ڇوڪريءَ وراڻيو، ”منهنجو پيءُ جيئرو آهي. هن کي هڪ ٻانهن
ڪانهي.“
مئجسٽريت کان ڇرڪ نڪري ويو. پڇيائين، ”ڪڏهن کان تنهنجي پيءُ کي
ٻانهن ڪانهي؟“
”مونکي ياد ناهي.“ ڇوڪريءَ وراڻيو ، ”منهنجي ماءُ مونکي
ٻڌائيندي آهي ته منهنجي پيءُ کي ٻئي ٻانهون
هونديون هيون. هو سچ لکندو هو. هڪڙي ڏينهن انصاف
جا علمبردار آيا ۽ بابا جي اُها ٻانهن ڪپي ويا،
جنهن ۾ سچ لکندڙ هٿ هو.“
مئجسٽريٽ هٿ جي اشاري سان ڇوڪريءَ کي پري ڪري بيهاريو. پوءِ
انبوهه ڏانهن ڏسندي چيائين، ”ٻيو ڪو وارث آهي؟“
جهور ڪراڙي عورت ڪنبندڙ آواز ۾ چيو، ”هيءَ منهنجي پٽ جي ٻانهن
آهي.“
”ثبوت ڏي مائي“ مئجسٽريٽ چيو.
”هو سورنهن ڪلاڪ ڪم ڪرڻ کانپوءِ ٻه رپيا ڪمائي وٺندو هو ، جنهن
مان اسين هڪ ويلو ماني کائيندا هئاسين ۽ باقي
مسواڙ ۽ دوائن ۾ لڳائي ڇڏيندا هئاسين.“ پوڙهيءَ
چيو، ”منهنجو پٽ جنهن ڏينهن چار ڇهه آنا وڌيڪ
ڪمائي وٺندو هو ، تنهن ڏينهن ابراهيم بوريءَ جي
دڪان تان منهنجي لاءِ جليبيون وٺي ايندو هو.“
”پر تون ڪيئن دعويٰ ٿي ڪرين ته هيءَ تنهنجي پٽ جي ٻانهن آهي؟“
”مونکي سنڌن جو سور آهي. هو روز رات جو مونکي زور ڏيندو هو.“
ڪراڙيءَ ڪنبندڙ آواز ۾ چيو، ”مان ماءُ آهيان.
مان پنهنجي پٽ جي ٻانهن سڃاڻي نه سگهنديس! هيءَ
ضرور منهنجي ئي پٽ جي ٻانهن آهي.“
”تنهنجو پٽ ڇا ڪندو هو، مائي؟“
”هو ڀيم پوري وٽ لوسڻ وڪڻندو هو.“ مائيءَ وراڻيو ، ”گذريل
فسادن ۾ هڪ ڏينهن جيئن گهران نڪتو، ته اڄ تائين
نه موٽيو آهي.“
”تون ترس مائي .“ مئجسٽريٽ چيو، ”ٻين کان پڇڻ کانپوءِ مان
فيصلو ڪندس ته ٻانهن جو حقيقي وارث ڪير آهي .“
هڪ سترهن- ارڙهن سالن جو ڇوڪرو اڳتي وڌي آيو. ٻانهن ڏانهن غور
سان ڏسندي چيائين ، ”مونکي پڪ آهي، ته هيءَ ٻانهن
منهنجي ڀاءُ جي آهي.“
”ثبوت ڏي.“
”هو گلوب ٽيڪسٽائيل مل ۾ مزدور هو.“ ڇوڪري چيو ، ”هو ڪارخاني
مان ڪپڙن جا ٿانَ کڻي گدام ۾ آڻي رکندو هو.“
”پر تون وٽ ڪهڙي ثابتي آهي ته هيءَ تنهنجي ڀاءُ جي ٻانهن
آهي؟“
”جڏهن کان هو فسادن ۾ گم ٿي ويو آهي، تڏهن کان اسان جو گهر
لنگهڻ تي آهي.“
”اهو ڪو ثبوت ڪونهي.“
ڇوڪري هڪدم وراڻيو، ”هو ڪپڙي جا ٿان ٻانهن ۾کڻندو هو . لاڳيتو
وزن کڻڻ سبب سندس هڪ ٻانهن رونڊي ٿي وئي هئي. هيءَ
ٻانهن به رونڊي آهي.“
مئجسٽريت چيو، ”هيءَ ٻانهن ڪپجڻ کانپوءِ سڪي ويئي آهي، تنهنڪري
رونڊي ٿي ڏسجي.“
”پر مونکي پڪ آهي ته هيءَ ٻانهن منهنجي ڀاءُ جي آهي.“
”ان جو فيصلو مان ڪندس.“ مئجسٽريٽ انبوهه ڏانهن ڏسندي چيو،
”ٻيو ڪو؟“
هڪ وچولي عمر وارو شخص اڳتي وڌي آيو، هو ڏسڻ ۾ عجيب پي لڳو.
کيس مٿي تي پراڻو ٽوپلو، ڊگهو ڪوٽ، ڪالر وٽان
ڦاٽل قميص ۽ تمام ڍلي پتلون پاتل هئي. کيس ڪوٽ جي
کيسي ۾ اڌ ڊزن فائونٽن پينون ۽ چار ڳارهيون نيريون
پينسلون ٽنبيل هيون. هن اڳتي اچي ٻانهن جو معائنو
ڪيو. صوبيدار جي هٿ مان ڪپيل ٻانهن وٺي، چڱي طرح
جاچي، صوبيدار کي موٽائي ڏنائين. پوءِ ٿورو سيٽجي
۽ ٿورو آڪڙجي بيٺو. چيائين، ”مان سرچارلس نيپئر
ديسي آهيان.“
غمگين ۽ اُداس بيٺل ماڻهن کي کل اچي ويئي.
”اڙي! توهين کلو ٿا!“ سرچارلس نيپئر ديسيءَ چيو، ”وڏا ڪي بيشرم
آهيو.“
”ايس پيءَ مئجسٽريٽ کي ڪَن ۾ چيو، هيءُ موهن جي دڙي جو گم ٿيل
انگريز نڪ ۾ دم ڪندو.“
”اي کوٻلا“ سرچارلس نيپئر ديسيءَ ايس پيءَ ڏانهن اشارو
ڪندي چيو، ”مان توکي سڄاڻان ٿو. تون جيڪب آهين.“
ماڻهو وري کلي پيا.
”کلو نه، روئو – هنجون هاري روئو، ڇو جو توهانکي خبر ناهي ته
هيءَ ڪپيل ٻانهن ڪنهنجي آهي.“ سرچارلس نيپئر
ديسيءَ انبوهه تي نگاهه ڄمائي ڇڏي.
نوجوان مئجسٽريٽ ڏڪندي ڏڪندي کانئس پڇيو، ”سر، توهانکي خبر آهي
ته هيءَ ٻانهن ڪنهن جي آهي.“
”ڪيئن سائين؟“
”مان 1843ع کان اها ٻانهن ڪپيندو آيو آهيان.“
”1843ع کان!“
”ها 1843ع کان.“ سرچارلس نيپئر ديسيءَ وراڻيو، ”مان هر دور ۾
اها ٻانهن ڪپيندو آيو آهيان. تنهنڪري مونکي خبر
آهي ته هيءَ ٻانهن ڪنهنجي آهي.“
ايس پي چپن ۾ مرڪڻ لڳو. مئجسٽريٽ لوندڙين تان پگهر اُگهندي سر
چارلس نيپئر ديسيءَ کان پڇيو، ”سر، هيءَ ٻانهن
ڪنهنجي آهي؟“
”هيءَ ٻانهن جنرل هوش محمد شيديءَ جي آهي،“ سرچارلس نيپئر
ديسيءَ وراڻيو.
