پوءِ، هڪ پَهَرُ اهڙو به آيو، جيڪو سوچ سمنڊ ۾ لڙهندو رهيو.
ڊپٽيءَ جي کُهري آواز منهنجن خيالن ۾ خال وڌو.
چيائين، ”ويچارا منسپالٽيءَ وارا ”ون يونٽ مرده
باد“ جي نعري تي روز پوچي ڦيرائيندا آهن پر ڪو
خطرناڪ سنڌ پرست انقلابي راتو واهه ٻيهر ون يونٽ
خلاف نعرو لکي ٿو وڃي.“
چيم، ”اها نهايت افسوس جي ڳالهه آهي.“
ساڳي لهجي ۾ چيائين، ”توکي اُهو خطرناڪ، تخريبڪار ۽ پاڪستان جو
غدار ڳولڻو پوندو. جيستائين ان باغيءَ کي هٿ نه
ڪندين، تيستائين سمجهه ته نوڪري خطري ۾ اٿئي. صبح
تائين جيڪڏهن ان بدمعاش کي گرفتار نه ڪري سگهين،
ته پوءِ ياد رک، تنهنجي بدلي لورالائي ڪرائي
ڇڏيندس.“
مون حسرت ڀريل نگاهن سان ڊپٽي صاحب ڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ کيس سلام
هڻي ( منهنجي کاتي ۾ سلام ڪبو ناهي ، هڻبو آهي)
موٽڻ لاءِ ڦريس. درتائين مس پهتو هوندس جو صاحب
چيو، ” اوائي ڦٽي منهه ، صبح تائين اهو خوفناڪ
ملزم منهنجي سامهون هئڻ گهرجي. سمجيئه.“
مان پنهنجي ڪمري ۾موٽي آيس . پگهر اُگهي فرشتي ڏانهن ڏٺم. هو
مون ڏانهن ڏسي رهيو هو . مون فرشتي کان پڇيو ، ”
يارفرشتا، ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت تي هزارين نعرا
لکيل آهن . ڊپٽي صاحب ” ون يونٽ مرده باد“ تي ڇو
اچي مڇريو آهي.“
”ڇو جو اهو نعرو ملڪ ۽ ملت جي خلاف آهي. “
” ۽ برباد جواني حاصل ڪرڻ ، ۽ مسرت نظير جا هو شربا ناچ !“
”اهي ٽانڪ آهن.“ فرشتي چيو. ” جيڪڏهن صبح تائين ان دشمن کي پڪڙي
نه سگهئين ، ته پوءِ يار، اسانکي پڪ ٿي ويندي ته
تون افقلابي ۽ سنڌ پرست گروهه سان سٽل ۾ آهين. “
مان فرشتي سان هٿ ملائي ، خيال ڊوڙائيندو، سنڌ
پرست کي گرفتار ڪرڻ جون ٽدبيرون سوچيندو. گهر
آيس.مان جنهن وقت گهر پهتس ، تنهن وقت رات جا اٺ
ٿي رهيا هئا. منهنجي گهر واري چلهه وٽ ويٺي هئي ،
ٻارن لاءِ ڊنر تيار ڪري رهي هئي ، يعني دال چانورن
جي کچڻي رڌي رهي هئي ۽ شُڪر ڪري رهي هئي.
مٿي تي رئو رکندي پڇيائين ، ” اڄ ڪلهه ڏاڍي دير سان گهر ٿا
اچو؟“
” ڇا ڪريان، ڪم وڌي ويو آهي.“ آهستي وراڻيم. خوش ٿيندي پڇيائين،
” فقط ڪم وڌي ويو اَٿوَ، يا پگهار ڊوڌي اٿَوَ.
ٻڏايو مانس ته، نه فقط ڪم وڌي ويو آهي پر پراٽي،
چانور ۽ دال جي قيمت به وڌي ويئي آهي. پگهار نه
وڌي آهي.
