عزيز ملڪ
مترجم: غلام نبي ميمڻ
پٽيوالو
سليم جو پيءُ سرڪاري ٺيڪيدار هو. هن وٽ پئسي جي ڪمي ڪانه هئي.
سليم پنهنجي ماءُ پيءُ جو اڪيلو ۽ دادلو پٽ هو.
سندس ناز برادريءَ جو خاص خيال رکيو ويندو هو.
جڏهن هن مڊل امتحان پاس ڪيو ته گهر ۾، مبارڪن ڏيڻ
وارن جو ميڙِ مچي ويو. ائين معلوم پئي ٿيو، ڄڻ ته
ولايت مان ڪا تمام وڏي ڊگري وٺي موٽيو هجي. سڄي
پاڙي ۾ مٺائي ورهائي ويئي، ۽ ويجهڙن مائٽن کي رات
جي مانيءَ جي دعوت به ڏني ويئي. رات جي ماني کائڻ
کان پوءِ سليم جي ماسڙ کانئس پڇيو:
”ڪر خبر ميان سليم! تون وڏو ٿي ڇا ٿيندين؟“
”ماسڙ، مان وڪيل ٿيندس.“ سليم جواب ڏنو.
”مان چاهيان ٿو ته تون جيڪر ڊاڪٽر ٿين.“
”توهان جي جيڪڏهن اها مرضي آهي ته ڊاڪٽر ئي ٿيندس.“ سليم
وراڻيو.
ٻن سالن کان پوءِ، سليم مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. پر هو وڌيڪ
تعليم جاري رکي نه سگهيو. هن جي گهرو حالتن اوچتو
اهڙو اچي ڦيرو کاڌو، جو هن جي ڊاڪٽر ٿيڻ واري
خواهش دل ئي دل ۾ رهجي ويئي، ۽ هن پنهنجو نالو
ڪنهن نوڪريءَ لاءِ ’نوڪري ڏياريندڙ دفتر‘ ۾ داخل
ڪرايو. هڪ مهيني گذرڻ کان پوءِ هن کي هڪ ڪارڊ
مليو، جنهن ۾ کيس ڪلارڪيءَ لاءِ امتحان ۾ ويهڻ
لاءِ لکيو ويو هو. هي ان امتحان ۾ ويٺو، پر ناپاس
ٿيو. هيءُ وري به ڪلارڪيءَ لاءِ آفيس جا چڪر هڻڻ
لڳو، پر هن کي ڪٿي به نه کنيو ويو.
لڳاتار ناڪاميابين هن کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو هو. هو هر وقت
سوچيندو هو ته ڇا، سچ پچ ڪلارڪي ڪا ايڏي وڏي نوڪري
آهي، جنهن جي هو لائق نه هو! هن ڪيترن ئي ماڻهن
کان اِها ڳالهه پڇي، پر کيس ڪوبه پورو جواب ڪٿان
نه مليو.
سليم کي لاچار ٿي، ڪلارڪيءَ لاءِ ڪنهن وڏي سفارش هٿ ڪرڻ لاءِ
ڳولا ڪرڻي پئي. نيٺ هڪ وڏي آفيسر جي سفارش سان
سليم کي هڪڙي آفيس ۾ ڪلارڪي ملي ويئي. هاڻي ته هن
کي يقين ٿي ويو هو ته سچ پچ ڪلارڪي تمام وڏي ڳالهه
آهي، نه ته ان لاءِ ايڏي وڏي آفيسر جي سفارش نه
ڪرائڻي پوي ها.
هڪ ڏينهن سليم آفيس ۾ ويٺي ڪم ڪيو ته هڪڙو صاحب، بيٺل ماڻهن جي
لائين کي چيريندي، هن وٽ آيو ، ۽ چيائين :”اي
مسٽر! منهنجو ڪم ذرا جلدي ڪري وٺ، مون کي آفيس
پهچڻو آهي.“
’اي‘ جو لفظ ٻڌندي ئي، سليم جي نرڙ ۾ گهنج پئجي ويا. هن سوچيو
ته هي شخص مون کي ’اي‘ چوڻ وارو ڪير ٿيندو آهي؟
مان ’اي‘ ناهيان، پر مرڪزي حڪومت جو ڪلارڪ آهيان،
ڪو معمولي ماڻهو ته ناهيان.“ هن، صاحب کي وراڻيو.
