سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: رني ڪوٽ جو خزانو

باب:

صفحو :10

باس جي معنيٰ ته اوهين سمجهو ٿا نه! باس، بس(Boss)  باس هوندو آهي. ڀوائتو، خوفناڪ، ڊيڄاريندڙ! جتان باس لنگهندو، اُتان جهنگ جا باقي جانور پاسو ڪري چُرن ٻرن ۾ وڃي پناهه وٺندا. متان سمجهو ته باس جهنگ جي بادشاهه وانگر شينهن جهڙو هوندو آهي! نه، نه. باس ڪنهن به صورت ۾ شينهن نه هوندو آهي. بس، اسين گدڙ ٿي پوندا آهيون. باس جي ٿُڪ بُجي ۾ خوش! جهنگ ۾ جڏهن شينهن نه هوندو آهي، تڏهن ائين ئي ٿيندو آهي. ڀولا باس ٿي پوندا آهن.

مان اسلام آباد جي  مرڪزي گيراج ۾ ڪم ڪندو آهيان. گيراج جو هيڊ مستري منهنجو ۽ مون جهڙن انيڪ گدڙن جو باس آهي. اسين سچ پچ جا گدڙ نه آهيون. اسين به اوهان جهڙا ماڻهو آهيون. بس، باس جڏهن اسان جي ٽوپي لاهيندو آهي، بيعزتو ڪندو آهي، خوار خراب ڪندو آهي، تڏهن اسين هڪدم ماڻهو منجهان گدڙ ٿي پوندا آهيون. ٻين گدڙن جي باري ۾ مون کي ڪا خبر ڪونهي. مان جڏهن ماڻهوءَ مان گدڙ ٿي پوندو آهيان، تڏهن ذلت جي احساس کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مار گله ٽڪرين جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ تي وڃي بيهندو آهيان.

مون آسمان ڏانهن ڏسندي وڏي واڪ چيو، آخر ڪهڙي ڏوهه ۾ مون کي ماڻهوءَ مان ڦيرائي گدڙ ڪيو ويو آهي! گدڙ بدران مونکي شينهن ڇو نه ڪيو ويو آهي! مونکي گدڙ جي سئو سالن واري زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن واري مختصر زندگي قبول آهي.  مونکي نفرت ٿي ويئي آهي ذلت واري زندگيءَ کان- مان مرڻ چاهيان ٿو- مان مرڻ چاهيان ٿو!

اوچتو جهنگ مان آواز آيو، ”ادا ڦَتَن.“

مان گدڙ، ڊڄي ويس! ڊپ وچان هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم. پري پري تائين مون کي ڪو بني بشر نظر نه آيو.

وري آواز آيو، ”او ادا ڦتن.“

ڊپ سان گڏ مون کي ڪجهه ڪجهه تعجب ٿيو. تعجب اِن ڪري جو مان ڦتن نه آهيان ۽ نه ئي ڦتن جهڙو آهيان. ڦتن منهنجو سوٽ هو. ڪجهه ڪجهه دَدِ نو، ڪجهه ڪجهه ٿُلهڙو، ڪجهه ڪجهه کنڊڙو، ڪجهه ڪجهه گنجڙو ۽ ڪجهه ڪجهه بندرو! عجب مخلوق هو، پر، تڏهن به ماڻهو هو. ڊپ وچان مون وانگر گدڙ نه ٿي پوندو هو. سئو سالن واري زندگيءَ بدران هو خودڪشيءَ جي باري ۾ سوچيندو هو ۽ هڪڙي ڏينهن پنهنجي خونخوار زال کان گهٻرائجي روهڙيءَ وٽان درياهه  ۾ وڃي ٽپو ڏنو هئائين. يار دوست درياهه ۾ لهي پيا: ٽوٻا آيا. مهاڻا ڄار کڻي آيا، پر ڦتن جو لاش هٿ نه آيو. اِها خبر جڏهن ڦتن جي زال کي پيئي، تڏهن هوءَ لامارا ڏيندي، ڏند کڙڪائيندي، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وچان درياه جي ڪپ تي وڃي بيٺي ڊپ وچان درياءَ ٻه اڌ ٿي پيو. درياءَ جي ڦاٽل پيٽ ۾ ماڻهن کي ڦتن جو لاش نظر آيو. هو لاش درياهه جي پيٽ مان ڪڍي آيا ۽ پوءِ جيئن ئي هو ڦتن جي زال جي ويجهو پهتا ته اوچتو ڦتن جو لاش ڊپ وچان رڙ ڪري وٺي درياهه ڏانهن ڀڳو- ٻيهر خودڪشي ڪرڻ لاءِ! زالهنس کڻي ڪنڌ ۾ هٿ وڌس. ڇڪي گهر وٺي آيس، جتي مُلن جي حوالي ڪري ڇڏيائنس، جن کيس وينجهاري سينجهاري، ڪفن ۾ ويڙهي دفن ڪري ڇڏيو. دفن ٿيڻ مهل ڦتن مون کي چيو هو ته منهنجي زال کي منهنجي قبر جي ويجهو اچڻ نه ڏجانءِ، هوءَ جيڪڏهن منهنجي قبر جي ويجهو آئي، ته پوءِ مان قبر مان نڪري وري ٻيو دفعو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندس!

ڦتن جي خودڪشيءَ جو مون کي ڏک آهي. پر، ڦتن جي خودڪشيءَ واري جذبي تي مون کي ريس ايندي آهي. هن مري ڏيکاريو، مون ۾ مرڻ جي همٿ نه آهي. مون ذلت کي قبول ڪيو آهي.

”ادا ڦتن، ڇا پيو سوچين؟“ ڄڻ غيب مان آواز آيو.