مون ڏانهن نهاريندي پڇيائين . ” ڏاڍا فڪر مند پيا ڏسجو . خير ته
آهي نه ؟ “
وراڻيم، ” ملڪ جي سالميت خطري ۾ آهي .“
” ملڪ ته ٻاويهه سالن
کان خطري ۾ آهي.“ باهه کي ڦوڪ هڻندي چيائين ، ”
محمد علي جناح جي ڏينهن به توکي ملڪ خطري ۾ نظر
ايندو هو. خوا جه ناظم الدين جي ڏينهن به تون
چوندو هئين ته ملڪ خطري ۾ آهي . غلام محمد لنگڙي ۽
سڪندر مرزا جي ڏينهن ۾ به چوندو هئين ته ملڪ خطري
۾ آهي. فيلڊ مارشل ايوب خان جي دور ۾ به چوندو
هئين ته ملڪ خطري ۾ آهي. هينئر جنرل آغا يحيٰ خان
جي ڏينهن ۾ به چوين ٿو ته ملڪ خطري ۾ آهي . اهو
ماريو خطرو آخر ڪڏهن ٽرندو؟“
” اهو خطرو نوڪري ءَ مان رٽائر ٿيڻ کانپو ءَ ٽرندو .“ کيس اجائي
بحٽ کان ٽارڻ لاءِ ڇيو . ” کچڻي ءَ ذرو ڏي ته کائي
رات پالي ءَ تي وڃان. “
گهر واري پاٽڙيءَ ۾ مونکي ۽ ٻارن کي کچڻي وجهي ڏني. مان کچڻي ءَ
جا ڪوسا ڪوسا گرهه کائيندو ويس ۽ ٻارن جي آدمشماري
به ڪندو رهيس ، منهنجو ٽيون نمبر پٽ حاجن غائب هو
. گهرواري ءَ کان پڇيم، ” اهو رولو ڇورو حاجن اڃا
نه موٽيو آهي ڇا؟“
” شام ڌاري آيو هو. “
” پو ڪيڏانهن ويو.“
” پاڙي وارن ٻارن سان ونجهه وٽي راند ڪرڻ ويوآهي.“
”منسپالٽي ءَ وارا گهٽي ءَ ۾ وري بلب هڻي ويا آهن ڇا ؟ “
” ها. “
” پو ويندي ويندي پٿر هڻي ڀڃي ٿو وڃانس .“
چيو، ” نه هوندو بلب ۽ نه ئي ڇوارا رات جو سڙڪن تي
ونجهه وٽي ڪندا.“ گهر واري پڇيو، ” وري ڪڏهن
موٽندﺂ؟ “
” شايد صبح تائين نه موٽان .“ وراڻيم، ” اڄ رات مون کي خطر ناڪ
سنڌ پر ست گرفتارڪرڻو آهي.“
خوف وچان چيائين .” متان پاڻ مارائي اچين .“
” پرواهه نه ڪر. “ وراڻيم ” منهنجي کاتي منهنجو اٺ سو رُپين جو
انشوئرنس يعني ويمو ڪرايو آهي. مري .ويس ته ان
قاروني رقم مان سڄي عمر ٻارن سميت عيش ڪجان .“
ان کان اڳ جو منهنجي فرما نبردار ۽ چئيواري زال منهنجي موت جي
تصور کان هنجون هاري ، مان گهر کان ٻاهر نڪري آيس
. گهٽيءَ ۾ اچي مون پٿر کڻي منسپالٽيءَ جو بلب
ڀڃي ڇڏيو ۽ گهٽيءَ ۾ گگهه اونده ٿي ويئي .
مان سنڌ پرست جي ڳولا ۾ نڪري پيس .
مون سڀ کان اڳ ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت جو جائرو ورتو. برابر .
برباد جواني ۽ سوشلزم مرده باد جي وچ ۾ لکيل هو، ”
ون يونٽ ختم ڪريو.“
مون اسٽيشن روڊ تي نظر ڊوڙائي. سامهون وارين سوڙهين گهٽين ڏانهن
شڪي نگاهن سان ڏٺو . انهن گهٽين مان هڪ گهٽيءَ ۾
ٻه سنڌي افسانه نگار رهندا آهن ، جن مان هڪ رسالو
به ڪڍندو آهي. ٻئي گهٽيءَ ۾ به هڪ افسانه نگار
رهندو آهي. منهنجو خيال انهن ٽنهي ڏانهن ڇڪجي ويو
. انهن ٻن گهٽين ۾ ڪجهه سنڌي شاگرد به رهندا آهن .