”جنرل هوش محمد شيدي!“
”ها. جنرل هوش محمد شيدي.“ سرچارلس نيپئر ديسيءَ چيو، ”هر دؤر ۾
مان انهن کي هوشوءَ جي ڪلهي کان ڪپي ڌار ڪندو
آهيان، پر وري ٻئي ڪنهن دور ۾ اها ٻانهن هوشوءَ جي
ڪلهي سان لڳي جيئري ٿي پوندي آهي. اها ٻانهن ملڪ ۾
وڳوڙ وجهندي آهي. نوجوانن کي هٿياربند جدوجهد جي
ترغيب ڏيندي آهي، حاڪمن لاءِ مصيبت پيدا ڪندي آهي.
پر هن دفعي مان ان ٻانهن کي پڄي رهندس.“
مئجسٽريٽ کانئس پڇيو. ”توهين هن ٻانهن کي ڇا ڪندا، سر؟“
سرچارلس نيپئر ديسيءَ وراڻيو، ”نظريه پاڪستان جي حفاظت ،
قومي يڪجهتي ۽ سرحدي بقا لاءِ مان انهن ٻانهن
کي هٿ ۾ چمچو ڏيئي ڇڏيندس. چمچو جهلڻ کانپوءِ اها
ٻانهن هٿيار کڻڻ جي قابل نه رهندي .“
مئجسٽريٽ کيس ٽارڻ لاءِ چيو ، ”سر، ٻانهن هر حال ۽ هر صورت ۾
توهانکي ڏني ويندي. في الحال ٻين وارثن جي ڳالهه
ٻڌڻ ڏنو .“
”ٻڌبي ٺمري ۽ دادرو آهي.“ سرچارلس نيپئر ديسيءَ چيو، تون تفتيش
ڪر، ڀولا.“
مئجسٽريٽ پگهر اُگهيو. ايس پي چپن ۾ مرڪيو.
مئجسٽريت انبوهه کان پڇيو، ”ٻيو ڪو آهي، هن ٻانهن جو وارث؟“
هڪ نوجوان ڇوڪري انبوهه مان نڪري آئي. هوءَ حسين هئي اُداس ۽
ويرا ڳڻ ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ دلڪش ٿي ڏٺي.
ايس پيءَ سڙٻاٽن ۾ مئجسٽريٽ کي چيو، ”هيءَ ڇوڪري رنڊي آهي.
نالو فرزانه اٿس.“
فرزانه ٻانهن وٽ اچي بيٺي. اکيون روئڻ سبب ڳاڙهيون ٿي ويون هئس.
ٻانهن ڏانهن ڏٺائين ته روئي پئي. سڏڪن ۾ چيائين،
”هيءَ ٻانهن مونکي ڏيو.“
”ثابتي.“
”هيءَ ٻانهن شهمير جي آهي.“
”شهمير ڪيرهو؟“
”شهمير مانجهي مڙس هو. مشڪلن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسندو هو.“
”هو تنهنجو ڪير هو؟“
”ڇوڪريءَ جون اکيون رڻ ۾ ڦاٿل هرڻيءَ جي اکين وانگر وياڪل ۽
وائڙيون ٿي ويون. هن ڇپر کڻي مئجسٽريٽ ڏانهن
ڏٺو. چيائين، ”شهمير منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه هو.“
”تنهنجو مڙس هو؟“
”نه.“
”توهانجو مڱڻو ٿيو هو؟“
”نه.“
”ته پوءِ؟“
فرزانه منجهي پئي، ڪو جواب سمجهي نه آيس.
ايس پيءَ مئجسٽريٽ کي آهستي چيو، ”هيءَ رنڊي آهي. هوندس ڪو
خاص گراهڪ.“
مئجسٽريٽ ڇوڪريءَ کي چيو ، ”توکي ثابت ڪرڻو پوندو، ته تون هن
ٻانهن جي وارث آهين.“
ڇوڪريءَ چيو، ”شهمير هڪ دفعي منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ قابو ڪندي
چيو هو، ته مڙس زندگيءَ ۾ فقط هڪ عورت جو هٿ
جهليندو آهي ۽ اها عورت تون آهين. هن مونکي پنهنجو
ڪيو هو. هو زماني جي ريتن رسمن جو قائل نه هو.
چوندو هو، ته مرد جي وچن کان وڌيڪ مضبوط ٻيو ڪوبه
ٻنڌڻ ناهي.“
مئجسٽريٽ چيو، ”پر تو وٽ ڪهڙو ثبوت آهي ته هيءَ ٻانهن تنهنجي
شهمير جي آهي؟“
ڇوڪريءَ جون اکيون ترسيل ساوڻ وانگر وسي پيون. چيائين ،
”شمير جي هٿ ۾ عمر واري ليڪ تمام وڏي هوندي هئي،
پر شهمير ان ليڪ تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪيو. هو
چوندو هو، ته انسان پنهنجا ليڪا پاڻ ٺاهيندو
آهي.“
ڇوڪري ڳالهائيندي ڳالهائيندي خاموش ٿي ويئي. هوءَ پنهنجن سڏڪن
کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. جڏهن ڪجهه سامت ۾ آئي
تڏهن چائين، ”فسادن جي هڪ وڏي انبوهه سان اڪيلي سر
وڙهندي منهنجو شهمير مارجي ويو. هٿ ۾ عمر واري
وڏي ليڪ هوندي به هو جوانيءَ ۾ مارجي ويو. فسادي
سندس لاش جيپ سان ٻڌي، رستن تان گهليندا کڻي ويا.
توهين ان ڪپيل ٻانهن جي هٿ ۾ عمر واري ليڪ ڏسو.
ضرور وڏي هوندي.“
صوبيدار چيو، ”ٻانهن جو هٿ رهڙجي ويو آهي. سموريون ليڪون ڊهي
ويون اٿس.“
”تون ترس.“ مئجسٽريٽ چيو، ”مان ٻين دعوديدارن کان پڇي وٺان.“
”وڌيڪ ڦڏيبازي نه ڪر، مئجسٽريٽ ، ڀولا ،“ اوچتو سر چارلس
نيپئر ديسيءَ ڳالهايو. چيائين، ”تو مونکي
پرامز ڏنو آهي، ته اها ٻانهن مونکي ڏيندين .“
مئجسٽريٽ موقعي جي نزاڪت ڏسندي، ڪاوڙ کي قابو ڪندي چيو، ”هيءَ
ٻانهن هر حال ۾ توهانکي ڏني ويندي، سر چارلس
نيپئر ديسي.“
ٿينڪ يو،“ سرچارلس نيپئر ماٺ ٿي ويو.
مئجسٽريٽ ماڻهن ڏانهن منهن ڪندي وڏي واڪ پڇيو، ”ٻيو ڪو هن ٻانهن
جو دعويدار آهي؟“
هڪ منڊڙو پوڙهو گهوڙين تي هلندو اڳتي وڌي آيو. چيائين، ”هيءَ
منهنجو پٽ جي ٻانهن آهي.“
”ثبوت.“
”منهنجي دل ٿي چوي ، اها منهنجي پٽ جي ٻانهن آهي .“
”قانون جي نگاهن ۾ دل ڪابه معنيَ نه رکندي آهي.
”اسانکي ثبوت گهرجي .“
”ثبوت!“
”ها، ثبوت“ مئجسٽريٽ پڇيو ، ”تنهنجي پٽ جو نالو ڇا هو؟“
”خاوند .“ وري هڪدم چيائين، ”خاوند ڏنو.“
”ڇا ڪندو هو؟“
پوڙهي وراڻيو، ”لالو کيت ۾ سنڌي هوٽل ٻاهران پڪوڙا وڪڻندو
هو.“
”ڪهڙو ثبوت اٿئي ته هيءَ ٻانهن تنهنجي پٽ جي آهي؟“
پوڙهي جي اکين ۾ پاڻي تري آيو، پر سندس اکين ۾ چمڪندڙ پدري
شفقت ۽ ذهانت ٻوڙي نه سگهيو. پوڙهي چيو، ”پيءُ-
پت جو رشتو ثبوت جو محتاج نه هوندو آهي ، سائين.