مون کي ڪنبڻي وٺي ويئي. سوچيم، پڪ منهنجو باس آهي ۽ غيبات جو روپ ڌاري مون کي ڊيڄارڻ آيو آهي. هٻڪندي هٻڪندي چيم، ”باس، اوهين غيبات  ٿيڻ جي تڪليف نه وٺو. اوهين فقط پنهنجو غضبناڪ چهرو مبارڪ ڏيکاريو. مان انشا الله تعاليٰ قيامت تائين اوهانکان ڊڄندو رهندس.“

اوچتو، وڻن ٽڻن ۾ چرپر ٿي. هڪ بزرگ سائي جامي ۽ پاجامي ۾ منهنجي سامهون اچي بيٺو. سندس ڀرون، مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار برف  جهڙا اڇا هئا. ڏاڍو نوراني چهرو هوس. اهڙي روپ ۾ هڪ انسان کي جهنگ مان نڪري، ظاهر ٿيندي ۽ پاڻ ڏانهن وڌنڌو ڏسي سوچيم، ضرور منهنجو باس آهي ۽ منهنجو امتحان وٺڻ لاءِ غيبي بزرگ جو روپ ڌاري آيو آهي. مونکي ڏڪڻي وٺي ويئي. گيسي ڪندي چيم، ”باس، خدا جي واسطي اوهين روپ مٽائي مون مسڪين گدڙ جو ساهه نه سُڪايو. اوهين عقل ڪُل آهيو. ڌرتيءَ ۽ آسمان جي رازن جا ڄاڻو آهيو. عالم الغيب آهيو. مان مسڪين گدڙ زندگيءَ ۾ بار بار ذليل ۽ خوار ٿيڻ لاءِ اوهان آڏو موجود آهيان.“

بزرگ چيو، ”مان تنهنجو باس نه آهيان، ڦتن.“

”باس.“ مان سجدي ۾ ڪري پيس. ليلائيندي  چيم، ”باس، خدا جي واسطي منهنجو امتحان نه وٺو، مان فيل ٿي پوندس. اوهين منهنجا عظيم باس آهيو ۽ مونکي ذليل ۽ خوار ڪرڻ لاءِ روپ مٽائي آيا آهيون.“

”تو کي ڇا ٿي ويو آهي، ڦتن!“ بزرگ تعجب جو اظهار ڪندي چيو، ”تون ماڻهوءَ مان گدڙ ڪيئن ٿي پيو آهين!“

مون غور سان بزرگ ڏانهن ڏٺو. سندس لهجو نرم ۽ سٻاجهو هو، تنهن ڪري هو مونکي پنهنجو باس محسوس نه ٿيو. مون سُک جو ساهه کڻندي پراسرار بزرگ کي چيو، ”مان ڦتن نه آهيان. تنهڪري ماڻهوءَ مان گدڙ ٿي پيو آهيان. ڦتن هجان ها ته جيڪو گدڙ بدران شينهن ٿي پوان ها ۽ گدڙ واري سئو سالن جي زندگيءَ تي شينهن واري هڪ ڏينهن جي زندگيءَ کي ترجيح ڏيان ها ۽ گهڻو اڳ خودڪشي ڪري ڇڏيان ها.“

پوڙهي بزرگ چيو، ”پر مون کي لڳي ٿو ته ٿون ڦتن آهين.“

”منهنجيون حالتون سوٽ ڦتن سان ملندڙ جلندڙ ضرور آهن، پر مان ڦتن نه آهيان.“ ادب سان چيم، ” ڦتن پنهنجي مرڪزي زال هٿان خوار خراب ٿيندو هو ۽ مان پنهنجي مرڪزي باس هٿان خوار خراب ٿيندو آهيان. ها، هڪڙي ڳالهه اوهان کي ٻڌائي ڇڏيان، ته، مرڪزي زال ۽ مرڪزي باس ۾ تمام معمولي فرق هوندو آهي.“

سبز پوش بزرگ سوچ ۾ پئجي ويو. مون ڏانهن غور سان ڏسندي پڇيائين، ”مار گله ٽڪرين جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ تي ڪهڙي خيال کان اچي بيٺو آهين؟ خودڪشيءَ جي خيال کان؟“

مون کان ڇرڪ نڪري ويو. چيم، ”مون کي پنهنجي گدڙ واري زندگيءَ کان نفرت آهي پر مون اڃا تائين خودڪشيءَ جي باري ۾ سنجيدگيءَ سان نه سوچيو آهي.“

بزرگ پڇيو، ”ته پوءِ ڪهڙي خيال کان مار گله ٽڪرين جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ تي اچي بيٺو آهين؟“

مان منجهي پيس. مار  گله ٽڪرين جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ تي اچي بيٺو آهيان! آسمان سان هم ڪلام ٿيڻ لاءِ! باس کان فرار حاصل ڪرڻ لاءِ! پر، زندگيءَ ۾ باس کان فرار ٿيڻ ممڪن نه آهي. باس هر هنڌ، هر روپ ۾ موجود هوندو آهي. گهر ۾ ڪڏهن مڙس، ته ڪڏهن زال جي روپ ۾! اسڪول ۾ ماستر جي صورت ۾! قاصائي، ٽيڪسيءَ وارا، هوٽلن جا بيرا، ريلوي جا بڪنگ ڪلارڪ، پوليس وارا، خاص ڪري ايس ايڇ او، ڊاڪٽر وغيره سڀ اسان جا باس هوندا آهن- هميشه ڪاوڙيل، مڇريل ۽ غضبناڪ! جن يا راڪاس ڊيڄاري يا نه ڊيڄاري، پر باس ضرور ڊيڄاري!