”مسٽر، لائين ۾ بيهي، پنهنجي واري جو انتظار ڪر!“
سليم جي ايتري چوڻ تي، صاحب تپي باهه ٿي ويو، ۽ هن، سندس آفيسر
کي وڃي شڪايت ڪئي ته هن جي خسيس ڪلارڪ، سندس
بيعزتي ڪئي آهي.
سليم کي سندس آفيسر گهرائي، آئندي لاءِ سمجهي قدم کڻڻ جو حڪم
ڏنو. آفيس کان جڏهن سليم گهر آيو، ته هن سوچيو،
”ڇا، سچ پچ ڪا هن غلطي ڪئي هئي! ٿي سگهي ٿو ته هو
ڪو وڏو آفيسر هجي، نه ته معمولي ماڻهو ته سندس
خلاف، شڪايت ڪري ئي نٿو سگهي!“
ٿورن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ، هڪ ڏينهن ڪنهن صاحب جو پٽيوالو
پنهنجي صاحب جي سرڪاري ڪم سانگي، سليم وٽ آيو، ۽
سليم ڪم ختم ڪرڻ کان پوءِ، رسيد ۽ بچيل پئسا
پٽيوالي کي واپس ڏنا. سليم وري به پنهنجي ڪم ۾
مشغول ٿي ويو. ٿوري وقت گذرڻ کان پوءِ ساڳيو
پٽيوالو سليم وٽ آيو ۽ چيائينس:
”هي رپيو تو کوٽو ڏنو آهي، ۽ مٽي ڏي.“
سليم رپيو مٽي ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ۽ چيائين ته ”مون توکي هي
رپيو ڏنو ئي ڪونهي.“ ڳالهه وڌندي وڌندي، ’تون ڇا،
تون ڇا‘ تائين وڃي پهتي. جنهن کي سليم برداشت ڪري
نه سگهيو، ۽ چيائينس ته ” وڃي صاحب کي ٻڌاءِ، باقي
مون کي ڪم ۾ رنڊڪ نه وجهه.“ تنهن تي پٽيوالو سليم
کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو، پنهنجي صاحب ڏانهن راهي
ٿيو، ۽ خبر نه آهي ته ڪهڙا مرچ مصالحا ڳالهه ۾
وجهي، سليم جي خلاف وڃي ٻڌايائينس. پٽيوالي جي
شڪايت تي آفيسر باهه ٿي ويو، ڄڻ ته صاحب کي ڪنهن
گهٽ وڌ ڳالهايو هجي، يا ڪنهن چماٽ هڻي ڪڍي هجي.
”هي هڪ معمولي ڪلارڪ، ۽ گاريون ٿو ڏئي منهنجي پٽيوالي کي! سٺ
رپين وارو حقير ملازم مون سان ٿو ٽڪر کائي!“ ٻيو
به خبر نه آهي ته ڇا ڇا چوندو رهيو، ۽ سليم خلاف
سندس آفيسر کي سخت لفظن ۾ شڪايت ڪيائين.
سليم کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي. سليم خلاف شاهديون به مليون، ۽ هن
کي سندس آفيسر طرفان سخت تنبيهه ڪئي ويئي، ۽ کيس
چيو ويو، ”تون هڪ معمولي ڪلارڪ ٿي ڪري، ايڏي وڏي
آفيسر جي پٽيوالي سان ائين ڇو پيش آئين؟ توکي
گهرجي ته تون انهيءَ پٽيوالي کان معافي وٺ، نه ته
توکي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويندو.“
اڄ سليم کي ڪلارڪيءَ جي صحيح معنى معلوم ٿي. هن دل ئي دل ۾ چيو،
ڪاش! هو ڪلارڪ ٿيڻ جي بجاءِ ڪنهن وڏي آفيسر جو
پٽيوالو هجي ها! |