روح جي ڇڪ سندن ڪسوٽي هوندي آهي.“
”مان مئجسٽريٽ آهيان. فلاسفر ناهيان.“ مئجسٽريٽ چيو، ”ٻانهن
حاصل ڪرڻ لاءِ توکي ثبوت ڏيڻو پوندو.“
پوڙهو سوچ ۾ ٻڏي ويو. منهن انيڪ ليڪن ۾ وراهجي ويس. ڪهجهه دير
کانپوءِ چيائين، ”هڪ دفعي منهنجي هڪ گهوڙي ڀڄي
پئي هئي. جيستائين ٻي گهوڙي واڍي کان ٺهرايان،
تيستائين مان پنهنجي پٽ خاوند جي ٻانهن جي سهاري
هلندو هوس. ها، مونکي ياد آهي. هيءَ ئي خاوند جي
ٻانهن آهي. اڄ هو جيئرو هجي ها، ته توهين سندس
جيئري ٻانهن سان هيءَ ڪپيل ٻانهن ڀيٽي ڏسو ها.
پوءِ اعتبار ڪريو ها.“
مئجسٽريٽ کي پوڙهي جو ثبوت قانون جي دائري کان ٻاهر لڳو. هن
پوڙهي کي پري ڪري بيهاري ڇڏيو. هن ماڻهن ڏانهن
منهن ڪندي چيو، ”ٻيو ڪو دعويدار آهي؟“
هڪ ڏهن ٻارهن سالن جي ڇوڪري رئي سان اکيون اُگهندي اڳتي وڌي
آئي. چيائين ، ”هيءَ ٻانهن منهنجي ڀاءُ صديق جي
آهي.“
”ڇا ڪندو هو تنهنجو ڀاءُ ؟“
”هو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪلارڪ هو.“ ڇوڪريءَ چيو، ”گذريل فسادن ۾
گهران نڪتو ته ڳترا ڳترا ٿي گهر وارن کي مليو.
ظالم کيس ڪُهي وڍي ، هڪ ڳوڻ ۾ وجهي راتو واهه اسان
جي ڏيڍيءَ آڏو ڇڏي ويا هئا.“
ڇوڪري اوڇنگارون ڏيئي ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
مئجسٽريٽ پڇيس، ”تو وٽ ڪو ثبوت آهي، ته هيءَ ٻانهن تنهنجي ڀاءُ
جي آهي؟“
ڇوڪري منجهي پيئي. روئڻ بند ٿي ويس.
مئجسٽريٽ ورائي پڇيس، ”ٻانهن تي ڪو داغ ، ڌڪ جو نشان يا تر
وغيره هوس؟“
ڇوڪريءَ جون آليون اکيون چمڪڻ لڳيون. چيائين، ”فسادن کان ٻه
ڏينهن اڳ اسان سندس مڱڻو ڪرايو هو. مون سندس هٿ تي
ميندي لاتي هئي. ڏسوس، ان هٿ تي ميندي ضرور لڳل
هوندي.“
مئجسٽريٽ صوبيدار ڏانهن ڏٺو.
صوبيدار چيو، ”ٻانهن سڪي، ڪاراٺجي ويئي آهي. ٻيو ته هٿ بلڪل
ڇليل آهي، رهڙجي ويو آهي. مينديءَ جو نالو نشان به
ناهي.“
ڇوڪري مايوس ٿي ويئي. آليون اکيون اُگهندي پري وڃي بيٺي.
ان کان اڳ جو مئجسٽريٽ ڪپيل ٻانهن جي ٻئي ڪنهن دعويدار کي سڏ
ڪري، سرچارلس نيپئر ديسيءَ وڏي واڪ چيو، ”اجائي
جک ٿو مارين، مئجسٽريٽ موڳا.“
ڪجهه ماڻهو ٽهه ٽهه ڪري کلي پيا.
مئجسٽريٽ کي خار وٺي ويا. هن ڪجهه کهري لهجي ۾ چيو، ”توهين ماٺ
ڪري بيهو، سر چارلس نيپئر ديسي.“
”اڙي ماٺ ڪري وري ڪيئن بيهان!“ سر چارلس نيپئر ديسيءَ چيو،
ٿوري دير ۾ اها ٻانهن جيئري ٿيڻي آهي. ٿوري دير ۾
وري ممڻ مڃڻو آهي. ٿوري دير ۾ وري نظريه پاڪستان ۽
اسلام خطري ۾ پوڻو آهي. تنهنڪري دير نه ڪر،
مئجسٽريت، ڀولا. اها ٻانهن مونکي ڏي ته هٿ ۾ چمچو
ڏيئي ڇڏيانئس. پوءِ اِها ٻانهن گڙٻڙ نه ڪندي.“
مئجسٽريٽ کي هڪ اٽڪل سجهي آئي. چيائين ، ”سر چارلس نيپئر
ديسي ، مون فيصلو ڪيو آهي ته هيءَ ٻانهن توکي
ڏيئي ڇڏيان.“
”تو زندگيءَ ۾ پهريون دفعو صحيح فيصلو ڪيو آهي، مئجسٽريٽ ڀولا.“
سرچارلس نيپئر ديسيءَ چيو، ”ان ٻانهن جي هٿ ۾
چمچو اچڻ کانپوءِ تاريخ ۾ وري ڪڏهن به هوشو شيدي
پيدا ٿي نه سگهندو.“
”توهان بلڪل صحيح فرمايو آهي.“ مئجسٽريٽ چيو، ”توهين چمچو
کڻي اچو، اسين هيءَ ٻانهن توهانجي حوالي ڪنداسين.“
”مان چمچو کڻي ٿو اچان.“ سرچارلس نيپئر ديسيءَ چيو، ”پر ياد
رک. متان ڪا پرپٺ بدمعاشي ڪئي اٿئي، مئجسٽريٽ
ڀولا.“
سرچارلس نيپئر ديسي هليو ويو.
مئجسٽريٽ پگهر اُگهي ايس پيءَ ڏانهن ڏٺو، جيڪو مٿس ذري گهٽ کلي
رهيو هو.
مئجسٽريٽ انبوهه ڏسندي چيو، ”هن ڪپيل ٻانهن جو ٻيو ڪو
دعويدار آهي ڇا؟“
انبوهه مان ڪو جواب نه آيو. پُراسرار ماٺ ماحول کي ڳڙڪائي ويئي.
هن ٻيهر پڇيو، ”هن ٻانهن جو ٻيو ڪو وارث آهي ڇا؟
تڏهن اوچتو، هڪ تمام ننڍو ٻار، جيڪو مشڪل سان پنڌ ڪرڻ لائق هو،
اڳتي هليو آيو. هو هلندو اچي ڪپيل ٻانهن جي ڀرسان
بيٺو. ٻار جو قد ڪپيل ٻانهن کان ننڍو هو. هن
مئجسٽريٽ کي تمام چٽي آواز ۽ لهجي ۾ چيو، ”مان هن
ڪپيل ٻانهن جو وارث آهيان.“
مئجسٽريٽ ۽ ايس پي کان ڇرڪ نڪري ويو. ايتري ننڍڙي ٻار کي اهڙي
چٽي نموني ڳالهائيندي ٻڌي ٻنهي کي بدن ۾ سياٽو
محسوس ٿيو.
ٻار چيو، ”ان ٻانهن ۽ منهنجي وچ ۾ جيڪو
رشتو آهي، سو زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد
آهي. مان ان ڪپيل ٻانهن جي آڱر جهلي محبت ۽ نفرت،
ڪوڙ ۽ سچ جي ڇڪتاڻ ۾ ڇڄندڙ ماحول ۾ هلندو آهيان.