”مونکي پڪ آهي ته تون ڦتن آهين.“ بزرگ چيو، ”۽ خودڪشيءَ جي خيال کان مار گله جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ تي اچي بيٺو آهين.“

مون کي بزرگ درويش جو ضد نه وڻيو. مون وڏي واڪ چيو، ”مان ڦتن نه آهيان- مان ڦتن نه آهيان.“

”اڙي ڪنهن سان پيو ڳالهائين؟“ پوئين پاسي کان ڪنهن تمام کُهري آواز ۾ پڇيو.

منهن ورائي ڏٺم. پوليس وارن جو ٽولو هو. سڀيئي ڄڻا خدا جي فصل سان ڏاڍا صحتمند هئا. منهنجي آڏو اچي بيٺا. پڇيائون، ”ڪنهن سان پيو ڳالهائين؟“

”هن سان پئي ڳالهايم.“ منهن ورائي سبز پوش پراسرار بزرگ ڏانهن ڏٺم. حيرت وچان پنڊپهڻ ٿي ويس. بزرگ موجود نه هو. الوپ ٿي ويو هو.

پوليس وارن چيو. ”ڇوڪري شايد جهنگ ۾ وڃي لڪي پيئي آهي.“

وائڙو ٿيندي چيم، ”ڪهڙي ڇوڪري!“

”سياڻو نه ٿيءُ، ٻچا!“ هڪ ٿلهي پوليس واري چيو، ”جنهن ڇوڪريءَ سان ڳالهائيندي اوچتو وڏي واڪ سمجهه ۾ نه ايندڙ لفظ ڳالهايا هيئه سا ڇوڪري،

پوليس وارن جي نيت سمجهي ويس. هو جهنگل ۾ منگل ڪرڻ وارن جوڙن جي ڪڍ هئا ۽ سندس رنگ ۾ ڀنگ جو پڪو ارادو ڪري آيا هئا.

پڇيائون، ”ڇوڪري ڪٿي آهي؟“

کلڻ جي ڪوشش ڪندي چيم، ”توهان کي غلط فهمي ٿي آهي.  مون ڪنهن ۾ ڇوڪريءَ سان نه پئي ڳالهايو.“

ڪرڙي اک ڪندي پڇيائون، ”ته پوءِ ڪنهن سان پئي ڳالهايوءِ؟“

چيم، ”توهان کي يقين نه ايندو.“

وراڻيائون، ”سياڻو نه ٿيءُ. اجايو موچڙا کائيندين.“

مون هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو. پُر اسرار سبزپوش بزرگ جهڙي نموني ظاهر ٿيو هو، تهڙي نموني الوپ ٿي ويو هو.

پوليس وارن جي ٽولي مان ڪجهه ڄڻا  جهنگ ۾ ڪاهي پيا. ڏهه- پنڌرنهن منٽ وڻن ٽڻن ۽ ٻوٽن ۾ لٺيون ۽ ٿڏا هڻي موٽي آيا. پنهنجي برجستي سردار کي چيائون، ”جهنگ ۾ ڇوڪري موجود نه آهي.“

سردار ٽنڊ تي  ٽوپي رکندي چيو، ”جهنگ ۾ ضرور ڪو خفيه رستو، يا ڪو پيچرو آهي، جتان ڇوڪري ڀڄي ويئي آهي.“

”سردار صاحب.“ چيم، ”اوهان يقين ڪريو، مون ڪنهن به ڇوڪريءَ سان نه پئي ڳالهايو. اصل ۾ مون هڪ سبزپوش بزرگ سان پئي ڳالهايو.“

”وڏو چالاڪ آهين!“ سردار وک کن اڳتي وڌي آيو.

چيائين، ”اجايو پنهنجي کل نه لاهراءِ.“

”مان اوهان کي ڪيئن يقين ڏياريان ته، هتي، اصل هن جاءِ تي، جتي اوهين بيٺا آهيو،  هڪ بزرگ  اچي بيٺو هو.“ مون کي پڻ پنهنجي ڳالهه تي يقين نه پئي آيو. چيم، ”هو  اوچتوئي  اوچتو، جهنگ مان نڪري آيو هو.“

هو منهنجي چريائپ تان کلڻ لڳا. سندن بيهودي نموني کلڻ مون کي نه وڻيو.

ڪجهه ڪجهه خفي ٿيندي چيم، ”پراسرار سبزپوش بزرگ، اُنهن سبزپوش بزرگن جهڙو هو جيڪي اڻويهه سئو پنجهٺ واري جنگ دوران مغربي پاڪستان ۾ ظاهر ٿيا هئا ۽ هندستاني هوائي جهازن مان اُڇلايل بم گولا جهپي، وات ۾ وجهي اُڳري ويا هئا.“

هڪڙو پوليس وارو فلسفين جهڙو هو- مٿو  موڪرو، نڪ  ڦٿل، چپ ٿلها، کاڏي ننڍڙي! غور سان ڏسوس ته جهڙو ڏيڏر! هن پنهنجي برجستي سردار ڏانهن ڏسندي چيو، ”اِن قسم جا ڪجهه سبزپوش بزرگ اڻويهه سئو اڪهتر واري جنگ دوران جيڪڏهن مشرقي پاڪستان ۾ پيدا ٿي پون ها، ته پوءِ جيڪر مشرقي پاڪستان هميشه لاءِ مشرقي پاڪستان رهي ها، بنگله ديش ٿي نه سگهي ها.“

”ٺهيو، مڃيوسين ته تو ڪنهن پراسرار بزرگ سان پئي ڳالهايو.“ سردار، پنهنجي فلسفي پوليس واري  جي ڳالهه کي اهميت نه ڏيندي مون کان پڇيو ، ”پر آخر ۾ تو  وڏي واڪ سمجهه ۾ نه ايندڙ ڪهڙو لفظ ڳالهايو هو؟“