انهن تي به شڪ پيو . خيالن جا لغڙ پئي اُڏايم، جو
پريان هڪ شخص کي ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت وٽ بيهندي
ڏٺو کيس ڪوٽ پتلون پاتل هو ۽ وار جائيتا هئس .
ڀانيم. اهوئي بدمعاشي آهي جيڪو اُٿڻ شرط هٿ لڳو
آهي. ڀرسان وڃي . پٺيان بيهي کانئس پڇيو، ”ڇا پيو
ڪرين. “
وراڻيائين، ” انڌو آهين ڇا! ڏسين نه ٿو، پبشاب پيو ڪريان.“ مان
ڪياڙي کنهندي پري هليو ويس . ليڊي ڊفرن اسپتال جي
ڀت فرلانگ کن ڊگهي آهي اڻپوري روشني ءَ ۾ سڄي ڀت
تي نظر رکڻ مشڪل محسوس ڪيم، تنهنڪري ڀت آڏو هلڻ
شروع ڪيم،
اسپتال جي اوائلي در کي بند ڪيو ويو آهي . ان در آڏو بڙ جو وڻ
آهي جنهنجي اوٽ ۾ اوائلي در جي ڏاڪڻ جا پنج ڏاڪا
آهن . انهن ڏاڪن تي ٻه شخص ويٺا هئا ، سگريٽ ڇڪي
رهيا هئا . کين غليظ ڪپڙا پاتل هئاشڪل شبيهه مان
موالي پئي لڳا . هو مونکي ڏسي سس پس ڪرڻ لڳا ٻه
چار چڪر هڻڻ کانپوءِ سوچيو ته ٿي سگهي ٿو سنڌ پرست
غدار ٻهروپيو ٿي پنهنجو ڪم ڪندو هجي ، تنهنڪري چڪر
هڻندي ، ڏاڪن جي ويجهو ٿي لنگهيس . هو چرس ڇڪي
رهيا هئا هڪ ڄڻي کنگهڪار ڪندي چيو ” باشائو، گولي
شولي گهرجيئي ؟“
مان اُتان گولي ٿي ويس . روڊ جي ٻئي پاسي هلڻ شروع ڪيم. اک
اسپتال جي ڀت تي رکيم هردم اهو اونو لڳل هوم ته
ڪٿي اهو غدار اک بچائي نعرو لکي الوپ نه ٿي وڃي
هلندي هلندي، ايندي ويندي ، اک ڀت تي رکيم . ٻه
چار دفعا فٽ پاٿ تي ٿاٻا به کاڌم، پرڀت تان اک نه
ڪڍيم. فردوس هوٽل ٻاهران ڪجهه نو جوانن جو ٽولو
بيٺو هو هو پاڻ ۾ اڙدو ڳالهائي رهيا هئا . تنهنڪري
مٿن شڪ نه ڪيو . سوچيو ، هنن جو ون يونٽ سان ڪهڙو
ويو!
جڏهن سندن پاسي مان لنگهيم، تڏهن هڪڙي ڄڻي مونکان پڇيو ، ” ڪنهن
لذرس جي چڪر ۾ آهين ڇا.“
ڏاڍو ککو وکو ٿيم. جواب ڏيڻ بدران تڪڙو
تڪڙو اُتان هليو ويس .صالح بلاول گهٽيءَ وٽ بجلي
ءَ جي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيس. ۽ ليڊي ڊفرن
اسپتال جي ڀت ڏانهن ڏسندو رهيس گاڏي کاتي کان ٽي
ڇوڪراٽ اسپتال ڏانهن اچي رهيا هئا پريان ٽي تاڙي
ورتم ته هو ڪنهن زبردست بحث ۾ مبتلا هئا ۽ هڪ ٻئي
کي مات ڪرڻ جي چڪر ۾ هئا مان هڪدم روڊ ٽپي اسپتال
جي ڀت وٽ وڃي بيٺس . هو ڳالهائيندا منهنجي پاسي
کان اچي لنگهيا. ڪا انگريزي فلم ڏسي موٽيا هئا،
جنهن جا مڪالما کين سمجهه ۾ نه آيا هئا. مڪالمن جي
معنيٰ ۽ مفهوم تي بحث ڪري رهيا هئا مان مايوس ٿي
موٽي اچي بجليءَ جي پول وٽ بيٺس . بيٺي اڌ ڪلاڪ کن
مس گڏريو هوندو، جو هڪ سائيڪل اسپتال جي ڀت وٽ اچي
بيٺي . سائيڪل تي ڊبل سواري هئي هڪ ڄڻي جي هٿ ۾
دٻو هو ۽ ٻئي جي هٿ ۾ برش . هنن سائيڪل فٽ پاٿ تي
بيهاري ڇڏي ۽ ڀت تي ڪا خالي جاءِ ڳولڻ لڳا . مان
ڪوڙي اک سان کين ڏسندو رهيس ۽ ٻنهي کي هڪ ئي مهل
گرفتار ڪرڻ جي ترڪيب سوچڻ لڳس. هنن کي هڪ هنڌ ڀت
تي خالي جاءِ نظر آئي. هڪ ڄڻي بنا هٻڪ جي دٻي ۾
برش ٻوڙي ڀت تي لکڻ شروع ڪيو.