پوءِ هلندي هلندي، جڏهن مان جوان ٿيندو آهيان،
تڏهن اها ڪپيل ٻانهن تاريخ ٿي پوندي آهي. وقت جا
ويري تاريخ سان پڄي نه سگهندا آهن. هو منهنجي
ٻانهن ڪپي ڇڏيندا آهن. وري ڪو ٻار ان ڪپيل ٻانهن
جي آڱر جهليندو آهي ۽ تاريخ ٺهندي ويندي آهي. هيءَ
ڪپيل ٻانهن منهنجي آهي ۽ مان ئي هن ٻانهن جو وارث
آهيان.“
پوءِ ان کان اڳ جو ڪنهن کي خبر پئجي سگهي ته ڇا ٿي رهيو هو، ٻار
هٿ وڌائي ڪپيل ٻانهن جي سڪل آڱر ۾ مٺ وڌي. ٻانهن
صوبيدار جي هٿ مان ڇڏائجي ويئي. صوبيدار دهشت ۽
خوف کان هٽي ويو. مئجسٽريٽ ۽ ايس پي ڀت سان لڳي
بيهي رهيا. هر ڪو پنهنجي جاءِ تي پنڊ پهڻ ٿي ويو.
ڪپيل ٻانهن هوا ۾ آڀي ٿي بيٺي، ائين ڄڻ
ڪنهن غيبي انسان جي ڪلهي سان لڳل هئي. ٻار جي مٺ
ڪپيل ٻانهن جي آڱر ۾ لوهه ٿي ويئي. ٻار وک وڌائي.
ٻانهن هوا ۾ لڏڻ لڳي ۽ ٻار جي وک وک سان وڌڻ لڳي.
ٻانهن تي سڪل رت ۽ مٽيءَ جا چاپڙ آلا ٿيڻ لڳا.
ڏسندي ڏسندي، ٻانهن مان ٽمندر رت ۾ ٻار جو آڱر
جهليل هٿ آلو ٿي ويو. ٻار ڪپيل ٻانهن جي آڱر جهلي
اڳتي وڌندو ويو.
هڪ دور جو ماتم
هڪ نوجوان عورت ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ دريءَ وٽ اچي بيٺي ۽ هڪ مروڙيل
پرس مان پئسا ڪڍڻ لڳي. سندس اڻڀا وار چڳون ٿي
اجرڪ کان ٻاهر لٽڪي رهيا هئا. اکيون اُداس ۽
اُجهاميل هئس. ڀانئه ته، دل جو ڪنول ڪومائجي ويو
هوس. منهن مان بي انتها مايوسي بکي رهي هئس. کيس
ٻانهن ۾ پنجن– ڇهن مهينن جو ٻار هو. ڏهين ڏهين
رپئي جا ٻه نوٽ ڪائونٽر تي رکندي چيائين، ”روهڙي.“
مون کيس روهڙيءَ لاءِ ٿرڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ، بچيل ريزگاري ۽ ڪجهه
نوٽ موٽائي ڏنا. هن ڳڻڻ بنا پئسا ڪائونٽر تان کڻي
ورتا.
چيم، ”پيسا ڳڻي ڇڏ.“
”ٺيڪ هوندا،“ هن وراڻيو.
”تڏهن به،“ مون ڳالهائڻ چاهيو، پر پوءِ منهنجي نگاهه جڏهن سندس
اُٻاڻڪي چهري تي پيئي، ته اتيئي رهجي ويئي. دل
سيني جي قيدخاني ۾ ڦٿڪي پيئي. منهنجو شعور ۽
لاشعور ڌونڌاڙجي هڪ ٻئي سان ملي وري ڌار ٿي ويا.
وقت وڌي ويندو آهي، پر پٺيان يادگيرين جا کيرٿر
جبل ڇڏي ويندو آهي. کيس ڏٺم ته کيرٿر، ٻرندر جبل
وانگر ڦاٽي پيو.
هوءَ جيڪڏهن منهنجي مقدر جي ڪاتب نه هجي ها، منهنجي حياتيءَ تي
حاوي نه هجي ها، منهنجين يادگيرين جي مالڪ نهجي
ها، تڏهن کيس هرگز سڃاڻي نه سگهان ها. اهڙي هيڻي
حال ۾ هوءَ ڪنهن اوپري عورت وانگر ٽڪيٽ وٺي هلي
وڃي ها ۽ مان اوپري ڪلارڪ وانگر نصيب جو فريب کائي
ويهان ها. کيس نظرانداز ڪري ڇڏيان ها.
”هوءَ ڪائونٽر تان کنيل پئسا ۽ ٽڪيٽ پرس ۾ رکي پليٽ فارم ڏانهن
هلي ويئي.
روح اتفاق جي بڙڇيءَ سان گهائل ٿي پيو. مون پنهنجي ساٿي ڪلارڪ
کي چيو، ”مان ٿوري دير لاءِ ٻاهر ٿو وڃان.“
کلندي پڇيائين، ”وري ڪنهن پاڇولي پٺيان پيو وڃين ڇا؟“
مون کيس جواب نه ڏنو. پليت فارم ڏانهن هليو ويس.
هوءَ ٽي اسٽال تي بيٺي هئي. چانهه جو ڪوپ هٿ ۾ هوس. مان پريان
بيهي کيس ڏسڻ لڳس.
ٽن سالن کانپوءِ کيس ڏٺو هوم.
ٽن سالن ۾ هوءَ خزان جي علامت ٿي ويئي هئي. هوءَ ڪنهن دردناڪ
گيت جي آلاپ وانگر اُداس ۽ سُر سامونڊيءَ جي
وائيءَ وانگر وياڪل هئي. گهڙيءَ کن سوچيم ته هوءَ
شميم نه هئي، ٻي ڪا عورت هئي، پر اکين جي اُلڪي
سوچ کي تياڳ ڏنو. مون دل جي خالي ۽ ويران
عبادتگاهه ۾ سندس ڇڏيل يادگيرين جي دونهي ڏانهن
ڏٺو. عبادتگاهه جي گنبذ مان مونکي منهنجي ئي هڪ
گيت جي صدا ٻڌڻ ۾ آئي- ”دل اُجڙي، دنيا اُجڙي ،
اُجڙيو هي سنسار.“ اجڙيو مان هوس. محبت جي چوٽ
مون کاڌي هئي. شميم جي تصور سان دل جي دنيا مون
آباد ڪئي هئي. مان ئي هوس، جنهن پيار جي بازي
هارائي، گيتن ۽ ڪويتائن سان اندر جي اوساٿ اجهائڻ
جي آس لڳائي هئي. پر ناڪام، ناڪام ۽ هر دفعي
منهنجا گيت منهنجي اندر ۾ آڳ لڳائيندا هئا. مون
باهه برهه جي ٻاري آ، مون دل جي وستي ساڙي آ.“
مان ڏکن جي ڏيهه جو واسي آهيان. اُداسيون منهنجو
مقدر آهن.
پر شميم کي اُداس ڏسي اکين تي اعتبار نه آيو. هوءَ ٽي سال اڳ
جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ سوشيالاجي ۾ ايم اي ڪري رهي
هئي، تڏهن وقت ۽ حالتن تي حاوي هئي. هوءَ آدرشي (Idealist)
هوندي هئي. سموري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪنهن ڇوڪري يا
ليڪچرار يا پروفيسر تي اک نه ٻڏندي هئس. هوءَ
ڳالهائيندي سڀني سان هئي، پر تمام رسمي ۽ رواجي
نموني.