وراڻيم، ”سبزپوش بزرگ مون کي ڦتن سمجهي ويٺو هو. مرن بيزار ٿيندي وڏي واڪ چيو هو، ته، مان ڦتن نه آهيان.“

هو سڀيئي حيران ٿيا. پڇيائون، ”ڦتن ڪير آهي؟“

کين ٻڌايم، ”ڦتن منهنجو سوٽ هو، جنهن ذلت جي زندگيءَ تي موت کي ترجيح ڏني هئي- ۽ مون عزت جي موت تي ذلت جي زندگيءَ کي ترجيح ڏني آهي. مان گدڙ آهيان- گدڙ آف  روهڙي سنڌ.“

”ته تون سنڌي  آهين؟“ سردار، مشڪوڪ نظرن سان مون ڏانهن ڏسندي پڇيو.

”ها، سائين.“ وراڻيم، ”مان سنڌي آهيان.“

پوليس وارن جي اٽالي پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيو. پوءِ،   سندن سردار چيو، ”اڄڪلهه سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف مهم وڏي پيماني تي شروع ڪئي ويئي آهي. اسان کي پڪ آهي ته تون ڪو خطرناڪ   سنڌي ڌاڙيل آهين ۽ روپوش ٿي اسلام آباد کان اچي  نڪتو آهين.“

سندن انڪشاف تي مان حيران گهٽ ۽ پريشان  وڌيڪ ٿيس. مان اوهان  کي ٻڌائي چڪو آهيان ته مان هڪئي وقت تي حيران ۽ پريشان نه ٿيندو آهيان. جڏهن حيران  ٿيندو آهيان، تڏهن پريشان نه ٿيندو آهيان ۽ جڏهن پريشان ٿيندو آهيان، تڏهن حيران نه ٿيندو آهيان. پوليس وارن جي ڳالهه ٻڌي مان حيران نه ٿيس. مان پريشان ٿيس.

چيم، ”مان اسلام آباد جي مرڪزي گيراج ۾ ڪڏهن ڪلينر ۽ ڪڏهن ڊينٽر ٿي ڪم ڪندو آهيان. ڀڳل، ٽٽل، ردي ۽ بيڪار گاڏين جا گُهٻ ڪڍندو آهيان ۽ پراڻين گاڏين کي چمڪائيندو آهيان. ڪنهن ڪنهن وقت پنهنجي باس، يعني هيڊ مستريءَ جي هٿان خوار خراب ٿيڻ کانپوءِ مر گله جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ تي اچي بيهندو آهيان- ۽ پنهنجي گدڙ ٿي پوڻ واري حادثي تي سوچيندو آهيان.“

پوليس جي اٽالي، وارن کان پيرن تائين غور سان  منهنجو جائزو ورتو. ڏندين آڱريون ڏيتي خاموشيءَ سان مون ڏانهن ڏسندا رهيا. سندن گهور ۾ مان سُسندو ويس- سُسندو ويس! رت بدران خوف منهنجين رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳو. مٿي تي هٿ رکي. ان ڌرتيءَ تي ويهي رهيس.

مون فرار جي راهه لاءِ واجهايو. مار گله ٽڪرين جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ  تان اولهه طرف ڏٺم. ٽيڪسيلا تائين پکڙيل جهرن  جهنگن ۾ ٻُڌمت  جي قديم آثارن جو سلسلو نظر آيو.  اوڀر ڏانهن ڏٺم. اسلام آباد  جو جُڙيل جديد شهر، زندگيءَ جي جزا ۽ سزا  کانسواءِ  ساهه  کڻي رهيو هو. سندس رستا آڪسيجن گيس جي سلينڊرن مان نڪرندڙ نلڪين وانگر نظر آيا. آسمان ڏانهن ڏٺم.   آسمان ڏاڍو بيرونق، اوپرو   ۽ پرايو نظر آيو. ڌرتي اهڙي،  جهڙو پرديس!

تڏهن اوچتو، پوليس وارا  ٽهه ٽهه ڪري کلي پيا، هو ڏاڍو کليا. مضبوط مرڪز جا مضبوط پوليس وارا هئا. ڏاڍا صحتمند هئا. کِلي کِلي کيرا ٿي پيا.

فلسفي پوليس واري مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هيءُ ته گدڙ آهي! اسين گدڙ سان ڳالهائي رهيا آهيون. وڏا ڪي چريا آهيون!

هو کلندا، ٽهڪ ڏيندا ۽ مون کي پٿر هڻندا مار گله ٽڪرين جي هنج ۾ ٺاهيل تفرح گاهه ”دامنِ ڪوهه“ ڏانهن هليا ويا. اُن وقت مون کي موت ۾ وڌيڪ معنيٰ محسوس ٿيڻ لڳي ۽ پنهنجي گدڙ ٿي پوڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ اچڻ لڳي.

اوچتو، ڪنهن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو. مون منهن ورائي ڏٺو. سبز پوش پراسرار بزرگ بيٺو هو. کيس ڏسي مان نه حيران ٿيس ۽ نه پريشان ٿيس.  ٽِڪ ٻڌي ڏانهس ڏسندو رهيس.

”ڦتن!“ بزرگ پڇيو، ”ذلت واري زندگيءَ تي، عزت جي موت کي ڪڏهن ترجيح ڏيندين! خودڪشي ڪڏهن ڪندين!“

مون رنجَ وچان سبزپوش بزرگ ڏانهن ڏٺو. سندس چپن تي پراسرار مرڪ هئي. کيس پڪ هئي، ته مان ئي ڦتن آهيان!

