سڄي ڳوٺ کي اهو واقعو
ٻڌايو، پر هن محسوس ٿي ڪيو ته ماڻهو کيس اڃا تائين
ڌڪار جي نگاهن سان ڏسي رهيا آهن.
ٻئي ڏينهن هو ڀر واري ڳوٺ ۾ ويو. اُتي ئي انهيءَ چونڪ ۾ کيس
ميلانڊائن نعل ساز ڏسڻ ۾ آيو. جنهن هن کي ڏسندي ئي
هڪڙو ٽهڪ ڏنو—”ڇو؟“ اڃا هو انهيءَ ’ڇو‘ جو جواب ئي
ڪونه سوچي سگهيو، ته هڪڙو ڄاڻو سڃاڻو هاري سندس
ويجهو آيو ۽ ان سندس پٺيءَ تي ڏاڍيان ٿڦڪي هڻندي
چيو، ”آهين ڏاڍو چالاڪ!“ هچڪورن وائڙو ٿي ويو ته
هن ڇا چيو، ۽ چالاڪ ڇو چيو! انهيءَ حيرانيءَ ۾
اڳتي وڌيو. هو انهيءَ چانهه جي دڪان تي پهتو ۽
ماڻهن کي سڄو واقعو ٻڌائڻ لڳو. اوچتو کيس هڪڙي
پراڻي دوست سڏيو ته ”هيڏانهن اچ! اِها ته هڪڙي
پراڻي چال آهي. مان تنهنجي نوڙي جي ڳالهه کي چڱيءَ
طرح ٿو سمجهان!“
”پر ٻٽون ته ملي چڪو آهي.“ هن تيک ۾ جواب ڏنو.
”بڪواس بند ڪر ۽ منهنجي ڳالهه ٻڌ. هڪڙو شخص آهي، جو ڪا شئي لهي
ٿو، هڪڙو ٻيو شخص آهي جو ان جي خبر ڏئي ٿو،
سمجهيئي؟ تون بهرحال ان سان شريڪ سمجهيو ويندين.“
ويچارو هچڪورن اهو ٻڌي دنگ رهجي ويو. کيس پنهنجو گلو خشڪ ٿيندي
محسوس ٿيو. هاڻي ڳالهه کي هو سمجهي ويو هو. ماڻهو
به سمجهي ويا هئا ته هن پنهنجي شريڪ دوست جي وسيلي
ٻٽون واپس ڪيو آهي. پوءِ چانهه به ختم ڪري نه
سگهيو. هو يڪدم اٿيو ۽ پنهنجي ڳوٺ جو رخ رکيائين.
هن پنهنجي پٺيان وڏا وڏا ٽهڪ ٻڌا ۽ شرم کان قدم
صحيح طور نٿي کڻي سگهيو. هو معصوم هوندي به پاڻ کي
ڏوهاري سمجهي رهيو هو.
هو ماڻهن کي پنهنجي صفائيءَ ۾ دليل ڏيئي ٻڌائيندو رهيو، پر هو
سوچيندا رهيا ته ’اها سڀ بهاني بازي آهي.‘ سندس
پرپٺ ته ماڻهو هن لاءِ ائين ڏاڍيان به چوندا هئا.
هچڪورن سڀ ڳالهه محسوس ڪندو هو، ۽ بچاءُ ۾ وڌيڪ
دليل تيار ڪندو هو، پر سڀ بيڪار. هن کي هاڻي هڪڙي
قسم جي سرسامي حالت وٺي ويئي هئي، ۽ مرندي وقت به
هو پنهنجي معصوميت ثابت ڪرڻ لاءِ وري وري اهو ئي
چوندو رهيو ته:
”نوڙيءَ جو ٽڪر، سرڪار! رسيءَ جو ٽڪر! مون ٻٽون نه لڌو آهي،
سرڪار! اهو رڳو نوڙيءَ جو ٽڪر هو...“ |