هوءَ مون سان منهنجن گيتن ۽ ڪويتائين تي ڳالهائيندي هئي. ڪڏهن
يونيورسٽيءَ جي ڪاريڊارن ۾ بيهي ۽ ڪڏهن کليل
ميدانن ۾ وک وک کڻندي. مونکان اڪثر هڪ سوال
پڇندي هئي، ”تون رومانٽڪ شاعري ڇو ڪندو آهين؟“
مان سندس انهيءَ عجيب سوال کي هميشھ نظرانداز ڪري
ڇڏيندو هوس. تخليقي عمل جي باري ۾ ڳالهائڻ کي مان
خام خيال سمجهندو آهيان. تخليقي عمل ۾ حالتن سان
گڏوگڏ طبيعت جي لاڙي کي وڏو دخل هوندو آهي پر هڪ
دفعي مون شميم جي ان سوال تي، ته مان رومانوي
شاعري ڇو ڪندو آهيان، وراڻيو هوم، ”شميم، مون هڪ
ڇوڪريءَ سان محبت ڪئي آهي. منهنجي محبت جي انتها
اها آهي، جو مونکان اڳ تاريخ جي جنهن به دور ۾
ڪنهن مرد ڪنهن عورت سان بي انتها محبت ڪئي آهي، ته
اُهو مرد مان هوس. مان محبت جي عظيم روايت کي
برقرار رکڻ لاءِ هر دؤر ۾ ايندو رهيو آهيان ۽ هر
دفعي هڪ بيوفا عورت جي انڪار جي بڙڇي کائي مرندو
رهيو آهيان.“
منهنجي ان مبهم جواب تي هوءَ منجهي پيئي هئي. مونکان ورجائي
ورجائي ان ڇوڪريءَ جي باري ۾ پڇڻ جي ڪوشش ڪئي
هئائين، پر مون کيس اهو چئي چپ ڪرائي ڇڏي هئي ته
”جيڪڏهن اها ڇوڪري منهنجي محبت جي شدت، منهنجي
پيار جي سچائي ۽ چاهت جي چريائي محسوس ڪري نٿي
سگهي ته پوءِ يا هوءَ پٿر جي ٺهيل آهي يا منهنجين
آهن ۾ اثر ناهي. مان اسڪولي ڇوڪرن وانگر پنهنجي هڪ
طرفيءَ محبت جو اطهار نه ڪندس.“
ان کانپوءِ، هڪڙي ڏينهن جڏهن شميم مونسان آخري دفعو ملي هئي،
تڏهن چيو هئائين، ”آدرشي اڪثر بد نصيب هوندا آهن،
جوکين پنهنجي پسند جو ساٿي نه ملندو آهي. مان
خوشنصيب آهيان. مونکي منهنجو آدرشي ساٿي مليو آهي.
هو به مون وانگر انقلاب ۽ طبقاتي ڪشمڪش کان آجي
معاشري جو حامي آهي. اسين ايندڙ آچر تي شادي
ڪنداسين.“
هوءَ جڏهن مونکي ڇڏي هلي ويئي هئي، تڏهن مون پنهنجي ڊائري ۾
لکيو هو، ”منهنجو معبود، منهنجي اندر جو
عبادتگاهه ويران ڪري، مونکان هميشھ لاءِ ڌار ٿي
ويو آهي. اڄ کانپوءِ ميران ٻائيءَ جا ڀڄن منهنجي
دل جي ڀڄڻ جي شاهدي ڏيندا. اڄ کانپوءِ جيڪو به
دردمند دل وارو انسان ڪاشيءَ کان ڪالڪان تائين
ميران ٻائيءَ جا ڀڄڻ ٻڌندو، مونکي ياد ڪندو.“
منهنجو معبود منهنجي سامهون بيٺو هو.
شميم جي هٿ ۾ چانهه جو ڪوپ هو ۽ هوءَ ڪوپ مان سپ سپ ڀري رهي
هئي.
مان سندس آڏو وڃي بيٺس. هن مونڏانهن نه ڏٺو. سوچ جي صحرا ۾ ڀٽڪي
رهي هئي.
مون آهستي سندس نالو کنيو، ”شميم.“
هن ڪجهه اچرج مان ڪنڌ مٿي کڻي مونڏانهن ڏٺو. چهرو اهڙو اُداس
هوس، جو سندس منهن مان ڪنهن به تاثر جو اندازو
لڳائي نه سگهيم . هوءَ اک ڇنڀڻ بنا مون ڏانهن
ڏسندي رهي. مون سندس هٿ مان چانهه جو ڪوپ وٺي
ڪائونٽر تي رکيو.
چيائين، ”توکي پهرين نظر ۾ سڃاڻڻ مشڪل هو.“
وراڻيم، ”۽مون کانسواءِ توکي به ڪو سڃاڻي نه سگهندو.“
آهستي چيائين ، ”وقت گهاڻو آهي.“
چيم، ”فقط ڪجهه انسانن لاءِ – مون جهڙن لاءِ. “
”نه.“ وراڻيائين، ”دير يا سوير، هرڪو ان گهاڻي ۾ پيڙجي ويندو
آهي.“
”مان توسان بحث نه ڪندس.“ چيم ، ”جيڪي سوير ان گهاڻي ۾ پيڙجي
وڃن ٿا، سي مون وانگر مايوسيءَ جي علامت ٿي جيئن
ٿا.“
شميم غور سان مون ڏانهن ڏٺو. چيائين، ”ٽن سالن ۾ تون ڪيترو نه
بدلجي ويو آهين!“
سندس هنج ۾ جهليل ٻار کي مون پيار وچان ڳل تي ٿڦڪي ڏني. ٻار کلي
پيو. پڇيو مانس، ”پٽ آهي، يا ڌيءَ؟“
ٻار کي پيار ڪندي چيائين، ”پٽ.“
پڇيومانس، ”نالو ڇا رکيو اٿيس؟“
ٻار کي مٺي ڏيندي وراڻيائين، ”نالو اٿس- هيموڪالاڻي.“
هڪ مسلمان ڇوڪري پنهنجي ٻار جو نالو هيموڪالاڻي رکي! ايڏي همت
ٻئي ڪنهن مرد يا عورت ۾ نه سنڀران.
چيم، ”تون عظيم آهين، شميم.“
وراڻيائين، ”مان سنڌو درياهه جو وهڪرو آهيان. وهان پيئي. هڪ
ڏينهن غمن جي سمنڊ ۾ گم ٿي وينديس.“
پڇيومانس، ”روهڙيءَ ڪنهن ڏانهن پيئي وڃين؟“
ورائي پڇيائين ، ”توکي ڪيئن خبر پئي ته روهڙي پيئي وڃان؟“
وراڻيم ”مان حيدرآباد اسٽيشن تي بڪنگ ڪلارڪ آهيان. تو مونکان
روهڙيءَ جي ٽڪيٽ ورتي هئي.“
”ته تون تون.“ هوءَ ڪجهه چوندي چوندي هٻڪي پيئي. چيم، ”مان
تنهنجي اڳڪٿيءَ جي بلڪل برخلاف سي. ايس پي آفيسر
ٿي نه سگهيو آهيان.“
”مون اهو ڪٿي چيو هو. مون ته چيو هو، چيو هو، ته......“ هوءَ
لفظن جي ڄار ۾ ڦاسي پيئي. ڪو جملو ٺاهي نه سگهي.
مون ڪجهه اچرج مان ڏانهس ڏٺو.
ٽي سال اڳ هوءَ جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي، تڏهن بيحد
هوشيار ۽ چالاڪ هئي. ڳالهائڻ جي بلا هوندي هئي.
جملا ٺاهي ماڻهن کي منڊي، وجهندي هئي. هڪ ته
سانوري سلوڻي، مٿان جو اترادي لهجي ۾ ڳالهائيندي
هئي، ڀانءِ ته دل تي راتاهو ڏيئي ڇڏيندي. کيس ڏسڻ
کانپوءِ مان ائين ڀائيندو هوس، ته جنهن مومل کي
اکين ۾ الماس ۽ مجاز جا انبور هئا ۽ جيڪا دل وارن
کي ٻڌا پاڻ هڻندي هئي، سا مومل شميم کان وڌيڪ حسين
۽ گُهورن سان ڳهائيندڙ نه هوندي.