مون وڏي واڪ چيو، ”مان ڦتن نه آهيان نه آهيان تڏهن ته ذلت واري زندگيءَ کي عزت جي موت تي ترجيح ڏيئي رهيو آهيان.“

مون کي پنهنجو آواز مقبرن مان ايندڙ صدا وانگر محسوس ٿيو. مان اُٿي بيهي رهيس. مٽيءَ جي مُٺ ڀري، منهن مٿو ڀڀوت ڪري ڇڏيم. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم. اڪيلو هوس. وايو منڊل ۾ ڪو به موجود نه هو. لفظن ۽ جملن جي موٽ ايندي رهي، ”عزت جي موت تي مون ذلت جي زندگيءَ کي ترجيح ڏني آهي- مان ڦتن نه آهيان. مان ڦتن نه آهيان.“

تڏهن، آسمان ڏانهن ڏسندي چيم، ”مونکي آپگهات جي توفيق ڏي- توفيق ڏي.“

عرش خاموش رهيو.

ٻڌمت جي قديم آثارن مان صدين جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ آيو، ”زندگي ڏک آهي- زندگي ڏک آهي.“

رني ڪوٽ جو خزانو

ميهڙ کان سڏ پنڌ تي جڏهن گولي هلي هئي، تڏهن سوين ماڻهن منهنجي پتڪڙي پٽ عاقل کي ميدان ۾ بيٺل ڏٺو هو. پر پوءِ، اهو اوچتو ئي اوچتو گم ٿي ويو هو. ڪجهه ماڻهن کيس گولي کائيندي ڏٺو هو.

هڪ پوڙهيءَ چيو، ”مون تنهنجي پٽ کي گولي کائي آسمان ڏانهن اُڏامي ويندي ڏٺو آهي.“

مونکي پوڙهيءَ جي ڳالهه تي اعتبار نه آيو.

پوڙهيءَ پنهنجيءَ ڳالهه تي زور ڏيندي چيو، ”پنهنجن اکين سان مون کيس اُڏامندي ڏٺو هو. گولي کائڻ کان پوءِ تنهنجي پتڪڙي پٽ پنهنجيون ٻئي ٻانهون اُڀيون ڪيون هيون  ۽ ان کانپوءِ هو رت وهائيندو آسمان ڏانهن اُڏامي ويو هو.“

پوڙهيءَ جي منهن تي گُهنجن جو ڄار وڇايل هو. پٺيءَ جو ڪنڊو ڪمان ٿي ويون هوس. ڪنڌ لاڳيتو هاڪار ۾ لڏي رهيو هوس. هوءَ الاءِ ڇو مونکي ڏاڍي پُر اسرار محسوس ٿي. مونکي کانئس  ڪجهه   ڪجهه وحشت ٿيڻ لڳي.

پوڙهيءَ چيو، ”منهنجيءَ ڳالهه تي يقين  نه اچيئي ته ميدان ۾ وڃي ڏس. اڃا تائين مٽي تنهنجي پٽ جي رت سان آلي هئي.“

مونکي افسوس ٿيڻ لڳو ته مون پنهنجي ٽن سالن جي پٽ کي ميهڙ ڇو آندو هو. مان پنهنجي مامي علڻ سان ملڻ ۽ کانئس رني ڪوٽ جي خزاني جو راز پڇڻ آيو هوس. علڻ منهنجو مامو هو. منهنجي پٽ عاقل جو مامو نه هو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته منهنجو پٽ عاقل اڃا مس ٽن سالن جو هو. رني ڪوٽ جو گم ٿيل خزانو هن لاءِ اهم نه هو. رني ڪوٽ جو خزانو منهنجي لاءِ اهم هو. امان مونکي يقين سان ٻڌايو ته رني ڪوٽ ۾ املهه خزانو دفن آهي، جنهن تي اٺئي پهر ڪاريهرَ پهرو ڏيندا آهن.چاليهه ميلن جي پکيڙ  ۾ خزانو ڪنهن مخفي هنڌتي دفن ٿيل آهي. انيڪ انسان خزاني جي تلاس ۾ موت جو بَکُ ٿي ويا آهن. پر خزاني جو اَنت ۽ پتو لهي نه سگهيا آهن. امان چيو هو ته سندس ڀاءُ علڻ، يعني منهنجو مامو خزاني جي راز کان واقف  آهي. کيس خبر آهي ته رني ڪوٽ جو خزانو ڪهڙي هنڌ پوريل آهين

مون پڪو  فيصلو ڪيو ته مان پنهنجي مامي علڻ سان ضرور ملندس. هو ميهڙ ۾ ٽيلر ماسٽر آهي، پر ڪوشش جي باوجود اڄ تائين شيرواڻي سبي نه سگهيو آهي. تنهنڪري هو علاقائي يا صوبائي ٽيلر ماسٽر آهي. منهنجو مامو قومي ٽيلر ماسٽر ٿي نه سگهيو آهي. هو پهراڻ ۽ وڏي گهير واريون شلوارون سبندو آهي ۽ ڪنهن کي به رني ڪوٽ جي خزاني  جو راز نه ڏيندو آهي.