مان ذري گهٽ ڊوڙندو مٿن وڃي ڪڙڪيس. ڪاميابيءَ جي خوشيءَ ۾ اکر
نه پئي اُڪليو . سندن سائيڪل ۾ هٿ وجھي بيهي رهيس.
جنهنجي هٿ ۾ دٻو هو، تنهن پڇيو ، ” اڙي، سائيڪل
چور ته ناهين؟“
”نه ، نه. “ مون کين وراڻيو، ”توهين اطمينان سان جيڪي وڻيوَ
لکو؟“
هڪ ڄڻي ڏاڍي چستي ءَ ۽ ڦڙتيءَ سان ڀت تي لکيو ، ” قسمت جو حال
معلوم ڪرڻ لاءِ ملو – پروفيسر آر آر ڪي ڪي
پرديسيءَ سان.مايوسي مَنَ کي وڪوڙي وئي. موٽي وڃِي
بجليءَ جي پول وٽ بيٺس.ڪجهه دير لاءِ ائين محسوس
ڪيم، ته رات جا اٺ پهر اُڏامي ويندا ، پر خطر ناڪ
سنڌ پرست باغي هٿ نه ايندو ۽ صبح جو ڊپٽي صاحب
منهنجي بدلي لورالائيءَ ڏانهن ڪرائي ڇڏيندو. مان
دل ۾ ون يونٽ ، سنڌ پرست باغيءَ ۽ ڊپٽي کي پاراتا
ڏيندو رهيس . ڪجهه دير کانپوءِ ٽريفڪ جي آمدرفت
گهٽ ٿي ويئي . ماڻهن جو لنگهڻ به گهٽ ٿي ويو . پول
وٽان منهنجي نگاهه سموري ڀت تي پئجي رهي هئي.
اوچتو هڪ شخص کي ڀت ڏانهن وڌندي ڏٺم. هو ڀت جي
پرئين پاسي هو، ۽ چڱي ءَ طرح نظر نه پئي آيو. مان
هڪ دم پاڇي جي سنوت ۾ هليو ويس. بڙ وٽ بيهي ڏانهس
ڏٺم. هڪ ڦاٽل پُراڻن ڪپڙن وارو ملنگ ڀت وٽ گودڙي
وڇائي ليٽي پيو. سوچيم. هيءَ ئي اُهو سنڌ پرست
باغي آهي. روپ بدلائي آيو آهي، ۽ اڌ رات جو ڀت تي
ون يونٽ خلاف نعرو لکي ڀڄي ويندو . مان سندس ڀرسان
وڃي بيٺس. هن مونڏانهن اک کڻي به نه نهاريو . هو
ٻئي ٻانهون ڪنڌ هيٺان ڏيئي آسمان ڏانهن ڏسڻ
لڳو.پڇيومانس، ”ڪير آهين ، ۽ هت ڇو سمهيو پيو
آهين.“ ورائي پڇيائين ، ”تون ڪير آهين ، ۽ اهڙو
واهيات سوال ڇو ٿو پڇين؟“
|