هڪ دفعي يونيورسٽي لائبريريءَ ۾ کانئس پڇيو هوم، ”لطيف سائينءَ
جو سُر مومل راڻو پڙهيو اٿئي؟“
وراڻيو هئائين، ”ها پڙهيو اٿم. ڇو؟“
”ان سُر ۾ هڪ جوڳيءَ جو ذڪر آهي.“
”آهي. پوءِ؟“
”تو اهو جوڳي ڏٺو آهي؟“
”ان سُر ۾ مومل جو ذڪر به آهي،“ شميم پڇيو هو، ”تو اها مومل ڏٺي
آهي؟“
وراڻيو هوم، ”ها شميم، مون اُها مومل ڏٺي آهي. ان مومل جو مجاز
ڏٺو اٿم، جمال ڏٺو اٿم. مون ڪاڪ ڪنڌيءَ تي ديرو
ڪيو آهي. فرق فقط ايترو آهي، جو هيءَ ويهين صدي
آهي ۽ مان اُهو جوڳي ناهيان جنهن تي نينهن جو
جَڙاءُ ٿيو هو.“
ان ڳالهه کي ٽي سال گذري ويا آهن. ان ڏينهن جڏهن کيس ڏٺم، تڏهن
ائين محسوس ڪيم، ڄڻ مومل پنهنجي ماڙيءَ کي ڊاهي،
منجهس ماتمڪدو اڏيو هو. ڄڻ ته تاريخ جو عڪس ٽڪرا
ٽڪرا ٿي ويو هو.
چيم، ”تو منهنجي باري ۾ هڪ دفعي هڪ رايو ڏنو هو.“
چيائين، ”مون توکي هميشه عزت جي نگاهه سان ڏٺو آهي.“
چيم، ”تنهنجو رايو منهنجي ۽ منهنجي شاعريءَ جي باري ۾ هو.“
وراڻيائين، ”مونکي ياد ناهي.“
چيم، ”تو چيو هو، مان فرار وادي، يعني
Escapism
۾ اختيار رکندڙ هڪ روماني شاعر آهيان. تنهنجي
فيصلي تي مون اڄ تائين راءِ زني نه ڪئي آهي.“
هن جواب نه ڏنو. مونکان نظرون بچائڻ لڳي. ڳالهه ٽارڻ لاءِ
پڇيائين، ”ڪراچي ايڪسپريس جو ارائيول ڇاهي؟“
”ڪراچي ايڪسپريس اڄ اڌ ڪلاڪ ليٽ آهي.“ چيم، ”گاڏي اچڻ ۾ چاليهه
منٽ پيا آهن.“
”چاليهه منٽ!“ هن بيچين ٿي پڇيو.
چيم، ”منهنجي موجودگي جيڪڏهن توکي بيزار ڪندي هجي، ته پوءِ مان
وڃان ٿو.“
مان وڃڻ لاءِ اُتان هٽي ويس.
شميم سڏ ڪيو، ”ترس.“
مان بيهي رهيس.
چيائين، ”پاڻ مُنجهين، ٻئي کي مُنجهائن، تون ائين ڇو ڪندو
آهين!“
وراڻيم، مان ڪاڪ محل جي طلسم ۾ ڦاسي پيو آهيان.“
پڇيائين، ”شاعري ڪندو آهين؟“
”نه.“
”ڇو؟“
”مونکي حصي ۾ محبت جي ناڪامي ملي آهي. مان پنهنجي مايوسي ٻين جي
جهول ۾ وجهڻ نٿو گهران.“
هوءَ خاموش ٿي ويئي.
ڪجهه دير کانپوءِ چيائين، ”پاڻ چاليهه منٽ هتي بيٺا هونداسين؟“
مون وقت ڏٺو. چيم، ”هن وقت ٽڪيٽ ڪليڪٽرن جو ڪمرو خالي هوندو.
هوءَ پرئين بينچ به خالي آهي. جتي مناسب سمجهين
اُتي ويهون.“
گهڙي کن سوچڻ کانپوءِ چيائين، ”سامهونءَ واري بينچ تي ٿا
ويهون.“
مون ٻار سندس هنج مان وٺڻ چاهيو. چيائين ، ”پيشاپ ڪري اجايو
ڪپڙا خراب ڪري ڇڏيندوءِ. تون هيءَ اٽيچي کڻ. “
اسين پليٽ فارم جي آخري حصي ۾ بينچ تي وڃي ويٺاسين. ٻار هن هنج
مان لاهي سيمنٽ جي بينچ تي ليٽائي ڇڏيو.
ڪجهه دير خاموس ويهڻ کانپوءِ پڇيائين، ”شادي ڪيئه؟“
”نه.“
”ڇو؟“
”ڇو جو مان فرار وادي شاعر آهيان.“
چيائين، ”اهو جملو مون ٻه- ٽي سال اڳ چيو هو. مون وساري ڇڏيو.
توکي ياد آهي. مان پنهنجو جملو موٽائي وٺان ٿي.“
وراڻيم، ”تنهنجو جملو مون وٽ منهنجي سڀ کان عزيز ميراث آهي.“
اها ميراث مون ٻه – ٽي سال اڳ يونيورسٽي جي فنڪشن مان ميڙي هئي.
فنڪشن ۾ سالياني مئگزين ورهائي ويئي هئي. ان ۾
منهنجا ڪجهه شعر شايع ٿيا هئا. شميم منهنجا شعر
پڙهڻ کانپوءِ مونکي هٿ جي اشاري سان پاڻ ڏانهن سڏ
ڪيو هو. پينڊال جي هڪ نويڪلي ڪُنڊ ۾ شميم چيو هو،
”تنهنجي شاعري سٺي آهي.“
”مهرباني.“
”پر تنهنجي شاعري مقصد کان خالي آهي!“
”ڪيئن؟“
”تنهنجي شاعري انقلابي ناهي.“
”مونکي اهو ٻڌاءِ ته منهنجي شاعري روايتي آهي، يا جدت واري؟“
”مان فقط ايترو ڄاڻان ٿي ته تنهنجي شاعري انقلابي ناهي.“
پڇيو هومانس، ”ادب ۾ انقلاب جي معنيٰ ڄاڻين ٿي؟”
وراڻيو هئائين، ”مان ان موضوع تي ٽي ڪلاڪ لاڳيتو ليڪچر ڏيئي
سگهان ٿي؟“
پڇيو هيم، ”ته پوءِ منهنجي شاعري کي فقط روماني ڇو ٿي سمجهين؟“
”ڇو جو ان مان محبت جي اپٽار ٿي ٿئي.“
”جڏهن ڪنهن کي دل ڏبي آهي، تڏهن ائين ئي ٿيندو آهي،“ چيو هوم.
”تو ڪنهنکي دل ڏني آهي؟“
”آهي هڪ اپسرا.“
”اپسرا سان پيار نه ڪبو آهي.“
”اپسرا سان پيار ٿي وڃي ته پوءِ؟“
کلي پيئي هئي. چيو هئائين، ”تون فرار وادي شاعر آهين.“ شميم جي
ان جملي کي مون هيئين سان هنڊايو هو. ان جملي کي
پنهنجي ذهن جي ميراث سمجهي ياد جي تهخانن ۾ لڪائي
ڇڏيو هوم. شميم کي سالن کانپوءِ ڏٺم ته اهو جملو
ذهن تي تري آيو.
شميم کان پڇيم، ”مان تنهنجي چوڻ موجب فرار وادي شاعر آهيان.
مونکي ان جو اعتراف آهي. مونکي ان جو به اعتراف
آهي، ته مون زندگيءَ کان شڪست کاڌي آهي. تون ته
آدرشي اصولن جي هئينءَ. پوءِ تو ڇو زندگيءَ کان
شڪست کاڌي آهي.“
هڪدم ڇرڪ ڀري پڇيائين، ”توکي ڪيئن خبر پيئي ته مون شڪست کاڌي
آهي؟“
چيم، ”مان تنهنجين اکين ۾ ماتمڪدو ڏسي سگهان ٿو.“
هن جواب نه ڏنو.