مون ڪراچيءَ  کان ميهڙ وڃڻ جو جڏهن پڪوپهه ڪيو، تڏهن منهنجي زال سُکان چيو، ”عاقل کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃجاءِ.“

کانئس سبب پڇيم ته چيائين، ”رني ڪوٽ جو خزانو کوٽيندي تون پڪ پوڙهو ٿي ويندين. تو کانپوءِ تنهنجو پٽ رني ڪوٽ جو خزانو ڌرتيءَ جي تهن مان کوٽي ڪڍندو.“

مون سُکان کي چيو، ”تون آهين ته منهنجي چاچي ميرل جي ڌيءَ، پر ڳالهيون افلاطون جي ڌيءَ جهڙيون ڪندي آهين. مان پنهنجي پتڪڙي پٽ عاقل کي ميهڙ وٺي ويندس.  مان ناڪام ٿيس، ته مون کانپوءِ منهنجو پٽ رني ڪوٽ جي خزاني جو وراث ٿيندو.“

بنا اطلاع ڏيڻ جي مان پنهنجي پتڪڙي پٽ عاقل کي ساڻ ڪري سڌو وڃي ميهڙ کان نڪتس. گهر وڃڻ بدران ماما جي دڪان تي وڃي ٺڪاؤ ڪيم. ان وقت ماما شيرواڻي ٺاهن جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي ڪوشس ۾ ناڪام ٿي رهيو هو. هن اول مونکي نه سڃاتو. هن آخري دفعي مونکي تڏهن ڏٺو هو،  جڏهن هو ڪَنَ جي آپريشن ڪرائڻ لاءِ ڪراچيءَ آيو هو ۽ اسان جي گهر اچي ٽِڪيو هو. تڏهن مان اين- جي- وي هائي اسڪول ۾ پڙهندو هوس ۽ ٽڪليون گڏ ڪندو هوس. ميهڙ مان آيل مامي جا ڪن مونکي سيهڙ جي ڪنن جهڙا محسوس ٿيا هئا، ميهڙ ۾ مونکي ڏسي هن نه سڃاتو. هڪ نگاهه مون تي ۽ ٻئي عاقل تي وجهي هو شيرواڻي ٺاهڻ جي جدوجهد ۾ جُنبي ويو. مون کيس سڏ ڪيو، ”ماما علڻ.“

ماما کان ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو. هو قينچي رکي اٿي بيٺو. ڪافي ٿلهو ۽ بيحد ڪونئرو هو. کيس ڀاڪر پائي مِليم ته ڪتڪائيءَ سبب کلي پيم. ماما هڪدم مونکي سڃاتو. پوءِ عاقل کي پيار ڪندي عاقل جي باري ۾ پڇيائين. چيم، ”منهنجو پٽ آهي. آهي ته ٽن سالن جو، پر الاءِ  ڇو ڏاڍو پتڪڙو آهي.“

”تون ڇا ٿو سمجهين!“ ماما چيو، ”ٽن سالن جو ٻار تو يا مون جيڏا ٿيندا آهن!“

عليڪ سليڪ ڪرڻ کانپوءِ ماما مون کان ميهڙ اچڻ جو سبب پڇيو. سبب ٻڌائڻ کان اڳ کيس ڳُڙَ جا ڀوڙينڊا ڏيندي چيم، ”هي ڀوڙينڊا اوهان جي ڀيڻ الله وسائي، يعني منهنجي ماءُ اوهان لاءِ موڪليا آهن.“

ماما ڏاڍو خوش ٿيو. اٿنديئي اڌ ڊزن ڀوڙينڊا بيٺي پير کائي ويو. مون دل ۾ سندس ڏندن ۽ صحت جي تعريف ڪئي. ماما چيو، ”شام ڌاري دڪان بند ڪري گهر هلنداسين. تنهنجي مامي توکي ۽ تنهنجي پٽ کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿيندي.“

مان ۽ عاقل نويڪلا ٿي ماما جي دڪان ۾ ويهي رهياسين. ڪپڙن سبڻ جي مشين هلائيندي ماما پڇيو، ”ماڻهين ته خوش هئي نه؟“

”ها، ماما.“ کيس ٻڌايم، ”جڏهن کان عاقل ڄائو آهي، تڏهن کان امان ڏاڍي خوش آهي.“

ماما چيو، ”مان به تنهنجي پتڪڙي پٽ کي ڏسي ڏاڍو خوش پيو آهيان. هن جي مٿي ۾ مونکي مڻيان ٿي نظر اچي.“

مونکي تعجب ٿيو. مون چيو، ”امان به هويهو ساڳيا لفظ اُچاريا هئا. عاقل ڏانهن غور ڏسندي سان چيو هئائين، هن جي مٿي ۾ مڻيا آهي.“

ماما ڪجهه ڪجهه فخر سان چيو، ”ڇا ٿو سمجهين! هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي.“

مون مٿو کنهندي ماما کان پڇيو، ”منهنجي مٿي ۾ مڻيان نه آهي ڇا؟“

ماما غور سان مون ڏانهن ڏٺو. ٿڌو ساهه کڻندي چيائين، ”جن کي مٿي ۾ مڻيان هوندي آحي، سي مٿي ۾ مڻيان وارا ٻار پيدا نه ڪندا آهن ۽ جن کي مٿي ۾ مڻيان نه هوندي آهي، سي مٿي ۾ مڻيان وارا ٻار پيدا ڪندا آهن. تنهنجي مٿي ۾ مڻيان نه آهي.“