شميم گهڻو اڳ پنهنجي آدرشي
(Ideal)
ساٿيءَ جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو هو، ”مان اهڙي شخص
جي منتظر آهيان، جيڪو انقلاب ۽ طبقاتي ڪشمڪش کان
آجي سوسائٽيءَ جو حامي هجي.“ ۽ انهن ئي ڏينهن ۾
شميم ۽ هڪ سياسي ليڊر جي باري ۾ چوٻول هليو هو. هو
سياسي جلسن ۽ شاگردن جي ميڙ ۾ تقريرون ڪندو هو. هن
وٽ لفظن ۽ جملن جو جادو هو. اسان جڏهن به کيس
ڳالهائيندي ٻڌو هو، تڏهن متاثر ٿيڻ کانسواءِ نه
رهي سگهيا هئاسين. هو انقلاب ۽ طبقاتي ڪشمڪش کان
آجي سوسائٽي جو قائل هو. هن ۾ هر اها خوبي هئي،
جيڪا شميم پنهنجي آدرشي ساٿيءَ لاءِ سوچي هئي.
مون شميم کي چيو، ”غم ۽ خوشي لڪائڻ ناممڪن آهي.“
”شايد.“
”تون اُها ناهين جنهن کان مان ٽي سال اڳ يونيورسٽيءَ مان جدا
ٿيو هوس.“
”مان اُها ئي آهيان.“
”زندگيءَ ۾ عظيم خواهش جي تڪميل کانپوءِ، تو وانگر ڪو به اُداس
۽ ويڳاڻو نظر نه ايندو آهي.“
هوءَ مونکان نظرون بچائڻ لڳي. پري، پولار ۾ نهارڻ لڳي. صبر جو
سمنڊ جو ازلي عذاب جي ايذاءَ کان ڦٿڪڻ لڳو. مون
کان رهيو نه ٿيو. اهو ڄاڻندي به ته عورت جو پيار
هڪ دفعو حاصل نه ڪرڻ کانپوءِ، سموري زندگي ان عورت
جو پيار ملي نه سگهندو آهي، مون چيو، ”مون توسان
محبت ڪري عيوض ۾ زندگيءَ جي هيڪلائي قبول ڪري
ورتي آهي.“
شميم کان ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو، اچرج وچان مون ڏانهن ڏٺائين.
پچيائين، ”تون مون سان محبت ڪندو آهين؟“
”ها.“ وراڻيم، ”هڪ محبت اهڙي به هوندي آهي، جنهن جو اظهار نه
ڪبو آهي. اُها محبت عذاب وانگر اڪيلي سر ڀوڳڻي
پوندي آهي.“
”پر...... پر......“
”ڄاڻان ٿو تون شادي شده عورت آهين. مونکي تو سان اهڙيون اڍنگيون
ڳالهيون ڪرڻ نه گهرجن.“
”پر تو ته...... ڪڏهن به!“
”يونيورسٽيءَ ۾ تو ڪڏهن به مون سان.....“
”محبت جو اظهار نه ڪيو هو؟“
”ها. تو ڪڏهن به پنهنجي محبت جو اظهار نه ڪيو هو.“
”منهنجي شاعريءَ جو مرڪز تون هئينءَ.“ وراڻيم، ”مان تنهنجي
آرزو، تنهنجي تمنا، تنهنجي حسن ۽ تنهنجي الفت جي
شاعري ڪندو هوس. اهوئي منهنجي اظهار جو نمونو هو.
موٽ ۾ مونکي بي انتها محرومي ملي آحي. اڄ شاعريءَ
بدران وڇوڙو منهنجي وجود جو حصو آهي.“
شميم حيرت ۽ پشيمانيءَ وچان مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. چيائين، ”تون هڪ
دفعو ته پنهنجي اندر جو حال اورين ها. فقط هڪ
دفعو!“
”تو کي آدرشي ساٿيءَ جي ڳولا هئي ۽ مان، بقول تنهنجي، فرار وادي
شاعر هوس.“ آهستي، پر چٽي آواز ۾ چيم، ”پر اصل ۾
آدرشي مان آهيان. تون منهنجو آدرش هئينءَ. توکي
حاصل ڪري نه سگهيم، ته پنهنجي زندگيءَ اڪيلاين کي
نذرانو ڏيئي ڇڏيم. هيئر ٻڌاءِ ته آدرشي ڪير آهي،
تون، تنهنجو مڙس، يا مان؟“
هن جواب نه ڏنو. اکين مان اڻتڻ ظاهر ٿيڻ لڳس.
”مان طبقاتي ڪشمڪش ۾ تمام هيٺين طبقي جي نمائندگي ڪندڙ آهيان ۽
پيڙجي رهيو آهيان.“ پڇيومانس، ”تون ۽ تنهنجو مڙس
ڪڏهن ٿا معاشري کي طبقاتي ڪشمڪش مان آزاد ڪرايو؟“
ڏک وچان پڇيائين، ”مون تي ٺٺولي ٿو ڪرين؟“
چيم، ”مان آپگهات ڪري سگهان ٿو، پر توتي ٺٺولي ته پري رهي،
تنهنجي باري ۾ هڪ لفظ غلط اُُچاري نٿو سگهان.“
ڪجهه سوچي، پوءِ ڳالهايائين، ”طبقاتي ڪشمڪش کان نجات جي باري ۾
پئي پڇيئه نه!“
کيس جواب نه ڏنم. فقط ڏانهس ڏٺم.
شميم چيو، ”اسانجي معاشري ۾ طبقاتي ڪشمڪش ٻئي نمبر جو مسئلو
آهي. پهريون مسئلو انفرادي پَرمار آهي، جنهن ۾ هڪ
وڌيڪ ذهين انسان، ٻين گهٽ ذهين انسانن کي پنهنجي
ذاتي مقصد ۽ ذاتي غرض لاءِ بي واجبي نموني استعمال
ڪندو آهي.“
شڪ ٻٻر جي ڪنڊي وانگر منهنجي دل ۾ چڀي ويو. پڇيومانس، ”پنهنجي
گهريلو زندگيءَ مان خوش آهين نه؟“
هيٺيون چپ ڪنبڻ لڳس. کاڏيءَ ۾ کُٻ پئجي ويس. پڇيائين، ”تون ڪڏهن
ٿو شادي ڪرين؟“
”مان ڪنهن به ٻئي عورت سان شادي ڪري، ساڻس ۽ پنهنجي پيار سان
بيوفائي ڪرڻ نٿو گهران.“ چيم، ”مان سڄي عمر شادي
نه ڪندس.“
شميم بيچين ٿي پيئي. ٻار کي کڻي هنج ۾ ليٽايائين.
پڇيائين، ”گاڏي اچڻ ۾ ڪيتري دير آهي؟“
”پنج منٽ.“
”فقط پنج منٽ!“
”ها.“
”تو پنهنجي باري ۾ ڇا سوچيو آهي؟“
”مون ڪڏهن به پنهنجي باري ۾ نه سوچيو آهي؟“
”منهنجو مطلب آهي......“ هوءَ جملو پورو ڪري نه سگهي.
ورائي کانئس پڇيم، ”تنهنجو گهر وارو ڪيئن آهي؟“
جواب ٽارڻ لاءِ چيائين، ”اُٿي ته وچ پليٽ فارم وٽ ٿا هلي
بيهون.“
چيم. ”تو منهنجي سوال جو جواب نه ڏنو، شميم.“
هن منهن ورائي منهنجين اکين ۾ نهاريو. چيائين، ”اڳاڻو توکي
ٻڌايو هوم نه، ته انفرادي پرمار اسانجي سوسائٽيءَ
جو پهريون مسئلو آهي، جنهن ۾ هڪ وڌيڪ ذهين انسان،
ٻين گهٽ ذهين انسانن کي پنهنجي ذاتي مقصد ۽ غرض
لاءِ بي واجبي نموني استعمال ڪندو آهي.“
”مان سمجهان ٿو، تون ......“ جملو پورو ڪري نه سگهيم. بيحد ڏک
وچان چيائين، ”منهنجي گهر واري هڪ ٻئي ڇوڪريءَ کي
پاسو ڏيئي گهر آڻي ويهاريو آهي.“
حيرت وچان پڇيم، ”ٻي ڇوڪري!“
”ها.“ شميم وراڻيو، ”وٽس وڃڻ کانپوءِ خبر پيم ته مان به پهرين
ڇوڪري نه هئس. هو بيحد ذهين آهي. هن هميشه پنهنجي
ذهانت جو ڀرپور فائدو کنيو آهي.“
لائوڊ اسپيڪر تي پنجابي گاڏڙ اڙدوءَ “ ريل جي اچڻ جو اعلان ٿيو،
اسين پليٽ فارم ڏانهن هليا آياسين.