مونکي ماما ڪجهه ڪجهه توائي محسوس ٿيو. هڪ عدد شيرواڻي سبي پاڻ کي قومي درزين جي قطار ۾ بيهارڻ جي آرزوءَ ۾ هو پنهنجي مَتِ وڃائي ويٺو هو. ماما کي شايد خبر نه هئي ته مڻيان، منهنجي مٿي ۾ نه، مڻيان منهنجي کيسي ۾ هئي. مان ٺيڪ ٺاڪ قسم جو ڪامورو آهيان. چڱن چوکن کي اک ڇنڀ ۾ ڪاٺ ۾ هڻائي سگهندو آهيان. جهنگل ۾ منگل ڪري سگهندو آهيان. آمدني ايتري اٿم جو سٿڻ جي اُبداڻن ۾ کيسا هڻائي ڇڏيا اٿم. ماتحت خوش، ته اعليٰ آفيسر به خوش! لهر نه ڪو لوڏو. دل ۾ آيو ته ماما کي چوان ته مڻيان منهنجي کيسي ۾ آهي- مڻيان منهنجي مٿي ۾ نه آهي ته ڇا ٿيو! پر مون ماما کي ناراض يا خفي ڪرڻ مناسب نه پئي سمجهيو. مونکي کانئس رني ڪوٽ جي خزاني جو ڏس پڇڻو هو. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته رني ڪوٽ ۾ سڪندر اعظم جي دور جو خزانو دفن آهي! پر، چاليهه ميلن جي پکيڙ ۾ خزانو ڪهڙي هنڌ دفن آهي، ان راز جي خبر منهنجي مامي کانسواءِ ڪنهن کي به نه آهي.

مان اڪثر سوچيندو آهيان ته ايڏي وڏي راز کي سيني ۾ سانڍي ماما اڃا تائين جيئرو ڪئين آهي! هن کي ته گهڻو اڳ مري وڃڻ گهربو هو! مونکي رکي رکي اهو خيال به ايندو رهيو آهي، ته ماما پاڻ رني ڪوٽ جي خزاني کي کوٽي هٿ ڇو نه ڪيو آهي! هو ڇا جي انتظار ۾ آهي! هو ڪنهن جي انتظار ۾ آهي! هو ڪهڙي معرڪي جي انتظار ۾ آهي!

خزاني جي باري ۾ ڳالهه چوريندي چيم، ”ماما، مون ٻڌو آهي ته رني ڪوٽ ۾ هڪ خزانو دفن آهي!“

ماما ذري گهٽ ڇرڪي مون ڏانهن ڏٺو. ڪپڙن سبڻ واري مشين هلائڻ بند ڪري ڇڏيائين. چيائين، ”ماڻهن هينئر ان افواهه تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.“

”اهو فقط افواهه آهي!“

”ماڻهن ائين ئي هُلايو آهي.“

”اِن  ۾ هونءَ ڪا به صداقت نه آهي.“

”ڪافي لوڀين ۽ ٺوڳين خزاني جي تلاش ۾ جان جوکن ۾ وڌي آهي، پر کين ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيو آهي.“

”اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟“

”منهنجو؟“

”ها، اوهان جو.“

ماما غور سان مون ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. هو سوچيندو رهيو. مان سندس جواب جو انتظار ڪندو رهيس. ڪجهه دير کانپوءِ ماما چيو، ”رني ڪوٽ ۾ اَمُلهه خزانو دفن آهي. اِن جي مونکي پڪ آهي.“

منهنجيون  واڇون ٽڙي ويون. ڪجهه ڪجهه هٻڪندي چيم، ”مان خزاني جي تلاش ۾ آيو آهيان.“

ماما چيو، ”توکي ڏسڻ شرط مان سمجهي ويو هوس ته تون خزاني جي تلاش ۾ آيو آهين.“

اميد ڀرين اکين سان ماما ڏانهن ڏسندي پڇيم، ”پوءِ ماما!“ ماما انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو، ”تون خزانو هٿ ڪري نه سگهندين.“

”ڇو  ماما؟“ تعجب وچان پڇيم.

ماما چيو، ”رني ڪوٽ جوخزانو مون اکين سان ڏٺو آهي. پر، مان خزانو هٿ ڪري نه سگهيس.“

اکر نه اُڪليو. مون ماما ڏانهن ڏٺو. ماما چيو، ”منهنجي مٿي ۾ مڻيان نه هئي. تنهنجي مٿي ۾ به مڻيان نه آهي. رني ڪوٽ جو خزانو اسان جهڙن جي نصيب ۾ نه آهي.“

کن پل لاءِ دل ڌڙڪڻ بند ڪري ڇڏيو.

آخري ڪوشش ڪندي چيم، ”پر، اوهان کي گهٽ ۾ گهٽ اِها خبر ته آهي نه، ته خزانو ڪٿي پوريل آهي!“

ماما هلڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.

چيم، ”مان ڪوشش ڪري ڏسندس.“

ماما چيو، ”بيسود آهي.“

ماما جي ڀرسان وڃي ويٺس. چيم، ”توهان مونکي ڏس ته ڏيو!“ ماما انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو، ”تنهنجي مٿي ۾ مڻيان ڪونهي.“

”منهنجي مٿي ۾ مڻيان ڪونهي ته ڇا ٿيو!“ چيم، ”مان پنهنجي پتڪڙي پٽ عاقل کي ساڻ ڪري خزاني جي تلاش ۾ نڪرندس. هن جي مٿي ۾ ته مڻيان آهي نه!“

ماما غور سان عاقل ڏانهن ڏسندي چيو، ”ها. هن جي مٿي ۾ مڻيان آهي. دڪان ۾ داخل ٿيڻ شرط مون سندس مٿي ۾ مڻيان ڏسي ورتي هئي.“

”ته پوءِ الله جو نالو کڻي رني ڪوٽ جي خزاني جو ڏس ڏيو.“ چيم، ”مان ۽ عاقل رني ڪوٽ جو خزانو هٿ ڪنداسين.“

ماما اک ڇنڀڻ بنا عاقل ڏانهن ڏسندو رهيو. سوچيندو رهيو. پوءِ هو ڪاغذ ۽ پينسل کڻي ويهي رهيو. ڏسنديئي ڏسندي رني ڪوٽ جي قلعي جو نقشو ٺاهي ورتائين. پوءِ، نقشي تي منڌيئڙي جا نشان ٺاهيندي ماما چيو، ”قلعي جي ٻاهران اولهه طرف جبل جي ترائين ۾ هڪ تلاءُ آهي. لهندڙ سج جا ترورا اهڙي نموني تلاءَ تي پوندا آهن جو سمورو تلاءُ سون وانگر جرڪڻ لڳندو آهي- اصل رجيل سون جهڙو لڳندو آهي. اهڙي مهل جڏهن به ڪو مڻياندار ماڻهو تلاءَ مان پاڻي ڀريندو، سو پاڻي اصل ۾ رجيل سون هوندو.“

مان وائڙو ٿي ويس. جهٽ ڏيئي عاقل کي ڪڇ ۾ کڻي ورتم. ان وقت اوچتو ٻاهران گولين هلڻ جو آواز آيو. آواز وڌندو ويو. ائين پئي لڳو، ڄڻ گولين جو مينهن پئي وٺو. عاقل هڪدم ٽِپُ ڏيئي منهنجي ڪڇ مان لهي ويو. مون ٻانهن ڊگهيري عاقل کي ٻيهر هنج ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ٽن سالن جي عاقل هڪدم سٽ ڏيئي پنهنجي ٻانهن ڇڏائيندي، تمام چٽي آواز ۽ لهجي ۾ چيو، ”رني ڪوٽ جي خزاني تي حملو ٿيو آهي، بابا.“

مان وائڙو ٿي ويس. ٽن سالن جي ٻار کي اهڙي چٽي نموني ڳالهائيندي ڏسي مون کان ڇرڪ نڪري ويو.

عاقل ڊوڙ پائي دڪان مان نڪري ويو. مان ڪنن ۾ آڱريون ڏيئي، دڪان جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيس. ٻئي ڪنڊ ۾ ماما ويهي رهيو. گولين جو مينهن وسندو رهيو. ٺڪائن جو آواز ماحول ۾ ڏار وجهندو رهيو. شام تائين گهڙيءَ گهڙيءَ کي گهاؤ لڳندو رهيو ۽پوءِ، وقت عارضي طرح مري ويو. گولين جو آواز گم ٿي ويو. سڀڪجهه ماٺ ۾ غرق ٿي ويو.

مون ماما ڏانهن ڏٺو ۽ ڏک وچان فقط هڪ لفظ چيو، ”عاقل.“ ماما چيو، ”هو رني ڪوٽ جي خزاني جو محافظ هو. هليو ويو.“

دڪان مان ٻاهر نڪري مون ميدان ڏانهن رخ رکيو جتي گولي هلي هئي.

هڪ کان وڌيڪ ماڻهن منهنجي پٽ کي گولي کائي آسمان ڏانهن اُڏامي ويندي ڏٺو هو.

چاهڻ جي باوجود مون ماڻهن جي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو. سندن ڳالهه ۽ مشاهدو امڪان جي حدن کان ٻاهر هو. ٻڍن،جوانن، ڳڀرن ۽ ٻارن جي لاشن ۾ مون پنهنجي عاقل کي ڳولڻ  جي ڪوشش ڪئي، پر عاقل مونکي نظر نه آيو. مائرون ۽ پيئر پنهنجن پٽن جا، ڀينرون پنهنجي ڀائرن جا ۽ سهاڳڻيون پنهنجي وَرَن جا لاش کڻي موٽنديون رهيون. پر، مان عاقل کي ڳولي نه سگهيس.

هڪ پوڙهيءَ منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو، ”مون تنهنجي پٽ کي نه فقط اُڏامندي ڏٺو آهي، مون تنهنجي پٽ کي سج ۾ داخل ٿيندي ڏٺو آهي. ڏس پوڙهيءَ سج ڏانهن آڱر اڀي ڪندي چيو ”ڏس سمورو سج رت هاڻو ٿي ويو آهي.“

سانجهيءَ ويلي سمورو آسمان رت لڳل ڪينواس جهڙو ٿي ويو. ازغيبي آرٽسٽ مونکي نظر نه آيو.

اُها سموري رات مون عاقل لاءِ روئيندي ۽ پاسا ورائيندي گذاري ڇڏي.

ٻئي ڏينهن صبح جو بنا موڪلائڻ جي مان ميهڙ مان رني ڪوٽ ڏانهن روانو ٿي ويس. سوچيم، پُٽ وڃايو اٿم، خزانو ضرور هٿ ڪندس.

ماما جي نقشي مطابق رني ڪوٽ جي قلعي ۾ ڀٽڪندي، ٿاٻا کائيندي، ڪِرندي، ٿيڙ کائيندي شام ڌاري مان قلعي جي ٻاهران اولهه طرف ٽڪر جي ترائين ۾ پهتس. نقشي ۾ ڏنل ڏس مطابق ترائين وٽ پريان کان پاڻيءَ جو تلاءُ نظر آيو. ڏاڍو ٿڪل ۽ ٽٽل هوس. اُڃ سبب نڙي ۽ چپ سڪي ٺوٺ ٿي ويا هئا. مون تلاءَ طرف وڌڻ شروع ڪيو.

ان مهل سج اولهه طرف لهڻ لڳو- مون سج ڏانهن ڏٺو. سج مونکي رت هاڻو نظر آيو. ان وقت مونکي عاقل ڏاڍو ياد آيو.

عين اُن مهل جڏهن سج اولهه ۾ غرق ٿي رهيو هو ۽ سندس آخري تِروِرا تلاءَ تي پئجي رهيا هئا، مان تلاءَ جي ڀِڪ تي پهتس. عجب وچان پنڊ پهڻ ٿي ويس. تلاءَ جو پاڻي رجيل سونَ وانگر نظر نه پئي آيو. سمورو تلاءُ، رَتُ جو تلاءُ هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com