گاڏيءَ جي دريءَ تي منهن رکندي پڇيائين، ”مونکي اڃا چاهين ٿو؟“
وراڻيم، ”مان تنهنجي حڪم تي ريل آڏو ليٽي سگهان ٿو.“
پوءِ هوءَ ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. اکين تي پاڻيءَ جو تهه
چڙهي آيس. اُداس منهن مان بي انتها مايوسي بکڻ
لڳس. پوءِ ٽٽل ڦٿل لهجي ۾ چيائين، ”منهنجي آدرشي
گهر واري مونکي طلاق ڏني آهي.“
”شميم!“ مونکان آهه نڪري ويئي.
وسل ٿي. گاڏي چُرڻ لڳي. مان گاڏيءَ سان گڏ هلڻ لڳس.
التجا ڪندي چيم، ”شميم مان تنهنجي زندگيءَ جي خال کي پنهنجي
حياتيءَ سان ڀريندس.“
گاڏيءَ جي رفتار وڌڻ لڳي. مان تيز هلڻ لڳس. چيم، ”لهي آءٌ
شميم.“
شميم جي اکين مان لڙڪ لڙي پيا.
ريل سان گڏ پليٽ فارم تي ڊوڙندي چيم، ”زنجير ڇڪي گاڏي بيهار.“
گاڏيءَ جي رفتار وڌي ويئي. مان پوئتي رهجندو ويس. شميم دريءَ
مان پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيو. مون هٿ وڌائي سندس هٿ
کي جهلڻ چاهيو، پر آڱريون پاڻ ۾ ڇهي ڌار ٿي پون.
شميم روئيندي چيو، ”مان توکي وساري نه سگهنديس.“
گاڏي مونکي پليٽ فارم تي ڇڏي اڳتي هلي ويئي. جيستائين دز جو
ڪوهيڙو اکين آڏو نه آيو، مان شميم ڏانهن ڏسندو
رهيس. هوءَ دريءَ مان منهن ڪڍي مون ڏانهن ڏسي رهي
هئي.
سنڌي گدڙ اِن
(IN)
اسلام آباد
مان دامن ڪوهه جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ تي بيٺو هوس ۽ ڪڏهن
ڪامورڪي شهر اسلام آباد ڏانهن ۽ ڪڏهن اڻ- کوٽيل
قديم آثارن ڏانهن ڏسي رهيو هوس. دامن ڪوهه مارگله
ٽڪرين جي هنج ۾ ٺاهيل تفريح گاهه آهي. گهاٽن وڻن ۽
ٻوٽن جي اوٽ ۾ اک ٻوٽ لاءِ نهايت مناسب مقام آهي ۽
ان مقصد لاءِ نهايت پابنديءَ سان استعمال ٿي رهيو
آهي. بس، ڪڏهن ڪڏهن ڪو تقدير جو ماريل جوڙو پوليس
وارن جي ور چڙهي ويندو آهي ۽ رنگ ۾ ڀنگ ڪرائي
موٽندو آهي.
مار گله ٽڪرين جي اوڀر ۾ اسلام آباد آهي ۽ اولهه ۾ اڻ- کوٽيل
قديم آثارن جو سلسلو، جيڪو جهرن جهنگن مان
لنگهندو، ٽيڪسيلا ۾ ٻڌمت جي قديم آثارن سان وڃي
ملندو آهي. مان اڪثر، شام ويلي، مار گله ٽڪرين جي
سڀ کان اُتاهين چوٽيءَ تي وڃي بيهندو آهيان. پهرن
جا پهر، ويندي سج لٿي کان رات جي پوئين پهر تائين،
ڪڏهن جُڙتو شهر اسلام آباد ڏانهن ۽ ڪڏهن ٻڌمت جي
قديم آثارن ڏانهن ڏسندو رهندو آهيان. قادر جي
ڪرشمن، خاص ڪري پنهنجي بدني بناوت ڏسي ڪڏهن حيران
۽ ڪڏهن پريشان ٿيندو آهيان.
اُن ڏينهن پڻ مان مار گله ٽڪرين جي مٿاهين چوٽيءَ تي بيٺو هوس.
ڪڏهن اسلام آباد ڏانهن ۽ ڪڏهن پڌمت جي قديم، آثارن
ڏانهن ڏسي حيران گهٽ ۽ پريشان وڌيڪ ٿي رهيو هوس.
مان زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هڪئي وقت تي حيران ۽ پريشان
نه ٿيندو آهيان. جڏهن حيران ٿيندو آهيان، تڏهن
پريشان نه ٿيندو آهيان ۽ جڏهن پريشان ٿيندو آهيان،
تڏهن حيران نه ٿيندو آهيان. اصل ۾، ان وقت مان
پنهنجي بدني بناوت بابت سوچي رهيو هوس ۽ رکي رکي
آسمان ڏانهن ڏسي رهيو هوس.
مان هونءَ ته ماڻهو آهيان پر، ڪنهن وقت گدڙ ٿي پوندو آهيان.
مون کي خبر آهي ته ماڻهو زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن
دور ۾، ڪو نه ڪو جانور ٿي پوندو آهي- جهڙوڪ، لومڙ،
دوکو ڏيڻ لاءِ بگهڙ، چيري ڦاڙي چٽ ڪرڻ لاءِ گڏهه،
صبر جو اعليٰ مثال پيش ڪرڻ لاءِ! تنهن ڪري ماڻهو
مان جانور ٿي پوڻ تي مون کي خاص اعتراض نه آهي.
بس، مونکي اعتراض آهي گدڙ ٿي پوڻ تي گدڙ به ڀلاڪو
جانور آهي! گدڙ کان بهتر آهي ته ماڻهو ٻڪر ٿي پوي!
اُن ڏينهن آسمان ڏانهن ڏسندي مون سوچيو، ته، مان
جيڪڏهن ماڻهوءَ مان گدڙ بدران ٻيو ڪو جانور،
جهڙوڪ گهوڙو، گينڊو، ڏيڏر، مانگر مڇ وغيره ڪيو
وڃان ها، ته دنيا جي وهنوار ۾ ڪهڙو فرق پوي ها! سج
اولهه کان نه اُڀري ها! پر، ماڻهوءَ مان ڪو جانور
تي پوڻ تي انسان جي مرضيءَ کي دخل نه هوندو آهي.
انسان پنهنجي پسند ۽ خواهش مطابق جانور ٿي نه
سگهندو آهي. انسان پنهنجي وجود جي ڪنهن ڪرشمي
مطابق ڪونه ڪو جانور ٿي پوندو آهي. پنهنجي وجود جي
ڪرشمن تي مون کي سخت ڪاوڙ آهي. مان اڪثر پنهنجي
وجود جي ڪرشمن خلاف بغاوت ڪرڻ جي امڪان تي سوچيندو
آهيان . منهنجي وجود جا ڪرشما نهايت نامعقول آهن.
پنهنجي باس جو دڙڪو ٻڌي ۽ ڪرڙي اک ڏسي منهنجو ساهه
سڪي ويندو آهي .ٽنگن مان سَتُ نڪري ويندو آهي. جسم
کي ڪنبڻي وٺي ويندي آهي ۽ پوءِ مان ڏسنديئي ڏسندي
ماڻهو مان بدلجي گدڙ ٿي پوندو آهيان |